الطاف شيخ ڪارنر

مون کي موهيو ملائيشيا

الطاف شيخ جو هي سفرنامون مون کي موهيو ملائيشيا سندس نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر وڃي يادو تازا ڪرڻ اُتي جي ڪنهن نه حوالي سان منفرد يا بهتر شين جي ذڪر جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3746
  • 726
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مون کي موهيو ملائيشيا

مير ۽ سندن مهمان نوازي

ملاڪا شهر ۾ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي پروٽان GEN-2ڪار ۾ خوب چڪر هڻڻ جو موقعو مليو. آچر جو ڏينهن ته موڪل هئي پر مير صاحب منهنجي ڪري سومر اڱارو به کڻي موڪل ورتي.
”عطا هي ڇا؟“ مون چيومانس
”سائين توهان کي اڪيلو ڪيئن ڇڏيان“ ڊاڪٽر صاحب جواب ڏنو ۽ مون کان کل نڪري وئي.
”ڊاڪٽر صاحب ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو! حيدرآباد جي صدر يا هيرآباد واري علائقي ۾ ته ڀلجي سگهان ٿو پر هن شهر ۾ ڪيئن ٿو گم ٿي سگهان، جنهن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڏهه سال کن رلندو رهيس.“
ڪراچيءَ مان جيئن ئي مون ڊاڪٽر عطا کي ساڻس ملڻ لاءِ ملاڪا اچڻ بابت لکيو ته هو بار بار مون کان ملاڪا ۾ پهچڻ جي پڪي تاريخ پڇڻ لڳو.
”مير صاحب! اسان ليکڪ موڊي ماڻهو ٿيندا آهيون. بس جنهن ڏينهن موڊ ٿيو ته ڪوالالمپور کان بس ۾ چڙهي تو وٽ ملاڪا اچي ٺڪاءُ ڪندس.“
ڊاڪٽر مير عطا سان ملاڪا ۾ ملڻ لاء،ِ ڪجهه منهنجي ڪراچي جي دوست مير مشتاق ٽالپر پڻ شوق ڏياريو هو، ڪجهه مون کي پاڻ به هو ته ان هم وطن نوجوان سان ملان جيڪو پرديس جي ان شهر ۾ ڊاڪٽر به آهي ته بزنيس مين به، جنهن شهر ۾ مون ملائيشيا جي جهازرانن کي پڙهايو. ان وقت سڄي ملاڪا ۾ ڪو پاڪستاني نظر نٿي آيو. جيڪڏهن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ آيو ٿي ته ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪوالالمپور ۾ آيو ٿي. گهمڻ لاءِ به جيڪو ايندو هو اهو ڪوالالمپور اچي پوءِ پينانگ ۽ سنگاپور هليو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ لنگڪوي ٻيٽ اڃان ڊيولپ نه ٿيو هو ۽ نه اڃان صحيح طرح ٽوئرزم وڌي هئي. منهنجو ڪو سڃاڻو ڪوالالمپور ايندو هو ته پنهنجو شهر ملاڪا ڏيکارڻ لاءِ هن کي ڪوالالمپور مان وٺي ايندو هوس ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن کيس ڇڏي ايندو هوس يا ملاڪا مان بس ۾ چاڙهي ڇڏيندو هوس ته ڪوالالمپور يا سنگاپور وڃي پنهنجي گروپ جي ساٿين سان ملي، جن سان گڏ هو گهمڻ لاءِ يا ڪانفرنس يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ نڪتو آهي.
