نئين نسل جي واپسي
آءٌ ڪال ڪوٺڙي ۾ پنهنجين سوچن ۾ گم ويٺو هوس. جيل جي لوهي شيخن جي منظر، مون کي اسپين جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ٿيل تشدد ۽ ايذاءُ ياد ڏياريو. اهي لوهي شيخون، منهنجي لاشعور ۾ دفن ٿيل انبوريون کوٽي ٻاهر ڪڍي آيون، جيڪي هونئن ڏندن جا ڊاڪٽر ۽ هتي جيل ۾ وري تشدد ۽ بربريت لاءِ استعمال ٿينديون هيون. بک مون کي بکايل چيتي جيان بي بحال ڪري ڇڏيو هو.
نيٺ دروازو کليو ۽ هڪ پوليس وارو جنهن کي ڪوٽ ۽ پتلون پاتل هئي، اندر داخل ٿيو. اهو آڌي رات جو ٽاڻو هو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن جي ڳالهائڻ جو انداز چڙ ڏياريندو هو.
”سينڊائي“ مون لاپرواهي مان وراڻيو.
تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن سوال کي زور سان وري ائين دهرايو، ڄڻ ته هن منهنجو جواب ٻڌو ئي نه هجي.
”سينڊائي.“
”مان ٿو پڇان تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن اڃا به ڏاڍيان سوال ڪيو ۽ سوال ڪندي عجيب حرڪتون ڪرڻ لڳو.
”ماڻهو مون کي سينڊائي چوندا آهن.“ مون هن جي ڪن ۾ زور سان چيو.“ جڏهن آءٌ اڃان ٻار هئس ته بنهه ڳالهائي ڪو نه سگهندو هوس. هڪ ڏينهن آءٌ پنهنجن دوستن ڏانهن ڊوڙندو ويس ۽ انهن کي سڏڻ چاهيم، پر جيئن ته ڳالهائي نه سگهڻ ڪري، مون کي ائين ڪرڻ لاءِ سيٽي وڄائڻي پئي. ان ڏينهن کان هر ڪو مون کي سينڍائي ڪري سڏيندو آهي.“
”ڪٿي رهندو آهين؟“ ائين چوندي هن پنهنجو نوٽ بڪ ڪڍيو.
”نيگو ۾.“
”پاڙو؟....“ هو مسلسل سوال ڪندو رهيو.
”ٻڌ دوست!“ مون ڳالهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ”آءٌ ڪبوز تنطيم جو ميمبر آهيان. آءٌ هتي هڪ هفتي لاءِ آيو هوس ۽ سڀاڻي ان جو آخري ڏينهن آهي. جيڪڏهن تون مون کي اندر هڻي ڇڏيو ته ياد رک ان مسئلي کي اسان جا سڄاڻ ليڊر هٿ ۾ کڻندا ۽ پوءِ جيڪو به نتيجو نڪتو ان لاءِ آءُ ٻڌل ناهيان.“
”ماٺ ڪري ويهه.“ پوليس واري ڏند ڏيکاريندي چيو ۽ پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ هن احتياطن سامهون وارو دروازو کولي ڇڏيو. جيڪو آفيس ۾ کليو ٿي. هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”تون نيگو ۾ ڪهڙو ڌندو ڪندو آهين؟“
”آءٌ هوا کي بريڪ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.“
هڪ وڏو ٽهڪ منهنجي ڪنن تائين پهتو. سڀ پوليس وارا منهنجين ڳالهين ٻڌڻ لاءِ دروازي وٽ اچي ڀيڙا ٿيا هئا.
”آءٌ يقين سان چوان ٿو ته هي چريو آهي.“ هڪ پوليس واري ٽيڪا ٽپڻي ڪئي.
”هون! مهاندو ته ڏسو هليو آهي هوا کي روڪڻ.“ ٻئي پوليس واري وڏو ٽهڪ ڏنو.
”جيڪڏهن اسان هن کي گرفتار نه ڪريو ها ته هيستائين سڄو يروشلم مٿي تي کڻي ڇڏي ها.“
پوليس آفيسر سوالن مٿان سوال ڪندو ويو ۽ آءٌ کٽمٺن مٿان کٽمٺا کائيندو رهيس. اوچتو هن کي سڏ ٿيو. ڌاڙيلن جو هڪ ٽولو پڪڙجي آيو هو. هنن هڪ دڪان کي لٽڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن لاءِ هنن ننڊ ڏياريندڙ پائوڊر استعمال ڪيو هو ۽ اتفاقن هو ان جي نشي ۾ گهيرجي سمهي پيا هئا ۽ پڪڙجي پيا هئا.
