ڪھاڻيون

ڊهندڙ ليڪا

ڪيهر شوڪت لکي ٿو:
”رزاق مهر جي ڪهاڻين جا مجبور، دٻايل، ستايل، جڪڙيل، ڦاٿل، وساريل، بيمار، ڊنل، بي آرام، سڪون ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، زندگيءَ ۽ موت جو چاهه ۽ ڊپ کڻي جيئندڙ ڪردار ۽ انهن جي بي رحم، ظالم، مفادپرست، اوپري، ويساهه گهات، قياس جوڳي ۽ ڀوائتي دنيا. ان سڀ کي رزاق مهر فيشن پرستيءَ، نعريبازيءَ، ذات پرستيءَ ۽ وات ڳاڙهائپ کان هٽي ڪري جنهن سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي اُن رزاق کي اڄ جي مکيه جوابدار ۽ وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ کڻي بيهاريو آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 1572
  • 639
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رزاق مھر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Dahandar Leeka

ڊهندڙ ليڪا

پيءُ گهر مان ٻاهر نڪتو. پول جي ڀر ۾ بيٺل نوجوان تي نظر پيس ته آپي مان نڪري ويو. ڄڻ ته ڪنھن گندرف جي وڏي ڍير کي باهه ڏئي ڇڏي. گاريون ڏيندو تيزيءَ سان هن ڏانھن وڌيو. گِڦ وَهڻ لڳس.
هتي ڪا تُنھنجي ڀيڻ ويٺي آ ڇا؟ ڇو ايندو آهن ڙي هيڏي؟ هو اُلر ڪري هن جي مٿان چڙهي ويو. وڃي ڀت ۾ هنيائينس. پوءِ ساڳئي جوش ۾ جيئن ئي پادر لاهڻ جي ڪيائين ته پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ ٿاٻو کائي پريان وڃي ڪِريو.
ماڻھو مڙي ويا. پيءُ وري اُلر ڪئي. تڏهن ڪُجهه ماڻھو پيءُ ڏانھن وڌي آيا ۽ ڪُجهه ماڻھو رهڙا آيل نوجوان ڏانھن وڌيا. ڀت جي گيساڙي اچڻ سبب هن جي مُنھن تي رهنڊون اچي ويون هُيون، جن مان ٿورو رت وَهي اُتي ئي ڄمي ويو هو.
ڪُجهه ماڻھن نوجوان کي سمجهايو. هُو ڪپڙا ڇنڊي، قميص جي آڳي سان مُنھن اُگهي اُتان هليو ويو. پيءُ جو ساڳيو حال هو. اکيون ڳاڙهيون، اڃان به مُنھن اوڏانھن ڪري گاريون ٿي ڏنائين جيڏانھن نوجوان ويو هو.
ماڻھن هاڻي پيءُ مان هٿ ڪڍي ڇڏيو هو ۽ اُهي ننڍين ننڍين چوڪڙين ۾ ورهائجي ويا هُئا. ڪڏهن هلندو ڪڏهن بيھندو گاريون ڏيندو پئي ويو.
ماڻھو رونشي تي اڃا به بيٺا هُئا. ڪيترا ئي سُوال کڻي ۽ ڪيترا ئي جواب سوچي هڪ ٻئي سان ڳالھائي رهيا هُئا. پيءُ هاڻي سھڪندو گهر ۾ اندر داخل ٿيو. اکين ۾ اڃا به ساڳي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ اُماڙين وانگر نظر آيو. ڌيءُ تي نظر پيس ته وري باهه لڳي ويس.
ڌڪ هڻي مُنڍي لاهي ڇڏجئي! ٻيو ڪم نه ڪجئي......
