پيڙهيل وجود
بهرحال، هو هڪ آفيس ۾ پنهنجي مرضيءَ جي خلاف هڪ ڪلارڪ آهي. ان ڪري سدائين پريشان رهندو آهي، ۽ هاڻي هو ڊيوٽي ڏئي، گهر موٽي آيو آهي. دريون ٽپي اندر داخل ٿيو آهي. نظرون چلھ ڏانهن کڄي ويون اٿس. چلھ تي هاريل پاڻي، وسايل ڪاٺيون، ۽ ٻوڙ سان ڀريل وکريل ٿانو نه ڏسي چڙي پيو آهي. صبح ماني کائڻ بنا ئي آفيس ويو هو، ۽ هاڻي جڏهن خالي چلھ ڏسي محسوس ڪيو اٿائين ته ٻيو ويلو به بک ڪاٽڻي پوندي ته ڪاوڙ ۾ سڄو باھ ٿي وڃي ٿو. هن جي منهن جي ڪاوڙ ڀريل گهنجن مان لڳي ٿو، اڄ جوڻس جو خير بلڪل ناهي. زال مٿان ڏاڍي چڙ اٿس. هو ڪاوڙ ۾ نانگ جيان ڦوڪارا ڏيندو، اڱڻ لتاڙي صفي اندر داخل ٿئي ٿو. سامهون زال ڏانهن نظرون کڄي وڃنس ٿيون. هوءَ کٽ تي سڌي ليٽيل آهي، هن جي ڀر ۾ ننڍِي ڌيڻس ستل آهي. جوڻس جي مٿي تي ڀينڊي ٻڌل آهي جنهن منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته هن جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. کيس ان حال ۾ ڏس، هميشه جيان سموري ڪاوڙ ڍري ٿي وڃيس ٿي. ٿڏو شوڪارو ڀري ٿو وٺي.
اهڙن وقتن تي، جڏهن ماڻهن جي خلوص ۽ پيار کي بک جي باھ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ جڏهن انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به سوچي ناهي سگهبو، تڏهن هو انهيءَ جي ابتڙ الڳ رستو اختيار ڪندو آهي. هو سوچيندو آهي، دنيا طرفان مليل نفرتن، محرومين ۽ وري گهر اچي ڪڏهن ڪڏهن بک ڪاٽڻ تي جا پيڙا هو ڀوڳي ٿو، ان جو سمورو بدلو زال کان وٺي ڇڏي. پر هو پنهنجي ان سوچ مٿان چاهيندي به عمل ڪري نه سگهندو آهي، شايد ان لاءِ ته جوڻس جو رد عمل به هن لاءِ ساڳي قسم جو هوندو آهي.
هو جڏهن ڪاوڙ هوندي به زال کي ڪجھ ناهي چئي سگهندو، تڏهن محسوس ڪندو آهي ته ڪاشيءِ سندس اندر ۾ پيل گهاءَ گهرا ڪندي پئي وڃي. سو هاڻي هو ڪاوڙ هوندي، توائي هوندي به ڪجھ نه چوڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. ان ڪري کن پل لاءِ اتي بيهي، پوءِ زال جي ڀر ۾ پيل ننڍي کٽ ڏانهن وڌي، ان تي ليٽي پوي ٿو.
ڪيتري دير ساڳيءَ ريت هڪ هٿ مٿي هيٺان ۽ ٻيو مٿان ۽ جوڻس ۽ ڌيڻس جي ساهن کان سواءِ ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل آهي. هو مٿي هيٺان هٿ ڪڍي زال ڏانهن منهن ٿو ڪري. ڪا گهڙي سندس نظرون هن جي منهن ۾ کپي وڃن ٿيون. زال جي منهن ۾ پيل گهنج هن جي اندر جي پيڙا لڪائي نه سگهيا آهن. سندس چهرو اندر جو آئينو بنجي ويو آهي، جنهن ڏانهن هو ڏک وچان گهوريندو رهي ٿو. هاڻي زال مان نظرون ڪڍي هڪ اونهو شوڪارو ڀري ٿو.
ڪجھ دير ساڳيءَ طرح سان سمهڻ بعد اٿي ويهي ٿو. هاڻي بک جو راڪاس کيس نستو ڪرڻ شروع ٿو ڪري. جيئن جيئن بک وڌندي وڃيس ٿي، تيئن ڪمزوري سان گڏ بيچينيءَ ۾ به اضافو ٿيندو وڃيس ٿو.
هو وري سمهي ٿو پوي. هاڻي هو پاسي واري ڀت ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو. گهڙي رکي پاسو بدلائي زال ڏانهن منهن ڪري ٿو. هوءَ ساڳي ريت چپ چاپ ليٽيل آهي. زال مان نظرون ڪڍي در جي ڀر ۾ رکيل ٽيبل ڏانهن ڏسي ٿو، سندس ڪمزور جسم ۾ الائجي ڪيئن شڪتي اچي وڃي ٿي. تڪڙ ۾ کٽ تان اٿي ٿو. ٽيبل تي جڳ، گلاس، ننڍي ڌيڻس جو ڇمڪڻو، ان جي ڀرسان ڊينٽونڪ جي ننڍي دٻي رکيل آهي ۽ وري انهن سڀني جي ڀرسان ٻه پنڊيون رکيل آهن. هڪ سڌي ۽ ٻه انهن جي مٿان اونڌي، کيس لڳي ٿو، انهيءَ پنڊيءَ ۾ ضرور ڪجھ ماني ڍڪيل هوندي! هو ان اميد تي ٽيبل ڏانهن وڌي وڃي ٿو، پوءِ جيئن ئي پنڊي مٿي ڪري ٿو، ته خالي پنڊي سندس ويچارا ڪڍي سندس آڌر ڀاءُ ڪري ٿي ــ اميدون نا اميديءَ جي لهر ۾ لڙهي وڃنس ٿيون. هو پهرين کان وڌيڪ پريشان ۽ بي چين ٿي وڃي ٿو. بک نٺر ٻار جيان جاڳي پوي ٿي، جنهن آڏو، پاڻ کي ڏاڍو بيوس محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. ”ڇا ڪريان؟“ هو ڪنڌ مٿي کڻي سوچي ٿو.
۽ وري کٽ ڏانهن هاڻي خالي نظرن سان ڀت ۾ لڳل تختي ڏانهن ڏسي ٿو ۽ ان هيٺان ڪوڪن سان لڳل فلمي اخبارن کي ڏسندو وري زال ڏانهن ــ وري هڪ نئين سوچ ڪر موڙڻ لڳيس ٿي.
”ماسيءَ جي گهران پڇي اچان، شايد ڪا بچيل سچيل ماني ملي وڃي،“ هو پنهنجي ان سوچ تي عمل ڪرڻ لاءِ اٿي ٿو. ۽ ٻه ٽي وکون مس کڻي ته وري پير رڪجي وڃنس ٿا. کيس ياد ٿا اچن، جوڻس سان ڪيل جهيڙي ۾ ننڍي ماسات جا لفظ ”......۽ شوڪت جڏهن، ڏينهن ۾ ٽي ٽي ڀيرا وٽو کڻي اسان جي گهر پنڻ ايندو آهي، تڏهن ته ڪا ڳالھ ئي ناهي ٿيندي ۽ هاڻي وري انبن جا ٿي مهڻا ڏئين.......“
جيتوڻيڪ سندس ماسيءَ پنهنجي ڌيءَ جي ڪيل ان بدڪلاميءَ جي کائنس معافي به ورتي آهي، پر پوءِ به هن ماسيءَ جي گهر وڃڻ بلڪل گهٽائي ڇڏيو آهي. ”نه.“ مون کي هن جي گهر نه وڃڻ گهرجي، بلڪل بائيڪاٽ، هو وري پوئتي موٽي ساڳيءَ کٽ تي ليٽي ٿو پوي.
