ملاڪا ويندي پراڻيون يادون
ملاڪا ملائيشيا جي پيرلس ۽ پينانگ بعد ٽيو نمبر ننڍي رياست آهي جنهن جي پکيڙ 1650 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني سڄي ملائيشيا ملڪ جي ايراضي سان ملاڪا رياست ڀيٽي وڃي ته اها پکيڙ ۾ اڌ سيڪڙو مس ٿيندي يعني اڄ واري خيرپور ضلعي جيڏي ٿيندي. ڇو جو خيرپور ضلعي جي پکيڙ 1600 چورس ڪلو ميٽر آهي. لڳ ڀڳ مٽياري جي آدمشماري 6 لک چئي وڃي ٿي ۽ ملاڪا رياست (ٻن ٽن ٻيٽن: پُلائو بيسار، پلائو اپاهه سميت) جي آدمشماري 8 لک آهي. ياد رهي ته پلائو(Pulao) ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻيٽ (Island). جيئن ملائيشيا جو پينانگ ٻيٽ به هتي ملائيشيا ۾ ”پُلائو پينانگ“ سڏجي ٿو.
ملاڪا رياست ٽن ضلعن ۾ ورهايل آهي: الور گاجا، سينٽرل ملاڪا جنهن کي ملئي زبان ۾ ”تينگاهه ملاڪا“ سڏين ٿا (Tenngah معنيٰ وچ، مرڪز، صدر وغيره) ۽ ٽيو ضلعو جاسين (Jasin). ملاڪا تينگاهه يا ملاڪا جو شهر سمنڊ جي ڪناري تي هڪ آڳاٽو شهر آهي، جتان ٻئي پاسي انڊونيشيا جو سماترا ٻيٽ نظر اچي ٿو. هن ملڪ جو هاڻوڪو نالو ’ملائيشيا‘ ۽ ان کان پهرين وارو نالو ’ملايا‘ ويجهڙائي جون ڳالهيون آهن. نه ته هي علائقو ”ملاڪا سلطنت“ سڏبو هو، جنهن جو گادي وارو شهر ملاڪا هو جتي هتي جو ملئي سلطان ۽ ان بعد پورچو گالي، ڊچ ۽ انگريز حاڪم رهيا. هن علائقي ۾ جيڪو هاڻ ”ويسٽ ملائيشيا“ سڏجي ٿو سڀ ڪجهه ملاڪا هو، جنهن جو بندرگاهه به پنهنجي وقت جو مشغول ۽ بلي بلي بندرگاهه هو، جتي هر وقت هندي وڏي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ کان ٻيڙا ايندا ويندا رهيا ٿي. هن سڄي علائقي تي ان جو راڄ هليو ٿي، جنهن ملاڪا تي قبضو ڪيو ٿي. حيدرآباد جي ڦليلي نهر وانگر شهر مان ”ملاڪا ندي“ وهي ٿي، جيڪا اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ملئي ۽ چيني ماڻهن جا گهر، دڪان ۽ هوٽلون هن شهر کي رونق بخشين ٿيون. هن پاسي ٻارهوئي مينهوڳي جي موسم رهي ٿي، ان ڪري هن پاسي جون نديون جبلن تان برف ڳرڻ جو انتظار نه ٿيون ڪن ۽ نه وري هن پاسي اهڙا اتاهان جبل آهن جن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل رهن ۽ اونهاري ۾ برف ڳرڻ تي اسان جي سنڌو ندي وانگر وهن. هتي جي ندين جي پاڻيءَ جي ليول ڏينهن ٻه گهٽ رهي ٿي ته وري مينهن پوڻ سان تار ٿيو وڃي. هتي جي زميندارن جو پاڻيءَ تي جهيڙو هرگز نٿو ٿئي ۽ نه پُڇڙي جو زميندار پاڻيءَ لاءِ سڪي ٿو جو هتي جون نديون زمينن کي پاڻي پهچائڻ بدران زمينن مان مينهن جو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪن ٿيون. ملاڪا رياست آڳاٽي ۽ مرڪزي هجڻ ڪري سندس آدمشماري 8 لک آهي. اها آدمشماري اسان جي حساب سان کڻي خاص ناهي جو اسان جي فقط حيدرآباد ضلعي جي ان کان ٻيڻي (16 لک) آهي پر هتي جي لحاظ کان اها تمام گهڻي سمجهي وڃي ٿي. مشرقي ۽ مغربي ملائيشيا جي جملي آدمشماري 3 ڪروڙ آهي ۽ اسان جي پاڪستان جي 18 ڪروڙن جي ويجهو آهي.