ملاڪا واپس آئي مون کي ڪافي عرصو ٿي چڪو هو سو سوچيو هوم ته ملاڪا شهر ۾ ڊاڪٽر عطا سان ملي ڀرواري ڳوٺ سنگائي اڊانگ يا مسجد تاناح ۾ پنهنجي ڪنهن ملئي دوست جي گهر رهي پوندس. پر مير صاحب پنهنجي خانداني روايتن موجب منهنجو مهمان جي حيثيت سان اهڙو ئي خيال رکڻ چاهيو ٿي جهڙو سندس ڳوٺ ۾ ڪو مهمان اچي. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هو منهنجي پروگرام بابت ان ڪري پڪ ڪرڻ چاهي ٿو جيئن هو مون لاءِ هوٽل ۾ اڳواٽ ڪمرو بڪ ڪري ڇڏي. هن نٿي چاهيو ته منهنجي مهمانوازيءَ جا فرض ٻيو ڪو سرانجام ڏئي.
پوءِ جڏهن منهنجي ملاڪا وڃڻ جي پڪ ٿي ۽ کيس اِي ميل ذريعي اهي تاريخون لکيم ته ٻئي ڏينهن سندس خط آيو ته هن منهنجي لاءِ هوٽل رينائسنس Hotel Renaissance ۾ ڪمرو بڪ ڪري ڇڏيو آهي.
اهو پڙهي مون email ڪرڻ تي به وقت نه وڃايو ۽ کيس يڪدم فون ڪيو ۽ کلندي سمجهايو ”سائين توهان اجايو تڪلف ۽ خرچ ٿا ڪريو. آئون کاڌي پيتي ۽ رهائش جي معاملي ۾ مست ملنگ آهيان. هونءَ به هڪ سياح جي حيثيت ۾ سڄو ڏينهن ٽنگون هڻي رات جا ٻه پهر جالان (شاهراهه) منشي عبدالله تي رکيل سيمينٽ جي بينچن تي به آرام جي ننڊ سمهي سگهان ٿو سو توهان منهنجي لاءِ اجايو جالان بينداهارا تي ٺهيل فائيو اسٽار هوٽل رينائسنس ۾ ڪمرو بڪ نه ڪيو.“
”سائين مون کي خوشي ٿيندي ته توهان جهڙو اهم ماڻهو مون وٽ ان هوٽل ۾ مهمان ٿي رهي.“ ڊاڪٽر عطا چيو.
”مير صاحب توهان به ڪمال ٿا ڪريو ۽ مون کي الائي ڇا ٿا سمجهو. يا پڪ مشتاق ٽالپر توهان سان منهنجي اجائي ڪا تعريف ڪئي آهي.“ مون چيو.
ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته هن وٽ سرڪاري دورن تي مهمان ايندا رهن ٿا ۽ انهن کي هن هوٽل ۾ رهائڻ ڪري هن هوٽل وارا کيس هر سال ڪجهه ڏينهن مفت ۾ رهڻ لاءِ ڏيندا آهن.
”ڊاڪٽر صاحب! منهنجي ڳالهه مڃو. ڀلي کڻي توهان کي Payment نه ڪرڻي پوي ان هوندي به آئون اهڙي هوٽل ۾ رهندي Uneasy محسوس ڪندس. بهتر ٿيندو ته اهو فائدو توهان ڪنهن ٻئي شوقين قسم جي مهمان لاءِ بچائي رکو ۽ مون لاءِ ڪا هڪ اسٽار واري سستي هوٽل ڊريم هوٽل (لڪسا مانا چينگ هو روڊ واري) يا جالان Kee Ann روڊ واري گولڊ ليف هوٽل يا فارموسا هوٽل جهڙي ۾ ڪمرو ڪجو.
بهرحال ڊاڪٽر عطا منهنجي ڳالهه مڃي ۽ واعدو ڪيائين ته هو مون کي ڪنهن سستي قسم جي هوٽل ۾ رهائيندو.
