ملئي شاديءَ جون مزيدار ڳالهيون
شادي جو ٽائيم نو وڳا هوندو... مهمان بک ۾ پاهه پيا ٿيندا.. پوءِ مس مس صبح جي تيار ڪيل مانيءَ لاءِ رات جو ٻارهين وڳي ڌاري کائڻ لاءِ سڏ ٿيندو ۽ اهو لمحو حيرت انگيز ٿئي ٿو. هڪ نفسا نفسي جو عالم هوندو آهي، پاڪستان ۾ آيل ڌارين لاءِ عبرت جو مقام هوندو آهي... متان ماني کٽي نه وڃي، هرهڪ پنهنجي پليٽ تي گوشت، ڪواب ۽ مٺي جا جبل ٺاهي هٻڇي باندرن وانگر تڪڙو تڪڙو کائڻ شروع ڪندو آهي. هو ڪيترو کائي رهيو آهي، اهو رڪارڊ پنهنجي ٽيبل وارن ۽ چوڌاري ڦرندڙ ميزبان کي نظر اچڻ کان ميسارڻ لاءِ هڏا ۽ هڏيون پنهنجي پليٽ تي ئي رکڻ بدران، اٽڪل سان ٽيبل هيٺ اڇليندو ويندو آهي. گهر پهچي هاضمي جون گوريون کائڻ جي باوجود سڄي رات هانءَ تي بار، ساڙو ۽ ڪن کي ته Food Poisoning ٿي پوندي آهي. ان تڪليف ڪري ۽ دير سان سمهڻ ڪري ٻئي ڏينهن آفيس ۾ دير سان پهچڻ يا غير حاضر رهڻ اسان جي سوسائٽيءَ ۾ هڪ عام ڳالهه ٿي پئي آهي.
اسان وٽ دعوت ۾ هڪ ئي وقت ماني کائڻ ۽ ختم ڪرڻ ۾ اهو به مسئلو آهي جو موٽڻ مهل مهمان انگريزي فلمن ۾ ڏيکاريل رومن ايمپائر جي قيدين وانگر لڳندا آهن، جيڪي جيل جا دروازا ڀڃي نڪرڻ مهل سخت پريشان هوندا آهن. مهمان پنهنجين ڪارن کي ڪڍڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. هو آڌي رات کانپوءِ گهر موٽڻ تي چورن چڪارن جي خوف کان سڄي واٽ ٽينشن ۾ رهن ٿا جو اڪثر شادي تان موٽندڙن جون ڦرون ۽ اغوائون ٿين ٿيون. بدهضمي، ننڊ جي کوٽ، اوجاڳي ۽ رستي جي ڊپ کان علاوه شادي اٽينڊ ڪندڙ ڪيتريون عورتون ٻين جا اوچا ويس وڳا ۽ ڳهه ڳٺا ڏسي ڪي ڏينهن سخت ڊپريشن جو شڪار رهن ٿيون ۽ پنهنجن مڙسن لاءِ آزار پيدا ڪن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ شاديون تعديون بڻجيو وڃن، پر ملائيشيا ۾ معاملو ئي نرالو آهي، جنهن ۾ نه گهوٽ ڪنوار وارن کي تڪليف ۽ نه آيل مهمان کي.
ملائيشيا ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ شادي، سا به وڏي شهر جي، ڪنهن هوٽل يا ڪلب ۾ شام جو ٿئي ٿي نه ته سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي منجهند جو ٿئي ۽ سڀني جي سهوليت لاءِ ڇنڇر يا آچر ڏينهن ٿئي. ملائيشيا ۾ آچر جو ڏينهن موڪل ٿئي. ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو اٺين کان ساڍي ٻارهين تائين آفيسون ٿين. جمعي جي ڏينهن اٺين کان ساڍي ٻارهين تائين ڊيوٽي ٿئي. ان بعد ٻه ڪلاڪ جمعي نماز ۽ منجهند جي ماني جو وقفو ٿئي، ان بعد وري اڍائي کان ساڍي چئين وڳي تائين آفيس ٿئي.