پيءُ ۽ ڌيءُ جي وِچ ۾ جيڪي اخلاقي حد بنديون آهن، گاريون ڏيندي ڏيندي پيءُ اُهي به اورانگهي ويو. اکين ۾ خون لھي آيو هُئس. لڳو ٿي ڪنھن به لمحي هُو ڌيءُ مٿان ڪڙڪي پوَندو. کيس ٻن ڌڪن ۾ پُورو ڪري ڇڏيندو پر ائين نه ٿيو.
ڪُجهه لمحن جي وٿيءَ کان پوءِ پيءُ جي ڪاوڙ ڍري ٿيڻ لڳي. هاڻي هن ۾ ڏُک ۽ بيوسي ديرو ڄمائڻ لڳي. اکين ۾ چُڀڪو ٿيڻ لڳس. زندگيءَ ڀر جا اهنج ۽ سُور هُن جي چوگرد ڦِري آيا. ڪيڏا نه صدما سَٺا هُئائين. ڪيڏيءَ نه تڪليف ۾ گُذاري هُئائين سڄي زندگي! ننڍپڻ کان جوانيءَ ۽ جوانيءَ کان ٻُڍاپي جي چائنٺ تائين هُن رُڳو ڀوڳيو هو. رُڳو سُور پيتا هُئائين. ڪڏهن ڪڏهن خوشيون ڪنھن سانوڻيءَ جي ڪڪريءَ جيان وَسڪارو ڪري وينديون هُيون ۽ وري وارو ايندو هو غمن ۽ ڏُکن جي نٽھڻ اُس جو جنھن ۾ پيو سڙندو ۽ پڄرندو هو.
ڪالھه جي ئي ته ڳالھه هُئي. هُن جي ڏُکن کي پلئه ۾ کڻي هُن جي وِک سان وِک ملائي هلندڙ هُن جي ملُوڪان مري وئي هُئي. ڪيڏو نه تڙپيو هو. چرين جيان ڪُوڪون ڪيون هُئائين. رُنو هو، رڙيو هو پر وڃڻ وارا به ڪي ورندا آهن جو هُن جي ملوڪان موٽي ها.
ڏُک ۾ خزان ٿي ويو. مائٽن شاديءَ لاءِ زور ڀريس ته کڻي ڪاري رنگ ۾ ڪپڙا ٻوڙائي ڇڏيائين. اڌ چريو ٿي پيو.
اڳي ڪڏهن ڪڏهن اسڪُول ۾ ڪو چرچو ڀوڳ ڪري وٺندو هو پر هاڻي اسڪُول ويندو، بي دليو پڙهائي واپس موٽندو. شام ٿيندي ته زال جي قبر تي قل وڃي پڙهندو. اها هُيس زندگي! ڀلا اها به ڪا زندگي هُئي. نه پنھنجو خيال نه ٽن سالن جي معصُومڙيءَ جو ڪو احساس! جا وارث هُوندي به لاوارث ٿي وئي هُئي. تڏهن الائي ڪيئن پري جي مائٽن کي ڌيڻس تي ڪھل اچي وئي. کيس گود وٺڻ جي ڳالھه ڪيائون. هُن مڃيو پر جڏهن ڏيڻ جو وقت آيو ته ڦري ويو. ڌيءُ کي کڻي ڀاڪُر ۾ لڪايائين. چيائين مُئيءَ مِٽيءَ جي نشاني به پالي نه سگهان ته پوءِ ٻُڏي ڇو نه مران؟
۽ ائين ڌيءُ سان موهه وڌيس. هاڻي هُن جو سمُورو ڌيان ڌيءُ جي خوشين ڏانھن هو. کيس بي انتھا پيار ڏيڻ لڳو. پنھنجيءَ حيثيت کان وڌيڪ خيال رکيائينس. ڪير چوَندو ته پرائمري ماستر جي ڌيءُ هُئي؟ قسمين قسمين ويس نئين ڊزائينن تي ٺھرائي ڏيندو هُئس. جيڏانھن ويندو هو ڀوليءَ وانگر هوءَ به چُنبڙيل هُوندي هُئس. دُنيا جھان کان ڪٽجي هڪ اهڙي دُنيا جوڙي ورتي هُئائين جا هُن جي ۽ ڌيڻس جي دُنيا هُئي، جنھن ۾ پيار هو؛ خوشيون هُيون؛ ننڍا ۽ وڏا ٽھڪ هُئا.
