مَئي جو تهوار
[/b]
پوڙهن جو حڪم هو ته ڊانس هر حالت ۾ ڏهين وڳي تائين ختم ٿيڻ گهرجي. نوڪر مهمانن کي رواني ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ٽارچون ٻاري گاڏين کي رستو ڏيکارڻ لڳا. ڇوڪريون جيڪي بيڊ رومن کان وٺي ڏاڪڻن تائين پکڙيل هيون، نوجوان اُنهن جي چوگرد مڙي ويا، جيئن هو کين خدا حافظ چئي سگهن ۽ پنهنجن جذبن جو ٿڌا شوڪارا ڀري اظهار ڪري سگهن. پاڻ کي بي چين ظاهر ڪرڻ لاءِ جيتوڻيڪ هنن ڪافي پيتو هو. پر پنهنجي خوشي، خودداري ۽ فخر جتائڻ لاءِ هو اڃان به شراب پي رهيا هئا. هي نوجوان پهريون ڀيرو يورپ مان آيا هئا ۽ دعوت اُنهن جي مان ۾ رکيل هئي. اُهي هرڻن مثل هئا ۽ سڄي رات نچيا ڪڏيا ۽ ٽپيا هئا ۽ سمهڻ جو اُنهن جو ڪو به موڊ ڪو نه هو. ”مئي جي ڏهاڙي تي، جڏهن رات گهميل هجي، جڏهن رات جوان هجي ۽ من کي هرکائيندڙ هجي، ته اها ڪهڙي عقل مندي ٿيندي جو ٻاهر نه نڪرجي ۽ پاڙيسرين کي سانت ۾ رهڻ ڏجي!“ ڪنهن رڙ ڪئي. ”هلو ته پئنگ ۾ ترون.“ ٻي پنهنجي پوري زور سان چيو. ”هلو ته هلي کڙکٻيتا جهليون.“ ٽي رڙ ڪئي. اڃان پل ئي نه گذريو جو آواره گهٽين ۾ لٽڪيل شمعدانن جي جهڪي روشني ۾ نوجوانن جا ڪوٽ ۽ ٽوپلا ظاهر ٿيا. آخري گاڏي هارون وڄايو ۽ ڪارن گهرن هش هش ڪئي ۽ اُنهن جون سرن واريون ڇتون جوارين جي شطرنج جي بورڊن جيان اونداهي آسمان ۾ ڪڪرن جيان ڏيکائي ڏيڻ لڳيون، جتي شيطان چنڊ شڪارجي تاڙ ۾ ڪنڊ جهليو ويٺو هو، جتي قاتل طوفاني هوا زوردار شور برپا ڪري رهي هئي ۽ پاڻ سان گهلي ايندڙ سمنڊ جي بوءِ ۽ اونهاري جي موسم ۾ باغ جي پڪل زيتونن جي خوشبوءِ نوجوانن ڏي تحفي طور کڻي اچي رهي هئي، جيڪي هيٺ گهٽين م هل هنگامو برپا ڪري رهيا هئا. ڇوڪريون جيڪي ڏاڪڻ مٿي ٺهيل ڪمري ۾ ڪپڙا تبديل ڪري رهيون هيون، اُنهن جي آوازن تي درين ڏانهن وڌيون. هو درين وٽ بيهي نوجوانن تي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳيون، جيڪي هيٺ گهٽين م گهمي رهيا هئا ۽ جلد ئي انهن نوجوان عاشقن جي حال تي ٿڌا شوڪارا ڀرڻ لڳيون. اُنهن ظالم نوجوانن جي پوشاڪن، غرور ۽ چمڪ سان ڀريل اکين ۽ اُنهن جي ٺاهوڪين ڪارين مڇن تي، جيڪي چنڊ جي روشني ۾ ائين چمڪي رهيون هيون ۽ ايڏيون خوبصورت لڳي رهيون هيون جو ڇوڪريون اُنهن تي موهت ٿي پيون ۽ هڪ ٻئي کي رڙيون ڪري چوڻ لڳيون، مرد ڪيترو نه بي پرواهه آهي ۽ ڇوڪري هئڻ ڪيترو نه هيبت ناڪ ۽ جڏهن ته هي دنيا ڪيڏي نه خطرناڪ ۽ خوفناڪ هئي. اُهي ايستائين اُتي بيٺيون رهيون جيستائين پوڙهي انا ستشيا اُنهن کي ڪنن ۽ چوٽن کان گهلي پلنگ ڏانهن وٺي نه ويئي. گهٽي مان چوڪيدار جي بوٽن جي کڙکڙ ۽ هٿ ۾ جهليل شمعدان جي گوڏن سان ٽڪرائڻ جي آواز سان هن جو آواز ملي هوا ۾ گونجي رهيو هو.
”جاڳندا رهو-- هوشيار!“
۽ هاڻ وري مئي جو تهوار اچي ويو هو. ”اڄ مئي جي پهرين رات هئي ۽ ڏائڻون بنهه ڏور هليون ويون هيون“ پوڙهي انا ستشيا ڳالهه کي جاري رکندي چيو ”اڄوڪي رات اڳڪٿين، آشائن ۽ خواهشن جي رات هئي. عاشقن جي رات هئي ۽ اُنهن جي، جن يقين ڪيو ٿي ته اڄوڪي رات آرسي ۾ ڏسڻ سان اُنهن کي جيڪو به چهرو نظر آيو، اُنهن سان قسمت هنن جي شادي لکي ڇڏي هئي.“ پوڙهي انا ستشيا اهو چوندي ڇوڪرين مٿان اوڍڻ لاٿا ۽ ڪمري جي ڪنڊ ۾ اُڇلڻ لڳي ۽ ڇوڪريون جيڪي اوڍڻ کسجڻ کان پوءِ خوف ۾ ويڙهجي سوڙهيون ٿي ويون هيون، تن پوڙهي عورت کي منٿ ڪئي ته هوءَ مهرباني ڪري کين ڊيڄاري پريشان نه ڪري.
