ليکڪ پاران
مهاڳ هڪ قسم جي اهڙي تعريف آهي جيڪا ليکڪ پاڻ لا۽ ۽ پنهنجي ڪتاب لا۽ ڪنهن ٻي جي لفظن جو سهارو وٺي ڪري لکرائيندو آهي
مون کي ڪنهن به مهاڳ، پيش لفظ يا وري پاڻ پڏائڻ لا۽ ڊاڙ هڻڻ جي ڪائي به ضرورت نه آهي، مون نه ئي پئسن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن لکيو ۽ نه ئي وري ڪنهن ٺاڪ ڦوڪ ۾ رهڻ لا۽ لکيو آهي، لکڻ منهنجو شوق آهي جيڪو جنون جي حد تائين وڌي چڪو آهي
ڪم ڪارن جي ڪري اگر ڪجھ وقت ڪا ڪهاڻي يا وري ڪو مضمون نه لکندو آهيان ته منهنجي طبعيت ۾ هڪ عجيب قسم جي چڙ چڙهاٽ حاوي ٿي ويندي آهي، مان سڀني کان بيزار ٿيڻ لڳندو آهيان، ڪا ته طاقت آهي جيڪا مون کي اندر ئي اندر ۾ ڪجھ لکڻ لا۽ همٿائيندي آهي، مان پنهنجي مادر علم شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي انهن سڀني دوستن جو انتهائي شڪرگزار آهيان جن مون کي هن منزل تائين پهچائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، مان فيڪلٽي آف ايجويڪيشن جي انهن سڀني مهربان استادن کي به نه ٿو وساري سگهان جن جي شفقت ۽ محبت ۾ مون سڀ ڪجھ پرايو، وقت وڏي ڳالھ آ، ڪڏهن ڪهاڻين پڙهڻ جو بيحد شوق هوندو هو بابا طرفان ادب جي ڪتاب سان ڀريل هڪ ڪٻٽ مون کي ننڍي هوندي کان ئي ورثي ۾ ڄڻڪ مليل هو، بابا سائين پنهنجي جواني واري دور ۾ ڏاڍو سماجي ماڻهو رهيو، ڪنهن حد تائين اڃا به آهي مگر عمر جي تقاضائن مطابق هر شئي پنهنجي رفتار گهٽ ڪري ڇڏيندي آهي.
مان جڏهن ڪجھ پڙهڻ ۽ لکڻ جي قابل ٿيس ته منهنجو لڳاءُ ڪهاڻين ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ گهڻو رهيو اها اڪثر سڀني ٻارن جي فطرت به هوندي آهي ۽ منهنجي به هئي، ڪهاڻيون ٻڌندي، پڙهندي، لکندي وري اڄ هن منزل تي اچي پهتا آهيون سچ ته يقين ئي نه پيو اچي.
منهنجي لا۽ اهميت جا قابل آهن اهي دوست جيڪي ادب سان چاھ رکن ٿا، ادب سان عشق ڪن ٿا جن جي ادب کان سوا۽ سري نه ٿي، جيڪي ڪهاڻيون توڙي ڪتاب پڙهن ٿا سندن اهميت سمجهن ٿا، مون کي سندن صلاحن، راين ۽ تبصرن جو شدت سان انتظار رهندو، اميد ته ڪتاب پڙهڻ کان پو۽ پنهنجي قميتي را۽ کان ضرور آگاه ڪندا ته جئين خبر پئجي سگهي ته سفر ڪٿي پهتو آهي.
مان سنڌ سلامت سٿ جو بہ ٿورائتو آھيان جن منھنجي ڪھاڻين جي ھن مجموعي کي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي.
يوسف جميل لغاري