Tesco کان My Din
هيڏي وڏي بس اسٽاپ ڪري چوڌاري رهائشي ڪالونيون به ٺهي ويون آهن ۽ زمين جو اگهه وڌي ويو آهي. هونءَ به ملائيشيا جا شهر جتي چيني ۽ مڪاني طرز جا آهن، اتي آمريڪن اسٽائيل جا به ٿيندا وڃن، جتي شهر کان پري وڏا وڏا سُپر ۽ هائپر ڊپارٽمينٽ اسٽور آهن ۽ ماڻهو ڳُتيل ۽ ڳُهتيل مارڪيٽن بدران شهر کان ٻاهر ٺهيل مالن مان خريداري ڪرڻ ۾ وڌيڪ سهوليت ۽ سستائي محسوس ڪن ٿا، جتي هو پنهنجي ڪار به پارڪ ڪري سگهن ٿا. اسان جي ڏينهن ۾ يعني 80 واري ڏهي ۾ جهڙا تهڙا فقط ٻه ڊپارٽمينٽل اسٽور کُليا هئا، هڪ Lian Fatt ۽ ٻيو ميڊم ڪنگ. ٻئي مڪاني چينين جا جالان بنگارايا تي هئا پر هاڻ ملاڪا شهر ۾ ڪيترائي ڌارين ملڪن جا مشهور نالي وارا اسٽور نظر اچن ٿا. سينٽرل بس اسٽاپ مان نڪرڻ سان ٽيسڪو (Tesco) ۽ جايا جُسڪو (Jaya Jusco) جا بورڊ نظر اچن ٿا. منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ٻڌايو ته ”ملاڪا ۾ ٽيسڪو جو هڪ ٻيو اسٽور به آهي جيڪو ملاڪا جي ’پايا رمپت اتاما‘ واري علائقي ۾ جالان اِنانگ (Inang) تي آهي. هي اسٽور آچر کان خميس تائين صبح جو 8 کان رات جو 11 تائين کليل رهن ٿا. جمعي، ڇنڇر ۽ پبلڪ هاليڊيز وارن ڏينهن تي صبح جو 8 کان 1 تائين کلن.“
ٽيسڪو ڊپارٽمينٽل اسٽور انگلينڊ جا آهن. انگلينڊ جي ٽيسڪو ڪمپنيءَ هتي جي مڪاني ڪمپني Sime Derby سان گڏجي سن 2002ع ۾ ملائيشيا ۾ پهريون دڪان سلينگور رياست جي شهر پُچانگ ۾ کوليو. هاڻ ته سڄي ملائيشيا ۾ 40 کن Tesco جا وڏا اسٽور آهن، جيئن ڪراچيءَ ۾ اڄڪلهه مائيڪرو ۽ ميٽرو جا اسٽور آهن.
اهڙي طرح جايا جسڪو اسٽور آهي جنهن ۾ پڻ هر قسم جي شيءِ ملي ٿي. ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته ٽيسڪو ۽ جايا جسڪو جي معيار جا ٻيا به ڪيترائي وڏا اسٽور ملاڪا ۾ کلي ويا آهن. جهڙوڪ: داتاران پهلوان (ملئي زبان ۾ اسان وارو لفظ Pahlwan به آهي)، هَنگ تُئا مال، هَنگ تُئا پلازه، ماهه ڪوٽا پريڊ، My Din ...جيڪو دراصل هڪ تامل انڊين مسلمان محي الدين جو آهي پر هو پنهنجو نالو My Din لکي ٿو ۽ ان نالي سان هن جا ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ دڪان آهن. هڪ ڳالهه لکندو هلان ته ملائيشيا ۾، خاص ڪري 1990ع تائين سڀ کان گهڻو امير چيني هئا ۽ ملڪ جو بزنيس انهن جي هٿن ۾ هو. هاڻ مڙيئي ايڪڙ ٻيڪڙ ملئي ماڻهو به پئسي وارا ٿيڻ لڳا هئا ۽ سرڪاري نوڪرين سان گڏ بزنيس ۾ به گهڙڻ لڳا آهن.
