ڪجهه ملائيشيا جي سِکن بابت
سِک پنهنجين ڏاڙهين ۽ پٽڪن ڪري جتي ڪٿي نمايان رهن ٿا. ان کان علاوه هو خوش مزاجي، پڪائي ڪري پئسو گڏ ڪري ايندڙ ٽهيءَ کي خوشحال بنائڻ وارا، محنتي، گهڻي ڀاڱي ايماندار ۽ راندين ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا ڪوڏيا مڃيا وڃن ٿا. ملائيشيا جي مشهور ائڪٽريس ۽ اڳوڻي حسن جي راڻي(Beauty Queen) ڪويتا سِڌو، وزيراعظم جو ايڪانامڪ صلاحڪار همت سنگهه، ملڪ جي ماحوليات ۽ ٽيڪنالاجي سڌارڻ جو چيئرمين گرميت سنگهه، ملڪ جو اعليٰ پئماني جو وڪيل ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر ڪرپال سنگهه، خوبصورت ماڊل ۽ مشهور ٽي وي ائنڪر آشا گِل، روڊ سيفٽي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر جنرل داتڪ سريت سنگهه، ملائيشيا سنگاپور اسپورٽس ڪائونسل جو صدر داتو سوهن سنگهه، مشهور ٽي وي ايڊيٽر ۽ جرنلسٽ ڪرم سنگهه جنهن کي ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ ملي چڪا آهن، پوليس اڪيڊمي ڪوالالمپور جو ڪمانڊنٽ داتو امر سنگهه، يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رابندر جيت سنگهه، ريڊيو ملائيشيا جي دلپسند آواز واري جينا ڌاليوال، فٽ بال جو سابق رانديگر هاڻ ڪوچ شيبي (سربگيٽ سنگهه).... ڪجهه مشهور سکن جا نالا آهن، جيڪي ملائيشيا ۾ ڄاوا ۽ ملائيشيا جا شهري آهن، جن بابت اسان هر وقت ٽي وي، ريڊيو ۽ اخبارن ۾ سندن احوال ٻڌندا ۽ پڙهندا رهون ٿا.
هونءَ ته هنن پَٽن (ملائيشيا ۽ انڊونيشيا) ڏي صدين کان هڪ پاسي کان چين کان ٻئي پاسي کان انڊيا، ايران ۽ عربستان کان واپاري ايندا رهيا، جن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مڪاني عورتن سان شادي ڪري ٽِڪي به پيو ٿي نه ته ان وقت جي وهنوار موجب هر واپاري ٻه ٽي مهينا رهي پنهنجو مال کپائي ٻئي مال جي خريداري ڪري وطن وريو ٿي. هنن پٽن تي هي سلسلو ڪيترين ئي صدين کان جاري هو، جڏهن ڪاٺ جا جهاز هئا، جيڪي سڙهن تي هليا ٿي، جڏهن اڃان انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جهڙا نالا ته ڇا پر ’ملايا‘ لفظ به وجود ۾ نه آيو هو ۽ هي ملڪ سندن ٻيٽن جي نالن سان سڏبا هئا، جيئن ته بالي، جاوا، سماترا ۽ ملاڪا سلطنت وغيره. شاهه لطيف به اهي ئي نالا ٻڌا هئا، تڏهن ته پنهنجن بيتن ۾ جاوا، لنڪا، عدن، استنبول جو ذڪر ڪيو اٿس.
اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو هن پاسي (ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور) يا آفريڪا ڏي وڃڻ ۽ ٽڪي پوڻ انگريزن جي ڏينهن ۾ ٿيو، جڏهن انگريزن جو ننڍي کنڊ کان علاوه آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن تي به قبضو ٿيو ۽ انگريزن ڪينيا، يوگنڊا، ملايا (ملائيشيا) هانگ ڪانگ، سنگاپور وغيره ۾ ريل، پوليس، رستا ۽ ٻيون اهڙيون شيون، عمارتون ۽ ادارا ٺاهڻ چاهيا ٿي جيڪي هو ننڍي کنڊ ۾ قائم ڪري چڪا هئا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ننڍي کنڊ جا ماڻهو وڌيڪ ذهين، محنتي، همت وارا ۽ جوابدار هئا. يعني هنن علائقن جي اورانگ ملايو (ملئي ماڻهن) ۽ آفريڪا جي شيدين کان انگريز عقلمند هئا، هنن يڪدم سمجهي ورتو ته ننڍي کنڊ جي ڪهڙي صوبي جو ماڻهو ڪهڙي ڪم لاءِ بهتر آهي. پوءِ هنن پٺاڻن ۽ پنجابين (سکن ۽ هندو مسلمانن) کي فوج ۽ چوڪيداري لاءِ ته گجراتين ۽ سنڌي هندن کي واپار وڙي ۽ دڪان کولڻ لاءِ ته مدراسي تاملن کي ريل جا پٽا وڇائڻ ۽ جنگلن ۾ پوک جو ڪم ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن ۾ گهرايو.
ملائيشيا ۾ سکن، گورکن، پنجابي ۽ پٺاڻن جي آمد 1865 کان شروع ٿي جڏهن برطانيه جي سلطنت ملايا (ملائيشيا) ۾ Armed Forces قائم ڪيو. هنن ان وقت سکن کي به پوليس، مليٽري ۽ گارڊس لاءِ ڀرتي ڪيو. پوءِ هڪڙن کي ملايا مان بدلي ڪري برما يا هانگ ڪانگ رکيو ويو ٿي ته ٻين کي پنجاب مان گهرائي ملايا رکيو ويو ٿي. ڪي ته رٽائرڊ ٿيڻ بعد هانگ ڪانگ يا ملايا ۾ رهي پيا ٿي ته ڪي بارڊر لتاڙي ٿائلينڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ به هليا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ نه هو شناختي ڪارڊ جو چڪر نه پاسپورٽ. ڀاڙو هجڻ سان ماڻهو ڪنهن به ملڪ ۾ وڃي سگهيو ٿي. انگريز سرڪار جي نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هي پرائيويٽ ڪمپنين ۽ پوءِ بئنڪن، هوٽلن ۽ دڪانن تي چوڪيدار يا گارڊ ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. ايتريقدر جو سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو ملائيشيا جي بندرگاهن، پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور) اچڻ ٿيو ته مون کي ڪيترن ئي بئنڪن ۽ هوٽلن جا گارڊ ۽ چوڪيدار سک ۽ خيبر پختونخواهه جا پٺاڻ نظر آيا، جن سادگي جي زندگي گذاري ٿي ۽ سخت پورهئي ۽ ايمانداري ڪري هنن جي مڪاني ماڻهن عزت ڪئي ٿي، جن مان ڪجهه جو احوال پنهنجن شروع وارن سفرنامن ۾ ڏئي چڪو آهيان. ان وقت ڪجهه ڪجهه سکن ۽ پٺاڻن پنهنجي وڏن جو اهو چوڪيداري ڌنڌو ڇڏي ننڍڙا دڪان به کوليا هئا يا سائيڪل تي ڪپڙن، ٿانون يا ٻئي سامان جون هڙون رکي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ نقد، اوڌر يا وياج تي سامان وڪيو ٿي. زماني جي تبديلي کي ڏسي ڪجهه کي اها حسرت ٿِي ٿي ته ڪاش هنن جا ٻار به تعليم حاصل ڪري ڪا سٺي نوڪري حاصل ڪن ۽ پوءِ وقت سان گڏ آئون ڏسندو رهيس ته آهستي آهستي سِکَ، پٺاڻ چوڪيدارن ۽ سپاهين جا ٻار پڙهڻ لڳا. اڄ چاليهه پنجيتاليهه سالن بعد سڄو نقشو بدلجي چڪو آهي. ڪو به سک يا پٺاڻ ڳوليندي به چوڪيدار يا گارڊ نظر نٿو اچي. ملائيشيا جي ٻين قومن وانگر هنن جا ٻار به سؤ سيڪڙو تعليم يافته ٿي ويا آهن. اڄ ڪيترائي سک ۽ پٺاڻ ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، پروفيسر، فوجي اعليٰ آفيسر، وڪيل، بزنس مين ۽ ويندي اسيمبلين جا ميمبر آهن. پنجاب صوبي جا مسلمان پنجابي جيڪي فوج ۾ آيا اهي ان وقت ئي بزنس ۾ هليا ويا ۽ پوءِ نئين دور ۾ تعليم حاصل ڪري اهي به ملڪ جي اهم عهدن تي اچي ويا.