ملائيشيا ۾ شادي جو ٽائيم منجهند ٻارهين کان چئين وڳي تائين آهي. يعني انهن چئن ڪلاڪن اندر مهمان ڪنهن وقت به اچي سگهن ٿا. شامياني ۾ پنڌرهن ويهه کن چورس يا گول ٽيبل لڳايا ويندا آهن، جن تي ٻارهين وڳي کان ماني لڳل هوندي آهي، جيڪو جيڪو مهمان ايندو آهي، اهو اچڻ سان ماني کائي روانو ٿي سگهي ٿو ۽ جي دل چاهيس ته ويهي ٻين مهمانن يا ميزبانن سان خبرچار ڪري سگهي ٿو. مانيءَ ۾ به ڪا شوبازي نه هوندي آهي. جتي ڪٿي ساڳيو مينو سيٽ هوندو آهي ۽ غريب غربي جي ماني ساڳي هوندي آهي. هر ٽيبل تي چئن يا ڇهن ڄڻن لاءِ اوترن پيسز جو ڪڪڙ جو ٻوڙ، ڀت، ڪا ڀاڄي، مڇي يا گانگٽ (جيڪي چوڌاري سمنڊ ۽ درياهه هجڻ ڪري سستا آهن. ڪڪڙيون پڻ هرڪو پنهنجي گهر ۾ پالي)، انناس جو آچار ۽ هڪ ڊش ۾ ميوو هوندو آهي. هرڪو فضيلت سان پنهنجي حصي جي ماني پيٽ ڀري کائيندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ ماني بيحد مزيدار ٿئي ٿي جو ان ۾ هر شيءِ تازي استعمال ٿئي ٿي. ملئي ماڻهن جا کليل ۽ وڏا گهر ٿين، جن جي چوڌاري ميون جا وڻ ٿين ۽ ڪاٺ جي گهرن هيٺان ڪڪڙيون پالين ڪيترن کي ته مڇين ۽ گانگٽن جا تالاب به ٿين. شاديءَ جي ماني ٻاهران ڌارين کان ٺهرائڻ بدران پاڙي اوڙي جون عورتون پچائين. اهو نظارو به ڏسڻ وٽان هوندو آهي. مهمانن جي ويهڻ لاءِ لڳل پنڊال ڀرسان هي عورتون ڀت ۽ ٻوڙ جا ديڳڙا رڌيندي نظر اينديون. سندن مرد هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا ڪڪڙين کي جهلي سير پيا وجهندا يا مڇين جا ڇلر لاهي ڳڀا ڳڀا ڪري عورتن کي ترڻ لاءِ پيا ڏيندا. ٻارهو ئي مينهن ڪري ملائيشيا ۾ ڪڻڪ جي پوک نه ٿئي. ڪن شادين ۾ نوڊلز به رکن جيڪي اسان جي هٿ جي ٺهيل سيوين جهڙيون ٿين، اسان وٽ ماني ڪڻڪ جي اٽي مان ٺاهين پر هتي هر شيءِ چانورن جي اٽي مان هوندي آهي.