ملاڪا ڪوالالمپور ۽ سنگاپور شهرن جي وچ ۾ آهي. ڪوالالمپور کان ملاڪا 150 ڪلو ميٽر آهي ۽ سنگاپور کان ملاڪا 250 ڪلو ميٽر آهي. هي فاصلو خاص ڪري ڪوالالمپور کان ملاڪا وارو ڪجهه گهٽ وڌ رهي ٿو، جنهن جو مدار بس يا ڪار واري تي آهي ته هو ڪهڙو رستو اختيار ڪري ٿو، جيئن ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي رستي به پهچي سگهجي ٿو ته ٺٽي واري نيشنل هاءِ وي ذريعي به، جيڪو مٿين کان ڊگهو رستو آهي.
ملاڪا کي پنهنجو هوائي اڏو پڻ آهي جيڪو ملاڪا شهر جي باتو بريندام واري علائقي ۾ آهي ۽ ملائيشيا جي مختلف شهرن ڏي وڃڻ لاءِ هتان ننڍا ننڍا هوائي جهاز وڃن ٿا. بهرحال ڪئالالمپور کان ملاڪا باءِ ايئر اچڻ وارو ٽوئرسٽ ڪو بيوقوف ئي هوندو ڇو جو ان کان گهٽ ڀاڙي ۽ وقت ۾ بس پهچائي ٿي ۽ باءِ روڊ سفر ڪرڻ سان هڪ ٽوئرسٽ ملائيشيا جي ساوڪ ۽ قدرتي نظارا پسي ٿو.
سنگاپور کان ڪوالالمپور ۽ اڃان اڳتي پينانگ ۽ ان بعد ٿائلينڊ جي بارڊر واري شهر هاديائي تائين ٽرين به هلي ٿي پر اها ٽرين ملاڪا مان لنگهڻ بدران ڀر واري رياست نيگري سيمبيلان مان گذري ٿي، پر ڪو ٽوئرسٽ پينانگ يا سنگاپور کان ٽرين رستي ملاڪا اچڻ چاهي ته هو نينگري سيمبيلان جي ريلوي اسٽيشن واري شهر تمپين ۾ لهي اتان بس يا ٽئڪسي رستي ملاڪا پهچي سگهي ٿو. هونءَ ملائيشيا ۾ سڀ کان دلچسپ ۽ دل کي وڻندڙ سفر ريل جو آهي. ريل جا گاڏا مٿي هجڻ ڪري ٻنهي پاسي گهاٽا جنگل، درياهه، ڍنڍون، ملئي ۽ چيني نموني جا نوان ۽ پراڻا گهر، ننڍا وڏا ڳوٺڙا، گل گلڪاريون ۽ ماڻهن جا پاليل وهٽ ۽ ڪڪڙيون بدڪون ڏسندي ائين ٿو لڳي ڄڻ ماڻهو ڪا فلم ڏسي رهيو آهي. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران مون کي ته جڏهن به موقعو مليو ٿي ته ٽرين ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏنم ٿي. ڪيترا دفعا ته فقط ۽ فقط ٽرين ۾ سفر جو لطف وٺڻ لاءِ مون سنگاپور کان ٿائلينڊ جي بارڊر واري شهر ”هاديائي“ تائين ۽ وري ٻئي ڏينهن ڳوٺ (ملاڪا) پهچڻ لاءِ تمپين تائين ٽرين ۾ سفر ڪيو ٿي. ”جرني ٽو ٿائلينڊ“ ۽ ”ڳالهيون آهن ڳچ“ ڪتابن جو وڏو حصو مون ٽرين ۾ سفر دوران لکيو. هڪ دفعو سنگاپور ۾ ڪانفرنس اٽينڊ ڪري اسان کي باءِ ايئر (هوائي جهاز رستي) بئنڪاڪ پهچڻو هو، جتي جهاز سازي (Ship Construction) سان واسطو رکندڙ هڪ سيمينار اٽينڊ ڪرڻو هو. مون هوائي جهاز ۾ وڃڻ بدران ٽرين جي ٽڪيٽ ورتي ۽ 75 ڪلاڪن بعد ٽرين سنگاپور، ملائيشيا جو سڄو ۽ ٿائلينڊ جو اڌ ملڪ لتاڙي اچي بئنڪاڪ پهچايو. ان سفر ۾ مون کي اهو به فائدو ٿيو جو هوائي جهاز کان ٽرين جي ٽڪيٽ اڌ قيمت کان به گهٽ پئي ۽ سنگاپور ۾ ٻه راتيون هوٽل ۾ رهڻ جي خرچ کان بچي ويس جو اهي ٻه راتيون ٽرين ۾ گذاريم، ان لاءِ مون کي فل بيڊ جا ڪجهه وڌيڪ پئسا ڏيڻا پيا هئا، جيڪا رقم هوٽل جي مسواڙ جي هڪ ننڍڙي حصي جيتري مس ٿي ٿئي.