بهرحال هتي پاڻ ملائيشيا جي سِکن جي ڳالهه پيا ڪريون. مسلمانن وانگر سِک به جتي رهن ٿا اتي هو عبادت لاءِ ٽِڪاڻو (گوردوارو) ٺاهين ٿا، پوءِ ڀلي کڻي اٺ گهر هجن. مالمو سئيڊن ۾ هوس ته اتي چئن سکن به هڪ ڪمري جو مندر ٺاهيو، جتي هو عبادت ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ آيا ٿي. پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته سڄي ملائيشيا ۾ 112 سکن جا مندر (گوردوارا) آهن، جن کي ملائيشيا جا سِکَ ”گوردوارا صاحب“ سڏين ٿا. ويندي مشرقي ملائيشيا جي سباح ۽ سراواڪ رياستن ۾ جيڪي سمجهو ته عام دنيا کان ڪٽيل آهن، هرهڪ ۾ پنج پنج ٽِڪاڻا آهن. سڀ کان گهڻا سِکَ پيراق رياست ۾ رهن ٿا، جتي هنن جا 72 مندر (گوردوارا صاحب) آهن. سڀ کان وڏو ۽ آڳاٽو گوردوارو ڪِلانگ شهر وارو آهي... اوڻهين صدي جي آخري وارن سالن ۾ يعني 1875 کان، ڪلانگ واپار وڙي جو وڏو شهر هو، جيڪو بندرگاهه هجڻ ڪري اڄ به مشهور آهي. هي گادي وارو شهر ڪئالالمپور ته پوءِ اڏيو ويو ۽ بعد ۾ انگريز ڪِلانگ کان آفيسون شفٽ ڪري ڪئالالمپور آيا. 1900 ڌاري ڪِلانگ ۾ اٽڪل 50 کن سِک رهيا ٿي، جن مان ڪي انگريز سرڪار وٽ پوليس مين هئا يا چوڪيدار، ڪن کيتي ٻاڙي به ڪئي ٿي ته ڍڳيون به پاليون ٿي. ڪن ڍڳي گاڏيون هلايون ٿي ته ڪي اڳتي هلي انگريزن جي ڪارن جا شوفر (ڊرائيور) ٿيا.
پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جي نه ملئي ماڻهن کي ۽ نه وري چينين ۽ مدراسين کي کير پيئڻ جو شوق آهي. ملائيشيا ۾ رهندڙ پنجابي، پٺاڻن ۽ سکن کي ڳئون جو کير پيئڻ جو شوق آهي. هاڻ مڙئي گذريل ويهارو کن سالن ۾ هتي جي حڪومت ٽي وي ۽ اخبارن ذريعي کير پيئڻ جي فائدن جي مهم هلائي هاڻ عوام کي ان ڳالهه لاءِ آماده ڪيو آهي ته ٻارن توڙي وڏن لاءِ کير پيئڻ ضروري آهي. ايتريقدر جو اَسي واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن آئون هنڌ بسترو کڻي ملاڪا ۾ اچي رهيو هوس ته اسان کي کير حاصل ڪرڻ جو مسئلو هو. انهن ڏينهن ۾ نه مِلڪ پيڪ هئا نه نيڊو يا ڪِلم ڪمپني جو پائوڊر کير. رڳو چانهه لاءِ Condensed مِٺي ۽ گهاٽي کير جا ٽِن مليا ٿي. اسان پاڪستانين کي کير لاءِ ايڏو پريشان ٿيندو ڏسي مڪاني ماڻهو (ملئي ۽ چيني وغيره) حيرت کائيندا هئا. بهرحال اسان هڪ انڊين هاري ڳولي هٿ ڪيو، جنهن وٽ ڍڳيون هيون ۽ هو اسان کي گهر کير پهچائڻ لاءِ راضي ٿي ويو. پوءِ خبر پئي ته جتي جتي سِکَ رهن ٿا اتي آساني سان کير مليو وڃي جو سِکَ ڍڳيون چارڻ جو ڪم وڏي شوق سان ڪن ٿا. بلڪ جيئن ئي ٻار اٺ نَوَ سالن جو ٿيندو ته هن کي ڍڳيون چارڻ لاءِ جهنگ ڏي روانو ڪري ڇڏيندا. اسڪول ويندو هوندو ته به موڪل مهل کيس ان ڪم تي لڳائيندا. ان تي هڪ مشهور ملئي راڳ به آهي ته ڪيئن سِکُ ننڍو آهي ته ڍڳيون چاري ٿو، هو ٿورو ٿورو ڪري پئسو بچائي ٿو ۽ آهستي آهستي وڏو ماڻهو ٿئي ٿو.
