ملائيشيا ۾ ڌاريان ماڻهو ڇو ٿا اچن.....
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر سعيد ٽالپر جي والد صاحب مير باغ علي ٽالپر جو وڏو ڀاءُ ٿئي ۽ هو مير غلام رسول ٽالپر جا فرزند آهن. مير باغ علي ٽالپر کي ٽي پٽ آهن. وڏو خليل احمد آئرلينڊ ۾ رهي ٿو. ٻيو نمبر فاروق احمد ڳوٺ ۾ رهي زمينون وغيره سنڀالي ٿو. اسان وارو سعيد احمد ٽالپر سڀ ۾ ننڍو آهي. سعيد ٽنڊوڄام جي ٽالپر وليج اسڪول مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 مان ڪئي ۽ انٽر موسيٰ خان کٽياڻ مان ڪئي. سال 2004ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان B.Sc ڪرڻ بعد ورلڊ بئنڪ پروجيڪٽ ماتلي جي طرفان هو ناروي جي شهر برگن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جتان پوءِ هن کي ملاڪا جي هن انٽرنيشنل اسڪول لاءِ گهرايو ويو.
اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهيل هوس تڏهن سڄي ملائيشيا ۾ فقط ڪوالالمپور ۾ انٽرنيشنل اسڪول هوندو هو، جتي سڀ ڪجهه انگريزي ۾ پڙهايو ويو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته او ليول يا اِي ليول ڪرڻ وارن کي هڪڙو مڪاني زبان يعني ملئي جو سبجيڪٽ پڙهڻو پيو ٿي، جيئن سنگاپور ۾ اتي جي ٽن قومي زبانن: چيني، ملئي يا تامل زبان مان هڪ سبجيڪٽ کڻڻو پيو ٿي. ياد رهي ته سنگاپور جي چوٿين قومي زبان انگريزي آهي.
ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا وارن کي انٽرنيشنل اسڪول يا ٻين ان قسم جي اسڪولن جي ضرورت ئي ڪهڙي جيئن اسان وٽ بيڪن اسڪول، گرامر اسڪول، رفليڪشن، Roots، آرمي پبلڪ اسڪول قسم جا اسڪول وڌندا وڃن، جن ۾ پڙهائي سٺي هجڻ ڪري سرندي وارا ٻُڪ ٽڪن جا ڏيئي پنهنجن ٻارن کي پڙهائين ٿا، جيئن هنن جي انگريزي سٺي ٿئي ۽ ان قسم جا اسڪول شهرن ۾ هجڻ ڪري شهرن جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ نوڪريون به، انهن کي ئي ملن ٿيون جو اهڙن اسڪولن مان پڙهڻ سان ٻار نه فقط سٺي تعليم حاصل ڪري ٿو پر هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به چست ۽ پُراعتماد ٿئي ٿو ۽ انٽرويو ۾ هو سوال ڪندڙ صاحبن کي وڌيڪ Impress ڪريو وڃي. ملائيشيا ۾ ائين نه آهي. هنن جي پوليس ۽ جوڊيشري (عدالتن) وانگر تعليم جي پاليسي به واهه جي رکي وئي آهي. جن کي دنيا ڄٽ ۽ جنگلن جا رهاڪو سمجهيو ٿي انهن