الطاف شيخ ڪارنر

مون کي موهيو ملائيشيا

الطاف شيخ جو هي سفرنامون مون کي موهيو ملائيشيا سندس نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر وڃي يادو تازا ڪرڻ اُتي جي ڪنهن نه حوالي سان منفرد يا بهتر شين جي ذڪر جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3764
  • 730
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مون کي موهيو ملائيشيا

چهري په گري زلفين

”سائين سفر ڪيئن رهيو؟“ ڪار ۾ ويهڻ سان منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا ۽ سندس پٽ مير غلام محمد مون کان ڪوالالمپور کان ملاڪا جي سفر بابت پڇيو.
”فرسٽ ڪلاس“ مون چيو ۽ پوءِ غلام محمد کي مخاطب ٿيندي چيو، ”ڳالهه هيءَ آهي ته هنن پَٽن تي، يعني هيڏانهن ملائيشيا پاسي، جي جهڙالي موسم آهي ته جهڙو ڪشمير! پر جي آسمان تي ڪڪري ناهي ته پوءِ خط استوائي سج جا سڌا پوندڙ ڪرڻا جيڪب آباد ۽ سبي جي ٽاڪ منجهند ٿا ياد ڏيارين.“
اتفاق سان اڄ صبح کان وٺي ڪوالالمپور کان ملاڪا تائين رستي تي ته جهڙ رهيو پر هتي ملاڪا ۾ پهچڻ تي به آسمان گهاٽن ڪارن ڪڪرن سان ڇانيل نظر آيو. سالن جا سال هيڏانهن (ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ پاسي) رهي ايتري idea هئي ته گهاٽن ڪڪرن هوندي به اڃان جلد، ڪلاڪ ٻن ۾، مينهن پوڻ وارو ناهي. هتي جي موسم جي بس ايتري ئي اڳ ڪٿي ڪري سگهجي ٿي. هينئر به جي اوچتو هوا بند ٿي وڃي ۽ Low پريشر ٿئي ته وسڪارو شروع ٿيڻ ۾ ڪلاڪ به نٿو لڳي. هونءَ اهو آهي ته هتي جا روڊ رستا ۽ عمارتون اهڙي نموني جا ٺاهيا ويا آهن جو ڊرائيونگ ۾ ڪا دقت نٿي ٿئي. هر آفيس، دڪان، مارڪيٽ بازار ۾ پارڪنگ اهڙي هنڌ تي ٺهيل آهي جو اتي ڪار بيهاري توهان بنا پُسڻ جي اندران ئي اندران ان آفيس، هوٽل يا بلڊنگ ۾ پهچي سگهو ٿا. پر اهو آهي ته مينهن جي ڪري، مون جهڙو ڪو ٽوئرسٽ آئوٽ ڊور فوٽو گرافي نٿو ڪري سگهي. منجهند مهل به اس ۾ سٺي فوٽو گرافي ٿي نٿي سگهي. سٺي فوٽو گرافي فقط ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن شام جي وقت يا صبح پهر سج هيٺ آهي، پر اڄ جهڙ ڪري هلندڙ بس مان به فوٽو ڪڍندو رهيس. هينئر به مير عطا جي پروٽون Gen-2 ڪار ۾ ويهڻ سان شروع ٿي ويو هوس.
ڪار جيئن ئي ملاڪا سينٽرل جي بس اڏي مان ٻاهر نڪري پنگ ليما (Panglima Awang) روڊ تي آئي ته مير عطا بٽڻ کي دٻائي ڪار جا شيشا بند ڪيا ۽ ايئر ڪنڊيشن آن ڪيو. ان سان گڏوگڏ ڪار جي درن ۾ لڳل اسپيڪرن مان گانو شروع ٿيو.
Kau memang manis
Usahlah lagi
Bersedih hati
Lupakan saja
Hei jangan di ingat lagi.
”عطا يار هي ته بند ڪر.“ مون رڙ ڪئي.
”او ساري! ساري! توهان کي پراڻا گانا پسند نه آهن؟“ عطا چيو.
”نه نه. ريڊيو نه پر هي تنهنجو ايئرڪنڊيشنر بند ڪر“، مون چيو، ”ٿڌڪار لڳو پيو آهي. اي سي ڪري ماڳهين دري بند ڪرڻي ٿي پوي. رستي تان گذريل عمارتن ۽ Sign بورڊن جون تصويرون ڪڍڻ چاهيان ٿو.“
عطا مون واري پاسي جو شيشو يڪدم هيٺ ڪري ڇڏيو.