سو ڪلانگ ۾ رهندڙ شروعاتي سِکن مان به ڪجهه جو ڪم ڍڳيون پالڻ هو ۽ مزي جي اها ڳالهه ته اڄ به ڪيترا سک اهو ڪم ڪن ٿا. ڪئالالمپور ۾ مسجد انڊيا جي ويجهو ”جئه هند“ نالي مٺائي جي سِکَ مالڪ کان جڏهن 1985ع ۾ مٺائي جو دڪان کوليو ته دڪان ۾ مائو، برفي ۽ کيرپڙن جهڙي مٺائي ڏسي مون هن کان پڇيو ته هن لاءِ هو کير ڪٿان ٿو آڻي.
”سرڪار اسان کي پنهنجا واڙا آهن“ هن ٻڌايو، هي دڪان اڄ به ان جاءِ تي آهي ۽ اسان جا ننڍي کنڊ جا ماڻهو انڊيا ۽ پاڪستان کان مٺائي گهرائڻ بدران ڪئالالمپور جي هن دڪان تان گهرائين ٿا. اڄ ڪلهه ته دڪان جي مالڪ ڀوپندر سنگهه صبح جو نيرن ۾ سيري پوريءَ جو به بندوبست ڪيو آهي ۽ انڊين پاڪستاني ته ڇا هاڻ ته ملئي ماڻهو به پنهنجو ناشتو ”ناسي ليماڪ“ ڇڏي جئه هند جو سيرو اچيو کائين. ڀوپندر کان پڇيم ته ڍڳين جو واڙو ته ڪلانگ ۾ اٿانوَ مٺائي ٺاهڻ جي فيڪٽري ڪٿي اٿانوَ؟
”اها ڀرواري شهر سيپانگ ۾ بندر بارو سالڪ ٽنگي علائقي ۾ آهي.“
اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا شهر ۾ هڪ هنڌ پڙهائي رهيو هوس ته اتي هر هفتي آچر واري موڪل تي ملاڪا يا اوسي پاسي جي شهرن ۾ وڃي ڪنهن اهم ماڻهوءَ سان ملندو هوس ۽ ان بابت پنهنجي ملڪ جي اخبارن ۾ ڪالم لکندو هوس. اهم ماڻهوءَ سان منهنجو مطلب ڪو امير پئسي وارو يا وڏي عهدي وارو نه آهي. سڄو هفتو اخبار پڙهڻ بعد جيڪو خبرن ۾ گهڻو ايندو هو، ان جو انٽرويو يا خبرچار وٺڻ ويندو هوس پوءِ اهو چاهي سياستدان هجي، حڪومت ۾ هجي، اپوزيشن ۾ هجي، اديب هجي يا شاعر، فلم ايڪٽريس هجي يا سنگر، ڊاڪٽر، سرجن، انجنيئر يا ڪو خاص پروفيسر هجي. هڪ دفعو ته اهڙي همراهه سان به ملڻ ويس، جيڪو ماڻهن جا جن ڪڍي ٿو. هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان به مليس، جنهن اورانگ بنيان (جن) سان شادي ڪئي هئي، وغيره اهڙي طرح ملائيشيا جي مشهور ۽ Controversial وڪيل ۽ اسيمبلي جي سِکَ ميمبر ڪرپال سنگهه سان به ملڻ ويس. ڪرپال ملڪ جا اهم ڪيس کڻڻ وارو مڃيو وڃي ٿو. نشي جي شيءِ چرس، هيروئن يا گانجو (Dadah) کڻڻ يا واپرائڻ واري لاءِ جڏهن ڦاهيءَ جو قانون ٺهيو ته پهريان ٻه ماڻهو جيڪي جهليا ويا، اهي ٽوئرسٽ هئا ۽ ملڪ به اهڙي تهڙي جا نه پر آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جا هئا. انهن ملڪن جي حڪومت توڙي برطانيه ۽ فرانس گهڻو ئي زور لڳايو، پر کين ڦاهي ڏني وئي. هيءَ 1987ع جي ڳالهه آهي. ملزمن طرفان ڪرپال سنگهه کي وڪيل ڪيو ويو. وزيراعظم مهاتير جو جڏهن ڊپٽي وزيراعظم انور ابراهيم سان ڦڏو ٿيو ته ان جو ڪيس به هن سِکَ وڪيل کنيو هو.
سياست ۾ اچڻ بعد ڪرپال سنگهه ڪي اهڙا مسئلا کنيا، جن تي ڪو ڳالهائي نٿو سگهي. هن ان ڳالهه تي سخت تنقيد ڪئي ته ملئي بادشاهن ۽ انهن جي اولاد کي ڇو ٿي Immunity ڏني وڃي ۽ جيئن ته ملائيشيا گهڻ قومو ۽ ڌرمو ملڪ آهي، ان ۾ اسلام کي سرڪاري مذهب ڇو ٿو ٺاهيو وڃي. انهن ڳالهين ڪري جتي ملڪ جي ملئي مسلمانن کي غم ۽ غصو ايندو رهيو ٿي اتي ملڪ جا ٻيا ماڻهو چيني، انڊين ۽ ٻڌ وغيره خوش ٿيڻ لڳا، جن لاءِ ڪرپال سنگهه دلپسند شخصيت رهيو آهي. باقي ظاهر آهي اهڙين ڳالهين ڪري مسلمان ته هن کي مارڻ لاءِ آتا هوندا آهن. ايتريقدر جو هڪ دفعي هو ڪورٽ ۾ ڪنهن ڪيس جي وڪالت ڪري رهيو هو ته هڪ ڀوپوءَ (ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ واري ملئي Bomoh حڪيم) جوتا لاهي اچي ورايس. ڪرپال سنگهه مون سان به اڪيلي ۾ ملڻ کان نٽايو پر پوءِ پنهنجي ڪمانڊنٽ کان فون ڪري هن وٽ پهتس ته آئون هڪ ڌارئين ملڪ جو هتي پروفيسر آهيان، جرنلزم ۽ سفرناما لکڻ منهنجي هابي آهي، تڏهن مليو.
ڪرپال سنگهه عمر ۾ مون کان چار سال وڏو آهي ۽ 1940ع ۾ پينانگ ٻيٽ جي جارج ٽائون شهر ۾ ڄائو. سندس پيءُ رام سنگهه 1921ع ۾ امرتسر (انڊيا) کان پينانگ آيو هو، جتي هو رات جو چوڪيداري ڪندو هو ۽ ڏينهن جو ڍڳيون چاريندو هو. ڪرپال پينانگ جي اسڪول سينيٽ زئور مان پڙهيو. هو پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن پيءُ سان گڏ مال چارڻ ويندو هو. پاڻ ٻڌايائين ته هڪ ڏينهن مال چاريندي سندس ملاقات گرمت ڪور نالي ڇوڪريءَ سان ٿي، جنهن سان بعد ۾ شادي رچايائين.