ٽيبل تي ماني ختم ٿيڻ تي ڪنوار جون ڀينرون ۽ انهن جون ساهيڙيون انهن ڊشن ۽ پليٽن کي وري ڀري رکن. ماني کائڻ بعد مهمان ڪنواريتن کان موڪلائين. ڪي مهمان گهوٽ جي اچڻ جو انتظار ڪن ۽ انهن سان فوٽو ڪڍرائين. ايندڙ مهمان اچڻ سان يا وڃڻ وقت، شاديءَ جو گفٽ (گهڻو ڪري ٻه يا ٽي رنگٽ يعني پاڪستاني ستر اسي رپيا کن لفافي ۾ وجهي) ڏين. ڪي مهمان پئسن بدران ڪو هلڪو ڦلڪو گفٽ ڏين. پر هن معاملي ۾ شوبازي کان پري رهن. سادي سودي پرلذيذ ماني ڪن ۽ غريب توڙي امير تحفي ۾ ٻه چار ڊالر ڏئي. ان ڪري ملئي شادي نه گهوٽيتن ڪنواريتن لاءِ باربڻجي ٿي ۽ نه مهمانن لاءِ. مانيءَ جو ڪم ۽ مهمانن جو اچڻ جيتوڻيڪ ٻارهين وڳي منجهند کان شروع ٿئي ٿو، پر هر شاديءَ ۾ گهوٽ وارا پوري ٻي وڳي ڪنوار جي گهر پهچن. جيئن اسان وٽ شادي جا ٻه حصا ٿين؛ نڪاح ۽ وليمو، تيئن هتي به ٿئي. هڪ ڏينهن اڳ نڪاح ٿئي، جنهن مذهبي ۽ قانوني حصي کي هتي Akad Nikah عقد نڪاح سڏين، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار شادي جي ڪاغذن تي صحيح ڪن ۽ گهوٽ حق مهر لکندو آهي، جنهن کي هتي Mas Kahwin سڏين، جنهن جي لفظي معنيٰ ”شادي جو سون“ آهي. ڪن هنڌن تي اهو مقرر ٿيل آهي جيئن سنگاپور ۾ اهو 1998ع کان ساڍا 22 سنگاپور ڊالر يعني پاڪستاني 1300 رپيا کن مقرر ٿيل آهي. امير توڙي غريب هر ملئي مسلمان ايترو ”حق مهر“لکرائي. ڪيترا ماڻهو خاص ڪري ڌاريان انهن پئسن کي Dowry يعني ”ڏيج“ سمجهن ٿا. ڏيج ۾ ڇوڪريءَ وارا ڪيترا به پئسا ڏئي سگهن ٿا، جنهن کي ملئي زبان ۾ Hantaran سڏين.
نڪاح جي مذهبي رسم ڪنوار جي گهر ٿئي، پر اڄڪلهه اها مسجد ۾ عام ٿيڻ لڳي آهي. نڪاح تي، ٿورا ماڻهو، گهڻو ڪري پنهنجا مٽ مائٽ يا ڪجهه گهاٽا دوست، گهرائين. نڪاح بعد ڪنوار کي ميندي لڳائي وڃي ٿي. بهرحال وليمي جي رسم ٻئي يا ٽئي ڏينهن ڇنڇر يا آچر تي رکي وڃي ٿي. آچر کان به ڇنڇر بهترين ڏينهن ٿئي ٿو جو ٻارهين وڳي آفيس مان موڪل ٿيڻ تي سڌو شادي واري گهر پهچيو وڃجي. ملائيشيا ۾ هر ڇنڇر تي هرهڪ کي آفيس ۾ باتيڪ (ڇُرَ) واري بشرٽ پائي اچڻو پوي ٿو. ان ڪري ڇنڇر ڏينهن واري شادي ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مهمان باتيڪ (گلن وارن رنگين) قميصن ۾ نظر اچن. هن وليمي واري رسم کي ملئي زبان ۾ محفل برسندنگ (Bersanding) يعني ”گڏ ويهڻ جي مجلس“ سڏين، جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار کي هڪ صوفي تي هڪ ٻئي ڀرسان ويهڻو ۽ رسمون پوريون ڪرڻيون هونديون آهن.
پوري ٻي وڳي گهوٽ پنهنجن مائٽن ۽ دڦ وڄائڻ واري ٽولي سان ڪنوار جي گهر سامهون پهچندو آهي. هن بئنڊ (ٽولي) ۾ اٺن کان 10 ڄڻا ٿين، جيڪي هڪ ئي ڊريس (يونيفارم) ۾ هوندا آهن، هو دڦ (جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ڪومپانگ“ سڏين ٿا) وڄائڻ سان گڏ مولود ۽ قرآن جو آيتون پڙهندا، گهوٽ سان گڏوگڏ اڳتي وڌن. ڪجهه ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گهوٽ جي پاسي کان ڪاغذي گلن جا ڇٽ کڻي هلن ۽ پوءِ ڪنوار جي گهر کان ڏهه ٻارهن قدمن تي پهچي گهوٽ صاحب بيهي رهندو آهي. ملائيشيا ۾ گهڻو ڪري مينهن رهي ٿو، نه ته ٻي صورت ۾ نٽهه اس هوندي آهي. ان ڪري گهوٽ جو هڪ دوست يا مائٽ گهوٽ مٿان ڇٽي کڻي هلي.