”انڪل اڳيان ڊئش بورڊ ۾ انگريزي ۽ سنڌي راڳن جون Latest سي ڊيون پيون آهن، جيڪا پسند اچي اها لڳايو ۽ FM ريڊيو بند ڪري ڇڏيو.“ غلام محمد چيو.
”ڪمال ٿو ڪرين“ مون غلام محمد کي چيو، ”ههڙو گانو ڪيئن بند ڪبو؟
ڪائو ميمانگ مانيس! (تون ڪيڏي مِٺي آهين).
اُساهه لا لاگي (وري هرگز نه)
برسيديح هاتي (پنهنجي دل کي غمگين ڪجانءِ).
لوپا ڪان ساجا (هاڻ وساري ڇڏجانءِ).
هاءِ جنگن دِي انگات لاگي (مون کي وري ياد نه ڪجانءِ).
بابا هي اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جو ٽاپ گانو هوندو هو.“
غلام محمد مون ڏي ڏسي کلندو رهيو. ”انڪل اسان ته ڪڏهن به نه ٻڌو.“
”ڪمال ٿو ڪرين غلام محمد! تون ته انهن ڏينهن ۾ ڄائو به نه هوندين،“ مون چيو، ”هي منهنجي جواني جي ڏينهن جو گانو آهي. تنهنجو بابا عطا به مون کان گهڻو گهڻو ننڍو آهي. آئون ذري گهٽ تنهنجي ڏاڏي مير يار محمد خان ٽالپر جي عمر جو آهيان.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي عطا به مرڪندور هيو ۽ گڏوگڏ منهنجي خوشيءَ خاطر ئي سهي ڊي جي ديو (D.J Dave) جي هن گاني سان گڏ جهونگارڻ لڳو.
Pandanglah ke hari Depan
اڳتي جي ڏينهن ڏي نگاهه وجهه
Dengan sepenuh harapan
ڀرپور اميد سان
Tentu kau tak sedih
تون پڪ غمگين نه ٿيندينءَ
Bila kau Sedari
جڏهن توکي احساس ٿيندو
Hidup Bereti
زندگي جي مقصد جو.
بهرحال گانا سڀ هڪجهڙا ٿيندا آهن. ورلي ڪنهن راڳ يا گاني جي شاعري سٺي ٿئي ٿي نه ته ان جي ڪمپوزنگ، ميوزڪ، ماحول ۽ ڳائڻ واري جو سر ۽ سوز ان کي پاپولر بنائي ٿو.
”واهه جو سُر اٿس. ڪير آهي؟“ عطا پڇيو
”مير صاحب! توهان جي ئي ڳوٺ جو ته آهي.“ مون چيومانس.
”ڪيئن ڀلا؟“
”ڪيئن ڀلا! توهان جو ڳوٺ ڪهڙو آهي؟“
”ميرپور خاص“ عطا چيو.
”هينئر ڪهڙو آهي؟“
”ملاڪا.“
”ته بس هي ڳائڻو ديو (Dave) به هن تنهنجي ڳوٺ ملاڪا جو ئي آهي.“ منهنجي ٻڌائڻ تي عطا کلڻ لڳو.
”ڀلا عطا ٻڌاءِ ته هي Penyannyi (ڳائڻو) چيني آهي يا ملئي؟“ مون عطا کان پڇيو.
”سٺي ملئي ۾ ٿو ڳائي. پڪ ملئي هوندو.“ عطا چيو.
”نه. پنهنجي نسل جو اٿئي، يعني ننڍي کنڊ جو آهي. هاڻ مسلمان ٿيو آهي پر اصل ۾ سِک هو.“
”Very Interesting“، غلام محمد حيرت کائيندي چيو، ”توهان کي انڪل ڪيئن معلوم ٿيو؟“
”آئون سمجهه ته هن جي پاڙي ۾ رهندو هوس. سندس گهر مسجد تاناح ڳوٺ ۽ اسان جي اڪيڊمي جي وچ ۾ هو.“ مون کين ٻڌايو.
