الطاف شيخ ڪارنر

مون کي موهيو ملائيشيا

الطاف شيخ جو هي سفرنامون مون کي موهيو ملائيشيا سندس نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر وڃي يادو تازا ڪرڻ اُتي جي ڪنهن نه حوالي سان منفرد يا بهتر شين جي ذڪر جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3774
  • 738
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مون کي موهيو ملائيشيا

ٿو ڪريان ياد ماضيءَ جا ماڳ

هن کان اڳ به لکي چڪو آهيان ته دنيا جا ڪجهه شهر اهڙا آهن جن کان آئون پنهنجي اباڻي ڳوٺ هالا ۽ ناناڻي شهر حيدرآباد کان به گهڻو واقف آهيان، جن جي گهٽي گهٽي رليو آهيان ۽ جن سان اڄ به ڪيتريون ئي يادون وابستا آهن. انهن مان ڪي هن ريت آهن: اڄ واري بنگلاديش جو شهر چٽگانگ، جتي مون جهاز راني ۽ جهاز سازي جي تعليم (Marine Engineering) حاصل ڪئي ۽ ان بعد جهاز جي نوڪري دوران به منهنجو جهاز هن بندرگاهه ۾ ويندو رهيو ٿي. شادي کانپوءِ منهنجي زال ۽ ٻار به هتي ايندا رهيا ۽ چٽگانگ ۾ جهاز تي رهڻ بدران پنهنجن بنگالي ڪلاس ميٽن جي گهرن ۾ ئي رهياسين ٿي. ڪيترا مون وانگر پنهنجن ٻارن سان مختلف جهازن تي دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ هوندا هئا، پر سندن والدين اسان جو ايڏو ئي خيال رکندا هئا جيڏو هو منهنجو تعليم دوران رکندا هئا، جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري چٽگانگ (بنگال) پهتو هوس. ان وقت منهنجي عمر 19 سال هئي ۽ سال 1963ع هو.
جپان جي شهرن: يوڪوهاما، ٽوڪيو، ڪوبي ۽ اوساڪا ۾ به منهنجو تمام گهڻو رهڻ ٿيو، جن بندرگاهن ۾ نه فقط سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ اسان جي ڪمپني جو هر جهاز ويندو هو پر جهاز جي ڳري مرمت لاءِ به اسان هنن بندرگاهن ۾ هفتن جا هفتا رهندا هئاسين. ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما مان ته نوان جهاز ٺهرائڻ لاءِ 6-6 مهينا به رهڻو پيو. اُهي سستائي وارا ڏينهن هئا، اسان جي رپئي جو قدر هو، جنهن کي مَٽائڻ سان ڪيترائي جپاني يين مليا ٿي. اڄ جپان جي شهرن ۾ بس ۾ سفر به مهانگو لڳي ٿو پر ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جهاز جي جونئر آفيسرن به ٽئڪسين ۾ سفر ڪيو ٿي ۽ لنچ يا ڊنر پنهنجي جهاز تي موٽي اچي کائڻ بدران شهر جي ئي ڪنهن هوٽل تي پنهنجي کيسي مان خرچ ڀري کائڻ ۾ ڪا تڪليف نٿي محسوس ڪئي. اهو ئي حال هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ هوندو هو، جتي اسان جو جهاز ڪارگو (سامان) نه هجڻ جي صورت ۾ به، جڏهن سائوٿ چائنا سِي (سمنڊ) يا پئسفڪ اوشن ۾ ايندو هو ته ضرور لنگر انداز ٿيندو هو. ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا واري علائقي ۾ هي ٻه بندرگاهه: سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ صحيح معنيٰ ۾ ڊيوٽي فري هئا، جتي هر شيءِ فئڪٽريءَ جي اگهه تي ملي ٿي. اسان جو جهاز ايندي ويندي هنن بندرگاهن مان جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ جهازين لاءِ راشن کڻڻ لاءِ ترسندو هو ته اسان هنن شهر نما ملڪن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رلندا هياسين.