۽ هاڻي بک ڪري هانو ۾ چڪ، مٺيون ڀيڪوڙجي وڃنس ٿيون. چپ ڏندن ۾ ڏيئي اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. ڪا گهڙي ساڳي ڪيفيت اٿس، پوءِ جڏهن منهن ۾ پيل گهنج هوريان هوريان لهي وڃنس ٿا ته اکيون کولي ٿو. ”رن به ماني کاڌي الاءِ ائين ئي بک تي سمهي پئي آهي، زال ڏانهن ڏسي سوچي ٿو، ”نه پاٽو ساٽو آهي. ٻيو نه ته صبح واري ماني ضرور لڪائي رکي هوندائين. ائين ته جيڪر ننڊ ئي نه اچيس ها، هوسڪينا ڏانهن پاڻ کي مطمئن ڪري وري پنهنجي لاءِ سوچڻ لڳي ٿو. ”نيٺ هاڻي ڇا ڪجي! هاڻ ته اصل بک لاھ ڪڍندي پئي وڃي،“ اوچتو پاڻ تي چڙ اچي وڃيس ٿي. ”صبح چيو به هئائين ته ماني کائي وڃئ کڻي جي اڌ ڪلاڪ کن ٻيو ترسي پوان ها ته ڇا ٿئي ها! هاڻ ڀل پيو لوڙيان. ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي ٿو. جي ترسان ها ته وڌ ۾ وڌ هيڊ ڪلارڪ جا دڙڪا ئي ته ٻڌڻا پون ها. ڦاهي ته ڪا نه اچي ها. ڀلا روز ائين ناهي ٿيندو ڇا.“ آفيس ڪيڏو به ساجهر وڃجي. ڇو نه بهتر ڪم جو مظاهرو ڪجي، ڪنهن نه ڪنهن بهاني مڙئي ڳالھائي وٺندو. هروڀرو پنهنجي برتري جو احساس ڏياريندو. اڄ به کڻي ساڳيو ئي رينگي جو رڪارڊ چالو ڪري ها. بس نه! ان ۾ لهي ته ڪونه وڃان ها. پر وڏي ڳالھ ته اڄ هو پاڻ ئي ليٽ آيو هو. اف ٿوري ڳالھ جي ڪري اجايو پاڻ کي سزا ڏنم، جڪ کائي اٿي ويهي ٿو ــ پوءِ ڪا گهڙي مٿي کي هٿ ڏئي، هيٺ اکڙيل فرش ڏانهن ڏسندو رهي ٿو.
”هڪ ٻي ڳالھ به آهي نه،“ هاڻي هو ڪجھ گهڙيون اڳ رٿيل، خيالن جي تضاد ۾ سوچي ٿو. اهو ته کڻي اتفاق ٿي ويو جو هو دير سان پهتو، پر جي اڄ دير ڪري وڃان ها ۽ هو مون کان اڳ ۾ ئي پهچي ويو هجي ها ته پڪ ئي نوڪريءَ تان هٿ ڌوئي ويٺو هجان ها. ڪلھ ميٽنگ مان ٿي، صاحب موجوده حالتن سبب جنهن نموني ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو هو، ان لاءِ هاڻ آفيس وارن کي ته رڳو بهانو گهرجي. جنهن سان به وير هجين ان لاءِ هڪڙي رپورٽ پڙي آهي. ۽ وري نه ڳولهيو لڀي! مان درست ئي ڪهڙو آهيان. حقيقت ۾ صبح ٺيڪ ئي ڪيم. غريب ماڻهو، نوڪري به هلي وڃي پوءِ اصل ڌوٻي ڪتي واري ڪار ــ شڪر آ، نوڪري ته بچي پئي آ، ايمرجنسي حالتون آهن، ڪنهن کي موقعو ئي ڇو ڏجي ــ اطمينان جو شوڪارو ڀري ٿو. پوءِ وري کٽ تي ليٽي ٿو پوي.
”پر هاڻي ڇا ڪجي ــ هاڻي ته اصل ساھ پيو نڪري.“ اوچتو ڪنهن خيال سبب کيسي ۾ هٿ هڻي ٿو. خوشيءَ جي احساس کان اکين ۾ چمڪ اچي وڃيس ٿي. هو کٽ تان اٿي ٿو، ڄڻ انعامي بانڊ جي کلڻ واري خبر ملي هجيس، ”ها ڪٻٽ ۾ پيا آهن.“ هو اڳتي وڌي ڪٻٽ کولي ٿو، پوءِ ڪتابن جي هيٺان پراڻي اخبار جيڪا ڪتابن کي مٽيءَ کان بچائڻ لاءِ وڇايل آهي، تنهن جي هڪ ڪنڊ مٿي ڪري ٿو، ڪنڊ خالي ڏسي مايوس ٿي وڃي ٿو! شايد سڪينا کنيا آهن. ڊگهو شوڪارو، وري ساڳي کٽ! ”اهي ٻارنهن آنا ئي ملن ها ته جيڪر چئين آني کن جا ڀڳڙا ئي وٺجن ها، ڪجھ ٻل ٿئي ها! ڀلا هن کان پڇان.“ هو سڪينا ڏانهن ڏسي ٿو جيڪا چپ چاپ ستي پئي آهي. هن جي اهڙي نموني سمهي رهڻ ۽ لٿل چهري ڏانهن ڏسڻ تي الائجي ڇو مٿس رحم اچي وڃيس ٿو. بخار اٿس، اٿي ته وري دوا جي گهر ڪندي ۽ مان وري ڪجھ ڏيڻ بدران چوانس ته ٻارنهن آنا تو کنيا آهن. ڏاڍو ٺهندس ائين چوندي! نه پاڻ کان ايڏي خود غرضي نه پڄندي. ڇڏينس ڀلي ستي پئي هجي. هو هن جي هيڊ جهڙي چهري ڏانهن ڏسي سوچي ٿو، ”فرض ڪجي دوا لاءِ کڻي گهر نه به ڪري ته ضروري ناهي ته ٻارنهن آنا بچائي رکيا هجنس. ڏنوئي ڇا اٿمانس. اجايو پاڻ کي خراب ڪرڻو.“ وري اٿي ٿو 7 لاشعوري طور تي ساڳيو ڪٻٽ کولي وري اخبار جي ساڳي ڪنڊ مٿي ڪري ٿو ۽ جڏهن اها جاءِ وري به خالي ڏسي ٿو ته پنهنجي ان حرڪت مٿان ککو وکو ٿئي ٿو. پوءِ کن لاءِ ڪجھ سوچڻ بنا اتي ڄمي وڃي ٿو.
هاڻي وري پنهنجي بي ترتيب زندگي وانگر بي ترتيب ڪتابن کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳي ٿو. اجايو، بي مقصد، ۽ ائين انهن هيٺان دٻيل پنن تي نظر پويس ٿي، جيڪي ڪجھ ڏينهن اڳ ڪهاڻي لکڻ لاءِ آفيس مان کڻي آيو هو، ۽ چاهيندي به ڪا ڪهاڻي لکي نه سگهيو هو. ”ڇو نه ڪا ڪهاڻي لکان؟ان خيال سبب پنا کڻي ٿو. ”اَٺ ڏهه مھينا ته ٿيا هُوندا جو ڪُجهه به لکي نه سگهيو آهيان. ائين ته بلڪُل ختم ٿي ويندس.“ ڪوجهه گهڙين لاءِ بُک وِسري وڃيس ٿي. هُو ڪٻٽ بند ڪري اچي کٽ تي ويھي ٿو.
پر ڇا لکان؟ سوچي ٿو.
۽ هاڻي ڪيتري دير گُذري وئي آهي جو هُو مٿي کي هٿ ڏئي ويٺو آهي. بُک سبب ذهن به ساٿ نه ٿو ڏئيس. هاڻي ڇا ڪجي؟ ڪُجهه ته ڪجي. سوچي ٿو. ٺيڪ آهي پڙهان ٿو. ائين پڙهندي پڙهندي شايد ننڊ ئي اچي وڃي. ڪتابن جي ڪٻٽ ڏانھن ڏسي ٿو. مُنھن ۾ ناگواريءَ جا گهُنج پئجي وڃنس ٿا. نه دل ڪچي ڪچي ٿي ٿئي. پڙهندس ته الٽي! هاڻي پنا پنھنجيءَ ڀر ۾ رکي سُمھي ٿو پوي. ذهن ٿڪل ٿڪل ۽ خالي محسُوس ڪري ٿو. ان لاءِ اکيون ٻُوٽي ٿو ڇڏي.