ڪرپال سنگهه LL. B جي ڊگري سنگاپور جي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، جتي تعليم دوران هو شاگردن جي يونين جو صدر به ٿي رهيو. سنگاپور يونيورسٽي ۾ هن انتظاميه جي ڪجهه فيصلن خلاف احتجاج ڪيو، نتيجي ۾ کيس هاسٽل ۾ رهڻ کان انڪار ڪيو ويو. گريجوئيٽ ٿيڻ ۾ ڪرپال کي ست سال لڳي ويا. 1969ع کان هن ڪيداح رياست جي گادي واري شهر ”الور اسٽار“ ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ ٻئي سال ”ميشرس ڪرپال سنگهه اينڊ ڪمپني“ نالي پنهنجو ليگل فرم کوليو ۽ ان ئي سال هن ملائيشيا جي DAP نالي سياسي پارٽي ۾ داخلا ورتي ۽ هر دفعي اليڪشن کٽيندو آيو، پر 1999ع واري اليڪشن ۾ پاڻ ۽ هن جي مخالف ڌر جي ليڊر لِم ڪِٽ سيانگ هارايو. ان بعد 2004ع واري جنرل اليڪشن ۾ ڪرپال وڏي اڪثريت سان کٽي ويو. ان ئي سال جي آخر ۾ هن جي ڪار جو حادثو ٿي پيو. کيس به ڪافي ڌڪ لڳا، جنهن ڪري هلڻ چلڻ کان بس ٿي ويو. هينئر منهنجي ساڻس 25 کن سال بعد ڪوالالمپور ۾ سندس دامن سارا هائيٽس واري گهر ۾ وري ملاقات ٿي ته هو ويل چيئر تي هو. سندس زال گرمت ڪور به هئي، جيڪا کانئس 8 سال ننڍي آهي. سندن شادي 1970ع ۾ ٿي هئي. گرمت به سکڻي آهي، پر هن جا وڏا پنجاب کان لڏي ٿائلينڊ جي شهر ناراٿيوات ۾ اچي رهيا هئا. گرميت ڪور 8 سالن جي هئي ته سندس والدين ٿائلينڊ مان لڏي پينانگ ۾ اچي رهيا هئا. ڪرپال ۽ گرميت ڪور کي پنج ٻار ۽ چار ڏهٽا پوٽا آهن. هنن جو وڏو پٽ جگديپ پينانگ رياست جي اسيمبلي جو ميمبر آهي. ٻيو پٽ گوبند سلينگور رياست جي پارليامينٽ جو نمائندو آهي. هڪ ٻيو پٽ رام ڪرپال ۽ ڌيءَ سنگيت ڪور وڪيل آهن ۽ سندس ليگل فرم ۾ ڪم ڪن ٿا. سڀ ۾ ننڍي پٽ من ڪرپال Actuarial Science ۾ ڊگري حاصل ڪئي آهي.
نموني خاطر مون هن سک جي ڪهاڻي لکي آهي ته هڪ غريب چوڪيدار ۽ ڌنار جا ٻار محنت ۽ تعليم ذريعي اعليٰ مقام تي پهچي ويا. ان ئي قسم جون ڪهاڻيون ٻين سکن جون آهن. مون ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڏٺو آهي، خاص ڪري هتي ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، انگلينڊ، ڪينيا (آفريڪا) وغيره ۾ ته سکن جي هر ايندڙ ٽهي پهرين کان خوش حال ٿيندي وڃي ٿي ۽ جنهن ملڪ ۾ به هو رهن ٿا، ان جي ڌرتي ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪن ٿا. هو خوش مزاجي ۽ قانون جو احترام ڪرڻ ڪري هر ملڪ جي حڪومت هنن جي عزت ڪري ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو حق حلال جو روزگار ڪمائڻ خاطر ڍڳيون چارڻ يا مزور ٿي بار کڻڻ جهڙن پورهين ۾ به عيب نٿا محسوس ڪن. سِکن بابت مشهور راڳ جيڪو ملئي ماڻهن ٺاهيو آهي ۽ هتي جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ مشهور آهي، سندن زندگي جي عڪاسي ڪري ٿو. ان جون ڪجهه سِٽون هن ريت آهن:
Kechik Kechik Lembu Jaga
Sudah Besar Masuk Askar
Satu Senapang Peluru Dua
Kechik........................