سئيڊن جو ڏاکڻو شهر ۽ بندرگاهه ”مالمو“ به انهن شهرن مان هڪ آهي، جتي جي يونيورسٽي مان مون تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوهه ڪيترائي دفعا مختلف جهازن کي هتي وٺي اچڻو پيو. ائين ته هن پاسي جنهن به جهاز ۾ اچڻ ٿيو ٿي، اهو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ)، اوسلو (ناروي) ۽ هيلسنڪي (فنلئنڊ) ۾ به آيو ٿي. پر مالمو ۾ تعليم توڙي نوڪري دوران تمام گهڻو اچڻ ڪري جيترو مالمو جي گهٽين جي گهڻي واقفيت آهي، اوتري حيدرآباد جي اڌ جيتري به نه آهي. ههڙن شهرن ۾ گرمي نه هجڻ ڪري ميلن جا ميل فقط پنڌ ڪرڻ ۾ به مزو آيو ٿي. مڃان ٿو ته مالمو جهڙن شهرن ۾ سيارو 10 مهينا کن هلي ٿو، جنهن ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو پر گرم ڪپڙا پائي توهان پنهنجو پاڻ کي سيءَ کان بچائي سگهو ٿا، پر اسان جي ملڪن جي گرمي کان بچڻ جو ڪوبه طريقو ناهي. توهان فقط فجر مهل يا سج لٿي مهل ڪلاڪ اڌ واڪ ڪري سگهو ٿا. ان ۾ به ماڻهو پگهرجيو وڃي.
اهڙي طرح ملائيشيا جا شهر: ڪوالالمپور، پينانگ ۽ ملاڪا آهن، جتي منهنجو جهاز ايندو رهيو ٿي. هي شهر بلڪ سڄو ملائيشيا، خط استوا تي هجڻ ڪري ٻارهو ئي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ آفريڪا جي ڪينيا، يوگنڊا، زائر ۽ ڪانگو وانگر هتي سخت گرمي ٿيڻ کپي پر ٻارهو ئي سخت مينهوڳي جي موسم ڪري ملائيشيا ۾ ٿڌڪار رهي ٿي. زمين (Soil) به بيحد زرخيز آهي، چوڌاري ساوڪ ۽ ڊگها وڻ آهن. ان ڪري ڪو ڏينهن اڌ مينهن نٿو پوي ته به وڻن ڪري ٿڌڪار رهي ٿي. هاءِ وي هجي يا عام رستا، انگريزن جي دور ۾ يا آزادي بعد موجودهه حڪومت طرفان جيڪي ڪنارن تي وڻ پوکايا ويا آهن، اهي قائم آهن. جنهن ڪري هڪ طرف روڊ مضبوط رهن ٿا جو انهن وڻن جون پاڙون RCC جو ڪم ٿيون ڪن. اسان وٽ روڊن جي پاسن تي لڳل وڻ هڪ طرف ڪٽيا ويا آهن ته ٻئي طرف زميندارن روڊ تائين کڻي پوک ڪئي آهي. نتيجي ۾ نوان ٺهيل روڊ به وڃن هيٺ دٻبا.
بهرحال ملائيشيا توڙي سنگاپور ۽ ٿائلئنڊ ۾ جُهڙ ناهي، تڏهن به وڻن جي ڇانوَ هيٺان هلڻ ۾ مزو اچي ٿو. سو ملاڪا شهر ۾ آئون جيڪي 10 سال کن لڳاتار رهيس، انهن ۾ پيدل توڙي ڪار ۾ هرهڪ گهٽيءَ مان لنگهڻ ٿيو ٿي. ٻارن کي اسڪول ڇڏي ۽ وٺي اچڻ، ڀاڄي ڀتي يا ٻي شيءِ لاءِ مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ وڃڻ، وطن کان آيل مهمانن کي ملاڪا جون خاص خاص جايون ڏيکارڻ، ان کان علاوه شام جي وقت ڪنهن نه ڪنهن روڊ تي واڪ لاءِ نڪري وڃڻ، وغيره. منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ سڀ کان گهڻو هن شهر ملاڪا ۾ رليو هوندس. 1980ع تائين ملاڪا ۾ چڱيرڙي هوٽل فقط Malacca Straits Inn هوندي هئي، جيڪا پوءِ ڊاٺي وئي ۽ نيون هوٽلون ٺهڻ لڳيون. سو ملاڪا شهر جي هڪ هڪ هوٽل اسان جي اڳيان ٺهي آهي. اهڙي طرح مختلف شاپنگ سينٽر، ڊپارٽمينٽ اسٽور، پارڪ، ميوزيم وغيره وغيره.