ملئي ماڻهن اهو ڪي ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي جو اڄ دنيا جا ڪيترائي ملڪ ملائيشيا کي فالو ٿا ڪن. اهو فقط ان ڪري جو هنن وٽ نه فقط قاعدا قانون آهن پر انهن تي عمل به ٿئي ٿو، جنهن جو مظاهرو آئون 1970ع کان ڏسندو اچان ته ڪيئن قاعدو قانون پاس ٿيڻ شرط ان تي عمل به شروع ٿيو وڃي ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن کي يڪدم سزا ملڻ ڪري سڀ سڌا ٿيو وڃن. ڪيترين ڳالهين ۾ ته قانون ناهي پر ملڪ جو وزيراعظم يا صوبي (رياست) جو وزيراعليٰ، گورنر يا سلطان ڪا صلاح ڏئي ٿو ته ان کي به حڪم سمجهي مڃيو وڃي ٿو ۽ سڀ ڪو ان کي بهتري سمجهي ان تي عمل ڪري ٿو جو هو سمجهن ٿا ته ان پٺيان سندن حاڪم جي نيڪ نيتي آهي. مون کي ياد آهي ته 1984ع تائين ملائيشيا جي آفيسن توڙي اسان واري تعليمي اداري جو ڊيوٽي ٽائيم صبح جو 8 کان شام جو چئين تائين هو. پوءِ هڪ ڏينهن ملڪ جي وزيراعظم آزادي واري ڏينهن تي تقرير دوران چيو ته، ”ملائيشيا کي ترقي يافته ملڪ بنائڻ لاءِ اسان کي اڃان به گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. آئون توهان تي زور نٿو ڀريان پر جي ڪڏهن توهان روزانو اڌ ڪلاڪ وڌيڪ ڊيوٽي ڪندائو ته پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ سٺائي ڪندائو.“
مون سمجهيو ته اها ڳالهه ائين ئي آئي وئي ٿي ويندي پر مون ڏٺو ته ٻئي ڏينهن کان هر هڪ چئين وڳي موڪل ڪرڻ بدران ساڍي چئين موڪل ڪرڻ لڳو ۽ اهو عالم ملڪ جي هر آفيس ۾ شروع ٿي ويو ۽ هتي ملائيشيا ۾ ڊيوٽي جو مطلب اهو ناهي ته آفيسن ۾ آفيسر لڀن نه رڳو ڪلارڪ ۽ پٽيوالا ويٺا هجن. ملائيشيا جي چاهي انڪم ٽئڪس آفيس هجي يا پوليس کاتي جي آفيس يا ڪو ٻيو ڊپارٽمينٽ، ان جو ڪمشنر، ڊي آءِ جي يا ٻيو اعليٰ عملدار به اٺين وڳي پنهنجي آفيس جي ڪرسي تي نظر ايندو ۽ ساڍي چئين وڳي آفيس ڇڏيندو. ان ۾ هو بي ايماني ڪري نٿو سگهي جو هن کي آفيس اچڻ وقت ۽ ڇڏڻ وقت پنهنجو حاضريءَ جو ڪارڊ ”ڪِلاڪ مشين“ ۾ وجهي وقت جي پابندي ۽ پنهنجي موجودگي جو ثبوت ڏيڻو پوي ٿو ۽ اهو ڪم وزيرن ۽ ملڪ جي وزيراعظم کي به ڪرڻو پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هتي عام ماڻهو رلي نٿو، هو جنهن به آفيس ۾ وڃي ٿو، ان جو هرهڪ ماڻهو پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو آهي ۽ جلد ڪم جو اڪلاءُ ٿيو وڃي.