وري سوچن جا طُوفان ذهن جي بُنيادن کي لوڏڻ لڳنس ٿا. سوچون، پنھنجي آئيندي جون ۽ آئيندو نظر ايندڙ پريشانين جي ڪُن ۾ ڦاٿل! زندگي ڏاڍي، ڪڙي زهر اکيون کولي مٿي ڇت ڏانھن گهُورڻ لڳي ٿو. ڪا گهڙِ ذهن ساڻو ساڻو محسُوس ڪري ٿو. هاڻي ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي پاسو بدلائي ٿو. نظرون مينھن سبب ٽيڏيءَ ٿيل ڀِت ڏانھن کڄي وڃنس ٿيون. ”اوهه! هينئن ته جاءِ ڪِري پوَندي ۽ جي ڪِري پئي ته ڪاڏهون ٺھرائبي؟ پُراڻا فڪر نئينءَ سوچ جي صليب تي ٽنگي ڇڏنس ٿا. پنھنجي محرُوم زندگيءَ جو ڏُکوئيندڙ احساس لڳندڙ واريءَ تي ٽڙيل پکڙيل ٿوهرن جو نه کُٽندڙ سلسلو، هڪ ڪُنڊ ۾ پاڻ اُڀو ٿيل، سڄو ڪنڊن سان ڀريل، پنھنجي ذات سُڪي سڙي ختم ٿي ويل، ڪنھن کي منجهانس ڪو فائدو نه حاصل ٿيندڙ ٿڌو شُوڪارو ڀري ٿو. ڇا ڪجي؟ هزارين پريشانيون آهن. ڪنھن سان مُنھن ڏيان؟ پريشانيءَ جي عالَم ۾ اتي ويھي ٿو. هاڻي پيسا هُجن ته جيڪر مھل ۾ ٺھرائي ڇڏجي. نه ٺھرائڻ جي صُورت ۾ ڪِرِي پوَندي پوءِ ته ويل ۾! هو ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي سوچي ٿو. کيس ڪُجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ڇا ڪجي؟ ڪنڌ کي هلڪو جهٽڪو، مائٽ آهن، سي به نه هُئڻ برابر! ٻيو ته ٺھيو پر سکڻي همدردي به کانئُن نه پُڄي. بس آهي ته پنھنجو ابو امڙ، ٻيو سڀ ڪُوڙ! افسوس گاڏڙ ڏُک ڀري پِيڙا سندس چھري منجهان ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي. اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ٿا وڃنس. هڪ ڊگهو شُوڪارو! پوءِ مُنھن تي هٿ ڏئي اکيون بند ٿو ڪري ڇڏي.
ڪيتري دير گُذري وئي آهي پر هن جا هٿ هن جي مُنھن تي ساڳيءَ طرح پيل آهن ۽ هن جون اکيون اڃا به بند آهن. سوچن جا سوين قافلا ذهن جي رڻ ۾ ڀٽڪندا رهنس ٿا ۽ هُن جي حالت ان مُسافر جھڙي پئي لڳي، جو رستو ڀُلجي ڪنھن اهڙي جزيري ۾ وڃي ڦاسي، جتي ماڻھو ته ملنس پر انھن جي ٻولي هن لاءِ بلڪُل ڌاري هُجي. ان جزيري جا باشندا جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ گڏجي کيس رڙيون ڪري ڪُجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا هُجن پر انھن جو مفھُوم هن جي قطعي سمجهه ۾ نه ايندڙ هُجي. هو اکيون کولي ٿو. پوءِ مٿي کي ٻنھي هٿن سان هلڪا هلڪا زور ڏئي ٿو. پوءِ ڪر موڙي کٽ تي سُمھي ٿو پوي.
ڪُجهه گهڙين بعد سندس مُنھن ۾ پيل پريشانيءَ جا گهُنج ڊهي وڃن ٿا. هن جي چھري تي اهڙي سرهائي اچي وڃي ٿي. جيئن ڪو ڀٽڪيل مُسافر اوچتي پنھنجن سان ملي وڃي بھتر ٿيندو ته سڀ کان پھريان آفيس سُپرينٽينڊنٽ سان ملان. شايد رحم اچي وڃيس. پوءِ ته پئون ٻارهن آهي. سوچي ٿو پر رحم ڇا جو؟ مان ڪو پنانس ٿو ڇا؟ مان ته پنھنجو حق پر چوانس ڪھڙي نمُوني؟ ڀلا ائين سڌن لفظن ۾ نه چوانس ته مُون سان هيڏو ظُلم ڇو؟ نه ائين ٺيڪ نه ٿو لڳي. بلڊ پريشر جو مريض آهي. چڙي پيو ته ٺھيل ڪم بگڙي ويندو ته ڀلا........ هو سوچ ۾ گُم ٿي وڃي ٿو.
ها هن اڳيان ويچارو ٿي بيھبو. سبب پُڇيائين ته چئي ڏيندومانس پر چوانس ڪيئن؟ اصل مُونجهارو ته اهو آهي يا ائين صحيح ٿيندو ته بس ٺيڪ آهي. هڪ زوردار خط لکي ميز تي رکندومانس. پوءِ ڏِسان ڪيئن نه ٿو مڃي؟ چوَندا آهن غرض مھل گڏهه کي به بابو چئبو آهي پر اهو سڀ ڪُجهه مُون کان پُڄندو. سوچي ٿو. کيس ياد ٿو اچي منظور جو لٿل چھرو!
ڇو اڄ اُداس پيو ڏِسجين؟
يار سُپرينٽينڊنٽ نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو آهي.
پر ڇو؟
پنھنجي طاقت ڏيکارڻ خاطر
آخر ڳالھه ڇا هُئي؟
هُو ڪراچيءَ پئي ويو ۽ مان هُن جي ريل ۾ جاءِ رکڻ نه ويس. هُو ڪلارڪن کي پنھنجو ذاتي نوڪر ٿو سمجهي.
شوڪت ٿڌو شُوڪارو ڀري ٿو. آهي ته ٻٻرن کان ٻير گهُرڻ پر وري به ڏِسجي. داءُ هڻي ٿو ڏِسان! ٻيو نه ته پنجو ڇڪو کڻي ئي سھي ڪُجهه نه ڪُجهه ته ضرُور پوَندو. هينئن جو ٻين کي خوش ڏِسي سڙندو کامندو رهان ٿو. سُڀاڻي پنھنجو وارو به ته وري سگهي ٿو. چوَڻ ۾ نُقصان ئي ڪھڙو آهي؟ هُو پڪو پھه ڪري ٿو. اڳي جيءَ ڀيٽ ۾ مُون سان رويو به سُٺو ٿيندو پيو وڃيس. ٻين سان سنئين مُنھن ڳالھائيندو به نه ۽ مُون سان هرون ڀرون ڳالھائڻ جي پيو ڪندو. مان ته اچڻ شرط پھريان هُن کي ئي سلام ڪندو آهيان. ڇا ڪجي؟ مجبُوري آهي. اڳتي کڻي وڌيڪ هيٺانھين وٺبي. اوٻاسي ڏئي ٿو.
پر مان ايڏو ڪرندو ڇو پيو وڃان؟ ذهن بغاوت جي ڄڀين سان ڀڙڪي ٿو اٿيس. نه پاڻ کان ائين ڪونه پُڄندو. هڪ واهيات ماڻھوءَ آڏو ڪِري پوان، جنھن ۾ ڪو ماڻھپو ئي ڪونھي. نه ان ماڻھوءَ آڏو نه جهُڪبو. پڪو فيصلو آهي. اوچتي سندس نظر زال جي ڦڪي، هيڊ جھڙي چھري ڏانھن وڃي ٿي. هن کي خوشيون گهُرجن. دوا گهُرجي ۽ مُنھنجيءَ خودداريءَ ڪري مُون سان گڏ هيءَ به پئي ٿي ڀوڳي. اُف هڪ ٻيو شُوڪارو ڀري ٿو. پوءِ وري ساڳيءَ ٽيڙيءَ ڀت ڏانھن ڏسي ٿو. ڏسندو رهي ٿو ۽ پوءِ ٽيڙ بدران نظر اچيس ٿو. آفيس جو منظر کيس ياد ٿو اچي رفيق، جيڪو هُن جي آفيس ۾ ورڪ چارج ڪلارڪ آهي، جو ٻن سالن کان لاڳيتو ٽائيپ ڪندو رهيو آهي ۽ شايد ايندڙ ڪُجهه سالن ۾ به ورڪ چارج ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ٽائيپسٽ رهي.
اڄ صُبح وري رفيق سان ڪيل گُفتگو ياد اچيس ٿي ۽ هاڻي ڀت جو ٽيڙ وري نظر اچيس ٿو ۽ نظر اچڻ جي باوجُود ان جو هاڻي فڪر نه ٿو ٿئيس. هُو تڪڙ ۾ سيرانديءَ کان رکيل ڪاغذ کڻي ٿو. مُون کي ان موضُوع تي لکڻ گهُرجي. ضرُور لکڻ گهُرجي. هُو لکڻ جي تياريءَ ۾ ڪاغذن جي مٿان پين رکي، ٽُٽل سلسلن کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. اوچتي هٿن ۾ حرڪت اچي وڃيس ٿي.
.............................
