جوهور بارو ۽ سنگاپور جو سير
اسان جي پاسي واري ملائيشيا (مغربي ملائيشيا) ٿائلينڊ کان شروع ٿي سنگاپور ٻيٽ تي ختم ٿئي ٿي. هن ملائيشيا ۾ يارهن رياستون آهن. بلڪل اتر ۾ ٿائلينڊ سان گڏ پرلس، ڪيداح، پيراق ۽ ڪيلنتان رياستون آهن. ان بعد ترينگانو، پهانگ، سلينگور اچن ٿيون. وڌيڪ ڏکڻ ۾ هلڻ سان نينگري سيمبيلان ۽ ملاڪا اچن ٿيون. ان بعد آخر ۾ جتي زمين ختم ٿي ٿئي اها جوهور رياست آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان سمنڊ آهي. اوڀر ۾ ”سائوٿ چائنا“ سمنڊ ۽ اولهه ۾ ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) آهي. ڏکڻ ۾ هڪ سوڙهي سمنڊ جي پٽي (Johor Strait) بعد سنگاپور جو ٻيٽ آهي. هي سمنڊ جو وهڪرو سوڙهو هجڻ ڪري سنگاپور ٻيٽ ۽ جوهور رياست جي سرزمين جي وچ ۾ تمام ٿورو فاصلو آهي ۽ ٻنهي کي ڳنڍڻ لاءِ هڪ ڪازوي (Causeway) ۽ هڪ پل ٺهيل آهي.
ملائيشيا جون ڪجهه رياستون عربي نالن سان به سڏجن ٿيون، جيئن ته سلينگور ”دارالاحسان“ سڏجي ٿي. پهانگ ”دارالمعمور“ سڏجي، اهڙي طرح ’جوهور‘ رياست ”دارالتعظيم“ سڏجي ٿي. هن رياست تي جوهور نالو ڪيئن پيو؟ ڪي چون ٿا ته اهو عربي لفظ جوهر (Jewel) تان پيو. ڇو جو واپار وڙي جي سلسلي ۾ هتي آڳاٽي زماني کان عربن جو اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. ڪيترائي عرب ’جوهور‘ ۽ درياهه جي هن پاسي سنگاپور ۾ رهي به پيا. عربن جو نه فقط ملئي زبان تي پر ملئي ڪلچر، ادب، ميوزڪ تي به ڪافي اثر آهي. ايتريقدر جو جوهور ۾ ڪجهه علائقا اهڙا به آهن جن ۾ عربن جي گهڻائي هئي، جن جا نج عربي نالا آهن، جيئن ته وادي حنا، وادي حسن وغيره. هنن هنڌن تي ڏکڻ يمن جي حاضرالموت علائقي جا عرب رهندا اچن.
ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته جوهور هڪ خاص ٻوٽي جو نالو آهي، جنهن تان هن رياست تي نالو پيو. هونءَ به ملئي شهرن، ڳوٺن ۽ مختلف علائقن جا نالا قدرتي شين وڻن، ٻوٽن، مڇين، گانگٽن ۽ گلن گاهن تان گهڻا آهن. جيئن ملاڪا نالو به ملاڪا نالي وڻ تان پيو، جنهن وڻ هيٺان هڪ پرديسي راجا اچي آرام ڪيو هو.