”هاڻ گهڻو ڪجهه ٿيو انا ستشيا! اسين سمهڻ چاهيون ٿيون.“
”ڏائڻ! اسان جي بدران وڃي ڇوڪرن کي ڊيڄار.“
”چري هوءَ ڏائڻ ناهي هوءَ سڀاڳي آهي. هوءَ ڪرسمس جي ڏهاڙي تي ڄائي هئي.“
”مقدس اناستشيا، ڪنواري ۽ پاڪ روح“
”هون! ناممڪن. هوءَ ستن مڙسن کي فتح ڪري چڪي آهي. ڇا تون ڪنواري آهين اناستشيا!؟“
”نه پر اوهان ڇوڪرين جي ڪري مون ست ڀيرا مقدس مقام ماڻيو آهي.“
”هن کي ڀلي اڳڪٿي ڪرڻ ڏيو. ڀلا منهنجي ڪنهن سان شادي ٿيندي؟ ڇا پوڙهي جپسي سان؟“
”جيڪڏهن تون ڊڄي نه وين ته تون پنهنجي مڙس کي آرسي ۾ ڏسي سگهنديئين“.
” مون کي ڇا لاءِ ڊپ ٿيندو؟ آءٌ ضرور آرسي ۾ ڏسنديس“، اگوڊا بستري مان رڙڪندي چيو.
”ڇوڪريون او ڇوڪريون! پاڻ تمام گهڻو گوڙ ڪري رهيون آهيون. جي منهنجي ماءُ ٻڌي ورتو ته هوءِ اچي ويندي ۽ اسان جي ڪن مهٽ ڪندي. اگوڊا آءٌ چوان ٿي سمهي پئو ۽ تون پوڙهي اناستشيا! آءٌ توکي چوان ٿي ته پنهنجو وات بند ڪر ۽ ماٺ ڪري ٻاهر هلي وڃ.“
”تنهنجي ماءُ مون کي تاڪيد ڪندي چيو هو ته سڄي رات هتي رهجانءِ ڇا سمجهيئي معتبر نينگري!“
”۽ مون کي ننڍ نٿي اچي.“ سرڪش اگوڊا پٽ تي ٽنگون ڦهلائيندي چيو. پوڙهي عورت مون کي ٻڌاءِ ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
”هن کي ٻڌاءِ! پوڙهي هن کي ٻڌاءِ!“ ڇوڪرين گڏجي سريلي آواز ۾ چيو.
پوڙهي عورت جيڪي ڪپڙا گڏ ڪيا هئا اُهي پٽ تي رکيا ۽ ڇوڪري تي اکيون کپائي ڇڏيون. ”توکي ميڻ بتي ضرور کڻڻ گهرجي“ هن کيس هدايت ڪندي چيو، ”۽ ڪمري جي وچ واري اونداهي حصي ۾ جتي آرسي ٽنگيل آهي، اڪيلي وڃ ۽ آرسي جي سامهون اکيون بند ڪري پنهنجي منهن چئو:
آرسي او آرسي!
مون کي ٻڌاءِ
ڪنهن جي وني
بڻبيس آءٌ
۽ جيڪڏهن تنهنجي نيت صاف ۽ پختو ارادو هوندو ته تنهنجي کاٻي ڪلهي ڀرسان هڪ ماڻهو جو چهرو ظاهر ٿيندو ۽ تنهنجي اُن ماڻهو سان شادي ٿيندي.“
پوڙهي جي ڳالهه ٻڌي گهڙي پل لاءِ ڇوڪريون بنهه خاموش ٿي ويون ”۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته؟“ اگوڊا خاموشي کي ٽوڙيندي پڇيو.
”اوه! ته پوءِ توتي خدا ئي رحم ڪري سگهي ٿو!“
”ڇو؟“
”ڇاڪاڻ جو پوءِ توکي شيطان نظر اچي سگهي ٿو“
ڇوڪريون رڙيون ڪري هڪ ٻئي کي چنبڙي ويون ۽ ڏڪڻ لڳيون.
”پر اها ڪهڙي نالائقي آهي.“ اگوڊا رڙ ڪئي ”هي جديد دور آهي. هاڻ شيطان ڪٿي رهيا آهن.“ پر وقتي طور شيطان جو سوچيندي هوءِ هيڊي ٿي ويئي. ”پر آءٌ ڇا ڪريان؟ ها مون کي خبر آهي. مون کي سالا ۾ هيٺ وڃڻ گهرجي. اُتي هڪ وڏي آرسي آهي ۽ هن وقت اُتي ڪو به ڪو نه هوندو.“
”نه اگوڊا! اها تنهنجي موتمار غلطي ٿيندي. توکي پڪ اُتي شيطان نظر ايندو.“
”مون کي اُنجي پرواهه ناهي ۽ نه ئي ڊپ. آءٌ ضرور وينديس!“
”اوه پاڳل ڇوڪري!“
”اوه ظالم ڇوڪري!“
”جيڪڏهن تون واپس بستري ۾ نه اينديئين ته ٻڌي ڇڏ اگوڊا آءٌ امان کي سڏ ڪنديس.“
”۽ جيڪڏهن تون ايئن ڪنديئين ته آءٌ هن کي ٻڌائينديس ته توسان گذريل مارچ ۾ خانقاهه ۾ ڪير ملڻ ايندو هو.“
”پوڙهي عورت مون کي اها ميڻ بتي ڏي. آءٌ ضرور وينديس.“
”ڇوڪريون- اچو۽ هن کي روڪيو! هن کي روڪڻ لاءِ ڪمري جي مهاڙي وٽ ٿي بيهو.“
پر اُن کان اڳ جو هو سندس رستو روڪين. هوءِ کانئن کسڪي ٻاهر نڪري ويئي ۽ هاڻ هوءِ هال ۾ پيرن اُگهاڙي هلي رهي هئي. هن جا گهرا وار ڪلهن کان هيٺ ڪري رهيا هئا. جيئن ئي هوءِ ڏاڪڻ کان هيٺ لٿي ته وار هوا جي زور تي اُڏامڻ لڳا. هن جي هڪڙي هٿ ۾ ٻرندڙ ميڻ بتي هئي ۽ ٻئي هٿ سان هن چولي کي جهلي رکيو هو. جيڪو هن جي پير جي مرين تائين پهچي رهيو هو.
