ڪھاڻيون

خوابن جا پاڇا

يوسف جميل لغاري سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.
Title Cover of book خوابن جا پاڇا

  فرينڊ رڪويسٽ

ڳالھ ايتري تہ مختصر هئي جو مون تون سان اورڻ ئي نہ پئي چاهيو، مگر وقت، حالات ۽ دل هٿان مجبور ٿي ڪري، تون اڳيان پنهنجي دل جي ڪٿا بيان ڪريان پيو، انهي ئي دل تہ مجبور ڪيو آهي جنهن دل جي دڙڪن ۾ غير معمولي تيزي اچي ويندي آهي جڏهن تون سامهون ايندين آهي، لائبرري هجي، ڪينٽين هجي، يا وري ڪلاس ۾ رکيل ڪرسي، منهنجو ظاهري وجود جت بہ هوندو آهي اتان جي وايومنڊل مون کي تنهنجي سوچن ۾ غرق ڪري ڇڏيندي آهي، آخر مان تنهنجي باري ۾ ايترو ڇو سوچيندو آهيان، ان جي خبر تہ مون کي بہ ناهي، ماڻهن کان ٻڌو هو ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو هو تہ جڏهن اکين مان ننڊ ۽ دل مان قرار هليو ويندو آهي تہ ان وبا کي ماڻهو پيار چوندا آهن، مون کي محسوس ٿيڻ لڳو تہ شايد مون کي بہ توسان پيار ٿي ويو آهي، آءُ طبعيتن ون وي عشق جو قائل ناهيان، ان لا۽ مون سوچيو تہ تنهنجي دل جي راز کي معلوم ڪجي تہ جئين خبر پئجي سگهي تہ تون وٽ بہ منهنجي لا۽ ڪي فيلنگس آهن يا رڳو عشق جي آڙاه ۾ آءُ اڪيلو پيو پچرا، گهڻي سائنسي تحقيق ۽ کوجنا کان پو۽ مون تنهنجي فيس بڪ جي آڊي ڳولي لڌي، تون تائين پنهنجي دل جي ڳالھ پهچائڻ جو ان کان وڌيڪ منهنجي نظر ۾ ڪو ٻيو ذريعو نہ هو، تنهنجي آڊي کي ننهن کان چوٽي تائين مون وزٽ ڪيو، تنهنجي ٽائيم لائين تي شيئر ڪيل هر هڪ پوسٽ جي لائيڪ توڙي ڪمينٽ کي ڏٺم ۽ پڙهيم، تنهنجا لائيڪ ٿيل سڀ پيج بہ ڏٺم تہ جئين تنهنجي مزاج کي سمجهي سگهان، تون جيڪي جيڪي گروپ جوائن ڪري رکيا هيا اهي سڀ گروپ وزٽ ڪيم، مطلب تہ پنهنجي خاطري خاطر هر هڪ شئي کي دل و جان سان جاچيم، تنهنجي آڊي کي وزٽ ڪرڻ کان پوء منهنجي ذهن منهنجي دل تي اهو دٻاءُ رکيو تہ مان توڏي فرينڊ رڪويسٽ موڪليان ۽ ان سان گڏ توکي هيلو ها۽ وارو هڪ ميسيج بہ موڪليان اگر تون منهنجي فرينڊ ريڪوسٽ قبول ڪئي ۽ ميسيج جو جواب بہ ڏنو تہ پو۽ ان ڳالھ جي پڪ ٿي ويندي تہ تنهنجي دل ۾ بہ منهنجي لا۽ ڪجھ آهي ۽ اگر جوابن تون فرينڊ ريڪوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي ۽ منهنجي ميسيج جي جواب ڏيڻ بجا۽ مونکي ميسينجر ۾ بلاڪ ڪري ڇڏيو تہ پو۽ مونکي اها پڪ ٿي ويندي تہ مان ڪنهن غلط فهمي جو شڪار هيس. ڪجھ ڏينهن پهريائين مون ائين ئي ڪيو، توڏي فرينڊ ريڪويسٽ بہ موڪليم ۽ توکي هڪ ميسيج بہ موڪليم، ٻہ ڏينهن پورا مان فيس بڪ تي لاگ ان نہ ٿيم ۽ اڄ صبح مون دل جي ارمانن، اميدن ۽ حسرتن کي قابو ڪري فيس بڪ کوليو، نوٽيفڪيشن بار کي چيڪ ڪيم، ان اميد سان تہ شايد تون منهنجي فرينڊ ريڪوسٽ قبول ڪئي هجي مگر اهڙو ڪو نوٽيفڪيشن نظر نہ آيو. دل گهريو تہ ميسيج چيڪ ڪجي ۽ ڏسجي تہ تون فيس بڪ تي آن لائن بہ ٿي هئينءَ يا نہ ؟ متان تون بہ ٻن ڏينهن کان آن لائين نہ ٿي هجين جنهن سبب منهنجي فرينڊ ريڪويسٽ قبول نہ ڪئي اٿئي. منهنجي دل اهو موکي بار بار چئي رهي هئي تہ تون آن لائن نہ ٿي هوندئين، مون ميسيج واري خاني کي ڪلڪ ڪيو، ميسيجن جي لسٽ کلي آئي تنهنجي آڊي جي نالي جي جا۽ تي فيس بڪ يوزر لکيل نظر آيو. ڪلڪ ڪيم تہ منهنجي طرفان موڪليل ميسيج جو ڪوئي بہ جواب آيل نہ هو بلڪي ان جي ابتڙ ميسيج موڪلڻ وارو خانو ئي مون کان ضبط ڪيو ويو هو. يعني هاڻ مان توکي ٻيو ميسج بہ نہ پئي موڪلي سگهيس، دل ۾ ٻرندڙ ارمانن جي باھ تي ڄڻڪ ڪنهن پاڻي هاري ڇڏيو هجي، ذهن اهو مڃڻ لا۽ تيار ئي نہ آهي تہ ڪو تون مون کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.