ملاڪا پهچڻ تي سڄو ڏينهن گهمائڻ بعد ڊاڪٽر عطا شام ڌاري پنهنجو ميڊيڪل ڪاليج ڏيکارڻ آيو ته مون چرچي چرچي ۾ چيومانس ته اسان جي نيول اڪيڊمي ۾ شاگردن جي رهائش لاءِ ٻه ٽي هاسٽلون هونديون هيون، جن جا ڪمرا اسان کي مهمانن جي رهڻ لاءِ روز جي مسواڙ تي ملندا هئا. ڇا توهان جي ڪاليج ۾ اهڙي هاسٽل ناهي جنهن جي ڪمري ۾ آئون رهي پوان؟
”سائين پوءِ ته منهنجو گهر به حاضر آهي،“ ڊاڪٽر عطا چيو، ”شهر کان ڪجهه پري هجڻ ڪري ۽ اڃان نئون خريد ڪرڻ ڪري مون کي اهو خيال پئي ٿيو ته متان توهان کي رهڻ ۾ تڪليف ٿئي. ان ڪري مون توهانکي شهر جي وچ ۾ ڪنهن هوٽل ۾ رهائڻ چاهيو ٿي، جتي توهان کي نيرن به سٺي ملي سگهي.“
عطا جي گهر آياسين. ڇا ته خوبصورت ٻهراڙي وارو علائقو هو، جتي هيءَ نئين ڪالوني هن ئي سال ٺهي آهي. ڊاڪٽر عطا چيو ته ڪمري جي درين لاءِ اڃان پڙدا به نه ورتا اٿم.“
”ڊاڪٽر صاحب فڪر ئي نه ڪريو، سج جي روشنيءَ ڪري پڙدا هڻبا آهن جيئن ننڊ نه ڦٽي. اسان سج اڀرڻ کان اڳ اٿڻ وار آهيون.“ اهو چوندي ورانڊي ۾ رکيل فرج جو در کولي ڏٺم.
”واهه سائين واهه! توهان منهنجي نيرن جو به فڪر نه ڪريو. منهنجي پسند جي شيءِ ڊبل روٽي، بيضو ۽ مکڻ پيو آهي. توهان رڳو مون کي ڪچن ۾ هلي ڏيکاريو ته چانهه جي پتي ڪهڙي دٻي ۾ آهي ۽ چانهه ٺاهڻ لاءِ ڪهڙي ديڳڙي کڻان. منهنجي جنهن وقت دل چوندي چانهه ٺاهي نيرن ڪري ڇڏيندس.“ مون چيو ۽ اسان جو ڊاڪٽر صاحب ڪو جواب ڏيڻ بدران رڳو مرڪندو رهيو.
آخري ڏينهن تي جالان بينداهارا تان لنگهي رهيا هئاسين ته ڊاڪٽر عطا جي پٽ مير غلام محمد ”هوٽل بي ويو“ ڏي اشارو ڪري چيو ته انڪل هوٽل رينائسنس بعد ابوءَ توهان کي هن هوٽل ۾ ٿي رهائيو.
”ڪمال ٿا ڪريو عطا!“ مون ڊاڪٽر عطا کي چيو، ”هيءَ وري ڪهڙي سستي هوٽل آهي! اجايا روز جا 200 رنگٽ خرچ ڪئي ٿي ۽ اسان چانهه ۾ پاپا ٻوڙي کائڻ وارن لاءِ هوٽل جي ست رڇي نيرن ڪهڙي ڪم جي!“
ڊاڪٽر عطا ۽ سندس پٽ کلڻ لڳا.
”سائين منهنجي دلي خواهش هئي ته توهان کي ملاڪا جي Best هوٽل Renaissance ۾ رکان، جيئن توهان هن هوٽل کي به ڏسو ته اندران ڪيتري خوبصورت آهي.“ ڊاڪٽر عطاچيو.
