عقيدو
جي پُٽ!
بابا ڏاڍو سيءُ ٿو ٿئي.
پُٽ! الله کي ٻاڏاءِ!
پوءِ سيءُ ڪونه ٿيندو بابا؟
ها پُٽ! پوءِ سيءُ لھي ويندو.
پوءِ ڀلا مينھن وَسڻ به بند ٿي ويندو؟
ها پُٽ! مينھن وَسڻ به بند ٿي ويندو.
۽ بابا! اسان جي مَنھن اندر مينھن جو پاڻي به نه ايندو؟
ها پُٽ! خُدا چاهيو ته جاءِ به سُٺي ملي ويندي.
۽ اها ڪڏهن ملندي بابا؟
پُٽ! خُدا راضي ٿيندو ته پوءِ ملندي.
خُدا ڪيئن راضي ٿيندو؟
عبادت ڪرڻ وارن تي راضي ٿيندو آهي.
بابا! تُون جو روز عبادت ڪندو آهين!
خُدا غريبن کي آزمائيندو آهي پُٽ!
اميرن کي ڇو نه ٿو آزمائي؟
پُٽ! خُدا پيارن ٻانھن کي آزمائيندو آهي.
هان بابا!
ها پُٽ!
بابا!
جي ٻچڙا!
بابا! مُون کي بُک به لڳي آهي.
الله الله ڪر پُٽ!
پوءِ ڇا ٿيندو بابا؟
ماني ملي ويندي.
تُون جو ذڪر ڪندو آهين.
خُدا آزمائي ٿو پُٽ!
خُدا علي حسن شرابيءَ کي نه ٿو آزمائي؟
اهو خُدا جو نيڪ ٻانھو ناهي پُٽ!
بس رُڳو غريبن کي آزمائيندو آهي؟
ها پُٽ! غريب خُدا کي پيارا آهن.
بابا!
جي پُٽ!
بابا! لَٽا ڦاٽي ويا آهن.
الله ٻيا ڏيندو پُٽ!
ڪڏهن ڏيندو بابا!
اسان جي عبادت جڏهن قبُول پوَندي پُٽ!
بابا تُون روز نماز جو پڙهندو آهين!!
ها ٻچا! جڏهن قبُول پوي.
بابا! تُون روز قُرآن به ته پڙهندو آهين؟
ها پُٽ! انھيءَ جو اجُورو به ملي ويندو.
ڪڏهن ملندو بابا؟
الله مان آسرو نه لاهه پُٽ!
روئين ڇو ٿو پُٽ؟
بابا! ڏاڍو سيءُ ٿو ٿئي.
مان ڇا ڪريان ٻچا؟
بابا! ڏِس بُخار به ٿي پيو آ!
خُدا جلد ٺيڪ ڪندئي پُٽ!
بابا! اڄ سيءَ ۾ مري ويندُس!
سُست نه ٿيءُ ٻچڙا!
بابا! ڏِس ڪيترو ڏَڪان پيو؟
الله الله ڪر! ٺيڪ ٿي ويندين.
بابا! ڏَڪڻي ويتر وڌي وئي آهي.
ڪُفر نه بَڪ ڇورا!
ڪُفر ڇاهي بابا؟
خُدا کي نه مڃڻ!
خُدا کي نه مڃڻ وارن کي ڇا ٿيندو آهي بابا؟
خُدا کين دوزخ ۾ وِجهندو.
دوزخ گرم هُوندو آهي بابا؟
ها پُٽ!
ڪيترو گرم بابا؟
هِتان جي باهه کان ستر ڀيرا وڌيڪ!
تمام گهڻو بابا!
ها تمام گهڻو! ڊڄي وئين نه پُٽ!
نه بابا! مُون کي سيءُ ٿو ٿئي!