اهڙي طرح ملائيشيا وارن پنهنجي تعليمي نظام کي درست بڻايو آهي. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ مختلف مذهبن ۽ زبانن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ جي چيني آهن ته انهن جون چيني زبانون به مختلف آهن: ٽيوچو، منڊارين، ڪئنٽونير، هَڪا، هُڪين وغيره. جي انڊين آهن ته اهي به مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا تامل، مليا لم، ڪنهڙ، گجراتي، پنجابي، هندي، اڙدو ڳالهائڻ وارا آهن پر ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين، شهرن کان ڳوٺن، ويندي لنگڪوي ٻيٽن تي، ڪي جي نرسري کان مئٽرڪ تائين ساڳيو سليبس رکيو ويو آهي. اسڪول جو ساڳيو ٽائيم ستين کان هڪ رکيو ويو آهي. صبح جو پوري ستين اسڪولن جا در بند ڪيا وڃن ٿا ۽ دير سان اچڻ وارو ٻار کڻي ڪنهن جو به پٽ هجي هن جي غير حاضري لڳي ٿي. ٻارن جي هڪ بجي موڪل ٿئي ٿي پر پڙهائڻ وارن ۽ اسڪول آفيس جي ڪلارڪن کي وڌيڪ هڪ ڪلاڪ اسڪول ۾ ترسي ٻي وڳي موڪل ڪرڻي پوي ٿي. هرهڪ ٽيچر لاءِ اهو ضروري آهي ته هو يا هوءَ مقرر مدي ۾ ڪورس پورو ڪرائي ۽ هر ڪتاب جو پهرين صفحي کان آخري تائين پڙهايو وڃي ٿو. هيٺين ڪلاسن جا سبجيڪٽ ملئي زبان ۾ شروع ٿي پوءِ مٿين ۾ انگريزي اچيو وڃي ۽ هتي جي ڳوٺ جو مئٽرڪ پاس به اسان جي ڪيترن شهري ۽ انگريزي اسڪولن جي ٻارن کان تعليم، جنرل ناليج ۽ انگريزي ڳالهائڻ ۾ هوشيار آهي. پوءِ جڏهن ڳوٺ ۽ شهر جو اسڪول ۽ منجهس پڙهائي هڪ جهڙي هجي ته ٻار ڇو پيو سڄي شهر ۾ ٽلڪي. اسان وٽ هر پاڙي جا ٻار مختلف اسڪولن ڏي ويندا. پوءِ ڪو ڪلفٽن کان اڌ شهر لتاڙي نرسري يا طارق روڊ تي ڪنهن اسڪول ۾ ويندو ته ڪو ڪورنگي ڏي. اهو ئي حال حيدرآباد، سکر، ڪوئيٽا ۽ ٻين شهرن جو آهي. فقط اسڪول وڃڻ ۽ موٽڻ ۾ ٻارن جو ڪلاڪ ٻه ضايع ٿيو وڃي. پر هيڏانهن ملائيشيا ۾ هرڪو ٻار پنهنجي گهر جي ويجهي واري اسڪول ۾ وڃي ٿو. اڌ کان وڌيڪ ٻار پنڌ وڃن، ٻين کي مائٽ، پيءُ ماءُ يا پڦي ماسي سائيڪل تي ڇڏي اچي. ورلي ڪو ٻار ڪار ۾ ايندي نظر ايندو. اسان وٽ اسڪول وڃڻ وقت ۽ موڪل جي ٽائيم تي ٽريفڪ جام جو عجيب منظر رهي ٿو.
سعيد ٽالپر کي چيم ته جڏهن هتي جي عام اسڪولن جي پڙهائي به بهترين آهي ۽ في به نه برابر آهي ته پوءِ ان صورت ۾ هتي جي ماڻهن جا ٻار ته هن مهانگي انٽرنيشنل اسڪول ۾ هرگز نه ايندا هوندا ۽ اچن به ڇو؟ ٻي ڳالهه ته ملاڪا تاريخي شهر آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ اڄڪلهه سوين ٽوئرسٽ روزانو اچن ٿا ۽ هتي جي هر هوٽل فل رهي ٿي، پر هن اسڪول ۾ ته انهن فارينرن (Expatriates) جا ٻار پڙهي سگهن ٿا، جيڪي هتي ملاڪا ۾ نوڪري ڪن. ائين ته ملاڪا ۾ ڪجهه ڪاليج، يونيورسٽيون، فئڪٽريون ۽ بين الاقوامي فرم کلڻ ڪري هتي رهندڙ فارينرن جو تعداد وڌيو آهي پر اهي ايترا ته نه آهن جو انٽرنيشنل اسڪول جهڙو مهانگو تعليمي ادارو ڪو خانگي طرح هلائي سگهي؟