ملائيشيا جي تاريخ بابت لکي چڪو آهيان ته فقط 200 کن سال اڳ ملائيشيا يا ملايا جهڙي ڪابه شيءِ نه هئي. 600 سال کن اڳ ته ملاڪا به نه هو. اڄ وارو سڄو ملائيشيا گهاٽو جنگل هو. جتي جتي نديءَ ڇوڙ ڪيو ٿي سمنڊ جي ان حصي واري ڪناري تي ڪجهه ڪجهه آباديون هيون، جن جو گذر سفر سمنڊ جي مڇيءَ تي ٿيو ٿي يا ڪاٺ جي ٻيڙين رستي ندي ذريعي ڪجهه اندر گهاٽن جنگلن ۾ هليا ويا ٿي. 1400 ڌاري جاوا سماترا پاسي کان ڀڄي آيل پرميشور نالي هندو راجا ملاڪا ۾ اچي پناهه ورتي ۽ پنهنجي سلطنت ”ملاڪا سلطنت“ جو پايو وڌو. بعد ۾ هو مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو. 1414 ۾ وفات بعد سندس پٽ هن سلطنت جو والي وارث ٿيو ۽ ائين هي سلسلو هلندو رهيو. محمد شاهه، ابو شاهد، مظفر شاهه ۽ ان بعد منصور شاهه سلطان ٿيو. 1477 ۾ منصور شاهه جي وفات بعد سندس پٽ علاؤدين ريائت شاهه سلطان ٿيو. 1488 ۾ هن جي وفات بعد سندس وڏو پٽ محمود شاهه تخت تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ پورچوگالين ملاڪا تي حملو ڪيو ۽ سن 1511 ۾ ملاڪا يورپين (پورچوگالين) حوالي ٿي ويو. ان بعد سلطان محمود شاهه جي هڪ پٽ ”علاؤدين ريائت دوم“ ڏکڻ ۾ اچي جوهور رياست وسائي، جتان هن پورچوگالين سان مهاڏو اٽڪائي رکيو ۽ ٻئي پٽ مظفر شاهه دوم اتر ڏي پيراق رياست ۾ وڃي حڪومت قائم ڪئي. جوهور وارن پورچو گالين سان لڳاتار جنگ جوٽي رکي. آخر 1641 ۾ ڊچن سان گڏجي پورچوگالين کي ملاڪا مان تڙي ڪڍيو. ڊچن جو 1641 کان 1824 تائين ملاڪا تي قبضو رهيو، ان بعد انگريز آيا. ڊچن ۽ انگريزن جي ڏينهن ۾ جوهور رياست ڪافي ترقي ڪئي ۽ سياسي ۽ معاشي طاقت پڻ حاصل ڪئي. ويهين صدي جي شروع ۾ ته جوهور رياست رٻڙ ۽ پام آئل ڪري سڄي ملايا ۾ امير رياست ليکجڻ لڳي.
ٻي وڏي لڙائي ۾ باقي ملايا وانگر جوهور رياست به جپانين جي قبضي ۾ اچي وئي. لڙائي بعد انگريز وري موٽي آيا. هي اهو دور هو جنهن ۾ ملئي ماڻهن انگريزن جي کلي طرح مخالفت ڪئي ۽ جوهور جي هڪ رهاڪو داتو عون جعفر جي اڳواڻي ۾ يونائيٽيڊ ملئي نيشنل آرگنائيزيشن (UMNO) نالي هڪ سياسي پارٽي 11 مئي 1946 تي ٺهي. 1948 ۾ جوهور رياست ”فيڊريشن آف ملايا“ ۾ داخل ٿي ۽ 1957 ۾ انگريزن کان خودمختياري حاصل ڪئي.
جوهور رياست ملائيشيا جي تيرهن رياستن (11 مغربي ملائيشيا جون ۽ ٻه صباح ۽ سراواڪ مشرقي ملائيشيا وارن مان) پکيڙ ۾ پنجون نمبر وڏي رياست آهي ۽ آدمشماري ۾ ٽيون نمبر آهي. جوهور رياست جي پکيڙ 19200 چورس ڪلوميٽر آهي، يعني نوابشاهه، مٽياري، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعي کي ملائڻ جيتري ٿيندي. جوهور رياست جي آدم شماري 33 لک آهي. يعني لاڙڪاڻي ضلعي کان ڪجهه وڌيڪ ٿي جو لاڙڪاڻي جي 27 لک آهي.
اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ هوس ته انهن ڏينهن ۾ جوهور رياست جو سلطان الحاج سڪندر هو، جيڪو 1991ع ۾ جڏهن ملائيشيا مان موٽيس پئي ته سڄي ملڪ جو بادشاهه ٿيو هو. ملائيشيا جو بادشاهه هميشه لاءِ هڪڙو ٿيڻ بدران هر رياست جو سلطان واري وٽي تي پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿئي ٿو. ان بعد هو پنهنجي رياست ڏي موٽي وڃي ٿو ۽ پنهنجي رياست جو سلطان ٿي رهي ٿو. سلطان اسڪندر الحاج (ملئي ماڻهو حاجي يا الحاج جو خطاب گهڻو ڪري نالي جي آخر ۾ لکن ٿا) جي 23 جنوري 2010ع تي وفات بعد سندس پٽ تنڪو ابراهيم اسماعيل ابنِ المرحوم سلطان اسڪندر جوهور رياست جو سلطان ٿيو آهي.