پوليس آفيسر مون کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو. آءٌ خيالن م گم ٿي ويس. موڪل جو وقت اچي ويو هو. تقريبن تمام موڪلون ختم ٿي چڪيون هيون ۽ باقي هڪ ڏينهن وڃي بچيو هو. موڪلن ۾ اسان شهر جي وچان فخر مان مارچ ڪندا لنگهندا هئاسين. اسان جا ڪپڙا ميرا، ڏاڙهيون وڏيون ۽ وارن ۾ چيڙهه ۽ گهنديون پئجي ويون هيون. اسان جي ڇاتي ۽ ڪلهن تي پٽا ٻڌل هوندا هئا. مائرون پنهنجن پٽن کي اسان ڏي ڏسندي، ٻڌائينديون هيون. ”هي نيگو جا نوجوان آهن.“ ڇوڪريون اسان جي وڌيل ڏاڙهي جي پس منظر تي سوچيندي اسان جي ساراهه ڪنديون هيون ۽ ننڍڙا ٻارڙا اسان جي پويان ڊوڙندي هوڪرا ڪندا هئا، ”چڙيا گهر جي مخلوق! چڙيا گهر ۾ وڃو.“
انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ نيگو هڪ باعزت جماعت ليکي ويندي هئي. نيگو اسان جي ڪوششن جو نچوڙ هئي ۽ اسان جو آئيندو به. اها قوم جي مترڪي لاءِ سنداڻ مثل هئي. (مون اها تشبيهه پنهنجي چاچي کان ٻڌي هئي، جيڪو لوهارڪو ڌنڌو ڪندو هو). چوطرف نوجوانن جا گيت ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، جن ۾ واعدا هوندا هئا ”اسان توکي ٺاهينداسين! اسان جا اڃايل نيگو! اسين تنهنجو ڀاڳ بنائينداسين!“ هر ديوار تي وڏا وڏا پوسٽر نظر ايندا هئا، جيڪي ڀڪوڙيل مڪن جيان لڳندا هئا، پوسٽرن ۾ نوجوانن کي اپيل ڪيل هوندي هئي. ”نوجوانو! بيابان ۽ رڻ پٽ اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهن.“
اسان لڳاتار ڇهن مهينن کان ڪم ڪري رهيا هئاسين. ان ۾ اسان ڪافي وڻ پوکيا، اسان هوا کي بريڪ هڻڻ لاءِ اپاءُ ورتا (هنن کي ان ڳالهه تي کل ڇو ٿي آئي؟). منهنجو موڪل جو وقت هاڻ پورو ٿيڻ تي اچي ويو هو. هاڻ آءٌ پنهنجن يارن ۽ دوستن سان ملي سگهندس. هو مون کي ڏسي خوشي مان نه ڍاپندا تيستائين ڀاڪر مان نه ڪڍندا. جيستائين آءٌ هنن کي نيگو جي ٺهندڙ تقدير جو سڄو احوال ٻڌائي دنگ نه ڪندس. هو يقينن مون کان گهاريل وقت بابت خبرون چارون وٺندا، ڇنڇر جي شام جو هو هميشه جيان پناتي هوٽل ۾ گڏ ٿي ماضي کي ياد ڪندا هوندا ۽ ڪوئي چوندو هوندو، ڇا تو ان جماعت بابت ٻڌو آهي، جنهن ۾ پاڻ واري يار سينڍائي اهم ڪارناما انجام ڏنا آهن؟ ۽ شايد ڪو صحافي نيگو لاءِ پاڻي جي منصوبي بابت سوال پڇي سگهيو ٿي.