ڌيڻس ميٽرڪ پاس ڪئي ته فڪر وٺي ويس. مٽن مائٽن ڏي اچ وڃ شروع ڪري ڏنائين ته اوچتي هُو مري ويو. ها پيءُ مري ئي ته ويو هو. جڏهن چوڪيدار اچي ٻُڌايو هُئس ته ڌيڻس ڀڳي هُئي. ڀڄندي پڪڙجي ٿاڻي تي وڃي ويٺي هُئي.
ڇا......؟ پيءُ جون وايون بتال ٿي ويون هُيون. ڄڻ ته هُن کي اهڙيءَ سزا جو حُڪم مليو هُجي جنھن ۾ هُو روز مرندو ۽ روز جيئندو رهندو.
پوءِ ڪيئن نه ماڻھن کان نظرون بچائي هلندو هو، رستي مان گُذرندو هو ته محسُوس ٿيندو هُئس ڄڻ ته سندس ڪارو مُنھن ڪري جلُوس ڪڍيو ويو هُجي ۽ ماڻھو کيس ڀُونڊا ۽ ٿُڪون هڻندا هُجن. ڪيڏي نه عزت هُوندي هُئس ۽ ڌيءُ ڪيئن نه پنھنجين ئي نظرن ۾ ڪيرائي ڇڏيس.
پيءُ هڪ ڊگهو شُوڪارو ڀري پاسو بدلايو ته کٽ هُن جي اهنجن وانگر چيچلائي ماٺ ٿي وئي.
گهري خاموشي هُئي. سامھُون رُڳو ڌيءُ ويٺي هُئي جا مُنھن تي ٻانھن ڏئي سُتل پيءُ ڏانھن نھاري رهي هُئي. هوءَ ئي ته هُئي جنھن پيءُ کي جيئري ئي قبر ۾ لاهي ڇڏيو هو. هجُومن جي وچ ۾ پيءُ جو پٽڪو لاهي هُن جي اَڇن وارن ۾ ڌُوڙ وڌي هُئائين.
۽ پاڻ..... پاڻ ڪھڙي زندهه هُئي؟ آئي وئي جي نظرن ۾ ڪِريل هُئي. ڊڄي ڊڄي پئي ڳالھائيندي هُئي ته متان ڪو گُٿو لفظ نڪري ۽ موٽ ۾ تڏهن ڪيڏو نه زهر ڀريل محسُوس ڪندي هُئي. ان لفظ ۾ ڄڻ ته کيس سرِ عام سنگسار ڪيو ويندو هُجي.
اُها شام به ڪيڏي نه اُداس ۽ ٿڪل ٿڪل هُئي. هر طرف چُپ چُپات هُئي. جلال چانڊئي جي شوقين گُلوءَ هوٽل واري کي به الائي ڇا ٿي ويو هو؟ سارو ڏينھن هلندڙ ٽيپ رڪارڊر چُپ هُئس. نه چپڙيون هُيون نه يڪتارو هو ۽ نه جلال چانڊئي جو آواز هو.
انھن اُداس گهڙين ۾ پوڙهو سبزيءَ وارو سڄي ڏينھن جي رولڙي کان پوءِ گهر واپس وري رهيو هو. ريڙهيءَ جو اڳيون ٽائر پنچر ٿي ويو هُئس، جنھن ڪري ريڙهيءَ ڌِڏڪو پئي کاڌُس.
گهر جي اڳيان لنگهيو ته ٿڪل ٿڪل آواز ۾ هوڪو ڏنائين. هوڪي تي ڌيءُ تڪڙ ۾ جست جو ٿالھه کڻي هُن ڏانھن وڌي آئي. اَگهن تي پڪائي ٿيڻ لڳي. پوڙهي جو قسم تي قسم ۽ هُن جي پڪائيءَ تي پڪائي هُئي.
