لڱ منهنجا لوهه
اسڪول جو ڪو به باقاعده ٽائيم ٽيبل نه هو. سواءِ اونهاري جي گهڻو ڪري ڇُٽي هوندي هئي. ۽ هينئر اسڪول لاباري سبب بند هو. ڇوڪرا جڏهن به ضرورت محسوس ڪندا هئا، اسڪول ايندا هئا، اسڪول ماستر جو ڪم ملڪ ۾ مختلف روٽن تي هلندڙ بسن جيان نه هو، جيڪي سواري هجي نه هجي ته به وقت تي هلڻ لاءِ ٻڌل هيون. آئون ايستائين ڪجهه نٿي ڪري سگهيس، جيسين ڪافي تعداد ۾ شاگرد گڏ نه ٿين. رسيس تائين آئون اسڪول جو ڪم ختم ڪري وٺندو هوس، ۽ اُن کان پوءِ مون لاءِ اِهو مشڪل هو ته باقي وقت، چئن ڀتين ۾ پاڻ کي بند رکي ڪٽي سگهان. انهي واندڪائي واري وقت ۾ آئون اڪثر ڪري منشي گيري ڪندو هوس. خط لکڻ، دعوائون لکڻ ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهن جون درخواستون لکڻ جو ڪم، انهي وقت ۾ ڪري پاڻ کي وندرائيندو هوس. هفتي جي آخري ڏينهن تي، جڏهن آءٌ پنهنجي شهر ويندو هوس ته منهنجو کيسو ڳوٺاڻن جي خطن ۽ درخواستن سان ڀريل هوندو هو. خطن کي ٽپال جي دٻي ۾ وجهي، پوءِ گهر جو رخ ڪندو هوس. جڏهن سڀني کي اِها خبر پئي ته، آءٌ اِهو لکپڙهه جو ڪم بنا ڪنهن معاوضي ۽ بيزاري جي ڪريان ٿو، بلڪه انهي ۾ خوشي محسوس ڪريان ٿو، ته هر ڪو مسئلو جيڪو ڳوٺ ۾ کڙو ٿيندو هو، مون تائين پهچڻ لڳو ۽ منهنجي حيثيت ڳوٺ ۾ هڪ ڪائونسلر يا صلاحڪار جيان ٿي ويئي. جڏهن به ڪا رڍ وڃائجي ويندي هئي، يا ڪا زال پنهنجي مڙس سان جهيڙو ڪندي هئي ته، اسڪول ماستر سان مشورو ڪيو ويندو هو. انهي ڪري جو اِهو سمجهيو ويندو هو ته، اسڪول ماستر زياده پڙهيل هوندو آهي، تنهن ڪري هو عقل ۽ ڏاهپ ۾ به، سڀ کان زياده هوندو آهي ۽ کيس قانون جي به چڱي چوکي ڄاڻ هوندي آهي.
انهي شغل جي ڪري، جڏهن پڙهائڻ جو ڪم نه هوندو هو، تڏهن به مشغول رهندو هوس. جڏهن به اعليٰ اختياري وارا، گهٽ حاضري جي شڪايت ڪندا هئا ته آءُ جند ڇڏائڻ لاءِ، معافي وٺي لائيندو هوس ۽ سبب اِهو ڏيندو هوس ته، ”اڃان اسڪول نئون نئون کليو آهي، هينئر پوک جي منڌ آهي وغيره وغيره“. اسڪول ڇا هو! بس هڪ قسم جو گڻ مقصد دفتر هو. پوليس اسٽيشن، ڪورٽ، ڳوٺاڻن جو اوتارو، بلدياتي کاتو، مطلب ته سڀني آفيسن جو ڪم ڪاران ۾ ئي ٿيندو هو. تنهن ڪري ماستر صرف ماستر ئي نه هو، جنهن جو ڪم فقط ٻار پڙهائڻ هجي. هو هڪ ئي وقت پوليس وارو، جج، پريو مڙس، روينيو آفيسر، حتاڪ اسٽامپ وينڊر پڻ هو. ڳوٺ جي رهواسين جا فيصلا پئنچات ۾ نبيريا ويندا هئا. پئنچات ڏهن ڄڻن تي مشتمل هئي، جنهن ۾ آءٌ به شامل هوس. پئنچات جو فيصلو مڃڻ هر ڪنهن لاءِ لازمي هو.
