ڦڪي چانھ
” صاحب توهان جو ڇا آڊر آهي“
” هڪڙي ڦڪي چانھ “ مون حجائتي انداز ۾ بيري کي پنهنجي لا۽ آڊر ڏنو،
” ۽ ميڊم لا۽ ڇا کڻي اچان“
” وڏيري پاڻ ويٺي آ، جيڪو وڻيس آڊر ڏي “ مان هُن ڏي نهاريندي بيري سان مخاطب ٿيس،
” منهنجي لا۽ هڪ ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچو، ڪابہ هجي مگر هجي صفا يک ٿڌي “
” ٺيڪ آ، بس اجهو کڻي آيس “ بيري پنهنجي پيرن تي زور ڏنو،
مان هن کي خاموشي سان تڪيندو رهيم جيسين بيرو منهنجي ڦڪي چانھ ۽ هن جي ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچي تيسين مان پنهنجي من گهرئي محبوب جي مقدس چهري کي ڏسي ڪري دل کي تسڪين عطا ڪري رهيو هيس، هو سمجهي وئي تہ مان خيالن جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهيان مونکي واپس ڪناري تي آڻڻ لا۽ هن مونکان بي وقتو سوال ڪيو،
” تون ڦڪي چانھ ڇو پيئندو آهي، توکي تہ شگر بہ ناهي پو۽ بہ ڦڪي چانھ ٿو پئين“
منهنجي سوچن جي سمنڊ جو ڄڻ پاڻ ٻنڊو کوليائين، مون چيو
” ڦڪي چانھ پنهنجي اندر هڪ انفراديت رکي ٿي، معاشرو جن ماڻهن کي وڏو ماڻهو سمجهندي آهي اُهي صاحب عام طور تي ڦڪي چانھ پئيندا آهن، سڄي عمر رشوتن عيوض ٻين کان مٺائيون وٺي ڪري کائڻ سبب شگر جا مريض ٿيندڙ صاحب ڦڪي چانھ وڏي رعب ۽ تاب سان پئيندا اٿئي، مون کي ڦڪي چانھ پسند گهٽ آهي مگر جڏهن بيرو مونکي صاحب چئي ڪري مخاطب ٿيندو آهي تہ پو۽ آءُ سوچيندو آهيان تہ مان پاڻ کي صاحب ٿيڻ جي سزا هتي ئي ڏئي ڇڏيا ان لا۽ پنهنجي پسند جي خلاف هن کي آڊر ڏئي آءُ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مان ڪڏهن بہ اهڙو صاحب سڏائڻ جو ڪائل ناهيان جيڪو پنهنجي اسڪول جي پگهار کڻندي اتان گسائي ڪري ڪنهن سياسي ڪاموري جي چاپولوسي ۾ عمر گزاري صاحب سڏائي، يا ٻين جي روزي کسي ڪري پنهنجو پيٽ ڀري، آءُ ڪڏهن بہ اهڙو صاحب ٿيڻ پسند نہ ڪندم جهڙا صاحب اسان جي معاشري ۾ آهن مان ڪڏهن بہ صاحب نہ ٿيندس ڇو تہ اڄوڪن صاحبن جي صاحبي ۾ صداقت ناهي.“
آءُ ڳالهائيندي ڪجھ جذباتي ٿي ويو هيس اڃا اڳتي ڳالهائڻ پہ چاهيم تہ بيرو ڪولڊ ڊرنڪ ۽ چانھ کڻي آيو، هن جي سامهون ڪولڊ ڊرنڪ ۽ منهنجي سامهون چانھ رکندي چيائين:
صاحب هي توهان جي چانھ، صفا ملائي اٿئو ملائي
هو ڪولڊ ڊرنڪ کڻي مونڏي نهاري مرڪي پئي.