هوءَ جڏهن سالا جي دروازي وٽ پهتي ته هن جو ساهه رڪجي ويو ۽ هن جي دل هن کي جواب ڏيئي ڇڏيو. هن شعوري طور تصور ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪمرو هڪ ڀيرو وري روشني سان جڳمڳائي اُٿيو. نوجوان جوڙن جي ڊانس ۽ ٽهڪن ۽ دل کي ڀائيندڙ سارنگي جي آواز هڪ ڀيرو وري ماحول کي پنهنجي مستي جي عالم ۾ گهيري ڇڏيو هو. پر هتي ته غار جهڙي اوندهه هئي. هڪ جادوئي غار جهڙو ڪمرو جنهن جون سڀ دريون بند هيون ۽ فرنيچر ديوارن وٽ ڍير ٿيو پيو هو. هوءِ اُتان گذري ڪمري ۾ داخل ٿي.
آرسي ديوار تي هن جي سامهون ٽنگهيل هئي. هڪ پراچين دور جي آرسي جنهن جو فريم سون جو ٺهيل هو ۽ جيڪو پتن ۽ گلن ۾ جهنجهيل هو ۽ جنهن تي عجيب طلسمي قسم جي گل ڪاري ٿيل هئي. هن پاڻ کي ڊپ ۽ حيرت مان اُن جي ويجهو ٿيندي ڏٺو. هڪ سفيد پاڇو جيڪو اوندهه ۾ هن ڏانهن وڌي رهيو هو. اهو پاڇو هن کي ڌنڌلو۽ نامڪمل نظر آيو، ڇاڪاڻ جو هن جي اکين ۽ وارن جي چوطرف ايتري اوندهه ڇانيل هئي جو جيڪو چهرو آئيني مان هن ڏي وڌي رهيو هو اُهو هڪ نقاب ۾ لڪل چهري جيترو مس ڏيکائي ڏيڻ لڳو. هڪ روشن نقاب جنهن ۾ ٿورڙي وٿي تي ٻه سوراخ ٿيل هئا. هن جي سفيد چولي ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ جڏهن هن آئيني جي بنهه ويجهو پهچي ميڻ بتي کي پنهنجي کاڏي تائين آندو ته اُهو مرده نقاب هن جي زندهه چهري ۾ ٻهڪڻ لڳو.
هن پنهنجون اکيون بند ڪيون ۽ منتر پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن هن پڙهي اُن کي ختم ڪيو ته هڪ اڄاڻ خوف هن کي ورائي ويو ۽ هن محسوس ڪيو ته هاڻ هن ۾ چُرڻ۽ اکين کولڻ جي سگهه ڪا نه رهي هئي ۽ هن کي گهڙي پل لاءِ محسوس ٿيو ته، هو جادو ٿيڻ سبب سڄي عمر لاءِ هتي پنڊ پهڻ ٿي بيٺي هوندي. پر جلد ئي هن کي پنهنجي پويان قدمن جو آواز محسوس ٿيو ۽ ٽهڪن کي روڪڻ جو آواز هن جي ڪنن تائين پهتو. هن جلدي مان پنهنجون اکيون کوليون.
”۽ امان تو ڇا ڏٺو؟ ۽ هو ڪير هو!؟“
پر ڊونا اگوڊا پنهنجي هنج ۾ ننڍڙي ڇوڪري کي وساري ڇڏيو هو. هوءِ ماضي ۾ گهوري رهي هئي. ننڍڙي ڇوڪري هن جي ڇاتي سان چهٽيل هئي ۽ هوءِ پنهنجو پاڻ کي وڏي آرسي ۾ ڏسي رهي هئي، جيڪا ڪمري جي ديوار تي لڳل هئي. هي اُهو ساڳيو ڪمرو هو ۽ ساڳي آرسي هئي پر چهرو جيڪو هن هاڻ اُن ۾ ڏٺو اُهو هڪ پوڙهو چهرو هو. هڪ کهرو، چيڙاڪ ۽ انتقام جي جذبي سان ڀريل چهرو ، جنهن کي ڀورا وار هئا ۽ نهايت پيڙا مان گذري تبديل ٿي چڪو هو، اُن چهري کان جيڪو اڇي نقاب ۾ نظر آيو هو. اهو چهرو ڪيڏو نه تازو توانو ۽ اصلي چهري جيان جوان هو، جيڪو هن هڪ مئي جي وحشي آڌي رات جو تمام گهڻا سال اڳي آرسي ۾ پسيو هو.
”پر امان اهو ڪهڙو هو؟“ مهرباني ڪري مون کي ٻڌائي ته تو ڇا ڏٺو؟“
ڊونا اگوڊا پنهنجي ڌي ڏي نهاريو، جيتوڻيڪ هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا پر اُهي هن جي چهري تي نه ڳڙيا ۽ اکين منجهه ئي جذب ٿي ويا ”مون شيطان کي ڏٺو هو“. هن تلخي مان چيو.