هُو دروازي مان داخل ٿيو. هڪ هڪ ڪلارڪ سان هٿ ملائڻ بعد مُون سان خالي هٿ ملائي خاموشيءَ سان وڃي ڊگهن ڄنگهن واري ڪُرسي سنڀاليائين. هُن جي سامھُون هڪ پُراڻي ٽائيپ رائيٽر مشين رکيل هُئي، جنھن جيءَ ڀر ۾ ڪاغذ ٽائيپ ڪرڻ واسطي رکيل هُئا. ان ڏينھن هُو ڪنھن ڪلارڪ سان ڳالھائڻ بنا ٽائيپ رائيٽر ۾ ڪاغذ وِجهي ٽائيپ ڪرڻ ۾ مشغُول ٿي ويو هو.
هُو ۽ مان هڪ ئي آفيس ۾ ڪم ڪندا آهيون. فرق رُڳو ايترو آهي ته هُو ورڪ چارج ٽائيپسٽ آهي ۽ مان ريگيولر ڪلارڪ! باقي بار ٻنھي تي ساڳيا آهن. ساڳيون ئي پريشانيون، ساڳيون ئي مُصيبتون، ٻئي قرضن ۾ وَڪوڙيل، خوشيون پاڻ کان ڪوهين ڏُور! مُنھنجي وجُود مٿان ٽن زندگين جو بار آهي ۽ هُو اٺن ڀاتين جي زندگيءَ جو گاڏو اڪيلي سِر گِھلي رهيو آهي. باقي مُنھنجي ڪپڙن ۽ هُن جي ڪپڙن ۾ ايترو ئي فرق آهي جيترو هُن جي پگهار ۽ مُنھنجيءَ پگهار جي وِچ ۾! مان هُن کان چاليھه رُپيا مٿي کڻندو آهيان ۽ هيءُ مُنھنجي مُقابلي ۾ وري ڪپڙا اوترا ئي سادا پائيندو آهي جيترا مُون کان پئسا گهٽ کڻندو آهي. هُن جي ڪپڙن مان ائين لڳندو آهي ڄڻ هُو ٽائيپسٽ نه پر مليريا کاتي جو پٽيوالو هُجي. حد کان وڌيڪ سادگي پسند شايد ان لاءِ ٿي پيو آهي جو هن جي ٿوريءَ پگهار تي هن جي گهڻن ڀاتين کي زندهه رهڻو ٿو پوي. هُن جي عالي شان زندگي گهارڻ تي هن جي سامھُون ويھندڙ ٻه ڪلارڪ پاڻ ۾ اڪثر سُرٻاٽ ڪندا آهن ۽ هُو انھن جي اکين ۽ چھرن کي پڙهي، وڏي ڳالھه ته سڀ ڪُجهه ڄاڻندي به لنوائي ڇڏيندو آهي.
هُو جڏهن نئون نئون اپائينٽ ٿي آيو هو تڏهن هُن جي سُٺن ڪپڙن جو ڌاڪو گهڻن تي ڄمي ويو هو. خاص ڪري هُن جي سامھُون ويھندڙ ٻئي ڪلارڪ کانئُنس ڏاڍو مُتاثر ٿيا هُئا....... ۽ تڏهن هُو مُون کي ڏاڍو خود دار نظر آيو هو. پوءِ هڪ ڏينھن مُون کي پاڻ ئي ٻُڌايو هُئائين ته اهي ڪپڙا هُو ڪلارڪن تي رعب وِجهڻ خاطر هڪ دوست کان وٺي آيو هو!
انھن ڪپڙن واپس ڪرڻ کان اڳ هُن ۾ جيڪا مُون کي خودداري نظر آئي هُئي سا پوءِ انھن سُٺن ڪپڙن جيان هن وٽان هميشه لاءِ دُور هلي وئي هُئي. هُن کي هن جي مسڪين حال تي، هن جي سامھُون ويھندڙ ٻئي ڪلارڪ ٺٺولين سان سنگسار ڪندا آهن ۽ هُو ان لاءِ ڪُجهه نه ڪُڇندو آهي جو کيس لڳندو آهي اهي ٻئي پنھنجي پاڻ تي ٺٺوليون ڪندا آهن ۽ ايندڙ دور ۾ پنھنجي پاڻ کي ننگو ڪرڻ لاءِ ئي هُن جي غريبيءَ کي اُگهاڙيندا آهن.
هُو پنھنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي ته جيئن هيڊ ڪلارڪ هُن منجهان راضي ٿي وڃي پر اسان جو هيڊ ڪلارڪ احساسن کان خالي، ڄڻ ته بيجان پٿر آهي. ڪيڏو به ڪم ڇو نه ڪيو وڃي؟ هن جي واتان ٻه لفظ شاباس جا ته ٺھيو پر گهڻي ڪم جو اثر ڄڻ ته اُلٽو ٿيندو آهي. رفيق مٿان ته اصل ڏاڪا ٻَڌي چڙهي ويندو آهي.
.............................
اوهه، الا! ابوءِ، اوهه! زال ڪِنجهڻ لڳي ٿي. ان لاءِ هُو ڪھاڻي اڌ ۾ ڇڏي هُن ڏانھن ڏِسي ٿو، پوءِ هُن ڏانھن وڌي اچي ٿو.
طبيعت ڪيئن اٿئي؟ زال کان پُڇي ٿو.
مٿي ۾ سُور آ، ڏاڍو سُور آ! جوڻس ڪِنجهندي وراڻي ٿي. سمجهان ٿي ڪا رڳ ڦاٽڻ واري آهي.
هٿ وڌائي سندس نبض ڏِسي ٿو. هيءُ بُخار هاڻي ٿيو اٿئي ڇا؟ نرميءَ سان چويس ٿو. صُبح ته ٺيڪ ڏسي ويو هومانءِ!
ٿورو ٿورو صُبح هو ته سھي پر وڏيون بيماريون ڪاٽي، نرڄي جو ٿي وئي آهيان نه! ان لاءِ هلڪو سلڪو بُخار هاڻي اثر ئي نه ٿو ڪري. هوءَ زور سان اکين جا ڇپر مٿي ڪري هُن ڏانھن ڏِسي چوي ٿي پر باهه لڳيس! مٿي جي سُور هڻي ڪيرائي وِڌو آ!
ڪا گوري ٻوري کاڌي اٿئي؟
ها........ وراڻي ٿي ۽ جائي ٻي ڳالھه ٻُڌئي؟ صُبح دائي آئي هُئي. چيائين جي دوا مُڪمل نه ڪرائبي ته ٻار ڪِري پوَندُئي!
مُون کي خبر هُئي ته هوءَ اهو ئي چوَندي. هُو سامُھُون ٽيڏيءَ ٿيل ڀت ڏانھن ڏِسندي ڪنھن تعجب کان سواءِ وراڻي ٿو. جڏهن نصيبن جو سج بدنصيبيءَ جي ڪڪرن ۾ لڪي ويندو آهي ته پوءِ ائين ئي ٿيندو آ سڪينا!
ته ڇا تُون چاهين ٿو ته ائين ٿيندو رهي ۽ مان شڪيلا وانگر تڙپي تڙپي مري وڃانءِ! ۽ تُون...... جوڻس جو آواز ڀرجي وڃي ٿو. هوءَ نماڻا نيڻ کڻي هُن ڏانھن ڏسڻ لڳي ٿي. هُن جي اهڙيءَ طرح پاڻ ڏانھن ڏِسڻ تي هو ائين محسُوس ٿو ڪري ڄڻ ته هُن جي رُوح کي ٻاٻري ڪنڊن جا رهڙا ڏئي رتوڇاڻ ڪيو ويندو هُجي. هُو پنھنجو زخمي رُوح کيس ڏيکارڻ ٿو چاهي. هُو هُن سان گهڻو ڪُجهه ڳالھائڻ ٿو چاهي پر اندر جو روڄ اندر ۾ سانڍي ڪنھن جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي اچي کٽ تي ويھي ٿو.
جوڻس مُسلسل بيمارين جي ڪري، هڏن مُٺ وڃي بچي آهي ۽ هاڻي بُخار ۾ وَڪوڙي پئي آهي پر هُن جي کيسي ۾ جيئن ته پئسا ڪونه آهن ان لاءِ هُن کي پنھنجو وجُود ڀڳل آئيني جيان ڀورا ڀورا لڳي ٿو.