ڪنوار جيڪا هڪ بجي تائين مقرر وڳو پائي ۽ ميڪ اپ سان گهوٽ اچڻ جي انتظار ۾ هوندي آهي، گهوٽ جي پهچڻ جي طلاع ملڻ تي پنهنجين ساهيڙين يا ڀينرن سان گڏ گهر کان ٻاهر نڪري چند قدم پري بيٺل گهوٽ سان اچي ملندي آهي. پوءِ ٻئي ڄڻا گهر ۾ داخل ٿين ۽ پنڊال ۾ سينگاريل سيڄ تي رکيل ڪوچ تي اچي ويهن. ساڻن ملڻ ۽ مبارڪباد ڏيڻ وارا پاسي کان رکيل پيالي مان ٿورا ٿورا چانور کڻي هنن مٿان يا هنن جي پيرن وٽ ڇٽڪارين. اهڙي طرح جون ٻيون به ڪجهه رسمون ڪيون وڃن ٿيون، جن جو واسطو مذهب سان نه پر ثقافت ۽ مڪاني رسم رواج سان آهي، جيئن اسان وٽ ڪنوار جي گهر ۾ گهوٽ اچڻ تي کير پيارڻ، جُتي لڪائڻ، ڌاڳي ڇنڻ کان لانئن تائين رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي اسان جي ڪلچر کي Reflect ڪن ٿيون ۽ جن مان ڪيتريون ئي رسمون نه فقط هندن ۽ مسلمانن ۾ ساڳيون آهن، پر باگڙي، ڀيلن ۽ ميگهواڙن ۾ به آهن ۽ انهن مان ڪجهه ته انڊيا جي گجرات ۽ مها راشٽرا صوبن جي به ڪن حصن ۾ آهن. اهڙي طرح هتي ملائيشيا ۾ به ڪجهه رسمون جن جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي، اهي نه فقط مسلمانن ۾ آهن، پر عيسائي، چيني ۽ ٻوڌين ۾ به آهن. جيئن هتي بيضي (Egg) کي ويجهه (Fertility) جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو ۽ شادي تي آيل مهمانن کي وڃڻ وقت گل سان گڏ اوٻاريل بيضو به ڏين يا بيضي کي پني يا پلاسٽڪ جي گلاس ۾ رکي ڏين، جيڪو ”بُنگا تيلور“ سڏجي ٿو. ملئي زبان ۾ Bunga معنيٰ گل ۽ Telur معنيٰ بيضو. گهوٽ سان گڏ جيڪي ڪاغذي گلن جا ڇٽ کنيا وڃن ٿا، اهي بُنگا مانگار سڏجن ٿا.
ملائيشيا ۾ ملڪ جي بادشاهه ۽ رياستن جي سلطانن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي، جيڪي واري وٽي تي سڄي ملڪ جا پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿين ٿا. غريب عوام مان ڪو بادشاهه ٿي نه ٿو سگهي، پر شادي واري ڏينهن گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ڏينهن لاءِ بادشاهه ۽ راڻي تصور ڪيا ويندا آهن ۽ اهي Pengantin (گهوٽ/ ڪنوار) سڏجڻ سان گڏ Raja Sehari (هڪ ڏينهن جا راجا) پڻ سڏيا وڃن ٿا.
ملائيشيا ۾ پيلو (Yellow) رنگ Royal يعني شهنشاهي گهراڻي جو سمجهيو وڃي ٿو. شادي واري ڏينهن گهوٽ ۽ ڪنوار ان اسٽائيل جا وڳا پائين، جيڪي ملڪ جا بادشاهه ۽ سلطان ۽ سندن راڻيون پائين ٿيون. ان ڏينهن تي هو پيلي رنگ جو غاليچو يا پيلي رنگ جي ڪور وارو صوفا، پڙدا يا ان رنگ جي ٻي ڪا اهڙي شيءِ استعمال ڪري پاڻ کي بادشاهه ۽ راڻي سمجهن.