ٻارڙي ماءُ جا لفط ورجائيندي چيو ”شيطان؟“
”ها منهنجي پياري جڏهن مون اکيون کوليون ته مون ڏٺو ته شيطان منهنجي کاٻي ڪلهي کان بيٺو هو ۽ مون تي کلي رهيو هو.“
”اوهه منهنجي غريب ننڍڙي امان! ڇا توکي گهڻو ڊپ ٿيو هو؟“
”تون خود سوچي سگهين ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سٺيون ننڍڙيون ڇوڪريون خصوصن جڏهن سندن مائرون منع ڪن، آرسي کان پري ڀڄنديون آهن. توکي به اها شرارت ڀري عادت پاڻ مان ڪڍڻ گهرجي. پياري! هر آرسي ۾ پاڻ کي وڻائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، نت توکي به هڪ ڏينهن ڪو ڀوائتو چهرو نظر اچي سگهي ٿو.“
”ها پر امان! شيطان ڪيئن ڏسڻ ۾ آيو ٿي؟“
”ٺيڪ آهي توکي ٻڌايان ٿي..... هن جا وار گهنڊيدار هئا ۽ ڳل تي گهرو زخم جو نشان“
”جيئن بابا کي آهي؟!“
”ها، ٺيڪ آهي، پر شيطان جي چهري تي اهو زخم جو نشان سندس خطا جي ڪري هو ۽ جڏهن ته تنهنجي بابا جي چهري تي نشان سندس شان کي ظاهر ڪري ٿو يا شايد اُن جو ڪارڻ اُهو ٿي سگهي ٿو جيڪو تنهنجو بابا ٻڌائي.“
”امان شيطان بابت اڃا وڌيڪ ٻڌاءِ“
”۽ ها- هن کي مُڇون به هيون.“
”بابا جهڙيون؟“
”اوه نه! تنهنجي بابا جون مُڇون اڇيون ۽ بي ڊوليون آهن ۽ اُنهن مان هر وقت خطرناڪ قسم جي تماڪ جي بوءِ ايندي آهي، جڏهن ته شيطان جون مڇون گهريون ڪاريون ۽ ٺاهوڪيون هيون.“ هن ٿڌو شوڪارو ڀريندي وري چيو ”الا! اُهي ڪيڏيون نه خوبصورت هيون.“
”۽ ڇا هن کي سڱ ۽ پڇ به هو؟“
عورت پنهنجا چپ ڀيٽيا، ”ها. پر افسوس! جو اُن وقت مون کي اُهي نظر نه آيا ۽ اُهو سڀ ڪجهه جيڪو آءٌ اُن وقت ڏسي سگهيس اُهي هئا سندس خوبصورت ڪپڙا، چمڪندڙ اکيون، هن جا گهنڊيدار وار ۽ ٺاهوڪيون مڇون.“
”امان ڇا هن توسان ڪجهه ڳالهايو به؟“
”ها- ها هن مون سان ڳالهايو“. ائين چوندي ڊونا اگوڊا پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري ورتو ۽ روئي ڏنو.
......
”تو جهڙي سونهن کي ميڻ بتي جي ڪهڙي ضرورت، تون ته هونئن ئي خوبصورت آهين.“
هن آرسي ۾ نهاريندي کلندي چيو ۽ پوئتان قدم وڌائي هن تي ٺٺولي جي انداز ۾ جهڪيو. هوءِ پنهنجو پاڻ کي سوڙهو محسوس ڪندي هن ڏي نهارڻ لڳي ۽ هو ٽهڪن ۾ ڇٽي پيو.
”پر تون مون کي ياد آهين.“ هن رڙ ڪئي تون اُهائي اگوڊا آهين جنهن کي مون ننڍي هوندي ڇڏيو هو ۽ تنهنجي خطرناڪ حسن کي ڳولڻ لاءِ واپس گهر موٽيو هوس. مون تو سان گڏجي ڊانس ڪئي هئي، پر تو مون سان محبت ڀريو اظهار نه ڪيو هو“.
”مون کي ڇڏي ڏي“ ڇوڪري شوخي مان آهستي چيو. هو مشڪل سان پنهنجو رستو لڀي رهيو هو.
”پر آءٌ توسان محبت ڀري ڊانس ڪرڻ چاهيان ٿو او سهڻي ڇوڪري!“ هن چيو.
اُهي ٻيئي آرسي جي اڳيان ٿي بيٺا ڪمري ۾ فقط اُنهن جي ساهه کڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ ميڻ بتي ٻري رهي هئي ۽ اُنهن جا پاڇا ديوارتي اُڀري رهيا هئا. نوجوان بئڊوئي مونٽيا (جيڪو نشي ۾ ڌت ٿي تڙندو ٿاٻڙندو گهر پهتو هو ۽ جلدي سمهڻ چاهيانئي ٿي) اوچتو ئي اوچتو پاڻ کي سنجيده ۽ بلڪل هوش و حواس ۾ محسوس ڪيو. هنجون اکيون چمڪي اُٿيون ۽ چهري تي زخم جو نشان وڌيڪ ڳاڙهو نظر اچڻ لڳو.
”مون کي ڇڏي ڏي.“ هن وري شوخي مان رڙ ڪئي پر نوجوان کيس ڪرائي کان جڪڙي ورتو.