ملائيشيا ۾ ملاڪا جهڙا ٻيا به ڪيترائي ڏسڻ وٽان شهر آهن جهڙوڪ پينانگ، اپوح، جوهور بارو، ڪوٽا بارو، سريمبان، ڪئالا ڪنگسار، ڪئالا ترينگانو، ڪئانتان وغيره. پر جيئن ته آئون ملاڪا جو گهڻو ذڪر ڪريان ٿو سو منهنجي پڙهندڙن کي به ملائيشيا جو ملڪ ٻڌڻ سان سندس گادي واري شهر ڪوالالمپور کانپوءِ ٻئي نمبر تي ملاڪا ڌيان ۾ ايندو هوندو. هن تر ۾ يعني هي جيڪو مغربي ملائيشيا سڏجي ٿو. ٺٽي، ملتان ۽ دهلي وانگر ملاڪا هڪ آڳاٽو شهر آهي، بلڪ ملاڪا ئي هڪ واحد شهر هو جنهن سان هن علائقي جي سڃاڻپ ٿي ٿئي. ڪوالالمپور ته ڄڻ هاڻ جو شهر آهي، جنهن جو فقط 150 کن سال اڳ نالو نشان به نه هو. پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ ته اڃان به پوءِ ڊيولپ ٿيا. انهن جهڙا هزارين ٻيٽ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي آسپاس اڄ به ويران پيا آهن، پر مٿين ٻيٽن کي انگريزن ملئي راجائن کان خريد ڪري سجايو سنواريو، يعني پاڻ به بنگلا آفيسون ٺاهي اچي رهيا، چين ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي به رهڻ لاءِ مدعو ڪيائون ته اچو اچي بزنس ۽ پورهيو ڪري پاڻ به ڪمايو ته هنن ٻيٽن کي به خوشحال بڻايو. اهو هنن ائين ئي ڪيو جيئن ان کان اڳ بمبئي (ممبئي) وارن ويران ٻيٽن تي ڪيو. امن امان جي حالت ڀر وارن علائقن کان بهتر رکيائون جنهن ڪري ماڻهن جي آمدرفت آٽوميٽڪ ٿيڻ لڳي، جيئن اڄ به اسان کين (انگريزن کي) گاريون ڏيون ٿا، پر اسان جهڙن ملڪن جا غريب توڙي امير انگلينڊ ۾ رهڻ يا اتي نوڪري ۽ ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ کي خوش نصيبي سمجهون ٿا، ڇو ته اسان جهڙن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ قدرت طرفان هر خوشحالي مليل آهي، پر صحيح سياستدانن جي نه هجڻ ڪري پيدا ٿيل امن امان جي خراب حالت، ناانصافي ۽ هنرمند ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ جي ناقدري ڪري اسان جي عوام لاءِ پنهنجي وطن عزيز ۾ رهڻ عذاب ٿيندو وڃي. ٻاهرين دل سان کڻي اسان ٻولي ٻي ڳالهايون ٿا، پر اندروني طرح اسان جا ويندي ملان مولوي ۽ فوجي آفيسر پنهنجي اولاد کي انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ رکڻ ۾ بهتر عاقبت سمجهن ٿا. ملائيشيا ۽ سنگاپور به اسان جهڙا ايشيائي ملڪ آهن پر جيئن ته هنن ملڪن ۾ اتي جي حڪومتن امن امان ۽ روزگار جا نت نوان طريقا مهيا ڪيا آهن، ان ڪري اهڙن ملڪن جو عوام ٻاهر ملڪن ڏي وڃڻ جي حسرت نٿو ڪري.