ملائيشيا جي بادشاهه ۽ راڻيءَ جون تصويرون توهان ڏسندائو ته بادشاهه هڪ خاص قسم جي ٽوپي پائي ٿو، جنهن تي ٻارهن ڪنڊن وارو تارو ٿئي. ان کان علاوه پاسي کان هڪ خاص قسم جو خنجر، جنهن کي هتي جا ماڻهو ڪرس (Kris) سڏين، اهو لڳائي ٿو. راڻي مٿي تي هيرن جو تاج ۽ سونا ڳهه پائي ٿي. ملئي گهوٽ ڪنوار به هڪ ڏينهن (ساتو هري يعني Se- hari) لاءِ بادشاهه (Raja) ۽ راڻي(Permaisuri) ٿئي ٿو. ان ڪري گهوٽ ڪنوار به چاهي غريب هجن، ڳوٺاڻا هجن، سرڪاري نوڪري يا پرائيويٽ بزنس بدران مزوري ڪندا هجن، پر شاديءَ واري ڏينهن هو به اصل بادشاهه ۽ راڻي وانگر اوچي ڪپڙي جي پوشاڪ ۽ ٻيون شيون پهري انهن جهڙي Look ڏين ٿا، پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ملئي شادين ۾ به گهوٽ ڪنوار خاص ڪري اسان جي ملڪ جي ڪنوارين وانگر اوچي وڳي تي لک ڏيڍ لک رپيا خرچ ڪندي ته پوءِ ملئي شاديون گهٽ خرچ واريون ڪيئن چئي سگهجن ٿيون؟
ملائيشيا ۾ شادين ۾ گهوٽ ڪنوار اوچو وڳو، بلڪ هڪ ڏينهن ۾ ٻه يا ٽي وڳا ضرور اوڍين ٿا، ڳهه ڳٺا ۽ هيرن جو تاج به پائين ٿا، پر هنن جو ان تي خرچ نه برابر ٿئي ٿو. ملائيشيا جي هر شهر ويندي ڳوٺن ۾ اهڙا دڪان آهن، جن تان گهوٽ ڪنوار لاءِ شادي واري ڏينهن لاءِ مسواڙ تي وڳا ملن ٿا. گهوٽ ۽ ڪنوار پنهنجي پسند تي هڪ، ٻه يا ٽي مئچنگ وڳا مسواڙ تي وٺن. يعني جهڙي ڪپڙي ۽ رنگ جو ڪنوار جو وڳو هوندو اهڙي ئي ڪپڙي ۽ رنگ جو گهوٽ جو وڳو هوندو ۽ اهو اڳواٽ فيصلو ڪري ڇڏيندا آهن ته جنهن وقت گهوٽ ڪنوار جي گهر پهچندو، ان وقت هن کي سائو وڳو هوندو ۽ ڪنوار به ان وقت اهو وڳو اوڍي هن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ ايندي. ان ۾ فوٽو ڪڍرائڻ بعد ڪجهه دير بعد (گهڻو ڪري ماني بعد يا چئين وڳي رخصتي بعد) هو وري ٻئي رنگ ۽ ڪپڙي جو وڳو پائين ۽ ان ۾ پڻ اڪيلو ۽ مهمانن سان فوٽو ڪڍرائين.
اهڙي طرح ڳهه، هيرن وارو تاج ۽ ڪرس پڻ مسواڙ تي ملن. ڳهه ڳٺا سڀ نقلي ٿين ۽ سڄي ملائيشيا ۾ شاديءَ تي اهي پائين. اهو ملڪ جتي شاديءَ تي هرهڪ مسواڙ تي ورتل شيون پائي اتي جيڪڏهن ڪو بيوقوف لکين رپيا کن خرچ ڪري پاڻ ٺهرائيندو ته به هرهڪ اهو ئي سمجهندو ته هن ويهه رنگٽ (پنج سؤ رپيا) مسواڙ تي وڳو ۽ ڳهه آندا آهن. ان ڪري هرڪو چُپڙي ڪري ائين ڪم هلائي ۽ پنهنجو پاڻ کي ۽ ملڪ کي فقير بڻجڻ کان بچائي.