”نه.“ هن مرڪي ڏنو ”ايستائين نه جيستائين اسان ڊانس پوري نٿا ڪريون.“
”وڃ شيطان!“
”منهنجي محبت ۾ ڪيڏي نه سهپ جي قوت آهي.“
”آءٌ تنهنجي محبت ناهيان.“
”ته پوءِ ڪنهن جي آهين؟ ڪير آهي، آءٌ ڄاڻڻ چاهيان ٿو؟ ڪنهن کي مون شايد تڪليف پهچائي هوندي ڇاڪاڻ جو تون مون سان ۽ منهنجي دوستن سان جاني دشمنن جهڙو رويو روا رکين ٿي.“
”ڇو نه؟“ ايئن چوندي هن پنهنجي ڪرائي ڇڏائي ورتي ۽ ڏند ڀڪوڙي ڇڏيا. ”اوه! نوجوان آءٌ توکان ڪيئن نفرت ڪري سگهان ٿي. تون يورپ وڃين ٿو ۽ هڪ ڏينهن شان ۽ دٻدٻي سان واپس موٽندين. ۽ اسين ساديون ۽ غريب ڇوڪريون ڪيڏيون نه مجبور ۽ عادي آهيون اوهان کي خوش ڪرڻ لاءِ. اسان پئريسنس وانگي مراعات يافته ناهيون. سيويلينس جيان اسان وٽ جلائڻ لاءِ آڳ ناهي. ۽ نه ئي اسان ۾ نمڪ جيان سواد آهي. تون مون کي ٿڪائي ڇڏين ٿو. اي نازڪ مزاج نوجوان! تون مون کي ڪيئن نه تنگ ۽ پريشان ڪري ڇڏين ٿو.”
”هليا، مون کي ٻڌائي. تون اسان بابت ڇا ڄاڻين ٿي؟“
”مون توهان کي ڳالهائيندي ٻڌو آهي. مون توهان کي پنهنجي متعلق پاڻ ۾ ڳالهائيندو ٻڌو آهي پر آءٌ توهان کي ڪنهن ليکي ۾ نٿي آڻيان.“
”پر تون پنهنجو پاڻ کي درگذر ڪري نٿي سگهين. پياري! اهو ئي سبب آهي جو تون پنهنجي سندرتا کي ساراهڻ لاءِ آڌي رات جو آئيني جي اڳيان ڇڪجي اچين ٿي.“
هوءِ هيڊي ٿي ويئي ۽ اُن پل هن بدخواهي مان تسڪين محسوس ڪئي.
”مون پنهنجي ساراهه ڪا نه ٿي ڪئي!“
”شايد تو چنڊ جي ساراهه ٿي ڪئي؟“
”اوه!“ هن وڏو ساهه کنيو ۽ اوڇنگار ڏيئي روئي ڏنو. ميڻ بتي هن جي هٿ مان ڪري پيئي ۽ هن پنهنجو منهن ڍڪي ڇڏيو ۽ درد مان سڏڪا ڀرڻ لڳي. ميڻ بتي وسامي ويئي هئي ۽ اُهي ٻيئي اوندهه ۾ بيٺا رهيا ۽ نوجوان بئڊوئي جي ضمير کي جهٽڪو محسوس ٿيو.
”اوه! نه روءِٰ معصوم ننڍڙي! مهرباني ڪري مون کي معاف ڪري ڇڏ. منهنجو ٿورڙو پيتل هو ۽ مون کي هوش ئي نه رهيو ته آءٌ ڇا ڳالهائي ويٺس“.
هن اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻي هن جو هٿ ڳوليو ۽ پنهنجي چپن جي ويجهو آندو. هوءِ پنهنجي سفيد چولي ۾ ڪَنبي رهي هئي.
”مون کي وڃڻ ڏي“ هن ڪرڪندي زوري پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”نه، پهرين تون چئو ته مون توکي معاف ڪري ڇڏيو آهي“.
پر اُن جي بدران هن سندس هٿ پڪڙي پنهنجي وات جي ويجهو آندو ۽ چڪ هنيو. هن سندس هٿ جي تري کي اهڙو زوردار چڪ هنيو جو هو درد وچان رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ ٻئي هٿ سان اُن کي مهٽي درد جي پيڙا گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. جيئن ئي هوءِ رواني ٿي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳي ته هن سندس چولي جي کڙکڙ جو آواز ٻڌو ۽ هن پنهنجي زخمي هٿ کي وات ۾ وجهي اُن جو رت چوسيو.
هاڻ بي رحم خيال هن جي دماغ ۾ گردش ڪرڻ لڳا. هو سندس ماءُ وٽ ويندو ۽ کيس قائل ڪندو ته هوءِ پنهنجي وحشي ڌي کي گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي يا وري هو سندس ڪمري ۾ ويندو ۽ کيس بستري تان اُٿاري ٿڦڙن جو وسڪارو لاهي ڏيندو! پر ساڳئي وقت هو ساڻس صبح جو ائٽي پولو ۾ وڃڻ جو پڻ سوچي رهيو ۽ ساڻس ساڳي ٻيڙي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ من ئي من ۾ بهانو تراشي رهيو هو.
”اوه! هو هن کان پنهنجو بدلو ضرو وٺندو. هن وئيشيا کي اُن جو حساب ضرور ڏيڻو پوندو. هن کي اُن جو نقصان ضرور پهچڻ گهرجي.“ هن پنهنجي هٿ جي تري مان وهندڙ رت کي چوسيندي بغض ۽ حسد مان سوچيو.
”پر او خدا! ڇا هن جيون اکيون هيون! ۽ جڏهن هن غصو ڪيو ٿي ته ڪيڏي نه خوبصورت لڳي ٿي!“ هن هنجي اُگهاڙن ڪلهن کي ياد ڪيو. اُهي ميڻ بتي جي روشني ۾ سون جيان ٻهڪندڙ ۽ ريشم جيان نرم لڳا ٿي. هن جي اڳيان سندس گستاخ ۽ شوخ ڳچي ڦرڻ لڳي. ويڪري چولي ۾ اُڀريل ۽ چنچل ڇاتي. هن جو انگ انگ من کي موهت ڪندڙ هو. هوءِ ڪيئن سمجهي ويٺي هئي ته هن ۾ آڳ جهڙي تپش نه هئي، هوءِ ڪيئن سمجهي ويٺي هئي ته سندس سونهن رحمتن کان خالي هئي. هن جي سرير ۾ لوڻ جهڙو سواد نه هو.