بهرحال ملائيشيا ملڪ بابت لکندي آئون ان جي هن تاريخي شهر ملاڪا جو اڪثر ذڪر ڪندو رهان ٿو، بلڪ ائين کڻي چئجي ته ملاڪا جون ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون لکندي آئون ڍاپان ئي نٿو. اهو ان ڪري جو هن شهر سان منهنجو هڪ وڏو عرصو ڳانڍاپو رهيو. 10 سال کن مون هتي جي سمنڊن ۾ جهاز هلايا ۽ ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ جهازن کي لنگر انداز ڪرڻ بعد ملائيشيا جي ٻين شهرن سان گڏ ملاڪا ۾ گهميو ڦريو آهيان ۽ اهڙا 10 سال کن ملاڪا ۾ رهي هنن جي ماڻهن کي پڙهايو اٿم. منهنجا شاگرد هاڻ نانا ڏاڏا پيا ٿين جو انهن طرفان سندن ٻارن جي شاديءَ جا ڪارڊ ملندا رهن ٿا. اهي دعوتناما ڏسي مون کي حيرت ٿيندي آهي ۽ منهنجي اڳيان گذريل صديءَ جو 80 وارو ڏهو ڦرڻ لڳندو آهي. ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو جو هنن شاگردن مان هڪ هڪ ٿي امتحان پاس ڪري جهازن جو آفيسر ٿيندو ويو ۽ ان سان گڏ شاديون به ڪندا ويا. ڀروارن شهرن ۾ رهندڙ ڪيترن شاگردن جون شاديون وڏي خوشي سان اٽينڊ ڪرڻ ويندو هوس. پاڪستان ۾ ڪنهن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ تي ٻرو چڙهي ٿو جو ان ۾ آيل مهمان ڪلاڪن جا ڪلاڪ قيد ٿيو وڃي. نارمل ڏينهن وانگر نارمل طريقي سان ماني کائڻ بدران هو بک ۾ پاهه ٿي، سر روزو رکندڙ روزيدار وانگر هٻڇ ۾ اچي تڪڙو تڪڙو کائي ٿو، سو به آڌي رات جو! پوءِ دير سان سمهڻ ڪري ٻئي ڏينهن سندس آفيس وڃڻ تي دل نٿي چوي ۽ جي دل چويس به ٿي ته اٻاسيون ڏيندو پهچي ٿو. ملئي شاديءَ ۾ پهچڻ سان ماني کائي گهوٽيتن ڪنواريتن سان ملي موڪلائي ٿو. ملئي شادي لاءِ اوجاڳو ڪرڻو نٿو پوي، اها منجهند جو 12 وڳي کان شام جو چئين تائين هلي ٿي. توهان کي جنهن وقت وڻي شادي ۾ هليا وڃو، توهان کي ماني ٽيبل تي لڳل ملندي. جيترو وقت وڻناوَ ايترو توهان ويهو ۽ ميزبانن توڙي گهوٽ ڪنوار سان ڪچهري ڪريو ۽ پوءِ موڪلائي وڃو. ملائيشيا جي ڪلچر ۾ ٽيچر (چِگوُ، پينشارا) جي وڏي عزت آهي. ڪنهن شاگرد جي شادي ۾ وڃڻ تي نه فقط گهوٽ ڪنوار جا والدين عزيز پر ٻيا مهمان به عزت جي نگاهن سان پيا ڏسندا ته گهوٽ جو استاد (چِگُو)، گهوٽ جو پروفيسر (پينشارا) پنهنجي استري (زال) سان گڏ آيو آهي. اڄ ان دور جي گهوٽن ڪنوارن جي ٻارن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ تي اڃان به وڌيڪ عجيب لڳي ٿو، جڏهن ان فنڪشن ۾ موجود مرد توڙي عورتون پنهنجين ڪرسين تان اٿيو اچيو هٿ ڏين ۽ ڪيترا منهنجي هٿ کي چُمن. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هن ملڪ جي ماڻهن کي رب پاڪ شايد ان ڪري به نوازيو آهي جو هنن جي دلين ۾ پنهنجي استاد لاءِ عزت آهي.