جوهور پهرين رياست هئي ۽ اڄڪلهه واحد رياست آهي، جنهن کي پنهنجي فوج آهي. اها هتي جي سلطان جي ذاتي فوج آهي ۽ جوهور بارو شهر ۾ رهي ٿي. رياست جي حڪومت State Government جو سربراهه چيف منسٽر آهي، جيڪو ملئي زبان ۾ ”مينتري بيسار“ سڏجي ٿو. اڄڪلهه جوهور جو وزيراعليٰ داتو عبدالغني عثمان آهي، جيڪو پهرين سرڪاري ڪامورو (Civil Servant) هو. وزيراعليٰ جي مدد لاءِ ڏهه رڪني ايگزيڪيوٽو ڪائونسل آهي. هن ڪائونسل (EXCO) جا ميمبر صوبائي اسيمبلي جا ميمبر چونڊين ٿا. صوبائي اسيمبلي جا ميمبر رياست جا شهري چونڊين ٿا. هيءَ چونڊ (اليڪشن) هر پنجن سالن بعد ٿئي ٿي.
جوهور رياست ڏهن ضلعن ۾ ورهايل آهي: جوهر بارو، باتو پهات، موئر، ڪلوئنگ، ڪوٽا ٽنگي، سيگامت، پونٽيان، مرسينگ، ڪلائي جايا ۽ ليڊانگ. هر ضلعو ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه کان مشهور آهي. جوهور رياست ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا آهن ان کان علاوهه ٽي اهم يونيورسٽيون آهن، جن ۾ مڪاني شاگردن کان علاوه ڌارين ملڪن جا شاگرد پڻ اعليٰ تعليم لاءِ اچن ٿا. هڪ يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ملائيشيا (UTM) سڪڊائي شهر ۾ آهي، ٻي ”يونيورسٽي تُن حسين عان ملائيشيا“ (UTHM) باتو پهات ۾ آهي. انهن کان علاوه يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا (UITM) سيگامت ۾ آهي، جنهن جو سٽي ڪئمپس جوهور بارو شهر ۾ پڻ آهي.
جوهور رياست جو بين الاقوامي هوائي اڏو ”سلطان اسماعيل ايئرپورٽ“ جوهور بارو شهر کان 30 ڪلو ميٽر پري سينائي (Senai) شهر جي ويجهو آهي. ڌاريان ٽوئرسٽ ڪوالالمپور ۽ پينانگ ئي اچن ٿا. جوهور بارو گهمڻ جا شوقين سنگاپور جي هوائي اڏي تي لهي پوءِ باءِ روڊ اڌ ڪلاڪ اندر جوهور بارو پهچيو وڃن. باقي ملائيشيا ايئرلائين (MAS) ۽ ايئر ايشيا جا جهاز ڪافي لهن ٿا جي ملائيشيا جي مختلف شهرن کان جوهور بارو پهچائين ٿا. ايئر ايشيا هوائي ڪمپني هن پاسي تمام مشهور آهي، جنهن جو ڀاڙو بنهه گهٽ آهي.
سڄي ملائيشيا ۾ ته ڪيترائي بندرگاهه آهن، پر رڳو هن رياست جوهور ۾ ٽي بندرگاهه آهن، جن مان Pasir Gudang وارو پراڻو ۽ وڏو آهي، جتي جهازن جي مرمت لاءِ شپ يارڊ ۽ ٻيون به سهولتون آهن. ڀر ۾ سنگاپور جو بندرگاهه هجڻ ڪري اسان اهو ئي سوچيندا هئاسين ته ان جي مقابلي ۾ ڪير جوهور بارو ۾ جهاز جي مرمت ڪرائيندو پر دنيا ڏٺو ته ملائيشيا وارا سنگاپور وارن سان مقابلو ڪندا آيا. سنگاپور وارن جي ٿوري عرصي ۾ رپيئر ڪري جهازن کي جلد فارغ ٿي ڪيو ته جوهور وارن تمام گهٽ اگهن جي آڇ ٿي ڪئي. نتيجي ۾ جڏهن اسان کي جلدي نه هوندي هئي ته مرمت لاءِ جهاز کي جوهور ڪاهي ايندا هئاسين. اسان جهاز هلائڻ وارن کي جي سنگاپور گهمڻو هوندو هو ته بس جي ٻه رنگٽ ٽڪيٽ ڏئي جوهور بارو کان هليا ويندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جو ڊالر اسان جي چار روپين برابر هو. بهرحال هاڻ ته جهاز جي Repair ۾ ملئي ماڻهو به اهڙا ماهر ٿي ويا آهن جو جوهور جي شپ يارڊ ۾ جهاز جي مرمت يا ڊرائي ڊاڪنگ لاءِ مهينو مهينو اڳ ائڊوانس Booking ڪرڻي پوي ٿي.