پهريون دفعو ملاڪا اچڻ کي اڄ42 سال اچي ٿيا آهن. اهو هڪ وڏو عرصو آهي. ان ۾ هن شهر ۾ ڇا ڇا ته تبديليون آيون آهن، پر اهو آهي ته هي شهر شروع کان صاف سٿرو رهيو آهي. هونءَ چينين لاءِ چيو وڃي ٿو ته گدلا آهن پر هن شهر ۾ جيڪي چيني رهن ٿا اهي عام چينين کان مختلف آهن. ملائيشيا جا عام چيني ماڻهو، مزوري پورهئي ۽ روزگار خاطر هڪ سؤ کن سال اڳ آيا، جڏهن اپوح ۽ ڪوالالمپور ۾ قلعي (Tin) جي کوٽائي شروع ٿي هئي. ملاڪا ۾ رهندڙ هي چيني مرد جيڪي باباز ۽ عورتون نيونياز سڏجن ٿا، تن جا وڏا اڄ کان 550 کن سال اڳ هتي آيا. ملاڪا سلطنت جي ڇهين سلطان منصور شاهه جنهن 1459 کان 1477 تائين حڪومت ڪئي، چين جي منگ گهراڻي جي شهزاديءَ سان شادي ڪئي ته ڪنوار سان گڏ ڏيج ۾ ساڻس 500 کن خدمتگار چيني ڇوڪريون پڻ ملاڪا آيون، جن جي رهائش جو بندوبست جتي ڪيو ويو اها ٽڪري ”بُڪت چينا“ (Bukit China) سڏجي ٿي. انهن چيني ڇوڪرين بعد ۾ مڪاني ملئي مردن سان شادي ڪئي ۽ انهن جو اولاد پَرانڪان سڏجي ٿو. هنن چينين جي اٿڻي ويهڻي، کاڌو خوراڪ ۽ ويس وڳا، بعد ۾ آيل عام چينين کان بلڪل مختلف آهن. بلڪ ملاڪا جا هي چيني (Babas & Nyonyas) مڪاني ملئي ماڻهن سان گهڻي مشابهت رکن ٿا.
1511 ڌاري پورچوگالين جو ملاڪا تي قبضو ٿيو ۽ هنن جي 150 سال حڪومت رهي. هنن مان ڪيترن مردن ۽ عورتن مڪاني ماڻهن سان شادي ڪئي ۽ انهن مڪسڊ فئملين جو اولاد ملاڪا ۾ هلندو اچي ۽ جتي هو رهن ٿا اهو علائقوPortuguese Settlement سڏجي ٿو، جتي هنن جا گهر ۽ هوٽلون پورچوگالي نموني جون ۽ نالن واريون آهن. هو پورچوگالي نموني جا ويس وڳا اوڍين ٿا ۽ انهن ڏينهن تي جشن ڪن ٿا جيڪي پورچوگال ۾ ملهايا وڃن ٿا.
سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن کان منهنجو ملاڪا واري ڳچي سمنڊ مان لنگهه ٿيو يعني اسان جو جهاز ان سامونڊي گهٽي جي بندرگاهن: پينانگ، ڪلانگ، جوهوربارو ۽ سنگاپور ۾ اچڻ شروع ڪيو ۽ اسان باءِ روڊ ڪوالالمپور کان سنگاپور ويندي رستي تي ملاڪا ۾ ترسندا هئاسين يا گهمندا ويندا هئاسين ته ان وقت ملاڪا هڪ ماٺيڻو شهر هو. ڪجهه ڪجهه ڪراچي جو صدر (يعني انهن ڏينهن وارو) ۽ حيدرآباد جو هيرآباد ٿي لڳو. شهر جو وچ ۽ گهماگهمي وارو هنڌ اهو هو، جتي ڳاڙهين عمارتن وارو ملاڪا چرچ (گرجا گهر) سينٽ فرانسز جو چرچ، راڻي وڪٽوريا وارو ڦوهارو، ڪلاڪ ٽاور ۽ ڪرائيسٽ چرچ هو. جالان ڪوٽا، جالان بندا (Banda)، جالان بندر هِلر، جالان لڪسامانا، جالان بنگارايا ۽ جالان هنگ جيبات ۽ جالان هنگ ڪستوري روڊ ائين هئا ۽ اڄ به ائين ئي آهن، جيئن ڪراچي جون زيب النساءِ اسٽريٽ، وڪٽوريا روڊ يا حيدرآباد جو صدر، خاص ڪري فاران هوٽل وارو علائقو ۽ ڪورٽ روڊ (سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس) وارو حصو.