۽ تڏهن نه ڏٺو هُئائين ته هُن کي ڪو سامھون هوٽل تان ڪُرسي ريڙهي هُن ڏانھن ڏِسي رهيو هو. هوءَ سبزي وٺڻ ۾ مگن هُئي. پوءِ اوچتي نظر ويس ته کڻي ٻيھر کلون اُڇلائڻ آئي ته وري ڏٺائين ته هُو اڃا به اُتي ويٺو هو ۽ هُن ڏانھن ڏِسي رهيو هو ڄڻ پنڊ پاهڻ ٿي ويو هو.
الائي ڪير آ ماريو؟ کيس خوف ٿيڻ لڳو. پڻس اڃان گهر نه پھتو هو. تڏهن اوچتي هڪ انديشو ذهن ۾ اُڀريس. جي زوريءَ گهر ۾ گهڙي اچي ته مان زائفان ذات ڇا ڪري سگهنديس؟ تڪڙ ۾ در ڏنائين.
پوءِ هُو روز اچڻ لڳو ۽ ڪنھن نه ڪنھن بھاني هُن جي گهر اڳيان اچي گُذري ويندو هو يا ڪڏهن ڪنھن ٻار سان ڳالھائيندو ته ڪڏهن وري سامھون واري پول کي ٽيڪ ڏئي پيو هُن ڏانھن ڏِسندو. اها هُن جي روز جي ڪِرت هُئي.
۽ هڪ ڏينھن ته حد ٿي وئي. ڌيءُ دروازي کي ٿورو کولي ٻاهر طرف پئي نھاريو ته هُو سامھون واري هوٽل تان اُٿي هُن جي ڀر سان آيو هو. پوءِ وڏيءَ دليريءَ سان هڪ لفافو هُن جي آڏو ڦٽي ڪري رفو چڪر ٿي ويو.
ڌيءُ پيرن تائين ڪنبي وئي هُئي. ڄڻ ته لفافي ۾ ٻُڪ وِڇُن جو بند هُجي. تڪڙ ۾ لفافو کڻي ورتائين. ڊپ وَڪوڙي ويس. جي ڪنھن ڏِسي ورتو ته ڀنڀور کي باهه لڳي ويندي.
در بند ڪري خط کوليائين. پڙهيائين ته ساهن جي رفتار تيز ٿي ويس. خط ۾ نوجوان پنھنجيءَ محبت جو ڏاڍي روايتي نمُوني اظھار ڪيو هو.
پوءِ ٻن چئن ڏينھن بعد نوجوان جو پيءُ ماءُ هُن جي گهر آيا هُئا پر پيءُ کي اهو رشتو قبُول نه پيو. ڌيءُ ڳالھائي نه سگهي. فقط پيءُ ڳالھايو. پاڻ برادريءَ کان ٻاهر نه ڪندا آهيون! نه ڏيون نه وٺون! ٺپ جواب ڏئي ڇڏيائين. نوجوان جي ماءُ مُسلمان هُجڻ جو ڪمزور دليل ڏنو پر پيءُ اُتي به ذات پات جي فرق کي مضبُوط هٿيار بڻائي ورتو. مائٽي نه ٿي.
ڌيءُ کي ڏاڍو ڏُک ٿيو. ڪيڏو نه خوش گُذاري ها اُتي جتي سندس چاهيندڙ هو؛ جتي محبت جي نالي ۾ سندس پُوڄا ٿئي ها. جنھن هُن لاءِ خودڪشي ڪرڻ جي دعوا ٿي ڪئي سو ڪيڏو نه سُکي رکيس ها پر پيءُ پنھنجي هلائي. پڙهيل ڳڙهيل پيءُ ذات پات جي پُراڻن پيچرن تي ليڪو ڪڍي بيھي رهيو. ٻئي جتي هُئا اُتي ئي بيھجي ويا. پيءُ جو پاتل ليڪو نه ڌيءُ اورانگهيو نه ئي نوجوان ايڏي همت ڪري سگهيو.