شاديون ڪٺيون ٿينديون هيون. هڪ ئي وقت، ويهارو کن گهوٽ پرڻبا هئا جنهن ڪري ڀت جي خرچ ۾ پڻ بچت ٿيندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن غريب ۾، شادي جي خرچ جي پهچ نه هوندي هئي، ته ڳوٺ وارا اُن جي مالي توڙي ٻي ضروري مدد ڪندا هئا. ڏاڏي سائين جي جٺ لعنت جي باوجود به، مون پاڻ کي ڳوٺاڻن جي ڪمن ڪارين ۾ رڌل رکيو، ۽ هاڻ ته اِها حالت هئي، جو ڳوٺ وارن جي مون کان سواءِ سري به ڪانه ٿي.
ڳوٺ ۾ هارين جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو مس هو. هاڻ فصل پوکڻ جي منڌ اچي ويئي هئي. هر ڪو هاري اسرويل هر سميت ٻني تي ويندي نظر ايندو هو.
هڪ ڏينهن جڏهن ٻج ڇٽڻ جو ڪم زور شور سان جاري هو، شيخو مون وٽ آيو. هو گهڻو ڪري ڳوٺ کان ٻاهر رهندو هو. هن وٽ ٻه ٽي ايڪڙ زمين جا هئا، جن کي آباد ڪرڻ ئي هن جي زندگي جو مقصد هو. هو جنهن وقت مون وٽ آيو، اُن وقت اڃا سج اُڀريو ئي مس هو. هن کي گوڏ ٻڌل هئي ۽ هٿ پير مٽي ۾ ڀريل، ائين لڳي رهيا هئا، ڄڻ چمڙي جا ٺهيل هجن. هن جو منهن لٿل ۽ وار وکريل هئا. جنهن مهل شيخو مون وٽ آيو اُن وقت، مون وٽ ايوبو به ويٺل هو. ”سائين“، هن بنا ويهڻ جي چيو، ”مهرباني ڪري مون کي ڪٿان به ڏاند هٿ ڪري ڏيو. توهان کي ته خبر آهي، ته هينئر پوکي جو وقت آهي“.
مون لاءِ اِهو چوڻ مناسب نه هو ته، ماستر هئڻ جي ناتي ڀلا آءٌ ڪيئن ڍڳو رکي سگهيس ٿي. هن چيو،”توهان فقط هڪ ڍڳو مون کي هٿ ڪري ڏيو، هڪ ڍڳو مون وٽ پنهنجو آهي. جي ڍڳو نه مليو ته سڄو سال لانگها ڪٽڻا پوندا.“
”چڱو ٺيڪ آهي پر ٻڌاءِ ته ڪنهن وٽ ڍڳو پاڇي آهي“.
”سائين، جن وٽ پنهنجا ڍڳا آهن اُنهن کي خود پوک ڪرڻي آهي. ڀلا ڪير پنهنجي زمين کي دير سان کيڙڻ چاهيندو؟ مون هر هنڌ ڪوشش ڪئي آهي پر ڪٿان به ڍڳو نٿو ملي“.