ڪوالالمپور ۾ ته هاڻ ان قسم جا ۽ ٻيا ڪيترا انگريزي ميڊيم وارا اسڪول کلي پيا آهن، جو ان جي آس پاس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ انجنيئرنگ فرم آهن، جن ۾ ڌارين ملڪن جا سوين پروفيسر، ڊاڪٽر، سرجن، سائنسدان ۽ انجنيئر نوڪري ڪن ٿا. اهڙا سوين شاگرد اهي آهن جيڪي پنهنجن ملڪن ۾ مختلف هنڌن تي پروفيسر آهن ۽ شادي شده آهن. هو هتي Ph.D ڪرڻ لاءِ ٽن کان پنجن سالن لاءِ اچن ٿا ۽ هو پنهنجن ٻارن کي انگريزي يا فرينچ ۾ تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا، جيڪا زبان سندن يورپي، ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن ۾ عام آهي. ان کان علاوه ڪوالالمپور ۾ دنيا جي ملڪن جا سفارتخانا، هوائي ۽ بحري جهازن جون ڪمپنيون آهن، جن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر پنهنجن ٻارن کي هنن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا ۽ هو ههڙن اسڪولن جون ڳريون فيون Afford ڪري سگهن ٿا. ٻنهي ڌرين کي ان ۾ فائدو رسي ٿو. ملائيشيا وارا ڳريون فيون رکي ڌارين مان خوب ناڻو ڪمائين ٿا ۽ ڌاريان ماڻهو هيڏين ڳرين فين جي باوجود خوش آهن جو هنن کي ملائيشيا ۾ رهائش ۽ اسڪول جا خرچ وري به يورپ، جپان يا عرب ملڪن کان گهٽ ٿا پون.
سعيد ٽالپر منهنجي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ملاڪا انٽرنيشنل اسڪول ۾ ملاڪا ۾ نوڪري ڪندڙ ڌارين ماڻهن کان علاوه اهي ٻار پڻ پڙهن ٿا جن جا پيئر يا مائرون مختلف ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿيون پر اتي جي پڙهائي سٺي نه هجڻ ڪري هو پنهنجن ٻارن کي ملاڪا موڪلين ٿا ۽ هتي جي حڪومت ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي جيڪي هتي ٻار پڙهائين ٿا، انهن کي اها سهوليت ڏني آهي ته ٻار جو هڪڙو Parent (ماءُ يا پيءُ) ٻار سان گڏ رهي سگهي ٿو.
ملاڪا انٽرنيشنل اسڪول (MIS) 1993ع ۾ ملاڪا جي هڪ جهوني مسجد تنگڪرا جي ڀرسان جنهن علائقي ۾ ٺهيو آهي اهو ”تمن سيانتان“ سڏجي ٿو ۽ اسڪول جي ڀرسان لنگهندڙ روڊ جو نالو پڻ Siantan آهي. سعيد ٻڌايو ته هن وقت 17 ملڪن جا ٻار هِن اسڪول ۾ پڙهن ٿا، جن مان ڪجهه ڪوريا، جپان، انگلينڊ، آمريڪا، آسٽريليا، جرمني، ڪئناڊا ۽ آلجيريا وغيره جا آهن. آلجيريا جي ٻار جي عرب ماءُ ڳالهه ڪئي ته هو آسٽريليا جا شهري آهن، سندس مڙس کي دبئيءَ ۾ نوڪري آهي. هوءَ دبئي يا آسٽريليا ۾ رهي ٻارن کي پڙهائڻ بدران هتي رهڻ پسند ڪري ٿي جو ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي. ائين ته دبئي به مسلمانن جو ملڪ آهي پر اتي نه ايڏي پڙهائي سٺي آهي ۽ نه وري ايڏو فضيلت وارو ماحول آهي.
