ڪھاڻيون

خوابن جا پاڇا

يوسف جميل لغاري سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.
Title Cover of book خوابن جا پاڇا

اڙي چنڊ - اڙي چنڊ

جڏهن اونداھ ڪاري رات پنهنجي گرفت ۾ هن ڌرتي تي موجود سڀني پکين، پکيئڙن، وڻن ٽڙن توڙي جيت جڙن کي لپيٽي وٺندي آهي تہ تڏهن اُن ڪاري رات جي راڪاس کي مات ڏيڻ لاءِ تنهنجي روشني نمودار ٿيڻ لڳندي آهي، تنهنجي اِها روشني جتي ٻين لاءِ رهنمائي جو سبب بڻجندي آهي اُتي وري اسان جهڙن حساس دل رکندڙ فردن لاءِ اميد ۽ اُتساه جو سبب پڻ بڻجندي آهي.
تنهنجي حسن جا اسير ڪي ئي اهل دل ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا ٿي پوندا آهن تنهنجي حسن جي تعريف جي تڪميل لا۽ الاءِ تہ ڪيترن ئي شاعرن ۽ ليکڪن پنهنجي لفظن تي طب آزمائي ڪئي آهي، ڪن تو کي پنهنجي پرين جي حسن سان ڀيٽيو آهي تہ وري ڪن تون کي پنهنجي پرين لاءِ انيڪ نيھ جا نياپا موڪليندي تو کان حجائتي انداز ۾ اهو پڻ پڇيو آهي تہ” اڙي چنڊ، اڙي چنڊ پرين تو تہ ڏٺو ناهي، سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهي جئين تون.
تنهنجي حسن، توڙي تنهنجي ڪمال ۽ جمال جا جتي بي حد پارکو آهن اُتي وري تنهنجي خاموشي بہ مون لا۽ هڪ سواليہ نشان آهي، تنهنجي خاموشي پنهنجي اندر هزارين راز رکي ٿي، اڌ رات جو محبوب پاڪن کان رنجھ ٿيل الهڙ جوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پنهنجي دل جي هزارين ڪروڙين دردن جا داستان تو سان سليندا آهن، پنهنجي من اند جي مونجھ کي لاهڻ لاءِ تون سان انيڪ ڪچهريون ڪندا آهن، دل جي دنيا ۾ مچيل مانڌاڻ کي هلڪو ڪرڻ لاءِ تو کي پنهنجو راز دار سمجهندي توسان دل جو ڳالهيون اوريندا آهن، پر تون کين بنا ڪنھ دل جوئي ڏيڻ جي توڙي آٿت جا ڪجھ چوڻ جي بجاءِ ، هميشه ازلي خاموشي اختيار ڪري ويهندو آهي، تنهنجي اِها هٽ ڌرمي يقينن پريشان ڪندڙ آهي.
تون ڀلي ڪيڏو بہ سخت مزاجي ۽ خاموش صفت واري رويو اختيار ڪر پر پوءِ بہ آءُ بخوبي ڄاڻان ٿو تہ تون منهنجي محبوب جي حسن، ادائن، ۽ نکريلي اندازن آڏو پاڻ کي ڦڪو ۽ بي سوادو محسوس ڪندو هوندين، تنهنجو حسن، تنهنجو روعب، تنهنجي سڄي آڪڙ توڙي گهمنڊ سندس هڪ مرڪ اڳيان نسب ۽ نابود ٿي ويندي هوندي، ڇو تہ تون پاڻ هڪ مسلسل عمل جو محتاج آهي جنهن عمل مان گذرندي تنهنجو حسن پنهنجي پاڻ کي چونڊهين جو چنڊ چوائڻ جو قابل بڻجي ٿو.
پر منهنجي محبوب جو حسن ڪنهن مخصوص عمل دخل جو محتاج ناهي، ڇو تہ هو جڏهن مسڪرائيندي آهي تہ ان مهل گل پنهنجي سرهاڻ وڃائي ويهندا آهن، هو جڏهن ڳالهائيندي آهي تہ ان مهل ڪوئل پنهنجي مٺي لات وساري ويهندي آهي، هو جڏهن هلندي آهي تہ تڏهن سڀ مور پنهنجي هلڻ جا ڍگ وساري ويهندا آهن ۽ هو جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندي آهي تہ سندس زبان مان لفظن بدران ڄڻڪ ڳاڙها گلاب جاري ٿيندا آهن جن جي سرهاڻ منهنجي من کي هميشه مهڪائي ڇڏيندي آهي.
تڏهن ئي تہ تو کي ڀٽائي سرڪار چيو آهي.

اي چنڊ چوان ئي ســچ جي مٺي نه ڀائــــين،
ڪڏھــن اڀرين ٿورڙو ڪـڏھــن اڀــــرين ڳچ،
جو تو ۾ ٻري مچ سو پدم پرين جي پير مين۔