ملائيشيا جي پنج کن سيڪڙو انڊين آدمشماري جو وڏو حصو تامل (سائوٿ انڊين) آهن. اهي غريب هئا. باقي سنڌي هندو ۽ گجراتين ۾ ڪجهه پئسي وارا هئا، جن جا مڙيئي ڪجهه دڪان هئا. انهن مان هڪ سنڌي هندو ”تان سري ڪشو“ کي هرهڪ سڃاتو ٿي جو هن ڪوالالمپور جي اهم روڊ جالان تئانڪو عبدالرحمان تي گلوب سلڪ اسٽور نالي هڪ اٺ ماڙ ڊپارٽمينٽل اسٽور کوليو، جنهن ۾ رکيل سامان جي ورائٽي ۽ سستائي ڪري ماڻهن سنگاپور مان شاپنگ ڪرڻ ڇڏي ڏني. اسان به آچر ڏينهن ملاڪا کان ڪوالالمپور اچي گلوب سلڪ اسٽور تان گهر جي لاءِ شاپنگ ڪندا هئاسين. گهڻي مال جي وڪري ڪري هنن تمام گهٽ فائدو رکيو ٿي ۽ هنن جي دڪان سان ٻيو ڪو واپاري مقابلو ڪري نٿي سگهيو. پر پوءِ 1990ع کان ڪوالالمپور ۾ جپان، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي مشهور دڪانن جون برانچون کلي ويون. ايتريقدر جو هن سنڌي ڪشوءَ جو گلوب اسٽور به لوڏن ۾ اچي ويو. پر ان دوران ملائيشيا ۾ ٽوئرسٽن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو ڪيترا امير چيني هوٽلن سان گڏ هن بزنيس ۾ به ٽپي پيا. اڄ سڄي ملائيشيا ۾ جيڪي وڏا مال، سپر ۽ هائپر مارڪيٽون ڏسو ٿا اهي جپان، يورپ ۽ آمريڪا جي ڪمپنين جون آهن يا هتي جي چيني ڪروڙ پتين جون. ان تناظر ۾ هڪ انڊين سو به ڏکڻ هندستان جي تامل مسلمان جي "My Din" نالي اسٽورن جي Chain جي هاڪ ٿي ٻڌجي ته حيرت ٿي ٿئي ته مقابلي جي سخت حالت ۾ هن پنهنجي بزنيس کي زنده ۽ وڌندڙ ويجهندڙ بنائڻ لاءِ ڇا ته محنت ڪئي هوندي!
اڄ سڄي ملائيشيا ۾ محي الدين محمد (هو پنهنجي نالي ۽ دڪان جي نالي جي اسپيلنگ My din لکرائي ٿو) جا 89 دڪان آهن، جن ۾ 5 ته هائپر مارڪيٽون آهن، 18 امپوريم، 2 بازارون ۽ 50 مِني مارڪيٽون آهن. ڪوالالمپور جي بزنيس مين غلام علي سولنگيءَ ٻڌايو ته 1918ع ۾ جن ڏينهن ۾ ڪشوءَ جي پيءُ ڄيٺانند هتي جي هڪ ڳوٺ سيگامت ۾ دڪان کوليو انهن ڏينهن ۾ محي الدين جي پيءُ غلام حسين جمال مدراس انڊيا مان پينانگ ٻيٽ تي اچي هڪ دڪان کوليو. انگريزن جو راڄ هو، امن امان هو، پينانگ ڏور اوڀر جو مشهور بندرگاهه هجڻ ڪري هر وقت جهازن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي ۽ هنن جي مال جو خوب وڪرو ۽ آمدني ٿي پئي. ٻي وڏي لڙائي دوران جپانين جي قبضي ٿيڻ تي، جپانين هنن جي ڪيترن گهرن ۽ دڪانن کي ساڙيو، هن جو دڪان به ترپٽ ٿي ويو.