(سک) ننڍو آهي ته ڍڳيون چاري ٿو
وڏو ٿي فوج ۾ وڃي ٿو
هڪ رائيفل ٻه گوليون (هن جي زندگي آهي)
ننڍو آهي ته ڍڳيون چاري ٿو.... ننڍو آهي ته ڍڳيون...
اَدا مِسائي تا ادا جنگت اِتو ”ڪُچنگ“
اَدا جنگت تا ادا مِسائي اِتو ”ڪَمبنگ“
اَدا جنگت ادا مِسائي اِتو ”بنگالي سنگهه“
تا ادا جنگت تا ادا مِسائي اتو ”تِيونيا سنگهه“
(هنن جو چوڻ آهي ته)
جنهن کي مڇون آهن پر ڏاڙهي ناهي، اهو ”ٻلو“ آهي.
جنهن کي ڏاڙهي آهي ۽ مُڇون نه آهن اهو ”ٻڪر“ آهي.
جنهن کي ڏاڙهي به آهي، مُڇ به آهي اهو ”ٻاهران آيل سک“ آهي.
جنهن کي ڏاڙهي به نه آهي، مُڇ به نه آهي اهو ”تيونيا سنگهه“ آهي.
ملئي زبان ۾ Ada معنيٰ”آهي“ ۽ Tidak Ada جنهن جو شارٽ فارم ”تا ادا“معنيٰ ”ڪونه آهي“. سک کي پنهنجي ڏاڙهي مڇن تي وڏو ناز رهي ٿو، هن مطابق فقط مڇن وارو ماڻهو ٻلو هوندو آهي ۽ رڳو ڏاڙهي وارو ٻڪر آهي. جنهن کي ٻئي آهن، اهو ٻاهران (پنجاب) کان آيل سک آهي، يعني صحيح معنيٰ ۾ شينهن (سنگهه) آهي. پڙهندڙن ۽ ملائيشيا ۾ ڌارين ملڪن کان ايندڙ ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ ”بنگالي“ معنيٰ غير ملڪي آهي. هنن پَٽن تي صديون اڳ ٻيڙين ذريعي بنگالي ايندا رهيا. ان بعد ڪو به ٻاهران آيو ٿي ته ملئي ماڻهن هن کي بنگالي سمجهيو ٿي. چاهي برمي هجي، مدراسي هجي يا پنجابي، گجراتي، ايتريقدر جو جڏهن پورچو گالي (پهريان يورپي) ملاڪا آيا ته هتي جا ملئي ماڻهو انهن کي به بنگالي سڏڻ لڳا، پر سندن اڇي رنگ ڪري کين ”بنگالي پوتيج“ (سفيد بنگالي) سڏڻ لڳا. هي ائين آهي جيئن اسان وٽ هر گوري ماڻهوءَ کي انگريز سڏيو وڃي ٿو، پوءِ اهو چاهي انگلينڊ جو هجي يا اسڪاٽلينڊ يا آئرلينڊ جو. جرمني ۽ فرانس جو هجي يا ناروي ۽ اسپين جو.
ملائيشيا ۾ رهندڙ سکن بابت هي هڪ ڊگهو ۽ مزاحيه راڳ آهي، جيڪو ڪي سک Enjoy ڪن ٿا ته ڪي شڪايت ڪن ٿا ته هن راڳ ذريعي هنن سان چٿرون ڪيون ويون آهن.
هڪ لفظ تِيونيا جي معنيٰ لکڻ رهجي وئي. اهو لفظ چيني زبان جي گار آهي ۽ اڪثر رنڊي يا بدڪردار کدڙي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. سکن جي خيال ۾ جيڪو مرد ڏاڙهي ۽ مڇ ٻئي ڪٽايو هلي اهو ”تيونيا“ سنگهه آهي، يعني رنڊي يا کدڙو آهي.