ڪھاڻيون

خوابن جا پاڇا

يوسف جميل لغاري سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.
Title Cover of book خوابن جا پاڇا

تون هاڻ ڪاڏي ويندين

تون هاڻ ڪاڏي ويندين، جڏهن انهي سوال منهنجي اندر ۾ ڪَرُ کنيو تہ مون ڪي گهڙيون سندس جواب کي ڳولڻ ۾ گهاري ڇڏيون، مون پنهنجي آس پاس، ويجهي پري توڙي ارد گرد نِهارِيو مون کي پاڻ وٽ، پنهنجي ويجهي، ڪو بہ فرد توڙي دوست نظر ڪو نہ آيو، سڀ جا سڀ الائي ڪاڏي، الاءِ ڪهڙي پار هليا ويا هئا، منهنجي ارد گرد سڄو سارو ماحول تن تنھا ۽ خاموش بڻيو پيو هيو.
آءُ ڪي گهڙيون خاموشي جي ٽياس تي ٽنگيل رهيس ۽ اڪيلائي جو آسمان مون کي پنهنجي ارد گرد گهيرو ڪيون سوگهون ڪيون ويٺي هئي، منهنجي سوچن جو سمنڊ خشڪ بڻجي چڪو هو، منهنجا نيڻ پاڻي بدران ٽهڪندڙ آب جاري ڪري رهيا هئا، منهنجي دل پنهنجي ڌڙِڪَڻُ واري رفتار آهستي آهستي وڌائي رهي هئي جنهن سبب منهنجي لئونڌڙي ۾ ڪجھ سور محسوس ٿيڻ شروع ٿيو، اِهو سور گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌڻ لڳو، ايتري قدر وڌڻ لڳو جو ان پنهنجي گرفت ۾ دماغ جي سڄي کوپڙي کي يرغمال ڪري ڇڏيو، منهنجي يرغمال بڻيل ذهن مزاحمتي انداز ۾ منهنجي انهي سوال جو جواب مون کي ڏنو جيڪو ڪجھ پل اڳم منهنجي اندران مون ۾ اڀريو هو، آءُ پنهنجي مُونهُن آهستي ڀُڻڪيس” سڀ جا سڀ مطلبي دوست ۽ يار، يونيورسٽي ۾ هڪ پل پري ڪو نہ ٿيندا هيا ۽ هاڻ ملڻ جلڻ، گڏجي کائڻ پيئڻ ۽ ياد ڪرڻ کان بہ پري ويا- حيف هجي سندن مطلب ڀري دوستي ۽ ياري تي.“