پروٽوڪول
ڏي جواب، وٺ جواب واري ڇڪتاڻي ماحول کي انتھائي جهڳڙالو بڻائي ڇڏيو آهي. معاملي جي سنگينيءَ کي محسُوس ڪندي صُوبائي سطح جو پارٽي اڳواڻ سمُوريون مصروفيتون ڇڏي نبيري لاءِ پھچي ويو آهي. هُو ٻنھي ڌُرين جي وچ ۾ سرچاءَ جي ڪوشش ڪري ٿو. هُن جو سڄو زور ان ڳالھه تي آهي ته ڪنھن به طرح ڪارڪُنن مان بيچينيءَ ۽ بي اعتماديءَ کي دُور ڪيو وڃي.
هڪڙو جوشيلو ورڪر پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ تي ردِعمل ظاهر ڪري ٿو. اسان سان نسورو ناحق پيو ٿئي..... اهم نوڪرين سان فقط ميمبرن جي پُٽن، پوٽن، ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن کي وَرسايو پيو وڃي. اسان کي ته ديڳ مان کُرڙ به نصيب ڪانه ٿي ٿئي. ڇا اسان پارٽي ورڪر ڪونه آهيون جو اسان کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي؟
نوجوان ورڪر پنھنجون قُربانيون ياد ڏياري ٿو. جڏهن روڊن تي نڪرڻ ۽ قيد ۽ بند جون صعُوبتون سھڻ جو وقت اچي ٿو ته ڪير هُوندا آهن جيڪي ظُلم جي اکين ۾ اکيون وِجهي اُن سان ٽڪرائجي ويندا آهن؛ جيڪي پوليس، لٺ بازيءَ ۽ گولين جو کاڄ بڻجي پارٽيءَ جي وجُود کي زندهه رکندا آهن؟ انھن جي قربانين جي مڃتا اها آهي ته جڏهن ونڊ ورڇ جو وقت اچي انھن کي ياد ئي نه ڪيو وڃي. ڇو؟ اها زيادتي آخر ڪيستائين برداشت ڪجي؟
ڪمري ۾ ويٺل باقي ڪارڪُن اتحاد ۽ يڪجھتيءَ جو مُظاهرو ڪندي ميمبرن خلاف نعري بازي ڪن ٿا ۽ اهڙن ميمبرن تي لعنتون وِجهن ٿا جيڪي سندن حق غصب ڪيون ويٺا آهن. صُوبائي اڳواڻ اُٿي بيھي ٿو ۽ ڪارڪنن کي گوڙ ۽ هُلڙ بازيءَ کان روڪي ٿو. خاموش خاموش...... ڪو هڪڙو ڳالھائي...... ٻُڌو...... ماٺ ڪريو.... مان چوان ٿو ماٺ ڪريو!
ڪُجهه لمحن لاءِ ماٺ ڇانئنجي وڃي ٿي ۽ پوءِ اڳواڻ پنھنجي لھجي ۾ انتھائي نرمي آڻيندي ڪارڪنن سان مُخاطب ٿئي ٿو. توهان اسان جا بازو آهيو، اسان جي طاقت آهيو، اسان جي سر جو ڇٽ آهيو! معمُولي ڳالھين جي ڪري انتشار ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار نه بڻجو...... غلط فھميون ٿيندون آهن. اهي ٿينديون ئي ان لاءِ آهن ته جيئن انھن جو خاتمون ٿي سگهي...... ختم ڪريو اهي غلط فھميون!
سائين! اهي معمُولي غلط فھميون نه آهن. ساڳيو ناراض ڪارڪُن ساڳئي جوشيلي انداز ۾ ڳالھائي ٿو. اسان گريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ بيروزگاريءَ جو عذاب ٿا ڪٽيون پر اسان کي به ليکي ۾ نه ٿو آندو وڃي. توَهان علي محمد کان پُڇو ڪو هڪڙو آرڊر به ڪنھن ڪارڪن کي ڏنو اٿائين؟ پُڇوس!
اڳواڻ ڪارڪُنن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڏسي ميمبر ڏانھن شڪايتي انداز ۾ ڏِسي ٿو.
سائين! مان مڃيان ٿو. ميمبر ڳالھائڻ لڳي ٿو. مان مڃان ٿو ته پنھنجن کي نوڪريون ڏنيون اٿم.... هاڻي انشاءَ الله تعاليٰ هنن کي به ملنديون..... پر ان لاءِ ٿورو صبر ڪن نه!
ڪُوڙ ڪُوڙ ۽ شيم شيم جا نعرا لڳن ٿا. ميمبر نڪ جي پڪائيءَ سان وري ڳالھائي ٿو. سائين! هنن کان پُڇي ڏِسو ته ڇا اهو به ڪُوڙ آهي ته هنن کي مشينون ۽ نلڪا نه ڏنا آهن. هنن کان معلُوم ڪريو ته اهي نلڪا ڪاڏي ويا؟ ڇا اهي نلڪا پنھنجن چاچن مامن جي گهرن ۾ نه لڳايا اٿن؟
ڪارڪن سخت ردِعمل سان وري ڳالھائڻ لاءِ اُٿي بيھي ٿو ته اڳواڻ هُن کي هٿ جي اشاري سان روڪي ٿو. ڪارڪُن وڏيءَ تڪليف سان ضبط ڪري ٿو.