ملائيشيا ۾ نه فقط ملئي مسلمان پر انڊين (تامل، گجراتي، سک وغيره) ۽ چيني (عيسائي، ٻڌ، مسلمان ۽ بي مذهب) پڻ مسواڙ تي شادي جا وڳا وٺن. ڪي ڪي ملئي جوڙا پنهنجي ملئي ڊريس Baju Kurung (باجو ڪرونگ) کان علاوه چيني ڊريس به مسواڙ تي وٺي شادي جي ٻئي ڏينهن ان ۾ فوٽو ڪڍرائين. ملئي ماڻهو هونءَ انڊين يا اسان پاڪستانين جي ڊريس کان پري ڀڄندا آهن، پر گذريل ٻن ڏهن ۾ انڊين فلمن جي هيڪاندو مشهور ٿيڻ تي ۽ سندن آئيڊل امتياب بچن، شاهه رخ خان ۽ ايشوراءِ ٿيڻ تي ڪي ڪي ملئي ڪنواريون مسواڙ جي بنارسي ساڙهي ۽ سٿڻ قميص ۾ به فوٽو ڪڍرائڻ لڳيون آهن. شاهه رخ خان جي هڪ فلم جي ملاڪا ۾ شوٽنگ ٿيڻ ڪري کيس هتي جو هڪ سرڪاري ايوارڊ (Datuk) به ڏنو ويو، جنهن تي ڪجهه عرصي لاءِ Controversy به هلي، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ واري سفرنامي ”هليو آ، هليو آ، ملائيشيا“ ۾ ڪري چڪو آهيان.
گهوٽ ڪنوار کي ماني کارائڻ لاءِ هڪ ڊگهو ٽيبل سجايل هوندو آهي، جنهن تي ٻارهن کن ماڻهو ويهي سگهن. هن ٽيبل تي گهوٽ ۽ ڪنوار کان علاوه هنن جا والدين يا وري ڳوٺ جا اهم ماڻهو ويهاريا ويندا آهن. ملاڪا ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ ڪنهن شاديءَ ۾ آئون ويندو هوس ته مون کي فارينر ۽ پروفيسر جي حيثيت ۾ عزت بخشڻ لاءِ ان ٽيبل تي ويهاريو ويندو هو ۽ آئون به فوٽو ڪڍڻ ۽ ٻين جي فوٽن ۾ اچڻ جي شوق ۾ گهوٽ ڪنوار سان گڏ ماني کائيندو هوس. هن ٽيبل تي ڪنواريتا گهوٽ لاءِ هڪ ٻه وڌيڪ ڊش رکن خاص ڪري ڪيڪ پيسٽري وغيره. ڳوٺن ۾ اها ڳالهه عام هوندي آهي ته گهوٽ جي دل ۾ ڪنوار لاءِ وڌيڪ پيار پيدا ڪرڻ لاءِ ان قسم جا ڊش پڙهيل هوندا آهن، يعني انهن مٿان ٽوڻا ڦوڻا ٿيل هوندا آهن، جيئن گهوٽ کي گهٽ سهڻي ڪنوار به پسند اچي. پر سياڻو ۽ ماءُ جو پڙهايل گهوٽ، اهڙي ڪنهن شيءِ کي هٿ به نه لاهيندو آهي. البت مٺو کائڻ جا مون جهڙا شوقين اهي ملئي Kuih (مٺايون) چٽ ڪن. منهنجا آفيس جا ملئي دوست ٻن ٽن ڏينهن بعد چرچي ۾ پڇندا هئا ته ”اِنچڪ (جناب عاليٰ) توهان تي منتر پڙهيل ڪيڪ يا پيسٽريءَ اثر ته نه ڪيو ۽ اها نڪ مِني ڪنوار پسند ته نه اچڻ لڳي آهي؟“
آئون پنهنجي بهترين موڊ جو مظاهرو ڪري کين ورندي ڏيندو هوس ته ”هرگز نه. مون تي توهان ملئي ماڻهن جا ٽوڻا ڦيڻا هرگز اثر نٿا ڪن، ڇو جو اهي ڪنواريون جن جي ٽيبل تي ويهي ماني نٿو کان، مون کي ته اهي به وڻن ٿيون.“
”تنهنجي معنيٰ ته اسان جون ملئي ڇوڪريون سهڻيون آهن.“ هو پڇندا هئا. جواب ڏيڻ تي هو زور ڀريندا هئا ته آئون کلي چوندو هوس ته ”يارو مون کي توهان جي ملڪ ۾ اڃان ڪجهه سال رهڻو آهي ۽ آئون ڪنهن جي دل آزاري نٿو ڪرڻ چاهيان.“