هُو سوچي ٿو انسان جيڪي ڪُجهه چاهي ٿو ڀل اُهو سڀ ڪُجهه حاصل ڪري نه سگهي پر مُسلسل عذاب مان ته ڇوٽڪارو مليل هُجيس. ائين ڇو نه ٿو ٿئي؟ هُو ڊگهو ساهه کڻي ٿو. شايد ائين ڪڏهن به نه ٿئي. هُو مايُوسيءَ وِچان زال ڏانھن ڏِسي ٿو، جيڪا پرتي مُنھن ڪري چُپ ٿي وئي آهي. زال مان نظرون ڪڍي ٿو. پاڻ کي به ڪيتريءَ ئي دير تائين چُپ لڳي وئي اٿس. لکڻ تان ارواح کڄي ويو اٿس. دل چاهيس ٿي ته رڙيون ڪري روئي پوي. ننڍن ٻارن جيان روئڻ کان بس نه ڪري، مُسلسل روئندو رهي ۽ اوچتي هُو بلڪُل ننڍن ٻارن جيان چِٻ ڪڍي روئي پوي ٿو ۽ آهستي آهستي سُڏڪا ڀرڻ لڳي ٿو پنھنجيءَ محرُوميءَ تي، پنھنجيءَ بي مقصد زندگيءَ تي! اندر ۾ اُٿلون کائيندڙ روڄ آهستي آهستي گهٽجي وڃيس ٿو. پوءِ هُو بي دليو لکيل پنن ڏانھن ڏِسي ٿو ۽ اهي کڻي نه چاهيندي به پڙهڻ لڳي ٿو. بي دليو پڙهندو رهي ٿو ۽ پوءِ آخري سِٽن تي پھچي ٿو.
هُو پنھنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي ته جيئن هيڊ ڪلارڪ هُن منجهان راضي ٿي وڃي پر اسان جو هيڊ ڪلارڪ احساسن کان خالي ڄڻ ته بيجان پٿر آهي. ڪيڏو به ڪم ڇو نه ڪيو وڃي؟ هُن جي واتان ٻه لفظ به شاباس جا ته ٺھيو پر گهڻي ڪم جو اثر ڄڻ ته اُلٽو ٿيندو آهي. رفيق مٿان به اصل ڏاڪا ٻَڌي چڙهي ويندو آهي.
هُو آخري سِٽون پڙهي پوريون ٿو ڪري ته ذهن ۾ گڏ ٿيل مواد پني تي هارجڻ لاءِ سٽون ٿو ڏئيس ۽ هُو وري لکڻ لڳي ٿو.
....................................
مسٽر! نوڪري ڪرڻي اٿئي ته پنا ضايع ڪرڻ ڇڏي ڏي!
جي سائين!
جي سائين ڇا؟ روزانو هيتريون ساريون چُڪون آخر ڪيستائين برداشت ڪجن؟ ٻُڌاءِ!
سائين اڳتي!
واقعي هاڻي هُو تمام هوشياريءَ سان ڪم ڪندو آهي پر تنھن هُوندي به کانئُنس ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا چُڪ ضرُور ٿي ويندي آهي. پوءِ ته دڙڪن جي ڦاهي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي اٿس. هُن جي هڪ چُڪ سبب هيڊ ڪلارڪ آفيس کڻي مٿي تي کڻندو آهي. ڪلارڪ آڏو ته ٺھيو پر عام ماڻھو، جن جو آفيس سان رُڳو ڪاروباري تعلق هُوندو آهي، هُو اُنھن آڏو به کيس ذليل ڪندي ناهي مُڙندو.
هڪ ڏينھن ته هُو مُون سان روئي پيو...... همٿ نه هار رفيق! کيس چيو هُئم. هڪ اهڙو ڏينھن ضرُور ايندو جڏهن تو کي ۽ مُون کي هن واهيات پوڙهي آڏو ذليل ٿيڻو نه پوَندو.
هُن وراڻيو مُون کي ڏُک ان ڳالھه جو نه آهي ته ڪو هُن مُون کي هيترن ماڻھن اڳيان بيعزتو ڪيو آهي پر ڳڻتي رُڳو ان ڳالھه جي پئي ٿئي ته هُو مُون کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ جا دڙڪا پيو ڏئي. سوچ! مان نوڪريءَ مان نڪري ويس ته مُنھنجي گهر وارن جو ڇا ٿيندو؟ هُن اُونھو شُوڪارو ڀري مُون ڏانھن ڏٺو هو.
رفيق! صلاح ڏيانءِ؟ مُون چيو.
هُن فقط مُون ڏانھن ڏٺو، ڪُڇيو ڪُجهه به نه هُئائين.
رفيق! زندگيءَ سان لڙجي يا ان هٿان چُپ چاپ شڪست قبُول ڪجي؟ دُنيا ۾ جيئڻ جا رُڳو اهي ٻه رستا آهن ۽ ٽيون رستو ڪو به ڪونھي. مان سندس ڪُلھي تي هٿ رکي ڳالھائي رهيو هُئس. مُون محسُوس ڪيو آ رفيق! ته تو ۾ جدوجھد ڪرڻ جو حوصلو به آهي ته جذبو به! پوءِ ڇو تون ان واهيات نوڪريءَ کي لَت نه ٿو هڻين؟ ڇا لاءِ ان ڏينھن کان ڊڄين ٿو جو اچڻ وارو آهي، جنھن ۾ تو کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو؟ هُن حيرانيءَ وچان مُون ڏانھن ڏٺو. ڪنھن سخت لھجي ۾ جواب ڏيڻ بدران ڏاڍيءَ نرميءَ سان پُڇيو هُئائين. پوءِ مُون کي ڇا ڪرڻ گهُرجي؟
چيم محنت ڪر! مزوري ڪر! انسانن جي اُن پِڙيءَ تي وڃي بيھه جتي مُون ۽ تو جھڙا هزارين ماڻھو مزدوريءَ لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن.
ڇا ضروري آهي ته هفتي جي ستن ڏينھن مان ست ئي ڏينھن مزدُوري ملي ۽ نه ملڻ جيءَ صُورت ۾ مُنھنجي گهر جو بار ڇا تون کڻندين؟
هُن مُون کان اهڙي نمُوني پُڇيو هو جو مان کيس تڪڙ ۾ ڪو به جواب ڏئي نه سگهيو هُئس ۽ هُو اُتان هليو ويو هو.
مُون گهر اچي محسُوس ڪيو هو ته مُون کي ان جذبات کان ڪم وٺڻ نه گهُربو هو. هُن سان هُن جي ڏُکن ۾ شريڪ ٿيڻ گهُربو هو. هُن سان همدردي ڪرڻ گهُربي هُئي نه ڪي اهڙي صلاح جنھن سان هُو مُون کي خود غرض سمجهڻ لڳي. مان کيس دوست نه لڳان، عام رواجي ڪلارڪن جيان احساسن کان وانجهيل ڪمپيوٽر لڳان.
ان جي ٻئي ڏينھن مُون کانئُنس معافي گهُري هُئي ۽ هُو مُنھنجي معافي گهُرڻ تي حيران ٿي ويو هو. هُن چيو هو....... تُنھنجي اها ڳالھه ٺيڪ ۽ مُون کي به لڳي ٿو ته مان پنھنجيءَ ان سوچ تي غلط نه آهيان. اسان ٻئي برابر آهيون. ان لاءِ معافيءَ جو ته سُوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
۽ وري چار ڏينھن اڳ هُو ڏاڍو پريشان پريشان آفيس ۾ آيو هو. ڪنھن سان ملڻ بنا هيڊ ڪلارڪ جي چک ڏنل ڪمري ۾ اندر ويو هو. پوءِ ساڳيو ئي پريشان پريشان آفيس سُپرينٽينڊنٽ جي برانچ ڏانھن وڃي وري اچي مُون سان مليو هو.
ڀائو! خير ته آهي...... سندس پريشان چھرو ڏِسي مُون کانئنس پُڇيو هو.
ٻُڌ! هُو ڳِيت ڏئي کن لاءِ چُپ ٿي ويو. ساڳي وقت پريشانيءَ ۾ اڃا به واڌارو اچي ويس. يار ڳالھه آهي ته مُنھنجي گهر واري ڏاڍي بيمار آهي. هوءَ اُميد واري آهي. هُو وري چُپ ٿي ويو. لڳي رهيو هو هُن کي وڌيڪ ڳالھائڻ لاءِ لفظ نه ٿي مليا. هُو ڏاڍو مُنجهيل مُنجهيل پئي نظر آيو.
ڇا ڳالھه آهي؟ هُن کي پريشان ڏِسي هُن جي سامھُون ويھندڙ ڪلارڪ مُرڪي پُڇيس.
ڪُجهه ناهي. هُن تڪڙ ۾ وراڻيو. پوءِ مُنھنجيءَ ٻانھن ۾ هٿ وِجهي مُون کي ٻاهر وٺي آيو.