پنجن ڪلاڪن جي ٿڪائيندڙ سفر کان پوءِ، آءٌ به جيئن ئي بس مان لهي شهر ۾ داخل ٿيس، ته منهنجي نظر هڪ پوسٽر تي پئي جنهن تي جوشيلي عبارت ۾ لکيل هو ”نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پوسٽ کاتي ۾ نوڪري جو نادر موقعو، سٺا پگهار ۽ ترقيءَ جي ضمانت.“
آءٌ حيرت کائيندي گهٽي مان هلڻ لڳس، مون کي ڪارن ۽ ماڻهن جي انبوهه منجهائي ڇڏيو هو ۽ مون محسوس ڪيو ته ڄڻ آءٌ هڪ خالي واهه ۾ ان جي ڪنارن کي جهليندو هلي رهيو هجان ۽ منهنجي پويان. ڄڻ ڪا ٻوڏ ڪاهي پيئي هجي.
اوچتو ئي اوچتو آءٌ پنهنجي پراڻي دوست ڊيوڊ سان وڃي ٽڪريس. جيڪو مون سان گڏ مارچ ڪري رهيو هو. هن جي هٿ ۾ هڪ وڏو بينر هو.
”هيلو ڊيوڊ!“ مون رڙ ڪئي.
”ڪهڙا حال اٿئي؟“ هن اهڙي نموني موٽ ڏني ڄڻ آءٌ کائنس قرض گهرندو هجان. هن مون کي مٿي کان پيرن تائين چتائي نهاريندي چيو، ”اڄڪلهه ڪٿي پيو ڪم ڪرين؟“
”نيگو ۾.“ مون فخر مان جواب ڏنو.
”ڪهڙي کاتي ۾؟“ هن پنهنجي سوال تي زور ڏنو.
”ڪهڙي کاتي ۾؟“ مون هن جي سوال ۾ طنز محسوس ڪئي. آءٌ نيگو جي ڪبوز تنظيم سان واسطو رکان ٿو.
”تنهنجي نموني مان به ائين لڳي ٿو. ٺيڪ آهي.“ ائين چوندي هو پٺتي مڙيو ۽ پنهنجو رستو وٺي روانو ٿي ويو.
پورن ڇهن منٽن تائين آءٌ بت بنيو، ان جڳهه کي ڏسندو رهيس، جتان ڊيوڊ منهنجي اکين کان اوجهل ٿي ويو هو. ۽ جڏهن ستون منٽ شروع ٿيو، ته مون هڪ اونهون ساهه کنيو ۽ گهر ڏانهن هلڻ لڳس، ٻي ڏينهن مهنجيون اکيون، ماحول ۾ آيل تبديلي سان مانوس تي ويون هيون. مون ڀتين تي عجيب ۽ غريب پوسٽر لڳل ڏٺا. هڪ ڀت جي لڳل پوسٽر جي عبارت ڪجهه هيئن هئي: ”نئين سماج جا اڏيندڙ نوجوانو! رياست جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ قانوني جوڙجڪ ۽ معاشي پروگرام ۾ شامل ٿيو.“
ٿورو ان کان پري سياسي پارٽين طرفان پوسٽر لڳل هو. اڃا ٿورڙو اڳتي واري پوسٽر ۾ مختلف انداز ۾ نوجوانن کي سڏ ڏنل هو. ”هن کان اڳ توهان ميدانن تي فتح جا جهنڊا کوڙيا. هاڻ سمنڊ جي شيوا لاءِ پاڻ ارپيو. شاندار ترقي ۽ مستقبل جون راهون کليل.“
آءٌ هڪ هاءِ اسڪول جي استاد وٽ ويس. مون کي هن لاءِ دل ۾ تمام گهڻي عزت هئي هن منهنجي زندگي تي تمام گهرو اثر ڇڏيو هو ۽ مون بابت سڀ ڪجهه ڄاڻندو هو. ٻئي چانهن جي ڪوپ چاڙهڻ کان پوءِ، اسان انهن شاگردن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪي منهنجا هم ڪلاسي هئا. آءٌ سوال ڪندو رهيس ۽ هو جواب ڏيندو رهيو.