بهرحال ملائيشيا جي هن شهر ملاڪا جون ڳالهيون ڪيئن نه ڪريان، جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي ڳوٺ مثل آهي. ڪن ڳالهين ۾ ته هي شهر منهنجي ڳوٺ هالا يا ناناڻن (حيدرآباد) کان به وڌيڪ عزيز آهي، جو جيترو وقت مون هن شهر ملاڪا ۾ گذاريو آهي، اوترو مون هالا يا حيدرآباد ۾ به نه گذاريو. ملاڪا جي هڪ هڪ رستي، هڪ هڪ گهٽيءَ ۾ گاڏي ڊوڙائي هوندي يا پيرين پنڌ هليو هوندس. زال ۽ ٻارن سان گڏ، مڪاني ملئي ۽ چيني دوستن سان گڏ توڙي پنهنجي ملڪ کان آيل سوين مهمانن سان گڏ گهميو هوندس. مٽيارين جي ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ، سنڌي اديب ماڻڪ کان ادي ماهتاب محبوب، سلطانا صديقي ۽ پروين راڄپر تائين.
اڄ وري ان شهر ملاڪا ۾ وڃي رهيو آهيان، عجيب سوچن، احساسن ۽ يادن سان گڏ! هتي جي اسڪولن ۾ منهنجا ٻار پڙهيا. هتي جي ملئي ۽ چيني درزياڻين وٽ منهنجون ڌيئرون ٽيلرنگ سکيون، گهر جي خرچ ۾ بچت ڪرڻ لاءِ هتي جي جمعي ۽ آچر ٽائيپ بازارن (پاسار مالم، پاسار مِنگُو) مان خريداري ڪئيسين. اسان وٽ ان قسم جون سستيون بازارون ٽيهارو سال اڳ شروع ٿيون، پر هي هفتيوار مارڪيٽون ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ پهرين جنگ عظيم کان وٺي آهن ۽ اهي سستي اگهه واريون مارڪيٽون ملائيشيا توڙي انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ جتي ملئي زبان هلي ٿي، پاسار مِنگو (Pasar Minggu) هفتيوار بازار ۽ پاسار مالم (رات واري بازار) سڏجي ٿي جو هي بازارون ملائيشيا جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ شام جي ٽريفڪ گهٽجڻ تي روڊن ۽ فٽ پاٿن تي لڳن ٿيون ۽ رات جو 12 وڳي تائين هلن ٿيون.
مٿين فٽ پاٿ وارين بازارن کان علاوه ڪجهه دڪان ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور اسان جا فيوريٽ هوندا هئا، جن تان آئون يا منهنجي زال گهر جي ضرورت جون شيون وٺندا هئاسين. ملاڪا ۾ هنگ تئا مال (Hang Tua)، جايا جُسڪو، سُون سينگ پلازه، محي دين (My din)، ٽيسڪو، داتاران پهلوان جهڙيون سپر مارڪيٽون هاڻ کليون آهن، نه ته 80 واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جالان بنگا رايا تي فقط هڪڙي سپر مارڪيٽ Lin Fiat نالي هئي، سا به اسان جي اڳيان ٺهي. ان روڊ جي شروعاتي ڪنڊ وٽ، سينٽ فرانسز جي چرچ (گرجا گهر) جي ويجهو Pillai نالي هڪ تامل جو پسارڪو دڪان هو، جيڪو هڪ سال اڳ سنگاپور ۽ ملاڪا ۾ کليو هو. ڊراءِ فروٽ، داليون، چڻا، مسالا ۽ ٻيون شيون ان تان وٺندا هئاسين. پاسي واري روڊ (جالان) تيمينگانگ تي، سِکن جي ٽڪاڻي وٽ هڪ گجراتي هندو جي اٽي جي چڪي هئي، جتان اسان ڪڻڪ جو اٽو وٺندا هئاسين. ياد رهي ته هن پاسي جي ملڪن ڏي عام کاڌو (Staple Food) ڀت (چانور) آهن، ويندي ڪيترائي ڪيڪن جا قسم ۽ سِوَيون (نوڊل، مِي، بِي هُون وغيره) به چانورن جي اٽي مان ٺاهين. هر وقت جي مينهوڳي ڪري هتي ڪڻڪ نه پوکين ۽ نه کائين. چانور ته اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ به شوق سان کاڌا وڃن ٿا، پر اتر انڊيا، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان پاسي ان کان به وڌيڪ ڪڻڪ جو استعمال ٿئي ٿو. سو ملاڪا ۾ رهڻ واري پهرين سال ئي هي ڪڻڪ جي اٽي جي چڪي وارو دڪان اسان ڳولي لڌو ۽ ملاڪا ۾ باقي گهاريل اٺ ڏهه سال هن دڪان تان ئي وٺندا رهياسين. اهڙن دڪانن کان علاوه ڪي ڪي گاڏن (ريڙهن) وارا به اسان جا فئوريٽ ٿي ويا هئا. ملاڪا ڇڏڻ بعد به جڏهن جڏهن هتي آيو آهيان ته جالان (شاهراه) منشي عبدالله وٽ ملاڪا نديءَ تي ٺهيل ”جمباتان هنگ تئا“ پل وٽ هڪ ملئي جا ٺاهيل مرتباڪ خريد ڪندو آهيان. ”مرتباڪ“ قيمي ۽ آمليٽ بيضي ۾ ٺهيل ٿلهو اڦراٽو ٿئي ٿو. ان قسم جا اڦراٽا جنهن ۾ پلو وجهي ٺاهيو وڃي ٿو، اسان جي ڳوٺ هالا جون انصاري خاندان جون عورتون ان ٺاهڻ جون ايڪسپرٽ آهن. جمباتان ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ پُل آهي ۽ هنگ تئاح هتي جو ملئي هيرو ٿي گذريو آهي، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ هوشو شيدي يا هيمون ڪالاڻي آهي. ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن ئي روڊن، پلين، چوراهن ۽ پارڪن جا نالا هنگ تئاح نالي آهن. اهڙي طرح جالان ڪمپونگ هولو مسجد وٽ هڪ ملئي مائي جا ٺاهيل ساتي (Satay) اڄ به مشهور آهن. ساتي هتي جو ٻوٽي ڪواب آهي، جنهن تي ملئي مسالا لڳايا وڃن ٿا ۽ بوهي مڱن (Peanuts) ۽ ڳاڙهن مرچن مان ٺهيل چٽڻي سان کاڌا وڃن ٿا. توهان مان ڪنهن جو ملائيشيا ۾ اچڻ ٿئي ته مرتباڪ ۽ ساتي ضرور ٽيسٽ ڪجو، جيڪو جتي ڪٿي ٺهي ٿو، خاص ڪري رات جي بازارن پاسر مالم ۾ ته ڪيتريون ئي ملئي عورتون ۽ مرد گاڏن تي ٿلهو تئو ۽ ٽانڊن جي سگري رکي وڪڻن ٿا.
ملاڪا شهر جي مرڪزي علائقي (جتي ڳاڙهي رنگ جون عمارتون آهن) کان پنهنجي نيول اڪيڊمي ڏي موٽڻ وقت ڪلابانگ بيسار وٽ سمنڊ جي ڪناري تي سَبتو نالي هڪ ڳني (ڪمند) جي رس وڪڻڻ وارو بيهي ٿو. سيون اپ، ڪوڪا ڪولا جهڙين شين کان مون کي هميشه ڪمند جو تازو رس وڻندو آهي. آئون هميشه سبتو جي گاڏي وٽ ڪار بيهاري رس جو گلاس پيئندو هوس. اڃ نه هوندي هئي ته به پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪرائي گهر کڻي اچي ريفريجريٽر ۾ رکندو هوس ۽ پوءِ ٿوري دير کانپوءِ پيئندو هوس. شايد مزيدار ڪمند ڪري يا پاڻي جي ملاوٽ نه ڪرڻ ڪري ان جهڙو سوادي رس مون کي ڪٿي نٿو سُجهي. چين ۾ ڳني جو رس عام آهي پر سبتوءَ جهڙو ٺاهيل رس مون کي شنگهائي توڙي ڪئنٽن ۽ دئرين ۾ به نه مليو. سبتو وٽ ڪار بيهاري جيئن ئي شيشو هيٺ ڪندو هوس ته هو منهنجي ڪجهه ڪُڇڻ کان اڳ سوال ڪندو هو ”انچڪ مِنيوم اتائو بُنگڪس“ (جنابِ والا پيئندائو يا پارسل کپي؟)
جيوس پيئڻ وقت سندس زندگي جو احوال ۽ ٻارن جي به خبر چار پڇندو رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن سندس اٺن سالن جي ڌيءَ لينا به بيٺي هوندي هئي جيڪا عمر ۾ منهنجي ننڍي ڌي مارئي جيڏي هئي ۽ ساڳي ڪلاس ۾ هئي، جيتوڻيڪ سندن اسڪول مختلف هئا.