”ملائيشيا جي سٺي موسم کان علاوه کاڌي پيتي جون شيون به دبئي، آسٽريليا ۽ آلجيريا کان سستيون آهن“، هن ٻڌايو ۽ هوءَ عورت ٿي ڪري ڪار به هلائي ٿي ۽ اڪيلي سر ٻارن کي پارڪ يا بازار ۾ به وٺي وڃي سگهي ٿي.“
اهڙي ساڳي ڳالهه ڪويت ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ پاڪستانيءَ جي زال ٻڌائي. هو جيتوڻيڪ آمريڪا جا شهري آهن پر ٻارن کي آمريڪا يا ڪويت ۾ پڙهائڻ بدران هتي ملائيشيا ۾ پڙهائڻ وڌيڪ بهتر سمجهن ٿا. ڪجهه ٻار پاڪستاني به آهن. هڪ پاڪستاني ٻار جي ڏاڏيءَ ۽ ڏاڏي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪي ٽن مهينن جي ٽوئرسٽ ويزا تي پنهنجي ننهن وٽ آيا هئا، جيڪا ٻن ٻارن سان هتي ملاڪا ۾ رهي ٿي. هنن ٻڌايو ته سندن پٽ ڪنهن انٽرنيشنل اليڪٽرانڪ ڪمپنيءَ ۾ وڏو آفيسر آهي، جيڪو پهرين جدي ۾ هو ۽ هاڻ سائوٿ آفريڪا ۾ آهي. ”هر وقت بدلي ٿيڻ ڪري ٻارن جي تعليم ڊسٽرب ٿئي ٿي“، ٻارن جي ڏاڏي ٻڌايو، ”ان ڪري منهنجي پٽ زال ۽ ٻارن کي هتي رکيو آهي. سال ۾ ٻه دفعا اسڪولن کي موڪل ٿيڻ تي هو سائوٿ آفريڪا وڃن ٿا، اهڙا سال ۾ ٻه دفعا اسان جو پٽ ٻارن کي ڏسڻ لاءِ ملاڪا اچي ٿو.“
هنن ٻڌايو ته هنن ڪوالالمپور بدران ملاڪا کي ان ڪري ترجيح ڏني آهي جو هتي ڳوٺاڻي ۽ وڌيڪ سانت واري زندگي آهي. اسڪول جي ڀرسان ڪيتريون ئي نيون نيون گهڻ ماڙ عمارتون ٺهنديون رهن ٿيون، جتي رهائش لاءِ ڪو فليٽ خريد ڪرڻ يا مسواڙ تي حاصل ڪرڻ سولو ڪم آهي.
ملائيشيا کي آمريڪا واري نائن اليون ڪري به وڏو فائدو رسيو. هونءَ عرب ملڪن جا امير سعودي، ڪويتي ۽ گلف جا رهاڪو گهمڻ توڙي ٻارن جي تعليم لاءِ آمريڪا ۽ انگلينڊ کي ترجيح ڏيندا هئا پر پوءِ نائن اليون واري واقعي بعد دنيا ۾ عربن لاءِ وڌندڙ نفرت جو تاب نه جهلي هاڻ عرب ملائيشيا جو رخ رکن ٿا. ٻن ٽن سالن کان ڏسي رهيو آهيان ته پاڪستانين جو به ملائيشيا ڏي رخ وڌندو وڃي. هڪ اهڙي پاڪستانيءَ جو احوال هن کان اڳ واري ملائيشيا جي سفرنامي ”هليو آ هليو آ، ملائيشيا“ ۾ لکي چڪو آهيان ته هو ڪراچي کان وڌيڪ ڪوالالمپور يا ملاڪا کي ترجيح ڏئي ٿو. هن ٻڌايو هو ”آئون سٺ سالن جو آهيان ۽ رٽائرڊ زندگي گذاريان ٿو. منهنجي زال ابو ڌابي ۾ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ آفيسر آهي ۽ گهر جو خرچ هوءَ موڪلي ٿي ۽ آئون ڪراچيءَ ۾ رهي ٻارن کي پڙهايان پيو. پر هاڻ ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ هنگامن ۽ لوڊشيڊنگ جي ڪري ملائيشيا ۾ اچڻ چاهيان ٿو جو مون لاءِ جهڙو ڪراچي ۾ رهڻ تهڙو ڪوالالمپور، ڇو جو منهنجي ته ڪا ڪراچي ۾ نوڪري يا ڪاروبار به نه آهي. مون لاءِ جهڙو ڪراچي ۾ رهڻ تهڙو ڪوالالمپور ۾. پئسا ته مون ڏي هونءَ به ابو ڌابي کان اچن ٿا، پوءِ ڇو نه ڪنهن سڪون واري هنڌ تي رهان....“