”شملڪ هاڻي ڪٿي آهي؟“
”هينئر، پائليٽ آهي.“
”شمن جي خبر ڏيو!“
”اڳتي پڙهڻ لاءِ پرڏيهه ويو آهي.“
”جوشيا؟“
”وزارت ۾ ڪم پئي ڪري.“
”سڀ لڳي ويا پر.،....“ ائين چوندي استاد هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو. ”ٺيڪ آهي سينڍائي، تون ته شاگردن۾ به هڪڙي سوکڙي آهين. مون کي اميد آهي ته تون به ڪٿي نه ڪٿي لڳي ويندين. پر تون ته نيگو ۾ هليو ويئن، مون کي توتي رحم ٿو اچي.“
آءٌ گيلا سان ملڻ ويس، جيڪا هڪ ورڪر قسم جي ڇوڪري هئي ۽ هوندي به ڏاڍي سهڻي هئي. هوءَ جڏهن ٻارهن سالن جي ٿي ته فيصلو ڪري ورتائين ته آءٌ ئي هن لاءِ هڪ مثالي ۽ لائق مڙس ٿي سگهيس ٿي. پر هاڻ جڏهن وقت آيو هو، ته هوءَ مون کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري ته گذريل ڳالهين کي وساري ڇڏيان. آءٌ ان کان پوءِ دربدر ڀٽڪندو رهيس ۽ ديوارن، هوٽلن ۽ چئونڪن تي لڳل پوسٽرن کان بيزار ٿي چڪو هوس. مون کي لڳو ته ڄڻ آءٌ مٽي ۾ ليٿڙيون پائيندو هجان.
”گيلا ياد ڪر! اٽڪل ڇهه مهينا اڳ مون کان موڪلائڻ وقت تو ڇا چيو هو؟“
هوءَ منهنجي ڪلهي تي اهلي پيئي. هن جي مرڪ ۾ ڪيڪن ۽ چاڪليٽن جي خوشبوءِ ڀريل هئي.
”سينڍائي اڄڪلهه ڇا ڪري رهيو آهين؟ هيترو وقت ڪيڏانهن گم ٿي ويون هئين؟“
”آءٌ شهر ۾ ڪو نه هوس.“ مون انتهائي غور ۽ خوض ڪرڻ کان پوءِ وراڻيو ته جيئن هو غلط فهمي جو شڪار نه ٿي وڃي.
”تون ڇا پيو ڪرين؟“ هن پنهنجو سوال وري دهرايو.
”آءٌ پائليٽ ناهيان.“
”ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي!“ هن ٿڌو شوڪارو ڀريو.
“هينئر ڪٿي پيو ڪم ڪرين؟“
”آءٌ گورنمينٽ آفيسر ناهيان“.
”تنهنجو پگهارو ڪيترو آهي؟“ هوءَ اڃا به مون کي ٺڙڪائي رهي هئي.
”مون وٽ پنهنجي ڪار ناهي.“ مون ڳالهه کي موڙ ڏنو، پر گيلا کي بيوقوف بنائي نه سگهيس. هن مون کي قميص جي بٽڻ کان ڇڪيو ۽ اکيون اکين ۾ ملائي پڇيو. ”تنهنجي آمدني گهڻي آهي؟“
آءٌ نااميدي مان ٽهڪ ڏيڻ لڳس “ٽي پائونڊ“.
”هڪ ڏينهن ۾ ٽي پائونڊ؟“
”ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
گيلا پائونڊن کي آڱرين تي ڳڻڻ شروع ڪيو.
”هڪ ڏينهن ۾ نه“ آءٌ کلندو رهيس، ”هفتي ۾ ٽي پائونڊ“.
”هڪ هفتي ۾؟“ هن حيرت کائيندي چيو. ”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“
”ها ٿي سگهي ٿو.“ مون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”هڪ هفتي ۾ ٽي پائونڊ ۽ اهو هڪ هفتو به ڇهن مهينن جي برابر.“ آءٌ ڳالهائيندو رهيس ۽ ائين ڪندي دل جو بوجهه هلڪو ٿيندي محسوس ٿيم. ”آءٌ نيگو ۾ ڪبوز تنظيم جو ميمبر آهيان، تنهنجو ان باري ۾ ڇا خيال آهي؟“
هن جواب ڏيڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي، اٽلو منهن ڦيرائي سامهون واري ڪمري ۾ ماءُ کي مخاطب ٿيندي چيو. ”امان منهنجي ڊريس واپس الماڙي ۾ رکي ڇڏ، شام جو تفريح تي ڪو نه وينديس. جو مون کي مٿي ۾ سخت سور آهي.“
۽ اهڙي ريت آءٌ هن انڌاري رات ۾ داخل ٿيس. آءٌ شهر جي گهٽين ۾ دربدر ڀٽڪندو رهيس. ۽ منهنجي ماءُ جو ڪڙو آواز منهنجي ڪنن ۾ ٻرندو رهيو. ”ٺيڪ آهي تون ڪبوز تنطيم جو ميمبر آهين، پر اها نيگو ۾ ڇو آهي؟“.
