آڙاھ
”بابا.....“ هن جو پنجن سالن جو ساجد هن جي ڀر ۾ اچي بيهي ٿو، ”بابا قلفي وارو آيو آ، قلفي وٺي ڏي.“
هو اڃا ڪجھ ڳالهائي، ان کان اڳ ٻار وري چوي ٿو، ”وٺي ڏيندين نه ـ هان؟“
هو سڄو ٿڙڪڻ لڳي ٿو. چچريل لفظن ۾ کيس چوڻ ٿو چاهي ته ماءُ کان وڃي وٺ، پر ٻار ڪجھ به سمجهي نه ٿو سگهي.
”بابا ڏي نه، هليو ويندو.“
”زبيده.....او زبيده.“
”وري ڇا ٿيو؟“ ٻاهران جوڻس جو چڙ ڀريل آواز اچي ٿو.
”ساجد کي پئسا ڏي.“
”هان؟“
”ساجد کي پئسا ڏي ته قلفي وڃي وٺي.“
”قلفي؟ هاڻي تون قلفي کائيندين؟“
هو پنهنجي ان بيوسيءَ تي روئڻ لڳي ٿو، ۽ ٻار قلفي کائڻ جي خواهش دل ۾ دٻائي چپ چاپ پيءُ جي پيراندي کان وڃي بيهي ٿو.
مڙس جي روئڻ تي زال هن ڏانهن وڌي اچي ٿي. هن جا هٿ ٿانون ملڻ ڪري، ڪارنهن ۾ آلا ٿيل آهن، جن مان ڪارا ريڳاڙا وهندا رهن ٿا.
”ڇاٿيو؟ ڪنهن تي پيو پار ڪڍين؟“ جوڻس جي آواز ۾ ڏک ۽ چڙ ٻئي ملي ويا آهن.
”پنهنجي نصيبن تي پيو روئان!“ هٻڪي هٻڪي ايئن ڳالهائي ٿو، جيئن اڌ رنگ جي زد ۾ آيل اڪثر بد نصيب ڳالهائيندا آهن، جن جي زندگي بي رحم تماشو بڻجي ويندي آهي.
”قلفي کائيندين نه؟“ هاڻي الاءِ ڪيئن جوڻس کي ترس اچي وڃي ٿو ۽ هوءَ هن جي ان گُهر ڪيل خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي. ”گهرائي ٿي ڏيانءِ. پر ڏس نه، تو کي ته ٿڌيون شيون نقصان ڏينديون آهن، پوءِ ڇو ڪرڻ لڳندو آهين اهي فرمائشون. هان؟!“
” نه.... مان نه“ هو ڪنڌ کي نهڪر ۾ لوڏي ٿو.“ ساجد کي پئسا ڏي ته اهو وڃي وٺي.“ هو هڪ هڪ لفظ الڳ ڪري وضاحت ڪري ٿو.
۽ زال غلط سمجهڻ تي ڪجھ ڦڪائي محسوس ڪندي اٿي ٿي ۽ سامهون وارو ڪٻٽ کولي، ان مان اٺ آنا ڪڍي ٻار کي ڏئي ٿي. ٻار ننڍڙيون ننڍڙيون وکون کڻي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
” مان غلط سمجهيو هو، سڄو ڏينهن ڳڻتين ۽ فڪرن ۾ ڪو هوش ئي ڪو نه ٿو رهي.“ هوءَ صفائي پيش ڪندي انتهائي پاٻوھ منجهان وراڻي ٿي.
هو وري ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ”زبيده.....هتي ويھ. هتي ويھ. منهنجي ڀر ۾ ٿي ويھ.“
زال هن جي ڀر سان سري اچي ٿي ته هن جي اندر ۾ سمنڊ جي ڇولين جهڙو اضطراب ڦهلجي وڃي ٿو. هو وري روئڻ لڳي ٿو. لانڍ ۾، جيئن پريان ڪا ريل جي انجڻ ڪوڪ ڪري رهي هجي. ”اون....اون.....اون.“
”بس ڪر...هاڻي صبر ڪر.“ زال گهرو شوڪارو ڀري ٿي. “روئڻ سان ڪجھ ورندو ڇا، جو روئين ٿو.“ کيس ماٺ ڪرائڻ لاءِ رويي ۾ اڃا به گهڻي نرمي ڀري ٿي ڇڏي.
