الطاف شيخ ڪارنر

مون کي موهيو ملائيشيا

الطاف شيخ جو هي سفرنامون مون کي موهيو ملائيشيا سندس نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر وڃي يادو تازا ڪرڻ اُتي جي ڪنهن نه حوالي سان منفرد يا بهتر شين جي ذڪر جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3746
  • 726
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مون کي موهيو ملائيشيا

ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر

گذريل مضمون ۾ ماما، جيڪو لفظ ملئي زبان ۾ Mamak لکيو وڃي ٿو جيئن ’جامع‘ ملئي زبان ۾ Jamak لکيو وڃي ٿو، جي ڳالهه نڪتي هئي. هتي ان قوم بابت ڪجهه سٽون لکڻ، پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿيندو.
ملائيشيا پاسي تامل مسلمان جيڪو چانهه پاڻي جو هٽڙو يا ريسٽورنٽ هلائي ٿو اهو ’ماما‘ سڏجي ٿو. هي ائين آهي جيئن اسان پٺاڻ دڪاندار کي ’لالا‘ سڏيون ٿا. هونءَ ته اسان وانگر ملئي ڪلچر ۾ هر وڏي مرد توڙي عورت کي، پوءِ اهو ڀلي کڻي پنهنجو هجي يا ڌاريون ماما يا ماسي (ملئي زبان ۾ ماچي) سڏيون ٿا. پر اڄ ڪلهه انهن کي اسان مسٽر فلاڻو يا مئڊم فلاڻي چئي مخاطب ٿيون ٿا يا سر، جناب چئون ٿا. تيئن هتي ملائيشيا ۾ به انچڪ (مسٽر)، تُئان (هيڪاندي پوڙهي مرد لاءِ جناب) يا پُئان (محترما، مسز) جي خطاب سان سڏيو وڃي ٿو. پر ملائيشيا ۾ سالن کان رهندڙ هي سائوٿ انڊين دڪاندار اڄ به ماما سڏجن ٿا- اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن ته ماضيءَ ۾ انڊين جو سماجي ۽ معاشي درجو هيٺانهون رهيو آهي ۽ هنن جي اڪثريت پورهيت ٿي ڪم ڪيو ۽ غربت جي زندگي گذاري ان ڪري هنن کي مڪاني ماڻهو هيٺاهون سمجهن ٿا ۽ اڄ جڏهن انهن انڊين پورهيتن ۽ لئبر ڪلاس ماڻهن جو اولاد پڙهي ڳڙهي ملڪ جي مختلف ادارن ۾ وڏن عهدن تي پهچي ويو آهي ته اها ڳالهه به ملائيشيا جي ملئي مسلمانن توڙي چينين کي نٿي وڻي ۽ هنن کي چڙ ٿي وٺي ته هي انڊيا کان آيل ڪالهه جا نوڪر، چوڪيدار، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور، هاري (Boned Labour) اڄ وڏا سرجن، پروفيسر، سائنسدان، پوليس آفيسر ۽ اعليٰ فوجي عملدار ٿي ويا آهن ۽ جتي تامل دڪاندار کي پيار سان ماما سڏيو وڃي ٿو اتي انهن کي ماما (Mamek) سڏڻ ۾ نفرت ۽ حقارت جو اظهار پڻ ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ پاڪستان ۾ ڪنهن کي بنگالي سڏڻ سان نفرت جو اظهار ڪيو ويو ٿي جيتوڻيڪ ان دور ۾ انڊيا جي بنگال صوبي جي رهاڪوءَ کي بنگالي سڏڻ سان هن کي ڪاوڙ نٿي لڳي ڇو جو هن کي خبر هئي ته اتي جا ماڻهو بنگالين کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. انڊيا ۾ اتي جي بنگالين کي رابندر ناٿ ٽئگور جي قوم جو ماڻهو يعني شاعر، اديب، ڪلاڪار، امن پسند سمجهيو وڃي ٿي. پر اسان جي ماڻهن پنهنجي بنگال صوبي (مشرقي پاڪستان) جي رهاڪو کي بنگالي سڏڻ ۾ نفرت جو اظهار ڪيو ٿي. اسان جي ماڻهن جو بنگالي سڏڻ مان ”بهوڪي بنگالي“ جو مقصد ظاهر ٿيو ٿي.
مٿين ڳالهه لاءِ، يعني تامل مسلمان دڪاندار کي ماما سڏڻ جي احساس جو مثال اسان وٽ پٺاڻن کي لالا سڏڻ کان علاوه شيدين کي ڏاڏا سڏڻ پڻ آهي. اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ زئنزيبار کان آيل شيدين جي اولاد کي سندن وفاداري، خدمت چاڪري، کلمک طبيعت، چرچن ڀوڳن ۽ پهلواني ڪري سنڌ جا ماڻهو کين پيار مان ڏاڏا سڏين ٿا پر ڪي ڪي ماڻهو ان کي derogatory رمارڪ طور پڻ استعمال ڪن ٿا.