منهنجي موڪل ختم ٿيڻ تي هئي ۽ هاڻ پهاڙن، کيتن ۽ شاداب وڻن ڏي موٽڻ جو وقت اچي ويو هو. منهنجا سڀ دوست ۽ يار، مون کي پنهنجين نوڪرين ۽ مشغولين سبب وساري چڪا هئا. سڄو شهر هل هنگامي ۾ گم ٿي چڪو هو ۽ ڪنهن کي به اهي نوجوان ياد نه هئا، جيڪي بيابانن ۽ رڻن پٽن ۾ وڻ لڳائي رهيا هئا ۽ اجڙيل کيت ۾ هر هلائي رهيا هئا. اسان هن شهر جا وڻ هئاسين. جن جي ڇانو ۾ هو جيون گهاريندا. اسان کي شهر واسين جو اونو هو، ان جي باوجود به هو اسان کي وساري چڪا هئا. آءٌ ويران گهٽي مان هلڻ لڳس. اهو آڌي رات جو ٽاڻو هو. مون پنهنجي موڪل بابت سوچيو، جيڪا سگريٽ جي دونهين جيان ختم ٿي ويئي هئي. مون کي ياد آيو ته ڪو وقت اڳي هنن اڳيان وڌي ڪيئن نه اسان جو آڌرڀاءُ ٿي ڪيو. هر گهر ۽ هر دل مان بيابانن کي زندگي ارپڻ جا آواز اڀريا ٿي. آءٌ ان نتيجي تي پهتس ته نيٺ ڪا ته تبديلي آئي هئي. هوائن ۾ نوان گيت مليل هئا ۽ پراڻي دور جي جنگين ۽ دانهن ڪوڪن جا آواز، هاڻ ماضي ۾ دفن ٿي ويا هئا.
اوچتو منهنجا خيال ڏامر سان ڀريل ڌٻي سان ٽڪرايا، جيڪو روڊ تي مرمت لاءِپيل هو. مون ان کي پنهنجي مزاج سان ڀيٽيو ۽ پنهنجي مزاج سان ٺهڪندڙ پاتم. مون کي لڳو ته، مان به ڏامر جي ڌٻي جيان ڪارو هئس. اوچتو ئي اوچتو مون کي پنهنجو ننڍپڻ ياد آيو. ٻاراڻي عمر ۾ اسان هر آڌي رات جو سڄي شهر کي پوسٽرن ۽ اشتهارن سان ڀري ڇڏيندا هئاسين. مون ۾ ان وقت اتساهه ۽ جوش ڇڙيون هڻندو نظر ايندو هو. منهنجي دل ۾ طوفان جيان ڪجهه اٿندو هو. مون فيصلو ڪيو ته نااميدي ۽ روڄ راڙي کي ڌٻڻ جي حوالي ڪري ڇڏجي. بي آرامي مان مون ڪاٺيون ڏٻي هيٺان رکي باهه لڳائي ۽ پوءِ گهر ڏانهن رخ رکيم. جلدي ۾ ڪپڙا بدلائي، سائيڪل تي ٻاهر نڪري پيس. ڏامر ڌٻي ۾ ٽهڪي رهيو هو، مون وڏو برش کڻي ڏامر ۾ ٻوڙيو ۽ وڏن اکرن ۾ لکڻ شروع ڪيم. ”نوجوانو! بيابان اڃا به اڃايل آهن. ويران بيابانن کي اڃان به اوهان جي سگهه ۽ پورهيئي جي ضرورت آهي.“
مون سان ڪم ڪندڙ ساٿين، منهنجي جذبي کي ساراهيو. مون کي لڳو ته مان ڄڻ ته جديد پينٽر هجان ۽ سواءِ ان ڪم جي مون کي ٻي ڪنهن ڳالهه سان دلچسپي نه هجي ۽ اهڙي ريت جوش ۽ جذبي سان اڳتي وڌندو رهيس.
