ڪھاڻيون

خوابن جا پاڇا

يوسف جميل لغاري سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.
Title Cover of book خوابن جا پاڇا

  ڪاپي ڪلچر

ننڍي هوندي کان ئي پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهڻ جي ڪري هو ڪافي هوشيار ٿي چڪو هو. سندس والدين جا ساڻس ڪيئي خواب لاڳاپيل هئا، اڄ سندس نائين ڪلاس جو پهريون پيپر هو. هاءَ اسڪول گهر جي ويجهو هئڻ ڪري سندس پڻس سندس پيپر هتي منتقل ڪرايا هئا، جئين هو بنا ڪنهن سفري تڪليف کي منهن ڏيڻ بجاءِ پنهنجي گهر جي ويجهو آساني سان پيپر ڏئي سگهي. امتحان حال ۾ پهچڻ شرط هن عظم ڪيو تہ مان پيپر پاڻ ياد حل ڪندس. ڇو تہ ڪجھ دير اڳ کيس اها سڌ پئجي چڪي هئي تہ هي سينٽر ڪاپي جي حوالي سان تمام بهترين سينٽر آهي هيڊ ماستر صاحب جا بورڊ وارن سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ ان جي ڪري هتي تہ بورڊ جي ٽيم بہ نہ ايندي آهي، شاگرد پنهنجن پنهنجن سيٽن تي ويهي رهيا کين سوالي ڪاپي ۽ جوابي ڪاپيون ملي ويون، ڪجھ دير جي لا۽ بنھ خاموشي ٿي وئي، هن سوال نامي جا سوال پڙهي انهن جي جوابن کي ذهن ۾ ڊوڙائڻ شروع ڪيو. ڪجھ دير پهريان ڪاپي جي حوالي سان هن سينٽر بابت ٻڌل ڳالهيون کيس ڪوڙيون محسوس ٿيڻ لڳيون، بس ڪي منٽ ئي مس گذريا تہ امتحاني حال ۾ گوڙ شروع ٿيڻ لڳو جنهن سندس سوچڻ جي صلاحيت کي روڪي وڌو، شاگرد هڪ ٻي کي گائيڊن جا صفحا ٻڌائڻ لڳا.
” پهريون سوال ٻارهين صفحي تي اٿي. اڃا هن ان ڏي نهاريو ئي مس تہ هڪ ٻي شاگرد رڙ ڪندي پنهنجي ڪنهن دوست کي چيو ” پنجون سوال ٻاويهين پيج تي اٿي جلدي ڪڍي وٺ “
هن سوچيو تہ جڏهن سڀ بي ڌڙڪ ٿي ڪري ڪاپي ڪري رهيا آهن تہ ڀلا آءُ ڇو هرو ڀرو مٿي ماري ڪريان. هن پنهنجي ڀرسان ويٺل شاگرد کان گائيڊ وٺي ڪري اهو چيو تہ ” گائيڊ ڏي مان جلدي سوال ڳولي ٿو ڏيائين پهريان تو ڪر پو۽ مونکي ڏجان مان ڪندس “
سندس سڀ قابليتون ۽ خرچ ڪاپي ڪلچر جي ور چڙهي ويا ۽ هو ٻين وانگر بي ڌڙڪ ٿي ڪري پيپر ڪري رهيو هو.