ڪھاڻيون

خوابن جا پاڇا

يوسف جميل لغاري سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.
Title Cover of book خوابن جا پاڇا

  ها پرين

تون ڇا ڄاڻين انهن رولاڪين کي جن رولاڪين اسان کي تنهنجي درشن جو ديوانو بڻايو هو، ها انهن رولاڪين جن ۾ رولندي اسان ڪي گهڙيون پنهنجي پاڻ کان بي خبر توڙي بي نياز ٿي ڪري تنهنجي حسن جي ڪمال ۽ جمال ۾ مهو ٿي ويندا هئاسين.
ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهي روح جي درد ڪٿا کي جنهن روح کي ڀٽڪندي ڪي ئي صديون ٿيون هجن، جنهن روح سحرا جي سرد ڀٽن ۾ پنهنجي جواني وڃائي هجي، جنهن جي جوان سپنن جوڀن ۾ ئي خودڪُشي ڪري ڇڏي هجي ها.
پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين اسان جي انهي دل لڳي کي، جنهن دل لڳي اسان کان اسان جي هر ٺڙڪ ۽ ٺڳي کسي ڇڏي هئي، جنهن دل لڳي اسان کي سنجيدگي واري مزاج مان ڪڍي ڪري مسڪرائڻ سيکاريو هو، جيڪا مسڪراهٽ اسان کان ڪي ئي ورهيہ اڳ موڪلائي وئي هئي.
ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن راتين جي اوڄاڳن کي، جن اوڄاڳن مون کي تنهنجي انتظار ڪرڻ جو عادي ڪري ڇڏيو هو، جن اوڄاڳن سان منهنجو عشق ٿيو هو، جن اوڄاڳن مون کي محبت جي مفهوم سمجهائي ڇڏيو هو ۽ انتظاري ۾ قراري بخشي هئي.
ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين منهنجي من جي ان ڪچي محلات کي جيڪا تنهنجي هڪڙي بي رخي جي زلزلي سان ڊهي پٽ ٿي پئي آهي، جنهن کي وري جڙڻ ۾ شايد ڪي ئي زمانا درڪار آهن ۽ پو۽ بہ شايد وري اهڙي متان نہ جڙي سگهي جيڪا تنهنجي هڪڙي مرڪ سان جڙي پئي هئي.
ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن تاريخين کي، جن تاريخين ۾ اسان تو کي روشني سمجهي تلاش ڪيو هو، تلاش بہ ائين جئين ڪو بي نور فرد نور کي تلاش ڪندو آهي، اسان جو هي روڳي من تنهنجو متلاشي ٿي پيو هو، گهڻي تلاش ۽ ڳولاءِ کان پوءِ بہ تنهنجو نہ ملڻ مون لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻيو.
ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن احساسن کي، جن احساسن کي مون لفظن جي روپ ۾ تنهنجي لاءِ لکيا، سرجهيا ۽ پڙهيا، تون تہ انهن لفظن جي قيمت جو ڪاٿو بہ نہ ٿي لڳائي سگهي منهنجا اُهي لفظ هاڻ مون لاءِ امرتا جا حامل آهن ڇو تہ انهن جي وابسطگي جو تون سان آهي.