ان تي هو ٽهڪ ڏيندا هئا خاص ڪري اهو ملئي ڪئپٽن جنهن جي زال هسپانوي آهي ۽ هو منهنجي پاران وڪالت ڪري ٻين کي چوندو هو ”الطاف ڪو پورٽ گوادر کان سڌو هتي نه آيو آهي. هن اسپين، مراڪش، سئيڊن ۽ لبنان جون به ڇوڪريون ڏٺيون آهن.“
بهرحال حق جي ڳالهه ڪبي. مٿيون ڳالهيون سٺ ۽ ستر واري ڏهي تائين جون آهن جڏهن ملئي ڇوڪرين جا چهرا ڪلڪٽر انبن جهڙا غير جاميٽريڪل هئا. اڄ جون ملئي ڇوڪريون پنجاهه سال اڳ جي ڇوڪرين يعني پنهنجين مائرن، نانين کان وڌيڪ سهڻيون، سمارٽ ۽ ذهين ٿي پيون آهن. هنن کاڌي تي ڪنٽرول ڪيو آهي، گهڻو پنڌ ڪن ٿيون ۽ صحت جي اصولن تي عمل ڪن ٿيون. بهرحال کين بهتر ۽ سهڻو بڻائڻ ۾ سندن ڊريس جو به حصو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي ڊريس Baju Kurung ۽ جپاني ڊريس Kimono ۾ هرڪا ڇوڪري سهڻي لڳي ٿي.
پوري چئين وڳي گهوٽ پنهنجي ڪنوار کي وٺي روانو ٿيندو آهي. ٽيبلن تان مانيءَ جا پيالا ۽ پليٽون کنيون وينديون آهن ۽ آخري آيل مهمان به اٿندا آهن. چئين وڳي شام جو شادي جو ڪم ختم ڪرڻ تي اهو فائدو آهي ته سج لهڻ کان اڳ هرڪو گهر پهچيو وڃي ۽ ڏينهن جو ڏينهن ۾ شادي جو ڪم مڪمل ڪرڻ تي اهو به فائدو آهي ته گهوٽ ڪنوار وارن کي مهمانن کي رات ٽڪائڻ جي تڪليف ڪرڻي نٿي پوي. ساڳئي وقت ڪنهن کي اوجاڳو نٿو ڪرڻو پوي. ٻئي ڏينهن هرڪو پنهنجي ڊيوٽي يا ڪم تي وقت تي ۽ تازو توانو پهچيو وڃي.
اڄ کان 20 سال اڳ پنهنجي هڪ ملائيشيا واري سفرنامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته شادين مرادين جون رسمون رواج جيتوڻيڪ سڄي ملائيشيا ۾ ساڳيا آهن، پر ان هوندي به ڪجهه شيون هر رياست ۾ الڳ پڻ آهن. ملائيشيا جي ٻين سڀني رياستن ۾ شام جو چئين وڳي شادي جو ڪم ختم ٿيڻ تي ٻاهران آيل گهوٽ پنهنجي ڪنوار کي پاڻ سان وٺي وڃي ٿو پر ملاڪا (جنهن ۾ آئون ڏهاڪو کن سال رهيس) هڪ اهڙي رياست آهي جتي ڪنوار گهوٽ جي گهر وڃڻ بدران گهوٽ کي ڪنوار جي گهر رهڻو پوي ٿو. ان ڪري ملاڪا جي ڇوڪرن کي ان رسم سان سخت ناپسنديدگي هئي جو ڪهڙي ماءُ يا پيءُ چاهيندو ته شاديءَ بعد هن جو پٽ هنن کان جدا ٿي وڃي. ان ڪري ملاڪا ويندڙ هر ڇوڪري تي مائٽن جي ڪرڙي نظر رهي ٿي ته متان ملاڪا ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ کي دل ڏيئي ويهي ۽ نتيجي ۾ هن سان شادي ڪري هن جو پيارو ٿي وڃي. بهرحال هاڻ ملائيشيا ماڊرن دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ اڄ ملائيشيا جا شهر يورپ جي شهرن جهڙا ٿي پيا آهن ۽ شادي بعد گهوٽ توڙي ڪنوار والدين سان گڏ رهڻ بدران پنهنجو نئون گهر وڃيو مسواڙ تي وٺن يا هفتو کن هني مون ملهائڻ بعد ڪنوار پنهنجي نوڪري تي اپوح ته گهوٽ سريمبان کان وڃيو نڪري. ٻن هفتن بعد يا مهيني بعد هو ڪڏهن ڪنوار جي مائٽن گهر ملاڪا ۾ ته ڪڏهن گهوٽ جي والدين گهر ڪوالالمپور اچيو ٻه راتيون گذارين.
