ڪھاڻيون

خوابن جا پاڇا

يوسف جميل لغاري سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.
Title Cover of book خوابن جا پاڇا

نِراسائِي

رات پنهنجي ڪاري چادر جي راڪاس کي اوڙي من اندر جيڪا مانڌاڻ مچائي وڃي ٿي انهي مچيل مانڌاڻ جا ڪي چڻنگ صبح صادق تائين دل ۾ دکندا رهن ٿا، پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري کي ڏسندي هي دل تھ تھ کان نراس ٿي پوي ٿي، ڪپھ صفت احساس نراس ٿيڻ لڳن ٿا، اکڙين جا ڏٺل سنهري سپنا نراس ٿيڻ لڳن ٿا، اميدون نراس ٿيڻ لڳن ٿيون، خواهشون ۽ خواب پڻ نراس ٿيڻ شروع ٿين ٿيون.
جڏهن پرھ جي ڦٽڻ واري گهڙي ۾ اکڙيون خوابن جي ڄار مان آزاد ٿي ڪري کلي پون ٿيون تہ سڀ کان پهريائين پنهنجو پاڻ کي وساري پنهنجي ارد گرد نماڻن نيڻن سان توکي پسڻ چاهيندو آهيان، خوابن جا انيڪ خمار ذهن جي پردي تي چٽيل هجڻ جي باوجود بہ هي اکيون تنهنجي چنڊ نمان چهري جو درشن ڪرڻ چاهينديون آهن.
پرھ ڦٽل مهل پنهنجي ارد گرد سڄو ماحول نراس ٿيڻ محسوس ٿيل لڳي ٿو، ڪجھ پل اڳ ڏٺل سڀ ڌنڌلا خواب نراسائي جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ پوءِ هي ٽٽل ڀڳل وجود پڻ پنهنجي بي وسي آڏو ڳوڏا کوڙي نراس ٿيڻ لڳي ٿي، نراس بہ ائين جئين ڄڻ تہ سندس وجود جو ڪو هُل هنگامو موجود ئي نہ هو، اهڙي طرح هڪ جز پنهنجي ڪل جو متلاشي بڻجي ڪري ڪنهن اڻ ڏٺل دنيا ڏانهن پنهنجو سفر ڪرڻ شروع ڪري ٿو.