ڀائو! تو وٽ ڪُجهه پئسا هُوندا؟ ڏاڍيءَ نماڻائيءَ سان پُڇيائين. سئو رُپيو کن گهُرجي. واعدو آ پھرينءَ تاريخ ڪيئن به ڪري تو کي موٽائي ڏيندُس.
مُون اُونھو شُوڪارو ڀريو. کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم. رفيق! تُون مُنھنجو گهاٽو دوست آهين. ٽن سالن کان مُون سان لاڳيتو گڏ رهيو آهين. تُون پاڻ چئُه ڇا مان انھن ماڻھن مان ٿي سگهان ٿو جيڪي هُوندي سُوندي ڪنھن جي مُشڪل ان لاءِ آسان نه ڪندا آهن جو ائين ڪرڻ سان انھن جي اندر سُتل ماڻھو جاڳي پوَندو آهي؟
هُن الائجي ڇا سمجهي اطمينان جو ڊگهو ساهه کنيو هو.
مُون چيو هو مُنھنجيون گهرو حالتُون تو کان ڳُجهيون ناهن. پروڪي سال ڳھه ڳاري زال جو علاج ڪرايم. اڄ گهر ۾ جيڪڏهن ڪو سونو ٽپڙ ئي هُجي ها ته جيڪر اهو کپائي به تُنھنجي مدد ڪريان ها پر خُدا شاهد آهي.....
چئو مان هلان ٿو! ذري گهٽ روئندي چيو هُئائين.
کيس مُطمئن ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيم. رفيق! ترس! مُنھنجي ڳالھه ته ٻُڌ!
پر هُو بيٺو نه. رُڳو ويندي ويندي ايترو چيو هُئائين بس تُنھنجي مھرباني! ۽ پوءِ آفيس بائونڊري پار ڪري هليو ويو هو.
۽ ڪلھه خبر پئي ته جوڻس خيراتي اسپتال ۾ پئسن نه هُئڻ ڪري گُذاري ويئي پر مُون کي ان ڳالھه تي ڪا به حيرت ڪانه ٿي. ناانصافيءَ واري هھڙي نظام ۾ اها ڪا نئين ڳالھه ڪانھي. مان ذاتي طور هڪ اهڙي شخص کي سُڃاڻندو آهيان جيڪو ٽي ڀيرا ميٽرڪ فيل هُئڻ جي باوجُود مُلڪ جي هڪ اعليٰ عُھدي تي فائز ٿي راتو واهه لک پتي بڻجي ويو پر مُنھنجو دوست رفيق ان چٺيءَ کان محروم آهي جنھن سان هُو گريجوئيٽ هُئڻ جي ناتي نوڪري ڪري، پنھنجي وڏي ڪُٽنب کي جيئڻ جو حق ڏئي سگهي. پنھنجن ننڍن ڀائرن کان ڪتابن جا ٿيلھا ڦُرڻ جو نه سوچي.
سو مُون کي ڪلھه خبر پئي ته جوڻس گُذاري ويئي. اها ڳالھه ٻُڌي مُون کي ٿوري به حيرت ڪانه ٿي پر مُنھنجي اندر ۾ ويٺل هڪ انسان سُڏڪا ڀري رڙي پيو. ڪلھه هُن جي جيوَن ساٿڻ کيس اڪيلو ڇڏي هلي ويئي ۽ هُو جنھن جي سيني ۾ پيل وڇوڙي جا گهاوءَ اڃا ڇُٽا نه هُئا ته اڄ آفيس هليو آيو! ۽ هڪ هڪ ڪلارڪ سان هٿ ملائڻ بعد مُون سان خالي هٿ ملائي، خاموشيءَ سان وڃي ڊگهين ڄنگهن واري ڪُرسي سنڀاليائين. هُن جي سامھُون هڪ پُراڻو ٽائيپ رائيٽر رکيل هو، جنھن جيءَ ڀر ۾ ڪاغذ ٽائيپ ڪرڻ واسطي رکيل هُئا. اُن مھل هُو ڪنھن ڪلارڪ سان ڳالھائڻ بنا ٽائيپ رائيٽر ۾ ڪاغذ وِجهي ٽائيپ ڪرڻ ۾ مشغُول ٿي ويو هو ۽ مان ڪُرسي سوري هُن جي ڀر سان وڃي ويٺس.
ٻُڌي نه ٿو ميان! ٽيون سڏ آهي! هُو وري ڪھاڻي مُڪمل ڪرڻ کان سواءِ اڌ ۾ ڇڏي زال ڏانھن ڏِسڻ لڳي ٿو.
ڪو مري يا جيئي! ڪو فڪر اٿئي ڪنھن جو؟
ڀلا مان ڇا ڪريان؟ ٻُڌاءِ!
ڇا تو کان همدرديءَ جا ٻه ٻول به نه ٿا پُڄن؟
ڄڻ ڪا تيز ڇُري سيني مان لھي دل ۾ چُڀي وڃيس ٿي. پنھنجي ترش لھجي ۾ ڳالھائڻ تي سخت نادم! مُون کي معاف ڪر سڪينا! هُو هُن جي مٿي کان اچي بيھي ٿو.
ڪاوڙ ڪئي اٿئي؟
نه! نماڻا نيڻ کڻي، ڪنڌ لوڏي چوي ٿي.
ادا شوڪت! ٻاهر ماڻھو آيو اٿئي. پاڙي مان آيل هڪ ننڍي ٻار خبر ڏني اٿس ۽ هُو ڪُجهه ڳالھائڻ بنا ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
اوهه، خير ته آهي.
سائين! سُپرينٽينڊنٽ صاحب ياد ڪيو اٿوَ! آفيس مان آيل پٽيوالو چويس ٿو.
ڪاوڙ لڳي ٿي وڃيس. مان ڪو سُپرينٽينڊنٽ جي پيءُ جو نوڪر آهيان جو هِن مھل هلان؟
دل ۾ اچيس ٿو ته کيس چئي ڏئي پر سڪينا جي بيماريءَ ۽ ايندڙ دور جي بدحاليءَ جو تصوُر کيس ائين ڪرڻ نه ٿو ڏئي ۽ هُو ڪُجهه گهڙيون اڳ پاڻ سان ڪيل فيصلي تي قائم رهڻ لاءِ کانئُس رُڳو وقت ئي پُڇي سگهي ٿو.
ساڍا ست ٿيا آهن.
چڱو تُون اِتي بيھه ته مان اچان ٿو.
هُو وري گهر موٽي اچي ٿو.
ڪير هو؟
اهو ئي ته ٻُڌائڻ آيو آهيان. آفيس مان سُپرينٽينڊنٽ جو پٽيوالو آيو آهي.
هِن مھل؟
ها مجبُوري آهي. وڃڻو ئي پوَندو
پوءِ ڀلا ايڏانھون دوا ته مُنھنجي ورتيون اچجانءِ! جيڪا اڳئين ڀيري آندي هُيئه! پريشان نه ٿيءُ! تو کي ڏهه کن ڏيان ٿي. باقي ڏهه ڪنھن دوست کان وٺجانءِ! وٺي ايندين نه مُنھنجي دوا؟
زال کٽ جي ٻانھينءَ تي هٿن جي ترين جو زور ڏئي اُٿي بيھي ٿي ۽ آهستي آهستي هلي، ڪٻٽ کولي چانھن جي خالي ڪٽليءَ مان ڏهين جو نوٽ کڻي شوڪت کي ڏئي ٿي. هي شميم کان اُڌارا ورتا اٿم. رن کان گهُريم ٽيھه رُپيا ته ڏنائين رُڳا ڏهه رُپيا!
هُو ڪھاڻيءَ وارن ڪاغذن کي کٽ تان کڻي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ٿو ۽ نوٽ وري انھن ڪاغذن جي وچ ۾ وِجهي، پنا کيسي ۾ وجهي ٿو ڇڏي. باقي آفيس وڃي لکندس. سوچي ٿو.
ڇا ٿي ڏِسين؟
تُنھنجو روڙيل مُنھن! ڏس ته سھي هڙٻاٽيون نڪري آيون اٿئي.
مُرڪي وراڻي ٿو مان ٺيڪ آهيان. مُنھنجو فڪر نه ڪر! ۽ اڳتي وڌي ٿو وڃي.
ٻُڌ! جوڻس سڏ ڪريس ٿي.
هُو بيھي رهي ٿو.
اهي ڏهه رُپيا اٿئي نه انھن جي دوا نه آڻجانءِ!
وري ڇو؟ هُو موٽي اچي ٿو.
ڪنھن هوٽل ۾ وڃي ماني کائجانءِ! دوا تو کان مٿي ڪونھي.