پر هو ماٺ نه ٿو ڪري. ڀلا ماٺ به ڪيئن ڪري. وڏي عرصي بعد ئي ته هن کي موقعو مليو آهي، زال جي دل ۾ همدردي پيدا ڪرڻ جو. هن جي ويجهي ٿيڻ جو اهو احساس ئي ته آهي جو هن کي روئاري ٿو، ۽ هو چاهي ٿو ته ايئن ئي روئيندو رهي. ۽ هن جي زال بار بار هن کي آٿت ڏيندي رهي. هن کي پرچائيندي رهي. ان روڄ سان هن کي هڪ قسم جي آسودگي ملي رهي آهي. ذهني سڪون ملي رهيو آهي.
اوچتو هن جي ڦريل واڇ وٽان گِگَ جي هڪڙي ڊگهي لار وهي، هن جي کاڏيءَ وٽ مڙي بيهي رهي ٿي، جنهن کي ڏسندي ئي زال جي منهن ۾ اڻ وڻندڙ گهنج پئجي وڃن ٿا. پوءِ هوءَ اتان اٿي ٻاهر وڃي ويهي ٿي ۽ هو ساڳيءَ ريت روئندو رهي ٿو، پنهنجي بيوسيءَ تي پنهنجي تباهيءَ تي، پنهنجي حال ۽ آئندي تي.
ڪڏهن ته هو به ماڻهو هوندو هو. هڪ اهڙو ماڻهو، جو سوسائٽي ۾ عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. پيشي جي لحاذ کان هيڊ ڪلارڪ هو. تڏهن بيمار نه ٿيو هو. پوءِ جڏهن ڪريو ته دنيا ئي بدلجي ويس. دوستن جو وسيع حلقو ٽٽي ويس. زنده دل ليکيو ويندڙ ساڳيو شخص، بور، چچڙ ۽ جهڳي هڻندڙ مشهور ٿي ويو. رستي تان هلندو هو ته ڏٺل دڳ مٽائي ويندا هئا. جي ڪنهن کي وڃي زوري چنبڙندو هو ته ”ها، هون“، کان وڌيڪ موٽ نه ڏيندا هئس. تڏهن بيحد دکي ٿي، گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي سڏڪندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ته دل ۾ ايندو هيس ته رڙهندو رڙهندو ريل جي پٽڙين تي وڃي پهچي ۽ پنهنجو انت آڻي ڇڏي. ڀلا ڇا رکيو هو ان زندگيءَ ۾، جا رڳو ڏکن، سورن ۽ اذيتن سان ڀريل هئي. پر هر ڀيري هو پاڻ مارڻ واري خيال کي عملي صورت بخشڻ کان رهجي ٿي ويو ۽ زندگيءَ جي اڻ ڳڻين ذلتن ۾ وڃي ٿي ڪريو. هن جي نه مرڻ جو ڪارڻ اهو هرگز نه هو ته ڪو هو موت کان ڊنو ٿي. موت، اهڙي زندگيءَ کان وڌيڪ اذيت رسائيندڙ هو ڇا؟ ان زندگيءَ کان وڌيڪ به ڪو ڀوائتو روپ ٿي سگهيو ٿي ڇا؟، جو هو خودڪشي نه ڪري ها. پر هن جي اهڙين حالتن ۾ به جيئڻ ۽ جيئڻ جي نالي ۾ مرڻ جو هڪڙو ڪارڻ هو، ۽ اهو هو هن جو ساجد. پنجن سالن جو ننڍڙو ساجد، جيڪو هن جي ڪمزوري بڻجي ويو هو، جو هر وقت هن جي حواسن تي ڇانيل رهندو هو.
هو جڏهن ڀتين سان ڳالهائڻ چاهيندو هو، تڏهن ساجد ئي هوندو هو، جو کيس ٻڌندو هو ۽ هو ٻڌائيندو هو دنيا جون منافقيون، خود غرضيون ۽ دکن ۽ سورن جون ڪهاڻيون ۽ وري جي ساجد ڳالهائيندو ته دل پئي چوندس پيو ڳالهائي. ويٺو ڳالهائي ۽ هو ٻڌندو رهي.
”بابا مان توکي پارو (پيارو) آهيان.“
”ها.“
”ڪيترو.“
”تمام گهڻو.”