اسان جڏهن اسي واري ڏَهي جي شروعاتي سالن ۾ ملاڪا ۾ اچي رهيا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ هتي RTM1 ۽ RTM2 به چئنل شروع ٿيا هئا. ديوَ انهن ڏينهن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو ۽ شريفان ائني، انيتا سراواڪ، نورڪُلماساري، مستوران علي نور، داتو شيڪ، سڌيرمن ۽ هي انهن ڏينهن ۾ ماڻهن جا دلپسند ڳائڻا هئا. هڪ ڏينهن مسجد تاناح ڳوٺ جي ڀرواري ڳوٺ ڪمپونگ پايارمپوٽ ۾ منهنجي هڪ سڃاڻو ملئي فئملي جي شادي جي سڏ تي آئون ويس ته اتي ڪنوار جي مائٽن مون کي هڪ نوجوان عورت سان ملائيندي ٻڌايو ته ”هيءَ ايئر هوسٽس آهي ۽ خبر اٿانوَ ڪنهن جي زال آهي؟“
”نه.“ مون اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو.
”اڄ ڪلهه جي پاپولر سنگر ”ڊي جي ديو“ جي اِستري آهي.“
ملئي زبان ۾ زال کي استري ۽ مڙس کي سَوامي چون. ڳائڻي يعني سنگر کي Penyanyi سڏين. مون سندس زال کي کلي چيو ”ڪهڙو جادو مٿس ڪئي؟“
ياد رهي ته ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ملئي ماڻهن ۾ اڃان به ڪجهه ٽوڻا ڦيڻا هلن ٿا، جن جو ذڪر آئون پنهنجن شروع وارن ملائيشيا جي سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان. بهرحال ديوَ جي زال ڪو جواب ڏئي ان کان اڳ مون کانئس سندن گهر جو ۽ فون جو نمبر وٺي چيومانس ته آئون ۽ منهنجا ٻار تنهنجي مڙس سان ملڻ لاءِ اينداسين. ان بعد منهنجي D.J ديوَ سان سندس گهر ڪافي دفعا ملاقات رهي. هڪ دفعو ته مون وٽ پاڪستاني ڳائڻو عالمگير ۽ بينجمن سسٽرز به آيون هيون، جن کي پڻ Dave سان ملرايم.
مسلمان ٿيڻ بعد ديوَ جو نالو اروان شاهه عبدالله آهي. هتي ملائيشيا ۾ ذات پات جو چڪر نه رهيو آهي. هر ماڻهو پنهنجي ۽ پيءُ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، يعني ”فلاڻو بن فلاڻو“ يا ”فلاڻي بنت فلاڻي“، جيئن مهاتير بن محمد يا رڳو ’مهاتير محمد‘. يعني ان مان سمجهي وڃڻ کپي ته مهاتير صاحب محمد جو فرزند آهي. غير مسلم مسلمان ٿيڻ تي پنهنجو ڪوبه اسلامي نالو رکي سگهي ٿو. پر اهڙن نون مسلمانن لاءِ پيءُ جي نالي جو مسئلو هن ريت حل ڪيو ويو آهي ته ان جي نالي بدران عبدالله رکيو وڃي ٿو. جيئن اسان جي آفيس ۾ نئنسي نالي هڪ چيني ڇوڪري جڏهن هڪ ملئي مسلمان سان شادي ڪرڻ تي مسلمان ٿي ته هن پنهنجو نالو فاطمه بنت عبدالله رکرايو. اهڙي طرح اسان واري سنگر ڊي جي ديو مسلمان ٿيڻ تي پنهنجو نالو ”اروان شاهه بن عبدالله“ رکرايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس اڄ به فلمي يا ڪمرشل نالو سندس اصلي نالي ڌامي جگجيت سُکديو تان D.J Dave هلندو اچي. جيئن انڊين مسلمان ائڪٽر يوسف خان، اڄ به دليپ ڪمار سڏجي ٿو.
ديو صاحب اڄ 30 سال گذرڻ بعد به ڪافي مشهور ڳائڻو ليکيو وڃي ٿو. پنج سال کن اڳ سندس هڪ پنجابي آلبم ”مار گئي او ئي“ انڊيا ۾ رليز ٿيو هو. ديو پاڻ ملائيشيا جو سٽيزن آهن. سندس پيءُ ٻي جنگ عظيم ۾ امرتسر پاسي جي هڪ ڳوٺ کان لڏي هتي ملايا ۾ اچي رهيو هو. ديو هيستائين انگريزي، هندي، ملئي، ڪئنٽونيز (چيني) ۽ پنجابي زبانن ۾ اٽڪل 40 گانن جا آلبم ٺاهيا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ملائيشيا جو نالو روشن ڪرڻ ڪري هن کي ملائيشيا جي سرڪار طرفان ’داتڪ‘ Datuk جو خطاب مليل آهي.