مان ماڻھو آهيان. پٿر ناهيان سڪينا........ مان جيڪو تُنھنجي دوا ڪرائي نه ٿو سگهان، تو کي خوشيون ڏئي نه ٿو سگهان، سو ڇا تُنھنجا دوا لاءِ ورتل قرض وارا پيسا پاڻ تي خرچ ڪري ڇڏيندس؟ ڇا اهو لعنتاڻو مُون کان پُڄندو؟
تُون صُبح کان بُکايل آهين ۽ تُنھنجون مجبُوريون مُون کان ڳُجهيون ڪونھن. پوءِ مُون کي تُنھنجو احساس نه ٿيندو ته ٻئي ڪنھن کي ٿيندو؟ مان به ته ماڻھون آهيان يا مُون کي پٿر سمجهيو اٿئي؟
ڪيئن به سھي، مُون کان ائين ڪونه پُڄندو سڪينا! هُو اڳتي وڌي ٿو.
ڏس هاڻي جي دوا آندئي ته ٻاهر هاري پئي هُوندئي!
وري ساڳيو ٻاراڻو ضد! هُو وري بيھي رهي ٿو.
دل جي ڳالھه آهي نه، مُون کان تُنھنجيون اهي ڏرا ڏنل اکيون نه ٿيون ڏٺيون وڃن.
ته ڇا مان تُنھنجو ڦڪو هيڊ جھڙو چھرو ڏِسي خوش ٿيندو هُوندس؟ ڇا مان تو کي بيماريءَ جي حالت ۾ پريشان ڇڏي ڪنھن هوٽل ۾ عياشي ڪري سگهندس؟ اهو پُڄندو مُون کان؟ هُو هلندو ٻاهرئين در وٽ پھچي رُڪجي وڃي ٿو. ٻُڌ! مان منجهند دُڪاندار کي ٿورو مڃائي آيو آهيان. آهي ته اول درجي جو....... پر ڪو ٻار موڪلي ڏجانس. شايد سِيڌو ملي وڃي. هُو در ٽُپي ٻاهر اچي ٿو ۽ پٽيوالي سان آفيس ڏانھن هلڻ لڳي ٿو.
........................
مسٽر شوڪت اچي وئين.
جي سائين!
ٿُلھو سُپرينٽينڊنٽ ٽيبل جو وڏو خانو کولي، اُن منجهان ڪاغذن جو وڏو بنڊل ڪڍي ٿو.
هان! هي وٺ! هڪ هڪ جُون چار چار ڪاپيون ڪري وٺ پر جلدي!
سائين مان بل ڪلارڪ آهيان؛ ٽائيپسٽ نه! مان نه ڪندس اهي ٽائيپ! چاهڻ باوجُود ڪُجهه چئي نه ٿو سگهي.
ڇا ٿو سوچين؟
چئي ٿو ڏيانس. ڪھڙو آڱُوٺو پٽيندو؟ ۽ هُو چوي ٿو سائين! مجبُوري هيءَ آهي ته........ سندس نظرون سُپرينٽينڊنٽ جي نظرن سان ملي جهڪيون ٿيو وڃن. لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿا پوَنس.
ڪھڙي مجبُوري آهي؟
سائين! مُنھنجو مطلب آهي ته...... هُو ڳيت ڏئي چئي ٿو ڏئي. مُنھنجي ٽائيپ جي اسپيڊ بلڪُل ڍري آهي ۽ ان حساب سان اهي ڪاغذ هڪ هفتي کان به مٿي عرصو وٺندا.
تُون پنھنجا اهي لفظ لکت ۾ ڏيندين؟
هُو چُپ!
ڏس شوڪت! مُون کي مجبُور نه ڪر ته مان تُنھنجي خلاف ڪو قدم کڻان. هُو پھريان جيءَ ڀيٽ ۾ ڪُجهه نرميءَ سان ڳالھائڻ لڳي ٿو. تُون ڄاڻين ٿو ته آفيس ۾ اهڙا رولس پھتل آهن جن ۾ هر هڪ ڪلارڪ کي ٽائيپ لازمي ڄاڻڻ لاءِ هدايت ڪيل آهي ۽ اُن مُطابق مان تُنھنجي مٿان ايڪپلينيشن ڪال ڪري سگهان ٿو. ٻُڌاءِ! ڇا تُون ساڳيا لفظ لکت ۾ ڏئي سگهين ٿو؟
ڪاغذن ڏانھن ڏسي هن جون ڏرا ڏنل اکيون ٻاهر نڪري اچن ٿيون. اکين ۾ پاڻي ڇُلڪڻ لڳيس ٿو. نه چاهيندي به هٿ ڊگهيري پنا کڻي ٿو وٺي.
اهي ڪاغذ هيڊ آفيس ويندا. ان لاءِ صفائي ۽ احتياط نھايت ضروري آهي.
پر هُو ڪنھن جواب ڏيڻ بنا چُپ چاپ پنھنجيءَ برانچ ڏانھن هليو اچي ٿو. بي دليو ٽائيپ رائيٽر جي ڀر ۾ پنا رکي اُن ڪُرسيءَ تي ويھي ٿو جنھن تي هُن جو دوست رفيق ويھندو آهي ۽ جا ڪُرسي ٻين ڪُرسين جي مُقابلي ۾ مٿانھين ته آهي پر ان تي ويھندڙ سماجي رُتبي جي لحاظ کان سڀني ۾ ڪمتر ليکيو ويندو آهي.
رفيق کي ڇو نه چيائين؟ سوچي ٿو هُون! پوءِ ڪنڌ لوڏي ٿو. اڄ جوڻس جو ٽيجهو آهي. تنھن لاءِ نه چيائُنس. چئبو سُپرينٽينڊنٽ ۾ هاڻي ماڻھپو اچي ويو آهي...... نه ائي ٿي نه ٿو سگهي. پنھنجي وِيچار تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿو. هيءَ ته ماڻھوءَ جو ڦَر ئي ناهي. ضرُور ڪا ٻي ڳالھه هُوندي. کن لاءِ سوچن جي رڻ ۾ ڀٽڪڻ لڳي ٿو. ها ائين ئي ٿي سگهي ٿو. نه فقط ٿي سگهي ٿو پر رُپئي مان سورهن آنا ائين ئي آهي ڇو ته هُن جو گهر هتان ڏهه ميل پري آهي ۽ مان..... اها مُنھنجي بدقسمتي چئبي جو وچ شھر ۾ رهان ٿو. هُو اوٻاسي ڏئي ٿو..... اُٿي جيڪر پاڻيءَ ڍُڪ پيان. پنھنجيءَ اِن خواهش کي پُوري ڪرڻ لاءِ اُٿي ٿو. ننڍي ڪٻٽ ۾ رکيل گلاس کڻي ٿو. پوءِ دروازي جي ڀر سان رکيل دلن ڏانھن وڌي ٿو وڃي..... در کوليان! سوچي ٿو. ها کوليان ٿو. جيئن ٻاهرين هوا اندر اچي سگهي. باقي پکي جي گرم هوا ته رهندو ٻُوسٽ ڪري ڇڏيو آهي. هُو وڌي در کولي ٿو. ٻاهر تيز هوا جا جهُوٽا هلي رهيا آهن. هُو وڏا وڏا ساهه کڻي تازي هوا پاڻ ۾ جذب ڪري ٿو. پوءِ در جي پاڙ ۾ رکيل دلي ۾ هٿ وِجهي، اُن مان پاڻي ٿو ڪڍي. ٽي ڍُڪ مس ڀري ٿو ته پاڻي نڙيءَ ۾ اَٽڪي ٿو پويس. گلاس چپن کان ڌار ڪري ٿو. پاڻي سِڌو هنياوَ کي ٿو وڃي وٺيس. هُو پيٽ تي هٿ رکي ٽائيپ رائيٽر جي سامھُون اچي ويھي ٿو. اهو سڀ پنھنجي غرض جي ڪري لوڙڻو ٿو پوي. نه ته ڇا مان ۽ ڇا آفيس ٽائيم بعد ٽائيپ ڪرڻ لاءِ سُپرينٽينڊنٽ آڏو پنھنجي هستي ماري ڇڏيان؟ هُو ٽائيپ رائيٽر ۾ پنا وِجهي، سُپرينٽينڊنٽ کان مليل بنڊل مان پنا ڪڍي ٿو. پوءِ پنھنجي کاٻي پاسي کان رکي اُنھن ڏانھن ڏِسندو ٽائيپ ڪرڻ لڳي ٿو. ٽڪ...... ٽڪ...... ٽڪ...... ٽڪ...... ۽ ائين سڄو ڪمرو ٽائيپ رائيٽر جي ٺڙڪي سان گُونجي اُٿي ٿو.