”ڀلا ساجو، مان تو کي پيارو آهيان؟“
”ها، تون به مون کي پارو آهين....بابا، ماني کاڌي ٿئي......پاڻي ڏيانءِ.“
خود غرضي ۽ منافقي جڏهن هر چهري پٺيان هن کي صاف نظر ايندي هئي، تڏهن ساجد ئي هوندو هو، جنهن وٽ هن کي خالص پيار ملندو هو. جنهن وٽ ڪا ملاوٽ ڪا نه هئي. چور بازاريءَ جي هن دور ۾ ننڍڙو ساجد ڪنهن ليڪٽو ميٽرlactometer جيان ئي ته هو، کري ۽ کوٽي جي سڃاڻپ ڪرائيندڙ.
هڪ ڏينهن الاءِ ڪيئن هو ساجد کي چئي ويٺو، ”ساجد مان جي مري وڃان ته روئندين؟“ ”ڇو مرين ڏاڻ (ڏائڻ) الله پنا (پناھ) ڏئي.“ وڏن کان ٻڌل جملو ورجايو هئائين. تڏهن پيءُ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ويا هئا ۽ اهڙين حالتن ۾ پاڻ کي جيئڻ لاءِ آٿت ڏني هئائين. هو ٻيو
ڪجھ ڪري نه ٿي سگهيو ته، گهٽ ۾ گهٽ ننڍڙي ساجد لاءِ هڪ ڳالهائيندڙ ۽ گهمندڙ ڦرندڙ رانديڪي جو ڪم ته ڏئي ٿي سگهيو، جو بازار مان خريد ڪرڻ ڪيڏو مشڪل هو.
۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هو صفا بِر ٿي ويندو هو، انسان هو، تڪليف پهچڻ تي ڀڄي ڀري پوندو هو، تڏهن ڪجھ به نه وڻندو هوس، نفرت ٿي ويندي هئس پنهنجو پاڻ کان، رشتن ناتن کان ۽ دنيا کان. تڏهن دل ۾ ايندو هوس ته دنيا تباه ٿي وڃي. لمحن جي وڇوٽيءَ اندر هر شيءِ تهس نهس ٿي وڃي. ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ زندگي نه بچي، تباهيءَ جا آثار بچن، کنڊر بچن ۽ موت جهڙي ماٺ رهجي وڃي.
پر ائين ڪٿي ممڪن هو. ماڻهوءَ جي وس ۾ هجي ها ته، هن دنيا ۾ اچي ئي ڇو ها. جتي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين رڳو ڏک آهن. اذيتون آهن. جا ڀوڳنائن جي دنيا آهي، جتي ماڻهپي ڪنهن گمنام جاءِ تي وڃي پناھ ورتي آهي. جتي بيوفائي آهي، خود غرضي آهي، مفاد پرستي آهي ۽ ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان ويساه گهاتي آهي، اهڙي دنيا جي تباهيءَ لاءِ هو سوچيندو هو. پر جڏهن ڪجھ به نه ورندو هوس تڏهن زهر جو ڍڪ ڀري ماٺ ٿي ويندو هو، ۽ اهڙا زهريلا ڍڪ هن کي ڏينهن ۾ ڪيئي ڀيرا ڀرڻا پوندا هئا.
هن کي سڀ کان وڌيڪ اذيت ڏيندڙ هن جي زال هوندي هئي، جا هن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندي هئي. هن جي هٻڪي هٻڪي ڳالهائڻ تي هن کي دڙڪا ڏيندي هئي. مٿس چٿرون ڪندي هئي. پر ان ۾ هن جو ڏوھ به ڪهڙو هو. هو ته گهڻي ئي ڪوشش ڪندو هو ته چٽو ڳالهائي، پر ڪٿي نه ڪٿي الجهي ضرور ويندو هو.
”تو کي به وينڌي ڪرڻ جي عادت پئجي وئي آهي.“ هن جي هٻڪي هٻڪي ڳالهائڻ تي جوڻس ٽوڪيو هو، ”بيزار ڪري ڇڏيو اٿئي سڀني کي.“
تڏهن هو روح تائين رتوڇاڻ ٿي پيو هو. ”تو کي به مون کان بيزاري ٿيڻ لڳي آ زبيده.“ هڪ هڪ لفظ الڳ ڪري ڏوراپو ڏنو هئائين ته جيئن هو دل کي رسيل چوٽ جو احساس ڏياري سگهي.
”پنهنجو ڳالهائڻ ڏٺو اٿئي. ايندو آ ڪنهن کي سمجھ ۾. اڃا بيزاري نه ٿيندي؟“
”ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوھ آ. مان ڪو ڄاڻي واڻي ته ايئن ڪو نه ٿو ڪريان.“
”منهجي ئي قسمت ڦٽل آهي جو تون ڪرمن ۾ لڳي وئين. منهنجو ئي ڏوھ آ.“
زال جي اهڙي بي رخيءَ تي هن کي ڀنواٽي اچي وئي هئي. جيئن ننڍ پڻ ۾ چيڪلي تان چڪر ڪاٽيندي ڪري پيو هجي.