داتڪ اروان شاهه (D.J. Dave) ٻڌايو هو ته ڳائڻ جي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ هن پوسٽ آفيس ۾ ڪم ڪيو ٿي. هو اتي ايمانداريءَ سان سخت پورهيو ڪري رهيو هو، جيئن هڪ ڏينهن هو پوسٽ ماسٽر ٿي سگهي.
”انهن ڏينهن ۾ مون کي RTM (ريڊيو ٽيليويزن ملائيشيا) طرفان معذور ٻارن جي هڪ فنڪشن ۾ هندي گانو ڳائڻ لاءِ چيو ويو.“ ديو اِن ريت مون کي سندس قسمت بدلجڻ جو احوال ٻڌايو هو. هن اتي ”سورج“ فلم وارو محمد رفيع جو گانو ”چهري په گِري زلفين ڪهه دو تو هٽا دون مين، گستاخي معاف!“ ڳايو.
”منهنجو آواز ايڏو ته پسند اچي ويو جو ملائيشيا ٽي وي وارن منهنجو آڊيشن وٺي مون کي ڪو ملئي گانو تيار ڪري اچڻ لاءِ چيو. مون کي ته ان رات خوشيءَ ۾ ننڊ ئي نه آئي ۽ پوءِ جڏهن هفتي ڏيڍ بعد مون ٽي وي تي گانو ڳايو ته ماڻهن کي ڏاڍو پسند آيو.“
ديوَ ٻڌايو ته ”ان بعد يڪدم هڪ رڪارڊنگ ڪمپنيءَ منهنجو آلبم ڀرڻ لاءِ مون کي ڪجهه گانا تيار ڪرڻ لاءِ چيو. مون ٻن ٽن گانن جون ڌنون پاڻ ٺاهيون ۽ اهڙا ٻه ٽي گانا هندي گانن جي طرز تي ٺاهيا، جن مان هڪ ته هري راما هري ڪرشنا فلم جي گاني ”ڦولون ڪا تارون ڪا...“ جي طرز تي پڻ هو.
”هي منهنجو پهريون آلبم جيئن ئي رليز ٿيو ته آئون رات اندر سڄي ملائيشيا ۾ مشهور ٿي ويس. فلم سورج جي هندي گاني ”چهري په گري زلفين“ جي طرز وارو منهنجو ڳايل ملئي گانو ته پورا 13 هفتا ملائيشيا جو ”نمبر ون گانو“ رهيو! انهن 13 هفتن بعد منهنجو پاڻ ڪمپوز ڪيل ملئي گانو نمبر ون رهيو!“
ديو جي پهرين آلبم هِٽ ٿيڻ تي دنيا جي مشهور رڪارڊنگ ڪمپني EMI ديو کي ٽن سالن لاءِ Sign-on ڪيو ۽ ان بعد ديو لڳاتار 20 سال EMI وارن سان رهيو. هڪ ڳالهه آهي ته ديو خير جا ڪم به خوب ٿو ڪري. جڏهن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ زلزلو آيو هو ته نيٽ تي ملائشيا جي هڪ اخبار ۾ پڙهيو هوم ته ڊي جي ديو زلزلي جي ستايلن لاءِ 2 لک آمريڪن ڊالر گڏ ڪري انهن جا گرم ڪپڙا ۽ ڪمبل موڪليا آهن.
”زبردست!“ منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪار جي پٺين سيٽ تي ويٺل ننڍڙي غلام محمد چيو.
”ڀلا ديو اڄ ڪلهه ڪٿي رهي ٿو؟“ مير عطا محمد پڇيو.
”پاڻ سڀاڻي يا پرينءَ مسجد تاناح پاسي هلڻ وقت ڀرواري ڳوٺ مان پڇا ڪنداسين،“ مون چيو، ”پر مون کي لڳي ٿو ته هو انهن ئي ڏينهن ۾ اهو زال جو گهر ڇڏي هيڏانهن ملاڪا شهر ۾ اچي رهيو هو. هونءَ ملائيشيا جي هن ملاڪا رياست ۾ اهو رواج آهي ته شاديءَ بعد گهوٽ ڪنوار جي گهر رهي ٿو پر پوءِ شايد ديوَ کي زال جي گهر رهڻ ڏکيو لڳو. اهي به افواهه هئا ته زال مڙس جي عليحدگي ٿي وئي آهي ۽ زال جيڪا شادي بعد نوڪري ڇڏي هائوس وائيف ٿي هئي تنهن وري وڃي نوڪري ڪئي... وغيره.“