تن ڏينهن ۾ ملاڪا کان ٻين شهرن ڏي بس اتان ئي جالان لڪسامانا تان وئي ٿي. اسي واري ڏهي جي شروعات ۾ جڏهن مون ملاڪا ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، ته انهن ڏينهن ۾ بس اسٽاپ چيف منسٽر آفيس جي سامهون لائبرري وٽ هو. ان بعد اسان جي هوندي ئي ملاڪا شهر ۾ وهندڙ ندي ’ملاڪا ندي‘ جي ڪناري تي ٺاهيو ويو، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي دڪان ۽ ڌاٻا ٺاهيا ويا. اسان چيو ته هيڏو وڏو بس اسٽاپ تي ٽوڪيو جي گنزا ۽ هانگ ڪانگ جي وان چائي علائقي ۾ آهي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ ۾ ٽوئرزم ايڏو ته وڌي وئي جو ملائيشيا جي مختلف شهرن کان علاوه سنگاپور ۽ ٿائلينڊ وڃڻ لاءِ به بسيون اچڻ وڃڻ لڳيون. هاڻ جڏهن ڪوالالمپور ملاڪا وڃڻ جي ٽڪيٽ ورتم ته ڊرائيور ٻڌايو ته ڏکڻ توڙي اتر کان ايندڙ بسين لاءِ ملاڪا ۾ هڪ ئي بس اسٽاپ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو سينٽرل (Sentral) سڏجي ٿو. ملئي زبان ۾ سينٽرل ‘S’ سان لکيو وڃي ٿو.
’ملاڪا سينٽرل‘ بس اسٽاپ جالان تن عبدالرزاق ۽ جالان پنگليما اوانگ جي وچ ۾ آهي. ملئي زبان ۾ روڊ کي جالان (Jalan) سڏجي ٿو سو توهان کي سڄي ملائيشيا توڙي انڊونيشيا، سنگاپور ۽ برونائي ۾ هر روڊ جي نالي اڳيان جالان لکيل نظر ايندو يعني شاهراهه فلاڻو...
جالان تُن عبدالرزاق ملاڪا جو هڪ اهم ۽ ويڪرو روڊ آهي، جيڪو هن ملڪ جي ٻئي وزيراعظم تن عبدالرزاق نالي آهي. اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جو هاڻوڪو وزيراعظم نجيب هن جو فرزند آهي. بهرحال ملاڪا رياست جو هي وڏو بس اسٽاپ جتي ملائيشيا جي مختلف شهرن ۽ سنگاپور کان بسيون ۽ ٽئڪسيون اچي ٿيون بيهن، سال 2001ع ۾ ٺهيو. بس اسٽاپ جي اندر واري احاطي ۾ ڪيترائي وڏا، ماڊرن ۽ ايئرڪنڊيشن دڪان، ڊپارٽمينٽل اسٽور، کاڌي پيتي جون مڪاني ريسٽورنٽون ۽ دنيا جون فاسٽ فڊ (يا کڻي چئجي ته جنڪ فوڊ) جا دڪان، مثال طور مئڪڊو نالڊ، KFC وغيره آهن. هن بس ٽرمينل اندر هڪ ٻه بئنڪون ۽ مسجد پڻ آهي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگھهو ٿا ته هن ٽنڊو آدم جهڙي آدم شماري واري شهر ملاڪا ۾ هي ڪيڏو وڏو بس اسٽاپ آهي!