هن جي دل جي ديول ۾،
ڪهڙي ڪنڊ،
سندرتا کان خالي هئي؟
هن اونداهي ڪمري ۾ زور سان ڳائڻ شروع ڪيو. هن محسوس ڪيو ته هو انتهائي پاڳلانه انداز ۾ هن جي پيار ۾ گرفتار ٿي چڪو هو. هن جي اندر ۾ کيس وري ڏسڻ جي خواهش پيڙا جيان اُڀري. هڪ ڀيرو هن جي هٿن ۽ وارن کي ڇهڻ جي خواهش. هڪ ڀيرو هن جي شوخ آواز ٻڌڻ جي خواهش، هو دري ڏانهن ڊوڙيو ۽ جلدي مان اُن کي کوليو. رات جي حسن هن کي ڦوڪڻي جيان ڌڪيو. اهو مئي جو مهينو هو. اها اونهاري جي موسم هئي ۽ هو نوجوان هو. هڪ ڳڀرو نوجوان ۽ پيار ۾ غلطان. هڪڙي اڻ مئي خوشي هن جي اندر ۾ سمايل هئي. لڙڪ هن جي اکين مان وهي هليا.
پرهو کيس وساري نٿي سگهيو! نه، هو اُن کان بدلو ضرور وٺندو. هن سرڪشي مان سوچيو ۽ پنهنجي زخمي هٿ کي چوسيو. ”پر اها رات ڪهڙي نه عجيب رات هئي! آءٌ ان رات کي وساري نه سگهندس“. هن اونداهي ڪمري ۾ ڊپ مان زور سان ڳالهائيندي سوچيو. هن جي اکين ۾ لڙڪ هئا. هن جا وار درد جي شدت ڪري اُڀا ٿي ويا هئا ۽ هن پنهنجي هٿ جي رت هاڻي تري کي وات ۾ دٻائي رکيو هو.
پر افسوس! دل سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ٿي. دل حيران آهي ۽ مئي جو سمو گذري رهيو آهي. اونهارو ختم ٿيڻ تي آهي. طوفان پڪل ميون جي باغ تي ٽٽي پيو آهي ۽ ميوا سڙڻ لڳا آهن. دل پوڙهي ٿيڻ لڳي آهي جڏهن ته ڪلاڪ، ڏينهن، مهينا ۽ سال هڪ ٻئي مٿان سٿجي ڍير ٿي رهيا آهن. دماغ ۾ هاڻ نه هئڻ برابر جاءِ وڃي بچي آهي. اُن ۾ دز جمع ٿي چڪي آهي ۽ گهڻو منجهي ۽ اُلجهي چڪو آهي ۽ ڪو ريئڙي جي ڄار جيان ڦهلبو وڃي ٿو. ديوارون اونداهي ۾ گهيرجي وڃن ٿيون ۽ ڪري کنڊرن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. يادگيريون ناس ٿي وڃن ٿيون ۽ پوءِ اُهو وقت اچي ٿو، جڏهن بئڊ وئي مونٽيا هڪ مئي جي آڌي رات جو بنا ڪجهه ياد ڪرڻ جي، ۽ نه ئي شعوري طور اُنهن يادن جي پرواهه ڪرڻ جي لڪڻ جو سهارو وٺندو، گهٽي مان ٿيندو گهر ڏي موٽيو. هنجون اکيون ڪافي جهڪيون ٿي چڪيون هيون ۽ هن جي ٽنگن ۾ ست نه رهيو هو، ڇو جو هاڻ هو پوڙهو ٿي چڪو هو. هو سٺ کان مٿي ٽپي چڪو هو. هاڻ هو هڪ ڪمزور پوڙهو هو ۽ هن جو جسم لڙي آيو هو. هن جون مڇون ۽ وار اڇا ٿي ويا هئا. هو سازشي منصوبا جوڙيندڙن جي گڏجاڻي مان واپس گهر موٽي آيو هو. هن جي ذهن ۾ اڃان به هنن جون ڳالهيون ۽ تقريرون گونجي رهيون هيون. پر هن جي وفادار دل اُن مهل جهومي اُٿي، جڏهن هو ڏاڪڻ چڙهي دروازي کان گهر جي مهاڙي جي اونداهي حصي ۾ داخل ٿيو. مئي جي رات کان بنهه بي خبر، جڏهن رستي ۾ هال جي هيٺان هن کي سالا ۾ ڏسڻ جو موقعو مليو ته ڏڪي ويو ۽ بت بنجي بيهه رهيو. هن جو رت ڄمي ويو. هن پنهنجو چهرو آرسي ۾ ڏسي ورتو هو. ميڻ بتي جي روشني ۾ هن کي هڪ چهرو نظر آيو جنهن جون اکيون بند هيون ۽ چپ لڙي آيا هئا. هي ڪنهن جو چهرو هو؟ ۽ هڪ چهرو جيڪو هن گهڻو اڳي اتي ڏٺو هو هن جي دل جي آئيني تي نکري آيو ۽ اُن مهل هن جي ذهن ۾ گم ٿيل يادون واپس ڇوليون مارڻ لڳيون ۽ پاڻ سان اُجاري کڻي آيون اُهي ڪلاڪ، ڏينهن، مهينا ۽ سال، جيڪي هن مستي ۾ گهاريا هئا. ۽ اهو سڀ ڪجهه من ۾ آڻيندي هن هڪ ڀيرو وري پاڻ کي نوجوان محسوس ڪيو. هڪ ڀيرو وري پاڻ کي کل مک ۽ هرڻ جهڙو نوبنو محسوس ڪرڻ لڳو، جيڪو تازو ئي يورپ مان آيو هجي ۽ سڄي رات ڊانس ڪري رهيو هجي ۽ هن جو تمام گهڻو پيتل هجي. هو دروازي وٽ ٿي بيٺو. هن کي اونداهي ۾ هڪ چهرو نظر آيو. هن ررڙ ڪئي. ڇوڪرو جيڪو آئيني جي اڳيان بيٺو هو. (هن کي رات جو لباس پاتل هو) تنهن ڇرڪ ڀري ڏنو ۽ هن جي هٿ مان ميڻ بتي ڪري پيئي. پر پويان نهارڻ کان پوءِ هن اطمينان محسوس ڪيو ۽ کلي ڏنو.