پوءِ گهڻن ڏينھن کان پوءِ هڪ ڏينھن نوجوان وري ظاهر ٿيو. ڏاڍو دُکي، ڏاڍو اُداس پئي نظر آيو. ڀانءِ ته سڄيءَ دُنيا جو غم سمائي ڇڏيو هُئائين پنھنجي اندر ۾! ڏاڙهي وڌيل، اکيون ڏرا ڏنل! ڪيڏو نه اُجڙي ويو هو. ڪيڏو نه بدلجي ويو هو!
ڌيءُ جي سيني ۾ دل، ڪنھن بند پکيءَ جيان اُڇل کاڌي، هڪ سُڏڪو اُڀري ويس. هيءُ ڪھڙو پيار هو جنھن ۾ وڇوڙي جا سُور کڻي جيئڻو ٿي پيو؟ نه ڳالھائڻ نه ٻولھائڻ! ڪُجهه به هڙ حاصل نه! پوءِ ڇو ويھي ڏُک ڏجن ۽ پرائجن؟ ڌيءُ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هٿ جو اشارو ڪري اُتان ئي هٽي وڃڻ لاءِ چيائينس پر نوجوان ويو نه! هُن ڏانھن وڌي آيو.
پريان ماڻھو اچي وڃي رهيا هُئا. گلوءَ جي هوٽل تي جلال چانڊئي جي ڪيسٽ هلي رهي هُئي. چپڙين ۽ يڪتاري جو آواز اچي رهيو هو. ماڻھن وٽ زندگي هُئي پر ڌيءُ جي اندر ڄڻ ته موت واسو ڪري ويو هو. ڊپ هُن کي وڻ ويڙهيءَ جيان وَڪوڙي ويو. ڌيءُ ڪُجهه به چئي نه سگهي. نوجوان ڳالھايو سُڀاڻي صُبح جو ساڍي چئين وڳي ايندس! تيار رهجانءِ!
نه نه! نه اچجانءِ! در جي اوٽ مان ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين مان اها خواري نه کڻندس.....
صرف چند لمحن جي ميلاپ لاءِ اچجانءِ! پوءِ وري نه ايندس. اچجانءِ وڇوڙي لاءِ اچجانءِ!
پويان لفظ هُن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا. وڏيءَ مُشڪل سان پاڻ تي ضبط ڪيائين ۽ اُتان هليو ويو.
۽ ڌيءُ ها ۽ نه جي وچ لَڙڪي پئي. لُڇ پُڇ، هيڏي هوڏي وڏي آزمائش! ڪنھن کان صلاح وٺي؟ ڪير کيس سنئين دڳ وٺي وڃي؟ ڪھڙو دڳ صحيح هو ۽ ڪھڙو غلط؟ تنھن جو فيصلو ڪري نه ٿي سگهي. هڪ پاسي پيءُ جي مٿي جا اڇا وار هُئا؛ اَنا هئي ۽ اُن جا پاتل لِيڪا هُئا ۽ ٻئي پاسي هُن لاءِ موت کي ڀاڪُر پائيندڙ نوجوان هو. هُن جي آخري خواهش هُئي. وڇوڙي کان اڳ ميلاپ جي چري چاهت هُئي. آخر ڇا ڪري؟ ڪيئي ڀيرا فيصلو ڪيائين ته نه ويندي. ڇا و لڳي اهو اوپرو ۽ اڻڄاتل نوجوان هُن جو؟ ڇو ٿي تڙپي هُن لاءِ؟ پر جڏهن به اهو فيصلو ٿي ڪيائين تڏهن نوجوان جو اُداس چھرو هُن آڏو ڦري ٿي ويو. ڏاڍو دُکي، ڏاڍو ويڳاڻو! تڏهن هنيانءُ مُٺ ۾ ٿي اچي ويس.