جڏهن نئين نئين شادي ٿي هئس ته زال ڪيڏو نه خيال رکندي هئس. ڪيڏو نه فخر محسوس ڪندي هئي جو سلجهيل ۽ اعتدال پسند مڙس مليو هوس. جنهن وٽ عورت جو تصور روايتي مرد وانگر پير جي جتي نه هو، جو گهر جي ڪم ڪار ۾ ڪنهن سٺي دوست وانگر هن جي مدد ڪرڻ ۾ عيب نه سمجهندو هو، ۽ جنهن سگهڙ هئڻ جي اعتراف ۾ گهر جي هر شيءِ زال جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي هئي. اهو ساڳيو شخص جڏهن ڪريو ته شروع ۾ زال به وسان ڪو نه گهٽايو. جيڪو پڄي سگهيس سو ڪيائين. پر جڏهن پينشن جا پئسا اڌ کان وڌيڪ سندس بيماري تي خرچ ٿي ويا ته وٺي ڌاڙ ڌاڙ ڪيائين مهانگائي جو پٽڻو پٽيائين. ماضي وساري حال ۽ مستقبل جو اونو ڪرڻ لڳي، ۽ هڪ ڏينهن صفا پڙ ڪڍي بيهي رهي.
”هاڻي علاج ٻلاج جي سڌ ڇڏ، اهو ڪي سوچ جنهن سان گهر جو چرخو هلائي سگهجي.“
”مان ٺيڪ ٿي ويندس ته سڀ ٺيڪ ويندو زبيده!“
”تون خوش ٿيندين ۽ ڏيھ ڏسندو. اجايو ٿو پاڻي ولوڙڻ جون ڳالهيون ڪرين.“
زال جي سرد مهريءَ جي نتيجي ۾ دوا درمل بند ٿي ويس. نه صرف ايترو پر اعلاج موجب هلندڙ کاڌو به جڏهن رڪجي ويو ته مرض وڌيڪ بگڙي ويو، ۽ هو تيزيءَ سان تباهي ڏانهن ڌڪجڻ لڳو.
هاڻي ته چوڏهن سالن جي ڌيءَ به ماءُ سان ٻٽ ٿي بيهي رهي هئي. ان وٽ به هن لاءِ ڪا همدردي ڪا پنهنجائپ نه رهي هئي. تنهن ڏينهن جي ئي ته ڳالھ آهي، ڌيڻس صفحي ۾ کٽ رکڻ جي ڪيئن نه کليل لفظن ۾ مخالفت ڪئي هئي، ۽ پيءُ ڏکويل لهجي ۾ رڳو ايترو چيو هو، ”مان جڏهن ٺيڪ هئس تڏهن به اتي ئي سمهندو هوس، پوءِ هاڻي ڇو جاءِ مٽايان؟“
”هاڻي تون بيمار آهين بابا. آيو ويو اچي ٿو، ڪجھ ان جو خيال ڪر. ڪمري جو حال ته ڏس ڇا ٿي ويو آهي. سچ مون کي ته ٻڏڻ ٿو اچي.“
هو ڏک ۽ پشيمانيءَ جي شديد احساس کان هڪ لفظ به ڪڇي نه سگهيو هو. ماٺ ڪري ورانڊي ۾ کٽ کڻائي آيو هو.
ڪالھ ته بي عزتي ڪرڻ ۾ زال انتها ڪري ڇڏي. تڏهن ڌيڻس ڪجھ نه چوندي به ڄڻ ته گهڻو ڪجھ چئي ورتو هو. اُگرو، تکو ۽ دل کي مُٺ ۾ پڪڙي نپوڙڻ جهڙو.