”اوه ڏاڏا! تو ته مون کي ڊيڄاري ڇڏيو!“
ڊون بئدوئي مونٽيا هيڊو ٿي ويو. ”ته اهو تون هوئين نوجوان ڌاڙيل!؟ هي سڀ ڇا آهي؟ ۽ هن ويل تون هتي ڇا ڪري رهيو آهين؟“
”ڏاڏا! ڪجهه به نه. آءٌ اڪيلو هئس ۽ آءٌ اڪيلو ئي آهيان.“
”ها فقط تون ئي اڪيلو اشراف آهين ۽ ڪيئن نه چالاڪي سان تو پنهنجي اشراف هئڻ جو جتايو آهي. پر جي آءٌ هي لٺ توتي ڀڃان ته تون پڪ سان سچي ڪري ڏين ته تون اُن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به آهين.“
”اها اُنهن جي نالائقي هئي ڏاڏا، هنن مون کي ٻڌايو هو ته آءٌ هتي زال کي ڏسي سگهندس.“
”زال؟ ڪنهن جي زال“
”منهنجي اسڪول جي ٻارن مون کي ٻڌايو هو ته آءٌ هن کي اڄ رات جو آرسي ۾ ڏسي سگهندس جي اُن جي اڳيان بيهه چوندس ته:
آرسي او آرسي!
مون کي ٻڌاءِ،
ڪهڙي سندري جو،
ملندو مون کي پيار!
ڊون بئڊوئي اُداسي مان ڀڙڀڙ ڪئي ۽ ڇوڪري کي وارن کان جهلي ڪمري ۾ وٺي ويو. هو ڪرسي تي ٿي ويٺو ۽ ڇوڪري کي هنج ۾ ويهاريو. ”هاڻ تون ميڻ بتي کي پٽ تي رک ۽ پاڻ ان موضوع تي ٿا ڳالهايون. ”ته تون چاهين ٿو ته تنهنجي زال اڳيئي هجي ها ۽ تون اُن کي اڳواٽ ئي ڏسڻ چاهين ٿو ايئن نه؟ توکي خبر آهي ته اها خطرناڪ کيڏ آهي ۽ جيڪي شرارتي ڇوڪرا اها خطرناڪ راند کيڏيندا آهن اُنهن کي سدائين نقصان پوندو آهي؟“
”ها! ڇوڪرن مون کي خبردار ڪندي چيو هو ته مون کي ڏائڻ به نظر اچي سگهي ٿي.“
”بلڪل صحيح، ايڏي خوفناڪ ڏائڻ جو تون اُن کي ڏسي ڊپ کان مري به سگهيئين ٿي. هوءِ توتي جادو ڪري سگهي ٿي توکي اذيتون ڏيئي سگهي ٿي ۽ تنهنجو رت به پي سگهي ٿي!“
”ڏاڏا! هاڻ ڇڏيو به کڻي. هي جديد دور آهي ۽ هن دور ۾ ڏائڻن جو ذڪر ڪجهه عجيب نٿو لڳي؟“.
”او منهنجا نٺر ٻارڙا! ۽ جيڪڏهن آءٌ توکي ٻڌايان ته مون خود ڪڏهن ڏائڻ ڏٺي هئي ته پوءِ؟“
”ڇا توهان؟ ڪٿي!؟“
”بلڪل هن ئي ڪمري ۾ ۽ هن ئي آرسي ۾“ ائين چوندي پوڙهي جي خوش مزاجي واري لهجي ۾ وحشيت ڀربي ويئي.
”ڏاڏا ڪڏهن؟“
ايترو گهڻو اڳي به نه، پر جنهن وقت ۾ آءٌ توکان ٿورڙو وڏو هوس. اُنهن ڏينهن ۾ مون کي ڪو به ڪم ڪار نه هوندو هو ۽ آواره گردي ۾ پنهنجو وقت وڃائيندو هوس. هي اُن رات جي ڳالهه آهي. اُن رات آءٌ پاڻ کي تمام نستو ۽ بيمار محسوس ڪري رهيو هوس ۽ چاهيم ٿي ته ڪٿي ڊهي پوان ۽ مري وڃان. ۽ آئون ان آرسي ۾ ڏسڻ کانسواءِ، جيڪا منهنجي رستي ۾ هئي دروازي مان گذري به نٿي سگهيس. ۽ مون سوچيو ته جڏهن آءٌ مري رهيو هجان ته آرسي ۾ ڪيئن نظر ايندس؟ پر جڏهن مون آرسي ۾ ڏٺو.......“
ڇا اُها ڏائڻ هئي؟
”بيشڪ!“
”۽ ڏاڏا ڇا هن توهان تي جادو ڪري ورتو؟“
”ها هن مون تي جادو ڪري ورتو. مون کي اذيتون ڏنيون، منهنجي دل کائي ورتي ۽ منهنجو رت چُوسي ورتو.“ پوڙهي تلخي مان چيو.