منهنجي خيال ۾ ملائيشيا وڏو سياڻو چئبو، جنهن سنگاپور کان اهو سٺو طريقو سکيو آهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي، امن امان ۽ انصاف قائم رکو، خوشحالي پاڻهي ئي اچي ويندي. اڄ آئون ڏسي رهيو آهيان ته دنيا جا ماڻهو گهمڻ لاءِ به ملائيشيا اچن ٿا ته ٻارن جي تعليم ۽ پئسي جي سيڙپ لاءِ به ملائيشيا اچن ٿا. آخرڪار ههڙن انٽرنيشنل اسڪولن جون فيون ڪي گهٽ ته نه آهن. مثال طور ٻار جي داخلا لاءِ فقط درخواست جي في 500 رنگٽ يعني پاڪستاني 14000 روپيه آهي. رجسٽريشن في جيڪا هڪ دفعو ڏيڻي پوي ٿي ۽ اها Non Refundable آهي، ساڍا 3 هزار رنگٽ (يعني ملائيشين ڊالر) آهي، جيڪي اسان جو هڪ لک روپيه ٿين ٿا. مختلف ڳالهين لاءِ هر سال 1500 رنگٽ يعني 45000 روپيه کن ڏيڻا پون ٿا ۽ پوءِ ان کان علاوه ٻار جي اسڪول في آهي، جيڪا مختلف ڪلاسن لاءِ مختلف آهي، جيڪا هر چوٿين مهيني ڏيڻي پوي ٿي. يعني سال ۾ ٽي دفعا ڏيڻي پي ٿي. بهرحال ڪلاس ون جي ٻار جي چئن مهينن جي في 2200 رنگٽ يعني 66 هزار روپيه آهي ۽ ڪلاس يارهين يا ٻارهين جي ٻه لک روپيه آهي، يعني هر مهيني جي في اڌ لک روپيه ٿي. ان کان علاوه هر ٻار کي لئبرري، راندين ۽ منجهند جي ماني جا پئسا ڏيڻا پون ٿا. يعني ڏٺو وڃي ته اسڪول يعني ملڪ جي ڪمائي ئي ڪمائي آهي، جيڪا هو ڌارين ملڪن جي ماڻهن مان حاصل ڪري ٿو ۽ ڌارين ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ امن امان جي حالت خراب ۽ تعليم جو معيار ڪريل هجڻ ڪري هو هيڏانهن ملائيشيا جو رخ رکن ٿا. منهنجي ملائيشيا جي حالتن تي گذريل 40 سالن کان نظر هجڻ ڪري اڄ مون کي حيرت ٿي ٿئي ته اهو ملڪ (ملائيشيا) جيڪو معمولي تعليم لاءِ به مختلف ملڪن ۾ دربدر ٿيندو رهندو هو، اڄ ان ملڪ ۾ دنيا جا ٻار پرائمري مڊل ۽ هائر کان Ph.D ليول جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. هو هڪ طرف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جون فيون ڏين ٿا ته ٻئي طرف گهر يا فليٽ مسواڙ تي وٺن ٿا، جنهن مان پڻ مڪاني ماڻهن جو فائدو ٿئي ٿو. اڄ ڪوالالمپور ۾ هڪ ڪمري جو فليٽ به ٽيهه چاليهه هزار روپيه ماهانه مسواڙ کان گهٽ ناهي ۽ اهو فليٽ جيڪڏهن پتالِنگ جايا جهڙي پاش علائقي ۾ آهي ته ان جي مسواڙ سٺ هزار به ٿي سگهي ٿي.