گذريل دفعي ملاڪا ويو هوس ته پنهنجي ملئي دوست ڪئپٽن رزالي کي ڪيلا بانگ بيسار وٽان لنگهندي چيم ”ڪرانگ ڪان لاجو“ (رفتار گهٽ ڪر) سبتو سان ملندا هلون. ڪئپٽن رزالي منهنجو شاگرد هو. ان بعدجهاز جو ڪئپٽن ٿيو ۽ پوءِ مون وانگر ملاڪا جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لڳو. دلچسپ شخصيت واري سبتوءَ کان هو به واقف هو، لهڻ سان اسان ساڻس ڀاڪر پائي ملياسين. ٻنهي کي ڏاڙهيءَ ۾ ڏسي هو اسان کي سڃاڻي نه سگهيو. پيريءَ ڪري سندس نظر به گهٽجي چڪي هئي پر پوءِ آواز ۽ لهجي مان سڃاڻي ڏاڍو خوش ٿيو. اسان طرفان ڳني جي رس جي گهُر نه ڪرڻ تي پاڻ ئي چيائين ”انچڪ، منيوم آئر تيبو.“
Encik.Minum Air tebu
مون سندس ڀريل گلاس کي واپس ڪري چيومانس ”ڇا سبتو توکي خبر ناهي ته اسان ڪراڙا ٿي ويا آهيون.“
”توهان کان وڌيڪ آئون اورانگ تئا (پوڙهو ماڻهو) ٿي ويو آهيان.“ هن وراڻيو “ Encik,Masih Ada Muda”
(توهان صاحب ته اڃان به جوان پيا لڳو.)
مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ته سبتو ظاهري شڪل هميشه دوکو ڏيندي آهي ۽ نه وري اسان جي ڪڙڪ جينز کي ڏسي اسان کي ڪو اهڙو ڪڙڪ ۽ سمارٽ سمجهه. ڪهڙي بيماري آهي جيڪا اسان کي ناهي. بس سمجهه ته لهندڙ سج جا ڪي چند چلڪندڙ ڪرڻا وڃي بچيا آهن.
سبتوءَ ٻڌايو ته هو ته اسانکان به سال ٻه وڏو آهي ۽ هو به اسان وانگر بلڊپريشر ۽ ڊائبٽيز جو مريض آهي. ”ان کان علاوه مون کي گوڏن ۾ به سور رهي ٿو، گهڻي دير بيهي نٿو سگهان.“
”ته پوءِ سبتو هي آيرتيبو وڪڻڻ جو ڌنڌو ڇو نٿو ڇڏي ڏين. ماشاءَ الله تنهنجي ڌيءَ جي شادي سٺي گهر ۾ ٿي وئي، ٻئي پٽ سٺين نوڪرين ۾ آهن.“ مون چيومانس.