ملائيشيا جي جوهور رياست بهترين سامونڊي Beaches ۽ نيشنل پارڪن کان به مشهور آهي. جوهور ۾ پنج وڏا پارڪ آهن، جن جي جملي پکيڙ 700 چورس ڪلو ميٽر آهي، ان کان علاوه هتي جي حڪومت ڌارين ٽوئرسٽن جي دلچسپي لاءِ ڪيترائي جهنگل جا حصا گهمڻ لائق ٺاهي ڇڏيا آهن، جن ۾ ڀانت ڀانت جا وڻ ٽڻ، گاهه، ٻوٽا، پکي، پوپٽ ۽ جيت جڻيا نظر اچن ٿا.
جوهور رياست جي گادي جي شهر جو نالو ”جوهور بارو“ آهي، جيڪو جوهور رياست جي بلڪل ڏاکڻي پوڇڙ تي آهي، جتي سمنڊ جي پٽي آهي، جنهن بعد سنگاپور جو ٻيٽ شروع ٿئي ٿو. ان جو مثال بلڪل ائين آهي جيئن اسان وٽ منهوڙي ٻيٽ ۽ ڪياماڙي جو آهي. سنڌ صوبو سمجهو ته ملائيشيا جي رياست جوهور وانگر آهي. ٻئي ملڪ جا ڏاکڻا حصا آهن، جنهن بعد سمنڊ آهي. جوهور بارو شهر ائين آهي جيئن ڪراچي جو شهر ۽ منهوڙو ائين آهي جيئن سنگاپور ٻيٽ. بلڪ منهوڙو وري به ڪياماڙيءَ کان ڪافي پري آهي، سنگاپور جوهور بارو جي ايڏي ويجهو آهي جو ٽرين، ڪار، بس ۽ پيدل اچڻ لاءِ انگريزن 1923 ۾ هڪ پل (ڪاز وي) ٺهرائي ۽ ٻي پل هاڻ 1998 ۾ ٺاهي وئي.
جوهور بارو شهر به پينانگ، ڪوالالمپور يا سنگاپور وانگر پراڻو ناهي. هن جو بنياد 1855 ۾ تن ڏينهن جي حاڪمن رکيو ۽ ان وقت ان جو نالو تنجنگ پُتري (Tanjung Putri) هو، جيڪو ٻڍاپور جهڙو هڪ ننڍڙو مهاڻن جو ڳوٺ (Fishing Village) هو. ملئي زبان ۾ پُتري شهزاديءَ کي ٿا سڏين ۽ تنجنگ معنيٰ راس (Cape) جيئن ڪيپ آف گڊ هوپ آفريڪا کنڊ جي ڏکڻ ۾ آهي. ملائيشيا ۾ جاگرافيائي طور ان قسم جا ڪيترائي هنڌ آهن، جتي ڌرتي جو حصو ٻاهر نڪتل آهي، جنهن جي چوڌاري سمنڊ آهي. مثال طور تنجنگ بِدارا، تنجنگ ڪِلنگ، تنجنگ سيپات، تنجنگ گيموڪ وغيره. بهرحال جوهور بارو شهر کي اڄ به ڪيترا ملئي پيار مان سندس پراڻي نالي (تنجنگ پُتري) سان سڏين ٿا، جيئن اسان وٽ لاڙڪاڻي کي چانڊڪا ۽ ڪراچي کي ڪولاچي سڏين ٿا. تنجنگ پتري تي هڪ آڳاٽو راڳ به آهي، جنهن جو جوهور رياست ۾ قومي تراني جهڙو درجو آهي ۽ سڀ ائين خوشي ۽ پيار مان ڳائين ٿا، جيئن اسان وٽ تاجل بيوس جو گيت: سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان....آهي.
Tambak Johor Tanjung Puteri
Selat Tebrau airnya biru
Di Pantai Lido tepian mandi
Sepanjang masa di hari minggu
Atas bukit Tanjung Puteri
Taman hiburan indah berseri
Pemandangan menawan hati
Jalan tambak hubungan negeri
Tanjung Sekijang nun di kuala
Tempat nelayan mengail gelama
Istana Hinggap di Kuala Danga
Pantai berkelah keluarga diRaja
Dari Tebrau orang berakit
Singgah Stulang membeli kopi
Pusara Si Bongkok di lereng bukit
Di tepi pantai Tanjung Puteri
جوهور رياست سنگاپور جي ويجهو هجڻ ڪري اها ٽوئرزم مان تمام گهڻو ڪمائي ٿي. هونءَ ته سندس ڪمائي رٻڙ، پام آئل ۽ انڊسٽري ڪارخانن مان به آهي، پر سنگاپور ويجهو هجڻ ڪري نه رڳو سنگاپور ايندڙ ٽوئرسٽ ملائيشيا جي شهر جوهور بارو ۾ هليا اچن ٿا، پر خود سنگاپور جا شهري به موڪل وارن ڏينهن تي سنگاپور جي گوڙ گهمسان واري زندگي کان ڀڄي هيڏانهن سڪون لاءِ اچن ٿا. ان کان علاوه هو جوهور بارو مان ڀاڄيون، ميوا ويندي پنهنجي ڪار لاءِ پيٽرول هتان خريد ڪن ٿا جو سنگاپور ۾ هر شيءِ مهانگي آهي ۽ هنن جو ملائيشيا ۾ چڪر هڻڻ سان ٻنهي جو فائدو ٿيو وڃي.