ملائيشيا ۾ شاديءَ جي رسمن جي ڳالهه نڪتي آهي ته هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي ماڻهو هونءَ کڻي فوٽو ڪڍرائڻ جا شوقين هجن يا نه پر شاديءَ جي موقعي تي ملئي توڙي چيني ۽ انڊين گهوٽ ڪنوار ويندي اهي جيڪي سخت مذهبي خيالن جا آهن ۽ فوٽو ڪڍرائڻ گناهه جو ڪم سمجهن ٿا، اهي به پنهنجي شادي جي يادگار طور فوٽو گرافر کان فوٽن جو آلبم ٺهرائين ٿا، جيڪو ڪيترا سال گذرڻ بعد به ڊرائنگ روم ۾ ٿانون جي ڪٻٽ مٿان ڦاٽي ويل گتي جي دٻي ۾ رکيل هوندو آهي ۽ هر آيل نئين مهمان کي ان کي ڏسڻ جي آڇ ڪئي ويندي آهي ۽ اهو ڏسي نئون آيل مهمان يا پراڻو مائٽ اندازو لڳائي سگهي ٿو ته پنجن سالن ۾ چئن ٻارن جي ٿي ويل ماءُ نور آسيه، سيتي فاطمه، نوريشيا يا ٻي اهڙي نالي واري جنهن جا هاڻ حال هيڻا ٿي ويا آهن، شادي جي وقت پي راملي جي فلمن جي هيروئن جهڙي هئي يا گهٽ ۾ گهٽ لڳي ٿي.
ملائيشيا ۾ رهندڙ ٽئي قومون (ملئي، چيني ۽ انڊين) شادي جي آلبم لاءِ جملي ريتن رسمن ۽ هني مون جي موقعي جون تصويرون ڏين ٿا، پر ملئي گهوٽ ڪنوار جون شادي بعد (هني مون واري موقعي) جون مختلف پوزن ۾ ڪڍرايل تصويرون ڏسڻ وٽان هونديون آهن. ڪيترا ته ڏينهن ٻن لاءِ هني مون تي وڃڻ بدران ڪجهه ڪلاڪن لاءِ درياهه جي ڪناري، ڀرواري شهر يا پنهنجي گهر جي بيڊروم ۾ ئي مختلف پوزن ۾ فوٽو ڪڍرائين. انهن فوٽن ۾ هو پنهنجي شوق مطابق عجيب فلمي ۽ غير فلمي اسٽائيل جي پوزن ۾ شادي واري وڳي ۾ فوٽو ڪڍرائين. ڀاڪرن ۾ فوٽو ڪڍرائڻ کان علاوه گهوٽ ڪنوار سائيڪل تي چڙهي، ٻيڙيءَ جي اَند (Gunwale) تي ويهي، ڪنهن تاريخي بلڊنگ اڳيان بيهي، وڻ کي ڀاڪر پائي يا ڊوڙندي ۽ ٻين اسٽائيلن ۾ فوٽو ڪڍرائين. گذريل ويهه سالن جي اٽينڊ ڪيل شادين مان ڪجهه ان قسم جي فوٽن جون ڪاپيون مون وٽ به آهن جن مان ڪجهه لاءِ ٿي سگهي ٿو اخبار يا ڪتاب ۾ ڇپجڻ جي گنجائش نڪري اچي.