جوڻس ڪاڪڙو وٺي ڪيو هو. ”مئا، مان ڪا تنهنجي غلام آهيان جو سڄو ڏينهن تنهنجون ٿڪون ۽ کانگهارا ويهي ميڙيان، واڇ ڦري اٿئي، انڌو ته ڪو نه ٿيو آن، جو ڏسين ئي نه ٿو. ڪيڏن حيلن سان فرش ڌوتم ته ان جو کڻي ستياناس ڪري ڇڏيئي، گدلا، بد فضيلتا.“
تڏهن هو هڪو ٻڪو ٿي ويو هو. هيڏي وڏي تذليل ۽ هيڏي بي عزتي ٿيندي هن جي، هن ته ڪڏهن سوچيو ئي نه هو. پنهنجو پاسو کڻڻ لاءِ ڌيءَ ڏانهن ڏٺائين ته وڌيڪ ٽٽي پيو. ڌيڻس نڪ تي رئو ڏئي اندر صفحي ۾ وڃي ويٺي. پوءِ هو اٿيو، رڙهندو رڙهندو نلڪي ۾ ويو ۽ اتان پاڻيءَ ۾ پُسيل ٽپڙيءَ جو ٽڪرو کڻي واپس اچي، فرش جو اهو حصو صاف ڪيائين، جنهن جي خراب ٿيڻ تي جوڻس گهر کڻي مٿي تي کنيو هو.
”بابا، قلفي کائيندس؟“ ننڍڙو ساجد پيءُ جي ڀر سان اچي چوي ٿو.
”نه.......“ پيءُ ننهڪر ڪري ٿو.
”کاءُ نه.“ هو تيليءَ ۾ چنبڙيل مائي جو ذرو چٽي وري چوي ٿو.
”ٻاهر هلندين ساجد....هان؟“
”هل.....هل نه.....“ ٻار ڄڻ ته اڳ ۾ ئي تيار آهي.
هو اٿي ٿو، پير جي گيساڙي تي جوڻس ٻاهران ئي پڇي ٿي. ”ڪاڏي ٿو وڃين؟“
”ٿورو ٻاهر.....“
”ٻاهر وڃي گلا جو گهانگهو نه ڏجانءِ. آئي وئي سان ٿو شڪايتون ڪرين، ڪجھ غيرت به ڌار. منهنجي گلا ڪري پنهنجو ئي ڪپڙو ٿو لاهين.“
هو ڪو به جواب نه ٿو ڏئي، ۽ چپ چاپ ٻاهر نڪري ٿو اچي.
ٻاهر جون جي مهيني جي ڪچڙي منجهند پنهنجي عروج تي آهي. سج ڪنهن ماٽيلي ماءُ وانگر پڄري، بغض جي باه دنيا تي اڇلائي رهيو آهي. گرمي معمول کان وڌيڪ ٿي ڀاسجي. هو سامهون موريءَ تي نظر ايندڙ سرهن جي وڻ ڏانهن ڏسي ٿو، ۽ پوءِ اوڏانهن وڌڻ لڳي ٿو، ڪنهن نئين پنڌ ڪندڙ ٻار وانگر، جنهن کي ڊپ هوندو آهي ته ڪنهن وقت به پاڻ نه سنڀالي هيٺ وڃي ڪرندو. حال به ته اهڙو ئي ٿي ويو اٿس نه. ساڄو پاسو فالج هجڻ سبب ٽنگ ۽ ٻانهن ڦري ويئي اٿس. جنهن ڪري هلي ٿو ته هڪ پير سان گيساڙو ڏئي پوءِ ٿو هلي.
وڏي مشڪل سان پاڻ گهليندو، ساهيون پٽيندو، پنجن منٽن جو پنڌ ويهن منٽن ۾ طئي ڪري موريءَ تي پهچي ٿو. پوءِ هلندو سرهن جي گهاٽي ڇانو ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جتي اڪثر اچي ويهندو آهي.
ننڍڙو ساجد آڱر ڇڏائي ڀر سان واھ جي ڪڙ تي اچي بيهي ٿو.
”ساجد.....هيڏانهن اچ.....هيڏانهن اچ پٽ، ڪٿي پير نه ترڪي وڃئي.“
پيءُ خوف وچان کيس سڏ ڪري ٿو. ٻار تجسس ڀريل نظرن سان واھ سان گذرندڙ هڪ ننڍي ٽاريءَ ڏانهن ڏسي ٿو، جنهن جي پنن تي ٻه ماڪوڙا پاڻيءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن وڃي رهيا آهن.
پيءُ کيس وري سڏ ڪري ٿو ته هو اتان هٽي پيءُ جي ڀر ۾ ويهي ٿو.