هُن جون نظرون جيتوڻيڪ بنڊل مان نڪتل ڪاغذن جي اکرن ۾ کُتل آهن پر سندس خيالن جي گهوڙي جي دوڙ سندس گهر جي رستي مٿان آهي.
خبر ناهي لالي حراميءَ سِيڌو ڏنس الائي نه؟ ۽ نه ڏيڻ جي صُورت ۾ اڄ رات به بُک تي! اُف....... اڙي غلطي ٿي وئي. هاڻي ڇا ڪجي؟ ڪُرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي ٿو. ڪمري ۾ خاموشي ڇانئنجي وڃي ٿي. مار! هڪ سٽ رهجي وئي ۽ هاڻي وري ٻيو پنو وِجهڻو پوَندو. مُنھن ۾ بيزاريءَ جا گهُنج پئجي وڃنس ٿا. ڇڏينس! هيڏا ڊف پنن جا آهن، جي هڪ هڪ پنو وري وري ٽائيپ ڪرڻو پيو ته پوءِ صُبح ٿي ويندو. هُونئن به هڪڙي ئي سٽ ته آهي. ڪنھن کي ڪھڙي خبر پوَندي؟ هُو سِڌو ٿي ٽائيپ رائيٽر تي آڱريون رکي ٿو. ڇو نه خبر پوَندن؟ انڌا آهن ڇا؟ اهو ته مان ئي انڌن وارا ٿاڦوڙا ٿو هڻان. هاڻي ويٺو لوڙيان! هُو خار ۾ ٽائيپ رائيٽر مان پنا ڪڍي ٻيا پنا ٿو وِجهي ۽ وري ڪمزور گُونجي وڃي ٿو. ٺڪ...... ٺڪ، ٽڪ... ٽڪ... ٺڪ ٺڪ......
۽ هاڻي رات جا ٻارهن ٿي رهيا آهن. ان سمُوري عرصي ۾ ڏهه ڀيرا غلطيون ڪري وري نئين سِر ٽائيپ ڪري چُڪو آهي. ان لاءِ ڏاڍو بيزار ٿي ويو آهي. ذهن ۽ دل مٿان ڏاڍو بار ٿو محسُوس ڪري. جيتوڻيڪ ڪمرو سوَ جي بلب ۽ ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ وهنتل آهي پر پوءِ به هُو محسُوس ٿو ڪري. هُن جي ذهن ۾ اُوندهه ڇانيل آهي. اُوندهه جيڪا جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي وڃي ۽ هُو غلطين مٿان غلطيون ڪندو ٿو وڃي ۽ هاڻي وري کانئُنس غلطي ٿي وڃي ٿي. هُو ڏند ڪرٽي، ٽائيپ رائيٽر مان هٿ ڪڍي ڪُرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي ٿو. چڙ منجهان ڪُجهه لمحا ٽائيپ رائيٽر ڏانھن گهُوريندو رهي ٿو ۽ پوءِ اکيون ٻُوٽي ٿو ڇڏي.
ڪا گهڙي ڪُجهه سوچڻ بنا چُپ آهي. ذهن ۽ دل مٿان بار وڌندو پيو محسُوس ڪري ۽ هاڻي ڊگهو شُوڪارو ڀري اکيون کولي ٿو. دماغ ۾ سُور جُون سٽون اُڀرڻ لڳنس ٿيون. اوچتي اوڪارو ٿو اچيس. وات تي هٿ ڏئي تيزيءَ سان دروازي ڏانھن ڊوڙي ٿو.
اوڪ...... اوڪ...... در جي دِڪيءَ تي اوڪڙُون ويھي ٿو. دل ڪچي ڪچي.... وري اوڪارا اوڪ.... اوڪ.... ڪا گهڙي نڙيءَ مان نڪتل ڦاٽل آواز سان رات جي خاموشيءَ کي ٽوڙيندو رهي ٿو.
پوءِ اُٿي ٿو. اکين ۾ آيل ڳوڙها اُگهي، دلي مان پاڻي ڀري وڏا وڏا گُرُوڙا ڪرڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ وري ساڳيءَ ڪُرسيءَ ڏانھن وڌي اچي ٿو. ذهن مٿان اڃان به ساڳيو بار اٿس. هُو نرڙ تي هٿ رکي ويٺو رهي ٿو. نه هاڻي وڌيڪ ڪم نه ڪبو. جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو. ڪو مان سندن زر خريد غُلام ته ناهيان جو سڄي رات لوڙيندو رهان. سوچي ٿو. غرض به ته شيئر جي آهي نه! هُونئين به وقت گُذري پيو. اڳتي کڻي اُميد نه رکبي. ٿڌو شُوڪارو ڀري اکيون ٻُوٽي ٿو ڇڏي.
سڪينا جو الائي ڇا حال هُوندو؟ اُٿي ٿو. ٻاهر نظر وڃيس ٿي. هر شئي مٿان اُوندهه جو ڪارو تھه چڙهيل آهي. هُن کي سواءِ ڪاريءَ رات جي ٻاهر ڪُجهه به نظر نه ٿو اچي. تڙ تڪڙ ۾ پنا کڻي هڪ هنڌ ڪَٺا ڪري، اُنھن مٿان پيپر ويٽ رکي ٿو. هاڻي ڪيڏي نه پريشان هُوندي سڪينا؟ مان به ڏاڍو ڪو ڪَٺور آهيان. گهر ويس ته هُن سان سنئين مُنھن ڳالھايم به ڪونه! هُن کان اهو به نه پُڇيم ته ماني به کاڌي اٿئي يا نه؟ اوهه! مان ڪيڏو نه ڪِريل شخص آهيان. اصل ڪميڻو، واهيات! مُون جھڙو ذليل مرد دُنيا جي تختي تي نه هُوندو. هُو پنھنجي پاڻ کي زال جو ڏوهي محسُوس ٿو ڪري. ڪيڏو ته بُخار هُيس. باهه ٿي ٻري. نه آٿت ڏنيمانس، نه ڪو همدرديءَ جو اظھار ڪيومانس ۽ ويٺس واهيات ڪھاڻي لکڻ! اجايو، بي مقصد! پڇتاءَ جو شديد احساس!
ٻاهريون در بند ڪرڻ لڳي ٿو. سڪينا کان پري رهڻ جو افسوس ٿيڻ ٿو لڳيس. در بند ڪري ٿڙيل قدمن سان هلڻ لڳي ٿو. مان انسان نه آهيان. پٿر آهيان. هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڏئي ٿو. سڪينا جنھن دور مان گُذري رهي آهي شايد ئي بچي ۽ مان هُن سان گڏ رهڻ بدران هُن کان پيو دور ڀڄان. اڄ ته اصل حد ئي ڪري ڇڏيم. محسُوس ٿو ڪري ڄڻ ته سڪينا هُن جي پھچڻ کان اڳ مري چُڪي هُوندي. اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي وڃنس ٿا. هيٺيون چپ ڏندن ۾ اچي ڦاٽي ٿو پئيس. کيس سڪينا کان دُوري اختيار ڪرائيندڙ فقط اها نئين لکيل ڪھاڻي ئي لڳيس ٿي. کيسي ۾ رکيل پنن ڏانھن ڏِسي ٿو. اُوندهه سبب ڪُجهه نظر نه ٿو اچيس. ڪاوڙ ۾ کيسي ۾ هٿ وِجهي پنا ڪڍي ٿو ۽ پوءِ ساڳيءَ ئي ڪاوڙ ۾ پنن کي ڦاڙي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ٿو ڇڏي. هُو پنھنجي ۽ سڪينا جي وِچ ۾ حائل ٿيندڙ اڌُوري ڪھاڻي ڦاڙڻ کان پوءِ دل تان ڪُجهه بار هلڪو محسُوس ٿو ڪري.
هاڻي هُو اطمينان سان ڪُجهه وِکُون اڳتي کڻي ٿو ۽ پوءِ حواس گُم ٿيل ماڻھوءَ جيان پوئتي موٽي ساڳيءَ جاءِ تي اچي ٿو. گهڻن ڏينھن کان پوءِ جي لکيل ڪھاڻيءَ جا ڦاٽل پنا، هوا جي زور تي اُڏامڻ لڳن ٿا ۽ هُو اُوندهه ۾ پنن مٿان هٿوراڙيون ڏيندو رهجي ٿو وڃي ڇو ته جوڻس جو ڏنل ڏَهين جو نوٽ به انھن پنن سان گڏ ڦاٽي ويو اٿس!!!