جوهور بارو ۽ سنگاپور ۾ جيڪا پل آهي (جيڪا Cause way سڏجي ٿي) اها 1056 ميٽر آهي. يعني هڪ ڪلو ميٽر جو به ڏهون حصو ڊگهي ٿي. هن جي مٿان ريل جا به پٽا آهن، جن تان ريل گاڏي سنگاپور کان جوهور بارو اچي ٿي ۽ اڳيان ڪوالالمپور، اپوح ۽ پينانگ کان ٿيندي ٿائلينڊ جي شهر بئنڪاڪ وڃيو دنگ ڪري. بسين ۽ ڪارن لاءِ الڳ رستا آهن ته پيدل هلڻ وارن لاءِ الڳ آهن. ان کان علاوه هن ڪازوي مٿان پاڻيءَ جو ٿلهو پائيپ به گذري ٿو، جنهن ذريعي ملائيشيا کان سنگاپور پاڻي موڪليو وڃي ٿو. ياد رهي ته سنگاپور کي پنهنجو پاڻي ناهي، هو ملائيشيا کان خريد ڪري ٿو. هڪ اندازي مطابق هن ڪازوي تان روزانو 60 هزار ڪارون گذرن ٿيون، جن جو تعداد موڪل وارن ڏينهن تي 80 هزار کان وڌيڪ ٿيو وڃي.
سنگاپور ۽ جوهور کي جنهن ٻي پل سان ڳنڍيو ويو آهي اها پل ”ملائيشيا سنگاپور سيڪنڊ لنڪ“ سڏجي ٿي. توهان ڪنهن به پل ذريعي سنگاپور اچي وڃي سگهو ٿا، پر اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هتي هڪ چتاءُ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. جنهن زماني ۾ آئون هن علائقي ۾ 10 سال کن جهاز هلائيندو رهيس ۽ اهڙا 10 سال نوڪري ڪندو رهيس، ان دوران اسان پاڪستاني ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ بنا ويزا جي وڃي سگهياسين ٿي. ويندي ٿائلينڊ ۾ وڃڻ لاءِ به ويزا نه هوندي هئي.
ان ڪري اسان بس، ٽئڪسي يا پنهنجي ڪار ذريعي ملائيشيا کان سنگاپور يا ٿائلينڊ پئي آيا وياسين. 1990 کانپوءِ پهرين ٿائلينڊ پوءِ سنگاپور ۽ پوءِ ملائيشيا ۾ اسان لاءِ ويزا وٺڻ ضروري ٿي پيئي آهي. ان ڪري توهان کي ملائيشيا بعد سنگاپور گهمڻ جو به شوق آهي ته پاڪستان مان ئي انهن ملڪن جي ويزا وٺي وڃو. ٻي ڳالهه ته توهان جي ملائيشيا بعد سنگاپور وڃڻ ٿا چاهيو ته پوءِ توهان جي وطن واپسي جي اڏام به اتان هجڻ کپي. پر جي توهان جي واپسي ملائيشيا کان ٿي رهي آهي ته توهان جي پاسپورٽ تي ملائيشيا جي ڊبل، يعني Multiple ويزا هجڻ کپي. ڇو جو سنگل ويزا جي صورت ۾ توهان ملائيشيا کان سنگاپور ته پهچي ويندائو پر سنگاپور کان ملائيشيا موٽي نه سگهندائو.
سخت افسوس جي ڳالهه آهي ته اميگريشن جي اهڙن چيڪ پوسٽن تي اسان جا ڪيترا ماڻهو پريشان حال نظر اچن ٿا ۽ هنن جو داد فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪو به نه هوندو آهي. ان ڪري وطن ڇڏڻ مهل هڪ مسافر کي انهن ڳالهين جو خيال رکڻ کپي.