مون دوائن جي ڪارخانن ۾ شيشن تي لکيو ”مرض جو واحد علاج، فقط بيابانن کي آباد ڪرڻ سان ئي ٿي سگهي ٿو.“
مون ڏامر جو ڀرپور استعمال ڪيو. آءٌ ننهن کان وٺي چوٽي تائين، سائيڪل تي هڪ گهر کان ٻي گهر، هڪ پاڙي کان ٻي پاڙي تائين ويس ٿي ۽ ڀتيون چٽيم ٿي. منهنجي هڪ هٿ ۾ برش ۽ ٻي هٿ ۾ڏامر جو ڏٻو هو ۽ مون دل ئي دل م پڪو پهه ڪري ورتو هو ته راتو رات سڄي يروشلم کي اپيلن ۽ پيغامن سان ڀري ڇڏيندس.
۽ هاڻ آءٌ پارليامينٽ جي عمارت وٽ پهچي چڪو هوس. مون برش ڏٻي ۾ ٻوڙيو ۽ لکيو ”پارليامينٽ جا ميمبرو! توهان جا پٽ ڪٿي آهن؟“
”گهٻراءِ نه اسين هتي آهيون.“ پوئتان آواز آيو. ٻن پوليس وارن مون کي ٽنگن کان پڪڙيو. ” تون هتي ڇا پيو ڪرين؟ ڪٿان آيو هين؟“
”هٿ ڪڍو.“ مون کين چيو. ”آءٌ نيگو مان آيو آهيان.“
”نيگو مان؟“ هڪڙو پوليس وارو بلڪل پوزيشن وٺي بيهي رهيو. ”هي ضرور تخريبڪار هوندو.“ هن سيٽي وڄائي ۽ ٻيا پوليس وارا به سيٽي تي ڊوڙندا آيا.
”اسان هڪ تخريبڪار کي جهليو آهي. ”پوليس واري فخر مان چيو.
”تخريبڪار آهي اڱوٺو.“ ٻيءِ پوليس واري ڪاوڙ مان چيو.“ هي ته ڪو چريو ٿو ڏسجي.“
”هن نيگو بابت سڀني ديوارن کي نعرن سان ٿڦيو آهي.“
”هن ته پراڻيون اخبارون پڙهي انهن ۾ آيل اشتهارن، نعرن ۽ اپيلن سان ڀتيون ڪاريون ڪيون آهن.“ پوليس واري ٽيڪا ٽپڻي ڪئي.
”ڪهڙا نعرا؟“ هڪ ٻئي بيٺل پوليس واري زور مان ڳالهايو. ”وري به نعرا؟ هنن توکي امن ۾ خلل وجهڻ لاءِ گهڻا پئسا ڏنا آهن؟“.
ان وقت سڀ پوليس وارا وحشين جيان ٽهڪ ڏيڻ لڳا، مون کي گارگند ڪرڻ لڳا. مون پنهنجو برش کنيو ۽ ائين ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، جيئن اسان جي مکياڻي اڪثر ميٽنگن ۾ ڳالهائيندي هئي.
”ڪامريڊ خاموش!“
منهنجي ڳالهه جو ڏاڍو سٺو اثر ٿيو. هو هڪدم خاموش ٿي ويا ۽ پوءِ سس پس ڪرڻ لڳا. ”خاموشي ڇو؟“
”دوستو!“ مون موقعي جو فائدو وٺي تقرير ڪرڻ شروع ڪئي. ”نيگو جي سرزمين ويران ۽ غير آباد آهي. اسان کي پنهنجي ڌرتي کي آباد ۽ شاداب ڪرڻ گهرجي. بيابانن کي گلن جو جوڀن ڏيڻو آهي. ساٿيو! اسان جو نوجوان نسل ڪٿي آهي؟“
”ڪٿي مان تنهنجي مراد؟“ هڪڙي پوليس واري سوال ڪيو.
”نوجوان نسل پوليس ۾ آهي.“ پوليس واري بيزاري مان اخبار ڏي ڏٺو ۽ ان جي سرخي پڙهي ”نوجوان رت مان ٺهيل پوليس فورس، جرئتمند ۽ باصلاحيت ٿئي ٿو. اڄ ئي ڀرتي ٿيو. سٺو پگهار، روشن مستقبل.“
هاڻ مون کي محسوس ٿيو ته، منهنجون رڳون ٻاهر نڪري رهيون هيون ۽ پوءِ مون پاڻ کي جيل ۾ بند پاتو.