سڄي رات ائين ئي گُذاري هُئائين ٻُڏ تر ۾! جيئن جيئن رات وهامڻ ٿي لڳي تيئن هُن جي پريشاني به چوٽ چڙهندي پئي وئي.
۽ پوءِ جڏهن ٺيڪ ساڍا چار ٿيا هُئا ته هوءَ اُٿي. پير پير ۾ ڏئي چورن وانگر در تي آئي. پريان چوڪيدار پنھنجي وجُود جو احساس ڏيارڻ لاءِ رکي رکي سيٽي وَڄائي رهيا هُئا ۽ ان سان گڏ وڏي واڪ خبردار به چئي رهيا هُئا.
ٻاهر نوجوان ڀت سان لڳي بيٺو هو. ڌيءُ جي حالت هراسيل هرڻيءَ جھڙي ٿي وئي هُئي. خوف هُن جي وڏين وڏين اکين مان ليئاڪا ٿي پاتا. ساهه روڪي در کوليائين ۽ پوءِ ڌڙڪندڙ دل سان وڃي مليس.
نوجوان جو آواز ڳورو ٿي ويو. سامھُونءَ واري اُونداهين پاسي ڏانھن هلڻ لاءِ چيائينس. ڌيءُ انڪار ڪيو. نوجوان ايلاز ڪيا. نويڪلائيءَ ۾ چند لمحا گهارڻ لاءِ زور ڀريائينس پر هُن جي سيني تي ڪنھن خوف جي سر رکي ڇڏي هُئي. هڪڙو پير به اڳتي پائڻ لاءِ تيار نه هُئي. نوجوان ڏُکاري لھجي ۾ ڏوراپو ڏنس. جي ايڏي پڪي هُئينءَ ته پوءِ ڇو آئينءَ؟ نه اچين ها. مان اهو سوچي هليو وڃان ها ته مُنھنجي محبت هڪ طرفي هُئي. ڌيءُ ڪُجهه نه ڳالھايو. وري به نوجوان ڳالھايو پوءِ وڃان؟ ڪيڏي آزي، ڪيڏي نه التجا هُئي هُن جي دُکي آواز ۾! ڌيءُ پاڻ کي ڪنھن کُوري ۾ جلندي محسُوس ڪيو هو. هنيانءُ ڀرجي آيُس. ڪنڌ جي هلڪي اشاري سان ها ڪري چُپ چاپ هُن جي پُٺيان هلڻ لڳي. هو هڪ گهٽي ڇڏي اسڪُول جي ڀر واري خاموش حصي ۾ آيا.
پوءِ اڃا ٻه گهڙيون به هڪ ٻئي سان گُذاري نه سگهيا هُئا. هڪ ٻئي کي چڱيءَ طرح ڏٺو به نه هُئائون. نه ساهه ساهن سان ٽڪرايا هُئا ته وٺ وٺ ٿي وئي هُئي. پھري تي بيٺل چوڪيدارن کڻي هُنن ڏانھن ڊوڙ پاتي. پوليس چوڪي ويجهي هُئي. ٻئي پڪڙجي آيا.
ٿاڻي تي ٻنھي ڏاڍو لِيلايو؛ ايلاز ڪيا؛ ٻانھون ٻَڌيون؛ ڪارو ڪاري ٿي وڃڻ واري ڊَپ جو اظھار ڪيائون؛ رُنا پِٽيا؛ واسطا وِڌائون پر اڳيان به پوليس هُئي؛ ڏاڍي هُئي! ڪُجهه به نه وَريُن.