هڪ ڳالهه آهي ته هيءَ ’ماما‘ به عجيب قوم آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جي ترقيءَ ۾ هنن دڪاندارن جو به وڏو Contribution آهي. هاڻ ته جتي ڪٿي ڊپارٽمينٽل اسٽور، هوٽلون، دڪان ٿي پيا آهن ۽ روڊن جي نيٽ ورڪ ۽ سواري جي سهوليت ڪري ويندي ڏورانهن ۽ جهنگلن اندر ڳوٺن مان ماڻهو منٽن ۾ شهرن ۾ پهچيو وڃن نه ته ڳوٺاڻن توڙي شهر جي رهاڪن لاءِ مامائن جا دڪانَ وڏو سُک هوندو هو ۽ اڄ به آهن. نه فقط چانهه پاڻي ۽ ماني ٽڪر لاءِ پر خبر چار ڪرڻ ۽ ملڪ جو واءُ سواءِ لهڻ لاءِ هي تامل دڪاندار ’ماما‘ خبررسان ايجنسي ۽ وندر جو بهترين ذريعو مڃيا وڃن ٿا.
مون کي 69-1968ع وارو زمانو ياد آهي جڏهن منهنجو پهريون دفعو ملائيشيا جي بندرگاهن: پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور) ۽ جوهور بارو ۾ اچڻ جي شروعات ٿي هئي. پينانگ جي بندرگاهه ۾ آڌي رات جو دير سان جهاز پهچندو هو ته به اسان ان وقت به جهاز تان لهي ڪناري تي قدم رکندا هئاسين ۽ جيتوڻيڪ ان وقت دڪان ۽ هوٽلون بند هونديون هيون پر پراڻا جهازي چوندا هئا ته مڙيئي خير آهي. هلو ته واڪ ڪري رستي تي ڪنهن ماما (ماماڪ) جي ڌاٻي تان چانهه ۽ اڦراٽو کائي اچون. اهو ان ڪري جو مامائن جا هن قسم جا ڌاٻا، هَٽَ، پيڍيون، ريڙها (گاڏا) ۽ هوٽلون 24 ئي ڪلاڪ کليل رهن ٿا ۽ سال جا 365 ڏينهن. هو فقط عيدالفطر وارا ٻه ڏينهن موڪل ڪن جيئن چيني دڪاندار سندن نئين سال شروع ٿيڻ تي ٻه ڏينهن موڪل ڪن ٿا.
هاڻ ته هر بندرگاهه ۾ جهاز تان لهه ته ٿڌن شربتن ۽ کاڌي پيتي جي شين جون وينڊنگ باڪسز لڳيون پيون آهن جن ڪٻٽن جي چِيرن (Slots) ۾ گهربل رقم وجهي پسند جا ڪيڪ، بسڪٽ، بادام، پستا يا ڪوڪا ڪولا، سيون اپ ڪڍي سگهجي ٿي. پر ان هوندي به ڏسجي پيو ته مون جهڙا مامائن جا شوقين، تامل دڪاندارن جي دڪانن (Kedai Mamak) تي پهچيو وڃن جو انهن جي چانهه ۽ مٺين ڳالهين جو سواد ئي پنهنجو آهي. هي ڪجهه ائين آهي جيئن اسان وٽ ماڻهو واڪ ڪري بس اسٽاپن تي پٺاڻن جي هوٽلن تي چانهه پيئن ٿا جو هنن جي خاص تيار ڪيل ڌوڌ پتيءَ جو سواد ئي پنهنجو آهي. گهر ۾ ٺاهڻ سان به اهڙي مزيدار چانهه نٿي ٺهي. خبر ناهي پٺاڻن جي هوٽل تي ٺهيل ڌوڌ پتي چانهه ڪاٺين جي باهه تي ٺاهڻ ڪري اهڙي ٿئي ٿي يا هو ڪا خاص پتي استعمال ڪن ٿا يا ڪا منجهس ٻي ڪا شيءِ وجهن ٿا.
ان تان مون کي ياد آيو مامائن جي هوٽلن جي به هڪ چانهه جيڪا تيهه تاريڪ (Teh Tarik) سڏجي ٿي سڄي ملائيشيا ۾ مشهور آهي. ملئي زبان ۾ دڪان کي ڪيدائي (Kedai) سڏجي ٿو جيڪو دراصل تامل زبان مان ورتل آهي. چانهه کي Teh چون ۽ تاريڪ جي لفظي معنيٰ آهي ڇڪڻ يعني Pull ڪرڻ. جيئن اسان وٽ دروازن تي Pull لکيل هوندو آهي معنيٰ دروازي کي پاڻ ڏي ڇڪيو تيئن ملائيشيا جي آفيسن ۽ دڪانن جي دروازن تي ملئي زبان ۾ هڪ رف Tolak معنيٰ push لکيل هوندو آهي ته ٻئي طرف Tarik معنيٰ pull هوندو آهي.