”انشاءَ الله ٻئي دفعي مشتاق ٽالپر سان گڏ آيس ته توهان جي دل رکڻ لاءِ هڪ يا 2 ڏينهن ان ۾ رهي پونداسين.“ مون چيو ۽ پوءِ ٿورو ساهه پٽي ڊاڪٽر کي ٻڌايم ته اها هوٽل اسان جي ڏينهن ۾ ٺهي. ”ان وقت جو چيف منسٽر مسٽر رحيم تامبي چِڪ منهنجو سٺو دوست هو. هن جو هن هوٽل ۾ خبر ناهي شيئر هو يا هوٽل جو چيني مالڪ سندس دوست هو جو هو هر مهيني ڏيڍ مون کي، هتي جي انڊين E.N.T سرجن اسحاق ۽ هڪ ٻن ٻين کي هن هوٽل ۾ ڊنر جي دعوت ڪندو هو. 300 کن ڪمرن جي هيءَ فائيو اسٽار هوٽل ٺهي ته وئي هئي، پر انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئا ٽوئرسٽ! يورپ جي ڪجهه ملڪن جا ڪي ڪنگلا ٽوئرسٽ نظر ايندا هئا، جيڪي ٻن تارن وارين هوٽلن ۾ به نه رهندا هئا. فٽ پاٿ تي تڏو وڇائي رات گذاريندا هئا. 1990ع تائين هن هوٽل جا ڪمرا خالي هوندا هئا. ڪيترن ادارن کي هو 50 سيڪڙو ڊسڪائونٽ به ڏيندا هئا. مون کي به آفيس وارا جڏهن ملاڪا بندرگاهه ۾ ڪو جهاز Survey ڪرڻ لاءِ موڪليندا هئا ته رات جي رهائش لاءِ هن هوٽل ۾ ڪمرو ڏيندا هئا. ان کان علاوه آئون ملاڪا سٽي روٽري ڪلب جو ميمبر به آهيان ۽ اسان جي ڪلب جون هفتيوار گڏجاڻيون هن هوٽل ۾ ٿينديون هيون. هن هوٽل جي انهن ڏينهن ۾ بيڪري تمام سٺي هئي. واپسي تي آئون بسڪٽ ۽ ڊبل روٽي وٺي ويندو هوس.“
”صحيح ٿا چئو،“ ڊاڪٽر عطا چيو، ”هوٽل رينائسنس جي بيڪري اڄ به سڄي ملاڪا ۾ ائين مشهور آهي جيئن حيدرآباد جي بمبئي بيڪري!“
مٿي ذڪر ڪيل منهنجي ڪراچي جي دوست مير مشتاق ٽالپر بابت هتي ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
مشتاق علي ٽالپر غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب جي سياسي پارٽي نيشنل پيپلز پارٽي (NPP) جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ۽ سنڌ صوبي جو پارٽي نائب صدر آهي. هن 1983ع واري MRD تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ مليٽري حاڪم ضياءُ الحق جي حڪم تي کيس حيدرآباد ۽ پوءِ خيرپور جي جيلن ۾ رکيو ويو.
مشتاق ٽالپر عمر ۾ مون کان 4 سال ننڍو آهي، منهنجي ساڻس واقفيت پهرين email ذريعي ٿي. پاڻ ڪراچي روٽري ڪلب جو نه رڳو پراڻو ميمبر آهي، پر ڪراچي ڪانٽيننٽل ڪلب جو سال 2001-2000ع ۾ صدر به رهي چڪو آهي. هو ڪراچي جي Caledonian سوسائٽي جو ۽ سنڌ ڪلب جو پڻ ميمبر آهي. کيس جنگلي جيوت (Wild Life) سان بيحد پيار آهي ۽ ماحول کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ هن جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. کيس پراڻيون شيون گڏ ڪرڻ جو پڻ شوق آهي، جن مان ڪجهه سندس ڳوٺ ٽنڊو محمد خان واري بنگلي ۾ رکيل آهن ته ڪجهه ڪجهه ڪراچي واري گهر ۾ آهن. پاڻ ڪراچي جي Kiwanis ڪلب جو پهريون چارٽر ميمبر آهي. پاڻ خير جي ڪمن کان به مشهور آهي. ٽنڊو محمد خان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هو هر وقت مفت اکين جي علاج جون ڪئمپون هڻائيندو رهي ٿو. ان کان علاوه Burn Unit جو بندوبست ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻن جون تڪليفون دور ڪرڻ لاءِ هو خاموشي سان ڪم ڪندو رهي ٿو. نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ پر وت آهر ڌارين ملڪن جي غريب ماڻهن جي به مدد ڪندو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ منهنجي مشتاق سان خط و ڪتابت ان وقت شروع ٿي جڏهن آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾ غريب ماڻهن لاءِ کوٽايل کوهن جي بندوبست لاءِ مون کي خبر پيئي ته ان نيڪ ڪم ۾ پاڪستان جي روٽيرين مير مشتاق علي ٽالپر جو هٿ آهي.
