بابا ڪردارن جو اصل روپ پاڻ هو : آصف رزاق مهر
بابا جي وصال کان چار پنج ڏينهن اڳ پڇيومانس ته، ”بابا توهان ايڏو المياتيtragic ڪردارن ۾ پيهي ڇو ويا آهيو .
موٽ ۾ چيائين ته، ”حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ اڌ کان وڌ تقريباَ ٽي حصا دنيا انهن تلخ حالتن ۾ گذاري ٿي ۽ مان به انهي دنيا جو رهاڪو آهيان.“
بابا جو گهڻو خيال هو ته زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجھ انسان وڃائي ٿو، اهو سڀ (Tragedy) آهي ۽ ٽريجڊي حقيقت ۾ تڏهن هوندي آهي، جڏهن ان ۾ ڪا شيءِ وڃائجي وڃي، ختم ٿي وڃي. انهي تسلسل ۾ ويچارڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته اسان جيڪي بابا جا پوئلڳ، جيڪي ان جو اولاد آهيون، اسان به ان ٽريجڊيءَ جو شڪار ٿي وياسين ۽ هڪ سٺو پيءُ ۽ اديب وڃائي ويٺاسين. بابا اهو رائيٽر هو، جيڪو ڪتاب ۾ به ساڳيو ته عملي زندگيءَ ۾ به ساڳيو، يعني قول ۽ فعل جو سچو ۽ شفاف انسان. هن جي زندگيءَ جو ڳچ حصو اڻ ڳڻين تڪليفن جو باب هو، جيڪو هن جي يتيم ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿي چڪو هو، پنج سالن جي عمر ۾ هو اهڙن ماڻهن جي سرپرستيءَ ۾ رهيو جيڪي ”مار ئي سنوار“ سمجهندا هئا ۽ هرهڪ پنهنجي وڏي هجڻ جو فرض نڀائڻ ضروري سمجهندو هو.
مائٽن جي رواجي بي حسي ان مان ظاهر پئي ٿئي جو هڪ دفعي جڏهن بابا کي پنجين درجي جو امتحان ڏيڻو هو ۽ ڪتابن جي نه هجڻ جي ڪري هو پنهنجي مائٽ جي گهر وڃي ان جي ڀرسان ويٺو ۽ هن جو ڪتاب پڙهڻ لڳو ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڇوڪري جي ماءُ بابا کي اٿاريو ۽ چيائين ته، ”ابا تون هن جي ڀرسان نه ويھ، متان منهنجي پٽ کان سبق نه وسري وڃي.“
بابا جي جوانيءَ وارو دور چاچا واجد منگي، چاچا ڪيهر شوڪت، چاچا زيب سنڌي ۽ محبوب دوست چاچا محمد علي پٺاڻ سان گڏ گذريو، چاچا محمد علي به بابا کان محروم ٿي ويو، خبر نه آهي ته مقدر اها راند اڄ تائين الائي ڪيترن انسانن سان کيڏي آهي. هي دنيا به عجيب آهي، روز خوشين جا کٽولا کڄن ٿا ۽ روز غمن جون ڇپون ٿيون ڪرن.
15 آگسٽ 2002ع تي اهو کٽولو اسان جي گهر مان کڄي اوڏانهن ويو، جتان اڄ تائين ڪو به واپس ناهي وريو. بابا جي ٽيبل تي خالي پيل پنا، اڃا ان تيز ڌار جهڙي قلم جا منتظر آهن، جيڪو سماجي اوڻاين کي بي ڊپو ٿي نروار ڪندو هو. مون کي پڪ آهي ته سندس ڊرامن جا اڻ مٽ ڪردار هن سماج جا ترجمان ضرور ٿيندا.
[b]آصف رزاق مهر
[/b]