اڃان آءٌ پنهنجن خيالن ۾ ئي گم هوس جو هڪ پوليس آفيسر، ٽهڪ ڏيندو اندر داخل ٿيو، پهرين مون سمجهيو ته، شايد هو ڌاڙيلن جي ٽولي جي پڪڙجڻ تي خوش ٿي رهيو آهي.
”ٻڌ نوجوان ڇوڪرا!؟“ هن مون کي مخاطب ٿيندي چيو، ”ماڻهن اڳيون ڳالهيون سڀئي وساري ڇڏيون آهن. پر تون خوشقسمت آهين جو آءٌ تنهنجي خيالن کي سمجهي سگهان ٿو. ڪنهن وقت ۾ آءٌ به ڪبوز تنطيم جو ميمبر هوس. پر هاڻ اهو وقت ناهي رهيو. مون کي پڪ آهي ته تون منهنجي ڳالهين کي سمجهين پيو.“
”ان جو مطلب ته تون مون کي وڃڻ لاءِ چوين ٿو؟“
”ها“. ائين چئي هو واپس آفيس ۾ هليو ويو.
”وڏا!“ هن وڏي منشي کي حڪم ڏنو ”سڀني پوليس وارن کي گڏ ڪر ۽ ها صبح تائين سڄي شهر جي ديوارن تان نعرا مٽيل هئن گهرجن.“ ان کان پوءِ هو وري مون ڏانهن آيو ۽ مون کي جتائڻ لڳو.
”تون ٿورڙو سوچ! تنهنجي ننڍڙي بيوقوفي جي ڪري پوليس کاتي کي ڪيڏي نه مصيبت ڏسڻي پئي.“ هن صلاح ڏيندي چيو. ”اسان وانگي تون به ڪيل واعدن کي وساري ڇڏ.“
مون زور سان ڳالهايو، ”توکي دل ۾ ضرور شرم محسوس ٿيندو هوندو. تون مفت خور بنجي چڪو آهين. ٻڌاءِ تون هتي ڇا ڪري رهيو آهين. توکي ته هن وقت نيگو ۾ هئڻ گهربو هو؟“
”ڇا ڳالهه آهي؟“ پوليس آفيسر پڇيو، ”ڇا سرڪار نيگو ۾ به پوليس اسٽيشن کولي آهي؟“.
”ها ائين ئي ٿيو آهي.“
”ٺيڪ آهي، ته پوءِ خاموشي سان روانو ٿي.“ پوليس آفيسر تنبيهه ڪندي چيو. ”پنهنجي حال تي ضرور سوچجانءِ جنهن حالت ۾ تون گهارين ٿو. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ان تي رحم ٿو اچي.“
”وقت جا پوڄاريو!“ مون ڏاڍيان رڙ ڪئي. ”توهين منهنجي لکيل نعرن کي ڊاهڻ جي جرئت ڪري نٿا سگهو. نيگو جي شهرين کي، اصل حقيقت کان ضرور واقف رکڻ گهرجي. نيگو اڃان به انهيءَ حال ۾ آهي. نيگو کي هينئر به نوجوان نسل جي ضرورت آهي.“
”مون کي افسوس آهي.“ پوليس آفيسر چيو، ”پر تنهنجي انهيءَعمل سان فقط ديوارون گنديون ٿين ٿيون ٻيو ڪجهه به نه.“
”آءٌ توهان کي اخبارن ۾ وائکو ڪندس.“ ائين چوندي مون کان روئڻ نڪري ويو. ”ڀل ته سڀني کي خبر پوي ته هتي نوجوانن کي ڇاجي تربيت ملي رهي آهي.“
”توتي ڪير اعتبار ڪندو؟“
”نيگو جا رهواسي مون تي ضرور اعتبار ڪندا. آءُ پنهنجي پوري قوت سان رڙيون ڪري حقيقتن کي انهن تائين پهچائيندس.“
”مڃيوسين ته تون زور سان رڙيون ڪري، انهن کي حقيقين کان واقف ڪرڻ چاهيندين، پر اسين توکي انهن تائين پهچڻ ڇو ٿا ڏيون؟“.
***