’تيهه تاريڪ‘ ساڳي عام چانهه هوندي آهي پر هي تامل دڪاندار (ماما) اها چانهه ٽهڪڻ بعد ڪوپ يا گلاس ۾ وجهڻ بدران هڪ وڏي جست يا اسٽيل جي ڪريءَ ۾ وجهي پوءِ اها ٻي هٿ ۾ جهليل ٻي ڪريءَ ۾ وجهندو آهي. ائين ان چانهه کي هڪ ڪريءَ مان ٻيءَ ۾ ۽ ٻيءَ مان پهرين ۾ ڏهه پندرهن دفعا اٿل پٿل ڪندو آهي جيئن اسان وٽ گهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍي ٻار کي چانهه ٺاري ڏيڻ لاءِ ڪبو آهي. ڪي ڪي ماما، بلڪه هاڻ ته اهو فئشن ۽ ڪرتب ڏيکارڻ جو ڪم ٿي پيو آهي، ٻن ڪرين جي وچ ۾ گهڻي کان گهڻو فاصلو رکي هڪ ڪريءَ مان ٻي ڪريءَ ۾ آبشار وانگر چانهه نائي ڏيکارين. هڪ ماماڪ کي ته ڏٺم ته هو هٿ ۾ چانهه جون ڀريل ٻه ڪريون کڻي ٻئي هٿ ۾ جهليل خالي ڪرين ۾ چانهه اوتي رهيو هو. اهو فوٽو منهنجي ملائيشيا جي اڙدو واري سفرنامي ”ملائيشيا ڪي دن“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. ان قسم جا تماشا ڏسڻ لاءِ مامائن جي دڪانن اڳيان ڪيترائي غير ملڪي سياح نظر اچن ٿا.
ملائيشيا جي ان قسم جي چانهه ”تيح تاريڪ“ يا عام چانهه توهان کي هرگز نه وڻندي جو ملائيشيا ۾ چانهه يا ڪافي ۾ condensed کير استعمال ٿئي ٿو جيڪو بيحد گهاٽو ۽ مٺو ٿئي ٿو ۽ جيسين عادت نه ٿئي، تيسين اها چانهه عجيب لڳي ٿي. اسان کي به شروع جا ٻه ٽي مهينا بنهه پسند نه آئي. گهر ۾ پائوڊر واري کير مان چانهه ٺاهي پيئندا هئاسين پر ٻاهر ته جتي ڪٿي اها مٺي کير جي چانهه ملي ٿي سو مجبورن ٽي چار دفعا پي اهڙا عادي ٿي وياسين جو پنهنجي ملڪ جي ڌوڌ پتي يا انگريزي اسٽائيل جي چانهه (الڳ کير ۽ الڳ کنڊ واري) وسري وئي. جيئن شروع جي ڏينهن ۾ ملئي ماڻهن تان کلندا هئاسين ته نيرن تي ڪيئن ٿا ناسي ليماڪ (Nasi Lemak) کائين. ڇو جو اسان لاءِ نيرن تي ڀت کائڻ سو به مڇيءَ سان عجيب ڳالهه آهي. پر پوءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهو ناسي ليماڪ وارو ڀت اهڙو وڻي ويو جو اڄ به ملائيشيا جو نالو ٻڌڻ سان ناسي ليماڪ ٿو ياد اچي.
مٿي ناسي ليماڪ ۾ به ’ڪ‘ جو اچار ماٺيڻو آهي يعني ملئي زبان ۾ Jamek (جامع)، Nenek (نيني معنا ناني) وانگر Lemak ۾ به آخر ۾ `k` لکجي ٿي پر اچارجي نٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته بس اسٽانن تي ٺهندڙ ڌوڌ پتي چانهه وانگر، ملائيشيا ۾ مامائن جي هيءَ تيهه تاريڪ (ڇڪيل چانهه) ۾ به، ڪٿي ڪٿي مٺاڻ ۽ ريزن جهڙين شيون ملايون وڃن ٿيون جن ڪري اها چانهه وڌيڪ مٺي، گهاٽي ۽ مائيدار ٿئي ٿي ۽ مٺاڻ کائڻ جي شوقينن کي وڌيڪ پسند اچي ٿي. هونءَ به ملئي ماڻهو مٺاڻ کائڻ جا شوقين آهن.