هتي اهو به لکندو هلان ته ملاڪا رياست جو مرڪزي شهر ملاڪا توڙي ملاڪا رياست جو ٻيو ڪو شهر ريلوي اسٽيشن ناهي. ملاڪا شهر کان ويجهي ۾ ويجهي ريلوي اسٽيشن تمپين آهي، جيڪا نينگري سيمبيلان رياست جي بارڊر وارو شهر ۾ آهي. بهرحال پينانگ، ڪئالالمپور يا سنگاپور، جوهور بارو کان ايندڙ ريلوي مسافر ملاڪا لاءِ تمپين ۾ لهي پون، جتان پوءِ بس يا ٽئڪسي ذريعي ملاڪا پهچن.
منهنجي خيال ۾ سڄي ملائيشيا ۾ شايد ئي ڪو ٻيو شهر هجي، جتي ملاڪا جهڙو سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ بس اسٽاپ هجي. اهو آهي ته هي بس اسٽاپ شهر کان ٿورو پرڀرو ٺاهيو ويو آهي جتي پهچڻ لاءِ ٽئڪسي يا شهر جي سٽي بس ۾ پهچڻو پوي ٿو. پر ايڏو پري به نه آهي. نازا هوٽل، Selectstar هوٽل، گولڊن ليگسي، گرانڊ ڪانٽيننٽل، ميٽرو پول، Straits Meridian، ائٽلانٽڪ پارڪ هوٽلون هن بس اسٽاپ جي ٻن ڪلو ميٽرن جي گهيري ۾ آهن. ملاڪا جا اڄڪلهه اعليٰ قسم جا مال ۽ ڊپارٽمينٽ اسٽور جهڙوڪ Tesco، ملاڪا KMA ڊجيٽل مال، پلازه هَنگ تُئاح، Tong Hup اسٽور، داتاران پهلوان، ملاڪا ميگا مال، ماهڪوٽا پريڊ، ملاڪا مال وغيره به ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ کان فقط هڪ ٻه ڪلو ميٽر پري آهن. ڪيترا ٽوئرسٽ صبح ڌاري هتي پهچي اوسي پاسي جي دڪانن تان خريداري ڪري ۽ اهم شيون ڏسيو شام ڌاري پنهنجي ڳوٺ روانا ٿيو وڃن. هن بس اسٽاپ (Melaka Sentral) جي ٻن ٽن ڪلو ميٽرن جي پسگردائيءَ ۾ ڪيتريون ڏسڻ وٽان شيون ۽ مڪاني مشهور کاڌن جون هوٽلون آهن جيئن ته:
’چينگ هو‘ ڪلچر ميوزيم.
Bastion هائوس،
ميريٽائيم ميوزيم،
منارا ٽيمنگ ساري،
ڊي- پيراڊائيز ٽراپيڪل فروٽ ورلڊ وغيره.
۽ کاڌن ۾ مشهور ريسٽورنٽون آهن:
ڪئپيٽل ناسي ليماڪ،
هاڪر سينٽر،
يونگ ٽوفُو (Yong tow foo)
پويياح
Lu yea سِي فوڊ،
Peranakan food وغيره وغيره.
منهنجي بس جنهن وقت ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ جي ٽرمينل ۾ داخل ٿي ته ان وقت مون ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر کي فون ڪيو ته آئون هاڻ ملاڪا ۾ داخل ٿي رهيو آهيان. مون ڄاڻي واڻي ڪجهه وٿي رکڻ ٿي چاهي، جيئن ڊاڪٽر عطا ڀلي اڌ ڪلاڪ کن دير سان پهچي، جيئن آئون بس اسٽاپ تي موجود مسافرن مان ڪن کان خبر چار لهي سگهان.