”اوه منهنجا غريب معصوم ڏاڏا! توهان مونکي اهو ڪڏهن به ڇو نه ٻڌايو؟ ۽ ڇا هوءَ خوفناڪ هئي؟“
”خوفناڪ؟ او خدا....نه. هوءِ ڏاڍي خوبصورت هئي. هن جون اکيون لڳ ڀڳ تو جهڙيون هيون پر هن جا وار بلڪل پاڻي جي چشمي جهڙا ڪارا هئا. او منهنجا خدا! هوءَ ڏاڍي پياري ۽ من موهيندڙ هئي، ڪاش مون کي پتو هجي ها ۽ پوءِ مونکي دير سان خبر پيئي ته هوءِ انڌاري ۽ بدنصيب مخلوق هئي.
ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويئي. ”ڏاڏا! هي ڪيڏي نه خوفناڪ آرسي آهي.“ ڇوڪري ڀڻڪيو.
”تون اهو ڪيئن ٿو چئين؟“
”توهان ان ۾ ڏائڻ جو ڏٺي ۽ امان مون کي هڪ ڀيري ٻڌايو ته ڏاڏِي کي ان آرسي ۾ شيطان نظر آيو هو. ڇا ان جي ڊپ کان ڏاڏي مري ويئي هئي؟“
ڊون بئڊوئي ڇرڪي ويو. گهڙي پل لاءِ هو وساري ويٺو ته هوءِ مري چڪي هئي، هوءَ فنا ٿي چڪي هئي. ويچاري اگوڊا_ ۽ نيٺ هن سڪون ماڻيو. نيٺ- هن جي ٽٽل جسم، دنيا جي وحشي حرفت بازي مان ڇوٽڪارو ماڻيو. هن نجات پاتي، مئي جي رات جي ڪوڙڪي مان، اونهاري جي ڄار مان، چنڊ جي خطرناڪ چاندي جي اُڻيل ڄارن مان، هن جا پڇاڙي ۾ وڃي باقي هڏا ۽ اڇا وار بچيا هئا. زبان لڙڪي آئي هئس ۽ اکيون جهڙيون ڪارا ڪوئلا.
.... هاڻي ڪجهه به نه بچيو هو. ڪو به پٿر تي اُڪريل نالو باقي نه رهيو هو. هاڻ قبرستان ۾ ڪو به نشان باقي نه رهيو هو، اُن نوجوان ڇوڪري جو، جيڪا تمام گهڻو اڳي آرسي جي اڳيان هڪ مئي جي آڌي رات جو ٺهي جڙي بيٺي هئي.
۽ اهو ياد ڪري ته هوءِ ڪيئن نه پيڙا مان رني هئي، هوءِ ڪيئن نه سندس هٿ ۾ چڪ هڻي هن کان ڇڏائي ڀڳي هئي ۽ پوءِ هن ڪيئن نه اونداهي ڪمري ۾ زور سان ڳايو هو ۽ هنجي دل کي سندس پيار ۾ گرفتار ٿيڻ تي ڪيڏي نه حيراني ٿي هئي. اهو پيار جو ڇهاءُ محسوس ڪندي درد مان هن جو گلو ۽ اکيون ڀرجي آيون ۽ هن کي ڇوڪري جي اڳيان شرم محسوس ٿيو. هو ڇوڪري کي پوئتي هٽائي اُٿي بيٺو ۽ دري ڏانهن وڌيو. هن دري جا تاڪ کوليا ۽ ٻاهر نهاريو ۽ آواره گهٽين ۾ شمعدان جي ڦڙ ڪندڙ روشني ۾ پاڇولن کي ڏٺو. آخري گاڏي کڙکڙ جو آواز ڪري وڃي رهي هئي. گهٽين ۾ واقع ڪارا ۽ انڌا گهر هش هش ڪري رهيا هئا ۽ اُنهن جي ڇتن جا چونڪا شطرنج جي بورڊ جيان ائين ڏيکائي ڏيئي رهيا هئا جيئن بي رحم آسمان ۾ ڪڪر.جڏهن ته هڪ پوڙهو شيطان شڪار لاءِ ڪنڊ جهليو ويٺو آهي يا ائين چئجي ته قاتل هوا وراڪا کائي گوڙ ۽ شور برپا ڪري رهي آهي. ۽ هاڻ هن مان سمنڊ جي بوءِ اُٿي رهي آهي ۽ هاڻ هن مان اُنهاري جي باغن جي بوءِ اُٿي رهي آهي ۽ پاڻ سان کڻي آئي آهي نه وسارڻ جهڙيون مئي جي تهوار جون يادون- هڪ پوڙهي جون هڪ پوڙهي لاءِ پراڻي پيار جون يادون، پوڙهو دل سوزي مان اُنهن پلن کي سيميٽي رهيو آهي. هو اُداس آهي ۽ درد مان لڙڪ هنجي ڳلن کان هيٺ ڪري رهيا آهن ۽ هوا هن جي وارن کي اُڏاري رهي آهي ۽ هٿ جنهن تي زخم جو نشان آهي هن وات ۾ دٻائي رکيو آهي. جڏهن ته گهٽي مان چوڪيدار جي بوٽن جي کڙکڙ جو آواز اچي رهيو آهي جنهن ۾ هن جي گوڏي سان ٽڪرائيندڙ شمعدان جي سبب پيدا ٿيندڙ آواز ملي وڏي گونج پيدا ڪري رهيو آهي.
”جاڳندا رهو... هوشيار!“
***