ڪھاڻيون

خوابن جا پاڇا

يوسف جميل لغاري سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.
Title Cover of book خوابن جا پاڇا

اڻپورا احساس



کن پل لا۽ هُو بلڪ خاموش ٿي وئي، مون کي سندس خاموشي ڪنهن اڻ ڏٺي طوفان جي اچڻ جو انديشو پي محسوس ٿي، آءُ حيران ٿيڻ لڳس جڏهن سندس نازڪ ۽ نفيس نيڻن مان لڙڪ جاري ٿيڻ لڳا، روئاڻڪي انداز ۾ وراڻي” خادم تون هاڻ فائنل ڪري خبر ناهي ڪهڙا وٿاڻ وڃي وسائيندين، سچ تہ تونکان سوا۽ هت منهنجو گذارو بلڪل بہ ڪونہ ٿيندو، آءُ اڪيلي ٿي ويندس بلڪل تن تنها ۽ لاوارث.“
سندس لفظن منهنجي من کي جهوري ڇڏيو، پنهنجي پاڻ تي ضابطو آڻيندي کيس آٿت ڏيندي وراڻيم” فضا اهو فطرت ۽ قدرت جو قانون آهي تہ هڪڙا ايندا آهن ٻيا ويندا آهن، اسين مجبور آهيون فطرت جي قانون کي بدلائي نہ ٿا سگهون.“
ڀنل نيڻن سان مون ڏي نهاريندي چيائين” ڇا هن ڌرتي تي سڄو نظام فطرت جي قانون موجب هلي رهيو آهي، اگر ها تہ پو۽ آءُ هن فطري قانون کي نٿي مڃان، آءُ هِن قانون جي خلاف ويندس.“
مون کي سندس ڳالهيون ڪنهن قدر عجيب لڳيون پر سندس ڪيفت کي سمجهندي مون ساڻس اتفاق ڪيو ۽ کيس تاڪيد ڪندي وراڻيم” فضا تون پنهنجي ڪلاس جي سٺي ۽ هوشيار شاگردياڻي رهي آهين، تون کي تاريخ ۽ فلسفي جي چڱي ڄاڻ آهي، تنهنجو ذهن شعور جي ان حد تي آهي جو تون کي وڌيڪ تلقين ڪرڻ جي ضرورت آءُ محسوس نہ ٿو ڪريان، ها باقي اگر جي تون منهنجي هتان جي وڃڻ کان ناخوش آهي تہ پو۽ آءُ تنهنجي خوشي خاطر پنهنجي هڪ سال جي پڙهائي کي قربان ڪرڻ لا۽ تيار آهيان، آءُ کڻي هن دفعي فائنل جا پيپر ڪونہ ڏيندس ۽ ايندڙ سال تون سان گڏ فائنل ڪندس، بس تون خوش !