ٿاڻي جي پَٽ تي مُنھن گوڏن ۾ لڪائي ڌيءُ روئڻ لڳي. ڌيءُ لاءِ زندگيءَ جو هيءُ رُوپ ڪيڏو نه بُڇرو، اَذيت ڀريو ۽ شرمناڪ هُيو. اوپرن ماڻھن وِچ ۾ ڀڳل عورت هُجڻ جو احساس هُن کي اندر ئي اندر گهُٽي ماري رهيو هو. ائين ٿي لڳس ڄڻ ته کيس وڏي هجُوم آڏو ننگو ٿيڻو پيو هُجي. ڪيئن نه ندامت جي احساس کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو هُئائين.
صُبح ٿيو ته ڏينھن جي روشنيءَ ۾ مُنھن وڌيڪ روڙجي ويس. ڇا ته حالت ٿي وئي هُئس! شروع شروع ۾ نوجوان جي به ساڳي حالت هُئي پر هاڻي هُو سامت ۾ اچي ويو هو. هُو مرد هو. ڌيءُ جي ڀيٽ ۾ طاقتور! هن سماج جو اڏيندڙ! هُن پنھنجي ڪنھن دوست ڏانھن ٽيليفون ڪيو هو.
پوءِ دوست جي اچڻ تي ٻنھي کي ڇڏائڻ لاءِ اڃان ڳالھيون هليون پئي. پوليس جو دهمان هو. اخبار ۾ خبر ۽ ڦوٽو اچڻ جا دڙڪا هُئا. پئسن جي ڏيتي ليتي اڃا نه ٿي هُئي ته پيءُ ٿاڻي تي اچي پھتو. ڪمزور، هيڊو چھرو، ڪنڌ جهُڪيل! ڪنھن سان به نظرون ملائڻ جي سگهه نه هُئس. ڌيءُ کي ڏٺائين ته الائي ڪيئن ساڻي ساڻي بُت ۾ طاقت اچي ويس؟ هوش حواس وِڃائي ويٺو. ٿڦاڙن، ڀُونڊن ۽ گارين سان وڃي ورتائينس. پوءِ ڌيءُ مان هٿ ڪڍي پاڻ به روئڻ لڳو.
گهر کان ٿاڻي ۽ ٿاڻي کان گهر جو سفر هُيو ته فقط چئن ڪلاڪن جو پر انھن چئن ڪلاڪن ۾ ڇا نه ٿي گُذريو هو؟ هر پاسي بدنامي، خواري ۽ آڱرين جا اشارا هُئا ۽ انھن وچ ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ هلڪا پڪا، هراسيل ۽ ڊنل هُئا. زندگي سزاوار وانگر ٿي ڪاٽيائون.
وري نوجوان ڪُجهه ڏينھن رکي مائٽيءَ لاءِ ماڻھو موڪليا. هن ڀيري پيءُ نه فقط انڪار ڪيو پر مائٽي کڻي ايندڙن کي گاريون به ڏئي ڪڍيائين. هيڏيءَ بي عزتيءَ کان پوءِ به ان کي ڌيءُ ڏيان؟ ٻُڏي نه مران؟ هُن وري به فيصلو ڪري ورتو. ڏاڍو تڪڙو فيصلو! ضد ۾ اچي پري جي هڪ مائٽ کي ناٺي بڻايائين جيڪو عُمر ۾ ڌيءُ کان سڄا سارا ٻارهن سال وڏو هو.
شروع شروع ۾ ڌيءُ ڪوشش جي باوجُود پاڻ کي خوش رکي نه سگهي پر پوءِ آهستي آهستي هُن سان؛ هُن جي گهر ڀاتين سان مانُوس ٿيندي وئي. هاڻي هوءَ اُتي خوش گُذارڻ لڳي هُئي. مُڙس مٿانئُنس اول گهول ويندو هُيو. جيڪو انگل ڪندي هُئي پُورو ڪندو هُئس. عُمر ۾ ننڍي هُيس تنھن ڪري ٻن آڱرين جو ڀُونڊو به نه ڏنو هُئائينس.