پاڪستان ۾ ئي هوس ته منهنجو مير عطا سان اهو پروگرام ٺهيو هو ته ملاڪا پهچڻ کان ڪلاڪ اڌ اڳ مير عطا کي فون ڪندس ته هو بس اسٽاپ تي پهچي وڃي. ساڳي وقت اسان اهو به طئي ڪيو هو ته جي ڊاڪٽر صاحب کي ڪم ٿي پيو ته آئون پاڻهي ئي سندس آفيس ۾ اچي ويندس. هاڻ فون ڪري بس ڪيم ته بس ملاڪا سينٽرل جي احاطي ۾ داخل ٿي ۽ اسان ملاڪا جا مسافر بس مان لٿاسين. هرهڪ پنهنجي سفري ٿيلهي سان گڏ ٻاهر نڪري ويو يا چوڌاري دڪانن ۽ ريسٽورنٽن مان ڪنهن ۾ گهڙي ويو. آئون هڪ هنڌ بيهي پنهنجي آس پاس جو جائزو وٺڻ لڳس. ڀت سان لڳل اٺ ڏهه ڪرسين تي ويٺل ملئي همراهن مان هڪ اٿي مون وٽ آيو. ”خبر ناهي ڇا ٿو پڇڻ چاهي“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
”ڪنهن هوٽل يا ڪنهن ڪمپونگ (ڳوٺ) هلڻ چاهيو ٿا؟“ هن ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ پڇيو.
”اوهه! توهان ٽئڪسي ڊرائيور آهيو؟“ مون ملئي زبان ۾ پڇيو.
”جي ها. نه فقط آئون پر هي سڀ.“ هن ٻڌايو.
مون مڙي هنن کي سلام ڪيو ۽ مرڪندي هڪ هڪ سان هٿ ملايو. هو وائڙا ٿي ويا.
”انچڪ (جناب) ڪيڏانهن هلڻو آهي؟“ هنن مان هڪ وري پڇيو.
”نه، نه ڪيڏانهن به وڃڻو ناهي“، مون کلندي چيو ۽ هڪ خالي ڪرسي تي ويهي چيو، ”توهان سان ملڻو ۽ خبرچار ڪرڻي آهي.“
”ضرور ضرور“ هنن مان هڪ ٻاهرين دل سان تڪلف طور ته چيو پر آئون سندن چهرا پڙهي رهيو هوس ته هو سڀ سخت حيران هئا ته هي ڪهڙو ڌاريون ٽوئرسٽ يا مڪاني ماڻهو آهي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.“ مون به ڄاڻي واڻي سندن تفريح وٺڻ لاءِ ڪجهه دير خاموشي اختيار ڪري، ڳچيءَ مان ٿيلهو لاهي هيٺ رکيو يعني سندن ٽئڪسي ۾ سوار ٿي کين ڀاڙو ڪمائڻ ۾ مدد ڪرڻ بدران ٺهي ٺڪي ويهي رهيو هوس. هو صاحب وائڙا ٿي رهيا هئا ته هي آهي ڪير. شڪل مان ته ٽوئرسٽ ۽ جينٽل مئن لڳي ٿو پر حرڪتن مان عجيب واندو لڳي ٿو. مون کين وڌيڪ پريشان ڪرڻ بدران کلي چيو:
”يارو! آئون هن ئي شهر ۾ چِگُو (Cigu) ماستر صاحب ٿي رهيو آهيان. لکڻ منهنجي هابي آهي ۽ مون لاءِ سڀ کان گهڻين دلچسپ خبرن جو Source توهان يعني ملاڪا جا ٽئڪسي ڊرائيور رهيا آهيو.“
هو کلڻ لڳا.
توهان جيڪڏهن ملائيشيا ۾ رهو ٿا ۽ توهان کي ملئي زبان به اچي ٿي ته ملائيشيا جي ڪنهن شهر جي ٽئڪسي اسٽينڊ تي وڃي ٽئڪسي ڊرائيورن جي ڀر ۾ ويهو. جيسين ڪو گراهڪ اچي هو وقت پاس ڪرڻ لاءِ جيڪي ويهي خبرون ڪندا آهن، اهي ٻڌڻ وٽان ٿين ٿيون. مون کي به ڪافي عرصو هن قوم سان ڪچهري ڪندي ٿي ويو هو، سو اڄ جيسين منهنجو ميزبان ڊاڪٽر مير عطا مون کي وٺڻ لاءِ پهچي تيسين مون هنن سان خبرون ڪرڻ ۾ بهتري سمجهي ۽ هو به منهنجو تعارف ٻڌڻ تي پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ لڳا ۽ هڪ ان ئي وقت مون لاءِ چانهه به وٺي آيو پر اڃا ڏهه منٽ به ڪي مس ٿيندا ته ڊاڪٽر صاحب پهچي ويو ۽ مون کي کانئن موڪلائڻو پيو.