غلام حسين جمال جيتوڻيڪ هٿين خالي ٿي ويو پر هن کي واپار جي ڄاڻ ۽ همٿ هئي ۽ هن اهو ڄاتو ٿي ته سندس پٽ محي الدين ۾ ايتري قابليت آهي جو هو زيرو کان شروعات ڪري سگهي ٿو. جپانين مان جيئن ئي ملايا جي جان ڇٽي ۽ حالتون بهتر ٿيون ته 1957ع ۾ (ملائيشيا جي آزادي واري سال) محي الدين ڪيلنتان رياست جي ڪوٽا بارو شهر ۾ دڪان کوليو. محنت، ايمانداري ۽ گهٽ فائدو رکڻ ڪري هنن جو دڪان هلندو رهيو. پورن 22 سالن بعد هنن هڪ ٻيو دڪان ڪئالا ترنگانو شهر ۾ کوليو ۽ پوءِ ڏهن سالن بعد ڪوالالمپور ۾ جالان (شاهراهه) مسجد انڊيا تي سن 1989ع ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽور کوليو، پر تيستائين K.L (ڪوالالمپور) ۾ ايترا ته فاسٽ فوڊ جا فارين ريسٽورنٽ KFC، مئڪڊو نالڊ، سيون اليون کان سوگو، ڪي مارٽ ۽ ٻيا ڊپارٽمينٽ اسٽور کلي چڪا هئا جو اسان جو ڪڏهن به هن سائوٿ انڊين اسٽور My Din ڏي ڌيان نه ويو.
1991ع ۾ ملائيشيا ڇڏڻ بعد آئون سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ پاسي ڪجهه عرصو رهيس. ڪجهه سالن بعد ڪجهه ڏينهن لاءِ ملائيشيا اچڻ ٿيو. هڪ ڏينهن ڪوالالمپور جي چوڪِٽ مارڪيٽ وٽان چڪر هڻي جالان (شاهراهه) مسجد انڊيا جي فٽ پاٿ تي رکيل هڪ بئنچ تي اچي ويٺس. ٻيا به ڪيترا ملئي، خاص ڪري انڊين سک، سنڌي هندو ۽ تامل مدراسي ويٺا هئا ۽ رستي تان ايندڙن ويندڙن کي پئي ڏٺوسين. ڪوالالمپور جي هن ايريا ۾ انڊين جا دڪان گهڻا هجڻ ڪري انڊين عورتون ۽ مرد جام نظر اچن ٿا. منهنجي ڀر ۾ ويٺل ٻه ملئي همراهه بوهي مڱ (Pea Nuts) کائي رهيا هئا.
”انچڪ مَڪَن ڪَچانگ“ هنن مون ڏي پُڙي وڌائيندي کائڻ لاءِ چيو. پي نٽ منهنجي دلپسند شيءِ آهي. منهنجو جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪري جيئن ئي آمريڪا جي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته جهاز تان لهي ويجهي دڪان تان يڪدم پي نٽ ۽ آئسڪريم وٺي ايندو هوس. آمريڪا جهڙا لذيذ ۽ سوڪ(Crispy) پي نٽ مون کي ڪٿي نظر نه آيا. بوهي مڱ ته اسان وٽ به ٿين ٿا، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ به ٿين ٿا، لنڊن ۽ ڪينيا ۾ به ٿين ٿا پر آمريڪا وارن جي پئڪنگ ۽ انهن کي فراءِ يا ٽوسٽ ڪرڻ جو طريقو بيحد هاءِ ڪلاس آهي. بهرحال مون کانئن ٻه چار ڪڻا وٺي چکيا ۽ انهن جي لذت ۽ معيار ڏسي مون کي حيرت ٿي ۽ کانئن يڪدم پڇيو ته هنن اهي ڪٿان ورتا آهن. هنن پڙيءَ تي لکيل نالي ڏي اشارو ڪري My Din جو نالو ورتو.