انهن لمحن ۾ هڪ ستن ـ اٺن سالن جو ٻار ظاهر ٿئي ٿو، ان جي مٿي تي گجرن جو ٿالھ آهي. پيرن ۾ رٻڙائي چمپل اٿس. منهن جو رنگ اُس ۾ رلڻ ڪري ڪاراٽيل لڳيس ٿو. هو ڪمزور آواز ۾ هوڪو ڏئي ٿو، پوءِ ٿالھ سرهن جي پاڙ ۾ رکي نلڪي ڏانهن وڌي وڃي ٿو. پهريان پاڻي پيئي ٿو، پوءِ ننڍا ننڍا ٻڪ ڀري منهن تي هڻي ٿو. آخر ۾ پير ڌوئي گوڏ جي پلوَ سان منهن اگهي ٿو. هاڻي هو سامت ۾ اچي پهريائين جي ڀيٽ ۾ ڪڙڪ آواز ۾ هوڪو ڏئي ٿو. ”گجر.....مٺي لاهوري گجر.“
ننڍڙو ساجد گجر وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو. ”بابا گجر وٺي ڏي.“ ”گجر وارا، هيڏي آ، گجر ڏي.“
گجر وارو گهورڙيو ٻار ساجد جي ويجهو سرڪي اچي ٿو. پيءُ کي خبر آهي ته هن جي کيسي ۾ پئسا ڪونهن، پوءِ به اوپري ٻار اڳيان ڪوڙو ڀرم رکڻ لاءِ ايئن ئي کاٻو هٿ قميص جي کيسي ڏانهن کڻي وڃي ٿو.
گجرن وارو تياري وٺي ٿو. کيس پڪ ٿي وڃي ٿي ته گجرون ضرور وڪامنديون.
”پئسا ته هت ڪو نه آهن.“ ڪجھ ڦڪائي سان پيءُ چوي ٿو.
”پر سائين گهرجن گهڻي جون؟“ گجرن وارو گراهڪ وڃائڻ نه ٿو چاهي.
”روپئي کن جون گهرجن پر........“
”پرواه ناهي، مان شام توهان جي گهر اچي وٺي ويندس.“
”تون مون کي سڃاڻندو آهين ڇا؟“
اٽلندو ٻار پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ٿو، ”سائين!ٰ مون کي نه ٿا سڃاڻو، مان جمال الدين جو پٽ آهيان.“
”ڪهڙو جمال الدين ؟“
”جمال الدين مستري سائين! هو جنهن جو ويلڊنگ جو دوڪان نه هوندو هو جاڙل شاه جي ڀرسان. او جيڪو اڳئين سال بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ ڪري گذاري ويو هو. مان ان جو پٽ آهيان.“
”هان، تون جمال الدين جو پٽ آهين!“ هو حيرت ۽ ڏک منجهان ٻارڙي ڏانهن ڏسي ٿو. پيءُ جي موت جو ذڪر ايندي ٻار اداس ٿي وڃي ٿو. هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي وڃن ٿا، جن کي روڪڻ لاءِ هو تڪڙيون تڪڙيون اکيون ڇنڀڻ لڳي ٿو، پر جڏهن ڳوڙها هن جي وس کان ٻاهر ٿي وڃن ٿا ته پگهر اگهڻ جي بهاني گوڏ جي پلئه سان منهن اگهي ٿو.
پيءُ هاڻي ساجد ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو ۽ گهورڙيو ٻار پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان چاقو کولي اخباري ڪاغذ جي ننڍڙي ٽڪر تي گجر جا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪٽي ساجد جي اڳيان رکي ٿو. ساجد ڏاڍي شوق منجهان بي فڪر ٿي گجر کائڻ لڳي ٿو. پوءِ گهورڙيو ٻار اتان اٿي ٿو. ننڍڙو معصومڙو ننڍي وجود تي ٿالھ جو وڏو بار کڻي گهلجڻ لڳي ٿو.
اوچتو پيءُ کي لڳي ٿو. پريان پگهريل ۽ ڪاراٽيل چمڙي ۽ گجرن جي ٿالھ جو بار کڻي هلندڙ ٻارڙو هن جو ساجد هجي، جو گهر جي ضرورتن جو شڪار ٿي، تتل ڏينهن ۾ هوڪا ڏيندو هجي. هن کي الائجي ڇو اهو ٻار ساجد جو مستقبل ٿو لڳي. شايد ڏک ۽ اندر جي ڪنهن اونهي عذاب کان دل ۾ وڍ پويس ٿو. هو ٿورو سُري ساجد کي ڳراٽڙي پائي ٿو ۽ ساجد اهو سمجهي ته بابو شايد گجر کائڻ ٿو چاهي، پيءُ جي وات ۾ گجر جو هڪ ٽڪر وجهي ٿو. پيءُ اوڇنگارون ڏئي ٿو.