مشتاق جو ٽالپرن جي شاهواڻي شاخ سان تعلق آهي. پاڻ 4 آگسٽ 1948ع تي ڪراچي جي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ”قصر ناز“ ۾ جنم ورتو، جتي سندس چاچو مرحوم مير غلام علي ٽالپر وزير جي حيثيت سان رهيو ٿي. مير غلام علي سياسي دنيا ۾ سنڌ جي هڪ اهم شخصيت آهي. پاڻ 1909ع ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ڄائو.
مير غلام علي ٽالپر بنيادي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد عليڳڙهه ۽ بمبئي يونيورسٽين مان پڙهيو. هن 1936ع کان سياسي پيشي جي شروعات بدين ۽ ٽنڊو باگو تڪن مان اليڪشن کٽڻ سان ڪئي. هن سڄي زندگي ڪڏهن به اليڪشن نه هارائي. هو 2 دفعا حيدرآباد لوڪل بورڊ جو صدر پڻ چونڊيو ويو جو پهريون دفعو وزير 1940ع ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي سنڌ ڪابينا ۾ ٿيو. ان بعد هو ڪيترائي دفعا سنڌ صوبائي ۽ فيڊرل وزير ٿي رهيو. اسان جي دوست مير مشتاق ٽالپر وانگر سندن هي چاچو مير غلام علي ٽالپر به مهمانوازي کان مشهور آهي. ايتريقدر جو دنيا جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون هن وٽ هلي ملي ٽنڊو محمد خان اچي مهمان ٿي رهيون. انهن مان ڪجهه هي آهن: سعودي عرب جو بادشاهه سعود ابن عبدالعزيز، اردن جو بادشاهه حسين بن طلال، عراق جو بادشاهه فيصل، چين جو وزيراعظم چائو اين لائي، افغانستان جو بادشاهه ظاهر شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي. آغا خان جي فيملي جا به هن سان سٺا تعلقات هئا ۽ شهزادو علي آغا خان ۽ ڪريم آغا خان هنن جي حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان وارن گهرن تي ايندا رهيا ٿي. انيڪ خصلتن جي مالڪ هن مير 1963ع ۾ وفات ڪئي. بهرحال اسان مير مشتاق ٽالپر جي ڳالهه پئي ڪئي، جيڪو مير غلام علي ٽالپر جو نياڻو (ناٺي) به ٿئي. مشتاق صاحب کي ٽي ٻار آهن، ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ مير علي نواز ٽالپر. مير علي نواز گذريل اليڪشن ۾ پنهنجي ٽنڊو محمد خان واري تڪ مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به چونڊيو هو ۽ هينئر سنڌ جي وزيراعليٰ جو مشير آهي. مٿس سندس ڏاڏي جو نالو آهي، ان ڪري کيس مير علي نواز ٽالپر ’جونئر‘ به سڏين ٿا. سندس ڏاڏو يعني اسان واري دوست مير مشتاق ٽالپر جو والد صاحب مير علي نواز ٽالپر ’سينئر‘ ٻه دفعا وزير رهي چڪو آهي. هڪ دفعو عبدالستار پيرزادي جي ڪابينا ۾ ۽ ٻيو دفعو نواب مظفر قزالباش جي ويسٽ پاڪستان ڪابينا ۾. ايوب خان جي اچڻ تي هن وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.