”هي اسٽور ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو.
”هن ئي روڊ تي ته آهي“، هنن مان هڪ چيو، ”هڪ تامل انڊين جو آهي. هن اسٽور جي هر شيءِ بهترين ۽ مناسب اگهه تي آهي.“ آئون ان ئي وقت ان اسٽور تي ويس ۽ اهو نوٽ ڪيم ته هنن وٽ هر شيءِ جي وڏي ورائٽي آهي، هر شيءِ سٺي معيار جي آهي ۽ واقعي قيمت به واجبي آهي.“
منهنجي خيال ۾ هنن جي ان اصول ڪري هن نالي جا اسٽور ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن نه ته ملائيشيا ۾ بزنيس ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. جيئن گلوب سلڪ اسٽور جو سنڌي مالڪ ٻڌائيندو هو ته هن جو پيءُ چوندو هو ته ”جيڪڏهن توهان بزنيس ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ ان ۾ رهڻ چاهيو ٿا ته ايمانداريءَ کان ڪم وٺو. ايمانداري جهڙي ڪا ٻي ڳالهه ناهي.
Be Honest. Nothing else pays in the long run.
هو چوندو هو ته هڪ دفعو ساک ٽٽي ته ماڻهوءَ جو هميشه لاءِ منهن ويو ۽ چوندو هو ته گراهڪ سان دوکو نه ڪريو
Don’t take people for a ride.
اهڙي طرح هن سائوٿ انڊين مسلمان واپاري محي الدين جي والد غلام حسين جمال پنهنجي پٽ کي اها ئي نصيحت ڪئي ته ايمانداري سان ۽ حلال جو بزنيس ڪجانءِ. حرام جي ڪمائيءَ ۾ ڪو جٽاءُ ناهي.My Din لاءِ مشهور آهي ته،
My Din operates its business on halal concepts and stresses on honesty, sincerity and good discipline in all aspects of its business.
اڄ محي الدين وارن جو ملائيشيا ۾ مڪاني اسٽورن مان سڀ کان وڏو بزنيس آهي ۽ 6000 کان مٿي ماڻهو هنن جي دڪانن تي ڪم ڪن ٿا ۽ سندن دڪانن تي ٻن لکن کان مٿي مختلف شيون آهن. ان جي مقابلي ۾ Tesco وارن وٽ فقط 60،000 آئٽم آهن.
ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر ٻڌايو ته هنن دڪانن جو مالڪ محي الدين محمد علي اڃان حيات آهي ۽ پنهنجي ڪمپني جو چيئرمين آهي. سندس پٽ ۽ نُهون هن ڪمپنيءَ جون ڊائريڪٽر آهن. پنهنجي ملاڪا واري اسٽور جي نظرداريءَ لاءِ هو اڪثر ملاڪا پڻ اچي ٿو. My din اسٽورن تي ڀاڄي، گوشت، مڇي ميوي کان وٺي ڪپڙا، بوٽ، رانديڪا، ڪتاب، دوائون، اليڪٽرڪ جو سامان ۽ راندين جو سامان ملي ٿو.
My Din نالي وارن اسٽورن لاءِ مشهور آهي ته هتي هر شيءِ هول سيل واري سستي اگهه تي ملي ٿي. بلڪ هن ڪمپنيءَ جو سلوگن ئي آهي:
Why pay more. Buy at wholesale prices!
ملاڪا ۾ My Din جو اسٽور پڻ ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ وٽ ئي آهي. انهن مٿي ٻڌايل وڏن اسٽورن کان علاوه ملاڪا ۾ ٻيا به ڪيترائي سپر اسٽور يا مارڪيٽون ٺهي ويون آهن. جهڙوڪ: سُونگ سينگ پلازه، ملاڪا رايا پلازه... وغيره.