آخر ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه جيڪا گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ آهي ۽ ان جو واسطو هن اسڪول جي پڙهائي ۽ فين سان نه آهي. هي اسڪول ڏسڻ وقت، وقت جي کوٽ ڪري آئون نه پرنسپال سان ملي سگهيس ۽ نه سندس نالو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. آخر ان جي ضرورت به ڪهڙي هئي. ملائيشيا بعد هيڏانهن جپان پنهنجي ڌيءَ وٽ هليو آيو آهيان ۽ هي احوال هتان اوساڪا مان لکڻ وقت ملاڪا جي انٽرنيشنل اسڪول جو اتان مليل بروشر پڙهي رهيو هوس ته پرنسپال جو نالو شمس النساءِ اسحاق پڙهي پهرين ته ڪجهه به ڌيان ۾ نه آيو پر پوءِ آخر ۾ هڪ دفعو وري پڙهڻ سان هڪ هنڌ ڊاڪٽر محمد اسحاق سيد جو نالو پڙهي آئون ماضي جي يادن ۾ هليو ويس. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته ان وقت جي وزيراعليٰ تان سري رحيم تامبي چڪ مون کي ملاڪا جو هڪ ENT سرجن ڊاڪٽر اسحاق سيد ملايو هو ۽ پوءِ ملاڪا ۾ رهڻ دوران منهنجي هن سان سٺي دوستي رهي. مهيني ۾ هڪ دفعو کن ڊاڪٽر صاحب ۽ وزيراعليٰ رحيم تامبي سان گڏ ملاڪا جي هوٽل رينائينس ۾ رات جي ماني کائيندا هئاسين. ڊاڪٽر اسحاق جو تعلق انڊيا جي تامل ناڊو رياست سان هو- يعني هن جي وڏن جو. پاڻ ته ڄائو نپنو ملاڪا ۾. سندس مادري زبان تامل هئي، پر ڪشمير مان پڙهڻ ڪري کيس ٿوري گهڻي اڙدو به آئي ٿي. ياد رهي ته ان وقت ملائيشيا جا شاگرد ڊاڪٽري يا انجنيئري لاءِ سنگاپور، مدراس، پوني ۽ انڊيا جي ٻين يونيورسٽين ۾ ويندا هئا. 1991ع ۾ ملائيشيا ڇڏي سئيڊن رهيس جتي خبر پيئي ته ڊاڪٽر اسحاق به ملاڪا ڇڏي ڪوالالمپور اچي رهيو آهي. ساڻس سال ٻه فون تي ڳالهه ٿيندي رهي، پوءِ Contact نه رهيو. ڏهاڪو کن سالن بعد مون ڊاڪٽر اسحاق جو معلوم ڪيو ته خبر پيئي ته هو وفات ڪري ويو ۽ سندس فئملي هاڻ ڪوالالمپور ۾ نٿي رهي ۽ هاڻ ملاڪا جي هن اسڪول تي لکڻ وقت ڊاڪٽر اسحاق ۽ شمس النساءِ جو نالو پڙهي مون کي يڪدم ڌيان ۾ آيو ته اها شمس النساءِ ڪٿي اسان واري مرحوم دوست ڊاڪٽر اسحاق جي زال نه هجي. اهو سوچي مون يڪدم سعيد احمد ٽالپر کي ملاڪا فون ڪيو. ”سعيد، توهان جي پرنسپال جو ڊاڪٽر مڙس نڪ، گلي ۽ ڪنن جو ماهر سرجن ته نه هو؟“
”ها. بلڪل صحيح ٿا چئو.“ هن وراڻيو ۽ پوءِ مون کيس پنهنجي ملاڪا وارن ڏينهن جو احوال ٻڌايو.
سعيد ان ئي وقت پرنسپال سان ڳالهه ڪئي، جنهن شام جو مون سان فون تي ڳالهايو ۽ ٻڌايائين ته هن اسڪول ٺاهڻ ۾ ڊاڪٽر اسحاق جي دوست رحيم تامبي چڪ ڪافي رهنمائي ڪئي هئي. ڊاڪٽر اسحاق جن کي ٻه ٻار وڏي ڌيءَ شاهين ۽ ننڍو پٽ ارشاد منهنجي ٻارن کان ڪافي ننڍا هئا، جن لاءِ شمس النساءِ ٻڌايو ته پٽ ڪوالالمپور ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ ڌيءَ آمريڪا ۾ پڙهي رهي آهي.