”تون ڪنهن جي لاءِ مون کان چوائڻ ٿو چاهين؟“
”سائين توهان کي جيئن سُجهي، پر منهنجي مدد ڪريو. سڀ چون ٿا ته اسڪول ماستر مشڪل وقت ۾ ڏاڍو ڪم ايندو آهي. توهان منهنجي مدد ڇو نٿا ڪريو؟“
ايوبو جيڪو هن وقت تائين سڄي گفتگو خاموشي سان ٻڌي رهيو هو، شيخو ڏانهن نهاريندي چيو، ”شيخو تون پاڳل ته ڪو نه ٿيو آهين؟ ماستر توکي ڪٿان ڍڳو آڻي ڏي؟ ڇا هو هاري آهي يا ڀاڳيو؟ بيوقوفن وارو ضد نه ڪر ماٺ ڪري هليو وڃ.“
شيخو گهٻرائجي ويو. شايد هن اِهو چئي وڏي غلطي ڪئي هئي. ”آءٌ..... آءٌ ٺيڪ ٿو چوان، جي ماستر منهنجي لاءِ ڪوشش وٺي ته ڍڳو ملي سگهي ٿو.“
ايوبو فيصلو ڪن انداز ۾ اُٿيو ۽ شيخو کي ٻانهن کان جهلي، رستي ڏانهن ڌڪو ڏيندي چيو، ”وڏو ڪو اُٺ آهين تنهنجي ليکي ماستر جي کيسي ۾ ڍڳا پيا آهن“.
ذري گهٽ ڪرندي شيخو رستي تي هلڻ لڳو ۽ وڦلندو رهيو. ايوبو پنهنجي جڳهه تي اچي ويٺو ”سائين توهان هن چريي شيخو جي ڳالهه کي وساري ڇڏيو. هو ته آهي ئي بي وقوف اُٺ....“
پر آءُ اِها ڳالهه وساري نه سگهيس. آءٌ هنن ڳوٺاڻن کي لکڻ پڙهڻ سيکاري سگهيس ٿي، پر منهنجو علم سندن گهر جون پوريون ڪري نٿي سگهيو. ايوبو ڇڙو ڇانڊ هو، ان ڪري کيس پرواهه نه هئي. پر اساندا کي ته اُن جي ضرورت هئي ۽ شيخو کي ڍڳي جي. هتي هر ڪنهن جون پنهنجيون ضرورتون هيون.
لاڳيتو ٻن ڏينهن جي محنت جي باوجود به، شيخو ڍڳو هٿ ڪري نه سگهيو. جيتوڻيڪ هو ان لاءِ هر گهر ويو ۽ هر ماڻهو کي سوال ڪيائين. هو همٿ هاري پٽ تي ليٽي پيو. سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو هو.
”هاڻي ڪوشش ڪرڻ بيڪار آهي.“ شيخو پنهنجي زال کي چيو. شيخو جي زال ڊگهو قد، بدن ۾ ڀريل سگهه ۾ مردن جيان. هوءِ شيخو جو ڄڻ اڌ سهارو هئي. کائنس شيخو جي پريشاني ڏٺي نه ٿي.
”تو ڪنهن ڪنهن کان پڇا ڪئي آهي؟“ هن پنهنجي مڙس کان سوال ڪيو.
هو اُٿي ويٺو ۽ مايوسي مان منهن گوڏن ۾ هڻي ڇڏيائين. ”سڄي ڳوٺ کان، پر ڪير به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.“
”ته پوءِ هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
”ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ بس هاڻ بکون ۽ لانگها اسان جو مقدر آهن.“ عورت پنهنجي مڙس کي ڌيان سان ٻڌو. هن سندس اکين ۾ چتائي نهاريو ۽ ائين لڳس ڄڻ ته اُهي بنا تيل جي ٻري رهيون هجن.
”اسين سڀاڻي کان ٻني کيڙينداسين.“ عورت فيصلي واري لهجي ۾ چيو.
”اُن لاءِ ڍڳو ڪٿان ايندو؟“
”هٿ ٿي ويندو“.