ميمبر پنھنجي ڳري ۽ ڏُکويل آواز سان ڪمري جي سياسي ماحول تي حاوي پئجي وڃي ٿو. هُو ذري گهٽ روئندي چئي ٿو سائين! آيا آهيو ته هنن کي سمجهايو..... هنن کي سمجهايو ته اسان جي بيعزتي نه ڪن. اسان جي خلاف اجائي نعري بازي بند ڪن. ڇا اسان جي اها عزت آهي جو اسان کي پنھنجي تڪ جي ماڻھن ۾ بُڇڙو ۽ بي عزتو ڪيو وڃي. اسان جي تقريرن تي هوٽنگ ۽ نعري بازي ڪرائي ماڻھن ۾ اسان جو اميج خراب ڪيو وڃي..... سائين گُذريل سال ٻوڏ جو امدادي سامان ٿورو ورهائڻ کان رهجي ويو ته ان کي اسڪينڊلائيز ڪرائڻ لاءِ هٿ ٺوڪين تنظيمن جي نالي ۾ چاڪنگ ڪرائي وئي.
چئبو ته توَهان کي ڇوٽ ڇڏي ڏيون ته لڪڙ هضم، پٿر هضم ڪندا رهو. ڇو؟ اسان کي پيٽ ڪونھي؟ ياد رکو اسان نلڪن ۽ سلائي مشينن تي سمجهوتو نه ڪنداسين...... جيستائين اسان کي اسان جو پُورو حصو نه ٿو ڏنو وڃي تيستائين توَهان جا وَکا پڌرا ٿيندا رهندا. ظالمو! اسان کي کائڻ لاءِ ڪونھي ۽ توهين اسٽور ڪيل کاڌي جو سامان گُذرڻ کان پوءِ رستن تي اُڇلائي ڇڏيو ٿا. توَهان کي ڪُجهه به نه چيو وڃي.
وري نعري بازي شروع ٿئي ٿي. اڳواڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالھائي ٿو خاموش خاموش..... هِن کي ٻُڌو..... هن کي ٻُڌو! پوءِ فيصلو ڪريون ٿا..... ڌيان ڏيو..... توَهان سان انصاف ٿيندو.... ٿيندو انصاف توَهان سان......
سائين! مُنھنجي ڪردار ڪشيءَ جي مُھم شروع ڪئي وئي آهي. مُختلف طريقن سان مُون کي لويو ٿو وڃي. اخبارن ۾ بيان بازي ڪئي ٿي وڃي ته مُون هيترا ڪي هيترا ڪروڙ ٺاهيا آهن. مُنھنجي لاءِ کُليل ڪچھرين ۾ چيو ٿو وڃي ته پنج سال اڳ شھر جي فوٽ پاٿ تي بِھه کپائيندو هُئس ۽ هاڻي ڪروڙن ۾ ٿو کيڏان! سائين! هنن کي سمجهايو ته اندر جون ڳالھيون اندر نبيرن. انھن کي ٻاھر آڻڻ سان پارٽيءَ جي ساک مُتاثر ٿيندي.
هڪ ڀيرو وري گوڙ وڌي وڃي ٿو. ناراض ڪارڪُن الزامن جي ڊگهي لسٽ کولي بيھي رهن ٿا. ميمبر جي پاسي ڏانھن ميمبر جا دوست ۽ گهڻگهُرا ڳالھائڻ لڳن ٿا.
مُنھنجي ڳالھه ٻُڌو.... ٻُڌو! جلد بازي نه ڪريو! هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ سِکو! اڳواڻ سندن دليون جيتڻ لاءِ هيٺائين وٺ وٺي کين سمجهائي ٿو. هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ سکو..... توهين سڀ اسان جي طاقت آهيو. اسان پنھنجيءَ طاقت کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين. تاڙيون وَڄن ٿيون. اڳواڻ جي تقرير جاري آهي. هُو ڪارڪنن ڏانھن هٿ کڻي چوي ٿو مُنھنجو توَهان کي چوَڻ آهي ته ڪو به مسئلو، ڪا به شڪايت هُجي ته سڌو سنئون مُون وٽ هليا اچو! مان آهيان نه توَهان جو وڏو!
اڳواڻ جي حق ۾ نعري بازي ٿئي ٿي. پوءِ ڪارڪن کيسن مان نوڪرين، پلاٽن ۽ پرمٽن جون درخواستون ڪڍي اڳواڻ ڏانھن وڌن ٿا. اڳواڻ ڪارڪنن جي هجُوم ۾ وَڪوڙجي وڃي ٿو. هُو هر هڪ ڪارڪن سان خير سگاليءَ طور چند لفظ به ڳالھائي ٿو ۽ سندن آندل درخواستن تي آرڊر به صادر ڪندو وڃي ٿو.
اُن ويل ٻاهرئين دروازي کان هڪڙو گوڏ ۽ گنجي پھريل ڳوٺاڻو شخص پوليس جي ڏنل سيڪيورٽي پروٽوڪول کان کسڪي اندر داخل ٿئي ٿو. هُن جي هٿ ۾ درخواست پڪڙيل آهي جنھن ۾ هُن جي نوجوان پُٽ کي ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ تي نوحو لکيل آهي. هُو پنھنجي بيگُناهه پُٽ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ اڳواڻ کان حُڪم صادر ڪرائڻ لاءِ آيو آهي...... جيئن ئي اجلاس واري ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو ته مضبُوط قد ڪاٺ وارا سپاهي ڊوڙي هُن تائين پھچي وڃن ٿا.
ڪمري ۾ ڪارڪنن، ميمبرن ۽ اڳواڻ جي آوازن ۾ هاڻي پوليس جي هلايل لٺين جو آواز به شامل ٿي وڃي ٿو.
اجلاس جو آخري اسم پُورو ٿئي ٿو. نوجوان پُٽ جي شھادت جو نوحو سرڪاري لانگ بُوٽن هيٺان لتاڙجي وڃي ٿو ۽ پوڙهي پيءُ کي پوليس لٺيون ۽ ٿُڏا هڻي ٻاهر گھلي وڃي ٿي.