پر هڪ ڏينھن وڃي ڪُھاڙي کنيائين. ڪنھن ماڻھوءَ زال جي ماضيءَ جو طعنو ڏنو هُئس. مُڙس سھي نه سگهيو. غيرت ۾ اچي ويو. سس سھرو وچ ۾ نه اچن ها ته ڌيءُ ڳڀا ڳڀا ٿي وڃي ها. طلاق ڏئي ڇڏيائينس.
هوءَ گهر موٽي آئي. اڳي ڀڳي هُئي ۽ هاڻي طلاق جو ڳٽ به ڳچيءَ ۾ وڌل هُئس.
پيءُ پاسو مٽائي ڌيءُ ڏانھن ڏٺو. ڌيءُ هاڻي رَئي جي پلوَ سان ڳوڙها اُگهي رهي هُئي. پيءُ جي ڪاوڙ هاڻي آهستي آهستي ڍري ٿيڻ لڳي. هُن کي ڌيءُ مٿان ترس اچڻ لڳو. هُن کي محسُوس ٿيڻ لڳو ته ڌيءُ جي بدناميءَ ۾ هُو به ايترو ئي حصيدار هو جيترو سندس ڌيءُ هُئي. هُو ئي ته هو جنھن نوجوان سان هُن جي شادي نه ڪرائي پنھنجيءَ ۽ ڌيءُ جي دُنيا کي باهه لڳائي ڇڏي هُئي.
هاڻي هُن کي وري نوجوان ياد اچڻ لڳو جنھن جي اڳ ڪيڏي نه بي عزتي ڪئي هُئائين. سڀني آڏو گاريون ڏنيون هُئائينس. ڌَڪ هنيان هُئائُنس پر هُن موٽ ۾ ڪُجهه به نه چيو هو.
هاڻي هُن کي وري ڌيءُ تي قياس اچڻ لڳو. ڌيءُ هن وقت زندگيءَ جي جنھن موڙ تي بيٺي هُئي اُتي ڪنھن وٽ به هن لاءِ همدردي نه هُئي. پنھنجائپ نه هُئي. پيار نه هو. نفرت هُئي. هاڻي ته کيس ڪارو چور به قبُولڻ لاءِ تيار نه هو. تڏهن نوجوان ڪيئن نه هُن لاءِ وري پنھنجائپ کڻي آيو هو. همدردي کڻي آيو هو. ڪيئن نه اليڪٽرڪ پول وٽ بيھي گُونگي آڇ ڏني هُئائين ۽ پيءُ ڪيڏيءَ نه ڪٺورتا سان موٽ ڏني هُئس بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي!
پيءُ جي دل هاڻي ڀرجي وئي. نڙيءَ ۾ هلڪو هلڪو چُڀڪو ٿيڻ لڳس. ڄڻ ڪُجهه نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو هُجيس. هُو اُٿيو. کُليل وارن واري مايوس ۽ غمگين ڌيءُ ڏانھن ڏٺائين ۽ ٻاهر نڪري آيو.
ٻاهر هر شئي تي اُداسي ڇانيل هُئي. ڄڻ ڪنھن ڏُهاڳڻ وڏي ڏُک منجهان آهه ڀري هُجي! سج ڦاسي گهاٽ جي قيديءَ وانگر آخري پساهه کڻي رهيو هو. ڪو هُل هنگامو ڪونه هو. ماڻھو ائين چُپ چُپ ۽ مايُوس ٿي نظر آيا ڄڻ ڪنھن جي پٿر تي گڏ ٿيا هُجن.
تڏهن انھن اُداس گهڙين ۾ پيءُ هڪ فيصلو ڪري ورتو. ذات پات جي پُراڻن پيچرن تي پاتل لِيڪا پاڻ ڊاهڻ جو فيصلو! هُو موت جھڙي اُداس ماحول مان نڪري نوجوان جي گهر ڏانھن هلڻ لڳو.