”سچ ٿو چئين الطاف“، هن اٻاڻڪو ٿي چيو، ”پر گهر ۾ سڄو ڏينهن ويٺو نٿو ٿئي. هي دڪان هاڻ ڪمائيءَ لاءِ نه ڪچهري لاءِ قائم رکندو اچان.“ ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيائين: ”چڱو جو هي ڪم جاري رکيو اٿم جنهن بهاني توهان جهونن سان ملاقات ٿي وئي. نه ته توکي ته منهنجي گهر جي به خبر نه آهي.“
”سبتو ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي“، ڪئپٽن رزاليءَ چيو، ”هاڻ ڪار ۾ ويهه. پهرين اسان کي گهر هلي ڏيکار. ٻئي دفعي حياتي رهي ته الطاف توسان ملڻ لاءِ تنهنجي گهر ايندو.“
۽ هاڻ ملاڪا ويندي اهو به سوچي رهيو آهيان ته سڀاڻي پنهنجي ميزبان ڊاڪٽر عطا ٽالپر سان گڏ ملاڪا شهر جو چڪر ڏيڻ وقت سبتوءَ جي گهر به ضرور ويندس ۽ ڊاڪٽر کي به هن دلچسپ ماڻهوءَ سان ملائيندس جنهن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ 1983 کان هلندي اچي.
هتي اهو لکندو هلان ته ”سبتو“ هتي جي ملئي مسلمانن جو هڪ عام نالو آهي. ملئي زبان ۾ ڇنڇر جي ڏينهن (Saturday) کي Sabtu سڏين ٿا. اهڙي طرح ملئي مسلمانن جو خميس به عام نالو آهي جيڪو خميس جي ڏينهن تان آهي. اسان وٽ جمعو نالو مشهور آهي ۽ سنڌ ۾ سومر واري ڏينهن تان سومار نالو پڻ عام آهي ۽ ٻيو نالو جيڪو پڻ ڏينهن تان کنيل آهي اهو آچر آهي.
ملئي زبان ۾ ڳني (ڪمند) کي tebu سڏجي ٿو ۽ آئر (Air) معنيٰ پاڻي يعني ڪمند جو پاڻي (رس). ملئي زبان جو لفظ آير ڌارين ماڻهن کي ڪافي منجهائيندو آهي جو ان جي اسپيلنگ انگريزي جي لفظ ايئر (Air) معنيٰ هوا واري ساڳي آهي. ملائيشيا ۾ هر پيٽرول پمپ جي هڪ ڪنڊ تي Angin لکيل هوندو آهي جنهن جي معنيٰ هوا آهي جيڪا ٽائرن لاءِ اسان وٽ به پيٽرول پمپن تي ضروري هوندي آهي. ملئي لفظ آير (Air) معنيٰ پاڻي مان ملئي جا ٻيا ڪيترائي دلچسپ لفظ جڙن ٿا.. جهڙوڪ Air Api معنيٰ تيزاب. هونءَ آپي معنيٰ باهه پر تيزاب لاءِ ملئي لفظ ”باهه وارو پاڻي“ (آئير آپي) آهي، جيئن ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏي کي ڪيريٽا آپي (باهه واري ڪار) سڏيو وڃي ٿو.
برف کي ملئي زبان ۾ آئير باتو (پاڻي جو پٿر) سڏجي ٿو. باتو معنيٰ پٿر آهي. اهڙي طرح ملئي جو هڪ ٻيو دلچسپ لفظ آهي آئير مڌو (Air Madhu) يعني ماکي پر لفظي معنيٰ ٿيندي ماکي جي مک جو پاڻي. ڳوڙهن کي ملئي زبان ۾ آئير ماتا سڏجي ٿو يعني اکين جو پاڻي. ملئي لفظ ”وانگي“ جي معنيٰ خوشبوءِ آهي. عطر کي ملئي زبان ۾ Air wangi سڏجي ٿو يعني خوشبوءِ وارو پاڻي.
مٿي ڏينهن جي نالن تان ملئي ماڻهن جا نالا لکندي هڪ نالو اِسنين وسري ويو جيڪو سومر جو ڏينهن آهي. اسان جي اڪيڊمي جي هڪ بس هلائيندڙ ڊرائيور جو نالو اِسنين هو. ملئي زبان کي ڏينهن لاء ِHari (هَري) لفظ آهي. بهرحال ملئي زبان ۾ هفتي جي ڏينهن جا هي نالا آهن جيڪي عربي زبان تان اخذ ڪيا ويا آهن:
هري اَحد= آچر
هري اِسنين = سومر
هري سلاسا = اڱارو
هري رَبُو= اربع
هري خميس = خميس
هري جمعت = جمعو
هري سبتو = ڇنڇر