جا ڪالھ مون تي وئي گذري
ها مان ڄاڻان ٿو هي ڌرتي پيار ڪرڻ وارن لاءِ ٽامو مثل بڻيل آهي پر ان جي باوُجُودِ بہ هن چمن ۾ اڃا ڪي اهڙا گل ڦٽن ٿا جيڪي پنهنجي سُرَهاڻِ سان ڪُومائِيَلُ دلين کي زندگي بخشين ٿا، ها، اُهي گل جن جي مهڪ ۽ ٻهڪ هن ڌرتي جي ڪلراٺِي زمين کي جيون دان بخشي ٿي، جن جا وجود حُسنَ پرست وجودن لاءِ اُتساه جو سبب بڻجن ٿا
نہ ڄاڻ ڪيتريون دليون اڃا بہ ان ڏينهن تي اُڃايل رهيا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيترن نيڻن پنهنجن پِرين جي راهن ڏانهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ نيڻ نڇاور ڪيا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيترا روح اڃا رُڃ جا راهي بڻيا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيترا وجود اڃا پنهنجي حقيقي محبوب جي حاصلات لاءِ رُنَا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيتريون اکيون انتظار جي عالم ۾ آليون ٿيون هونديون، اهو سڀ ڪجھ سوچيندي مون پنهنجي پاڻ کي انهن رولاڪِنَ جي صفت ۾ شمار ڪري پنهنجيون اکڙيون بند ڪري ڇڏيون، تنهنجي هڪ دم ۽ ديدار لاءِ ڪي ئي پل سانت ٿي ويس، نيڻن جا شٽر بند ڪري خيالن جي اڏامن کي پرواز کان روڪيندي ڀنل نيڻن کي وقت جي تلخ وهڪرن جي حوالي ڪري ڇڏيو.