”پر ڪٿان؟“
”اِهو تون مون تي ڇڏي ڏي.“
”پر ......؟“
”بس تون صبح جو سوير ٻني تي نڪري وڃجانءِ باقي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
شيخو سوچن جو ڪٻٽ کوليو. “هُن جي زال ڪٿان ڍڳو آڻيندي.؟“ هو اسرويل اُٿيو ۽ پاڃاري کڻي ٻني ڏي روانو ٿيو. هن سان هن جو هڪ ڍڳو به ساڻ هو. ٻني تي پهچي هن ڳوٺ ڏانهن نهاريو ۽ پنهنجي زال جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
تقريبن ڪلاڪ کن کان پوءِ هن پنهنجي زال کي اڪيلو ايندي ڏٺو. شيخو جو منهن ئي لهي ويو. ”هن اجايو هٺ ڪيو. ڀلا ڍڳو ڪٿان ملي ها؟ هاڻ ڇا ٿيندو؟“ هن جي آڏو بکون ۽ لانگها راڪاس جيان وات پٽيندا وڌڻ لڳا. ”هاڻ ته در در جا ڌڪا کائڻا پوندا“
شيخو پنهنجي پريشاني ۾ ئي گم هو جو سندس زال اچي مٿائنس بيٺي.
”اُٿي کيڙي جي تيار ڪر“
”ڍڳو ڪٿي آهي؟“
”پاڃاري جي هڪڙي ڇيڙي سان ڍڳو جوٽ ۽ آءٌ ٻي ڇيڙي کان ڇڪينديس.“
شيخو اِهو ٻڌي ڏڪي ويو. ”نه ائين نٿو ٿي سگهي“
پر عورت فيصلو ڪري چڪي هئي.
”هي وقت واويلا ڪرڻ جو ناهي. اُٿي پاڃاري جي هڪڙي پاسي کان مون کي ۽ ٻي پاسي کان ڍڳو جوٽ.“ هُن کان حوصلو ڇڏائجي ويو ۽ بت بڻيو بيٺو رهيو. هو ڪيئن پنهنجي زال کي پاڃاري ۾ جهوٽي سگهيو ٿي؟ هوءِ خود اُٿي ۽ پاڃاري جي هڪڙي ڇيڙي ۾ ڍڳي کي ۽ ٻي ڇيڙي ۾ پاڻ کي جوٽائين. ۽ پوءِ ڳاٽ اوچو ڪري اٽل ارادي سان چيائين ”اُٿي شيخو هر هلائي“. گهٻرايل شيخو پنهنجي دل مضبوط ڪئي ۽ ڍڳي کي هلڻ لاءِ هش هش ڪئي. ساڳي ريت عورت به هلڻ لڳي.
زمين ۾ هر هلڻ لڳو. شيخو ٻاجهر زمين ۾ ڇٽڻ لڳو. کيڙي سنجهي تائين جاري رهي. ٻنپهرن جو ٻنهي زال مڙس گڏجي ماني کاڌي. شيخو خاموش رهيو ۽ سندس زال اوڀاريون لهورايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي. هن اوستائين ٻني کيڙي، جيستائين ٻج زمين سان پوري ريت لڳي نه ويو. شام تائين، هنن ٻه ايڪڙ کيڙي ورتا ۽ پوءِ هو گهر ڏانهن روانا ٿيا.
ٻي ڏينهن سڄي شهر ۾، عجيب و غريب ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون. ڪنهن سندن محنت جي واکاڻ ٿي ڪئي، ته ڪنهن حيرت ٿي کاڌي، ته وري ڪنهن سندن انهي عمل تي ڌڪار ۽ نفرت ٿي ظاهر ڪئي.
انهي رات جيئن ئي آئون اسڪول کان واپس موٽي رهيو هوس، ته گهڙي پل لاءِ شيخو جي گهر وٽ رڪيس. جهانڪڻ تي گهر جي اندر، بتي جي روشني ۾ شيخو جي زال کي ليٽيل ڏٺم، شيخو پنهنجا ٻيئي هٿ ڀت تي ٽيڪائي، پنهنجي زال جي ڏکندڙ پٺن کي، پيار مان پيرن سان زور ڏيئي رهيو هو.
***