اجهل هوا
پر هاڻ جڏهن ڌرتيءَ کان آسمان تائين مٽيءَ جا وڏا وڏا واچوڙا طوفاني شڪل اختيار ڪري چڪا آهن ۽ سڄاڻ چترڪار جي خوبصورت رنگن جهڙي ميرانجهڙي ڳاڙهاڻ ڌوڙ جي گهاٽن تھن وچ ۾ دٻجي سموري سندرتا وڃائي چڪي آهي، تڏهن بس ۾ ويٺل هر هڪ ماڻهوءَ جي چهري تي بيزاري جهلڪڻ لڳي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ماڻهو مٽيءَ جي چادر اوڙهيل ان گدلي گدلي آسمان ڏانهن ڏسي ٿو وٺي ۽ وري ساڳيا ئي اڻ وڻندڙ ڀاوَ منهن تي آڻي ڪپڙن ۽ انهن اندر پگهرجي ويل جسم مٿان مٽيءَ کي ڇنڊڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳي ٿو. مٽيءَ کان بچڻ لاءِ ڪجھ ماڻهو دريون بند ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري بس اندر سخت گهٽ ۽ ٻوسٽ ڦهلجڻ لڳي آهي، ۽ ان گهٽ کان بچڻ لاءِ ڪي ماڻهو درين کولڻ جي حق ۾ نظر اچن ٿا. جڏهن ته دريون بند ڪرڻ جي راءِ رکندڙ ڪجھ ماڻهن کي جسم تي چنبڙيل مٽيءَ کان ڏاڍي بڇان ٿي لڳي ۽ اهي دريون بند ڪرائڻ لاءِ هلڪو گوڙ ڪن ٿا.
بس اندر زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو سفر ڪري رهيا آهن. هر هڪ چاهي ٿو ته، ڪنهن نه ڪنهن نموني ان بور ڪندڙ سفر مان جلد نجات حاصل ڪري وٺي.
مين گيٽ جي لڳو لڳ ٻن ماڻهن جي ويهڻ واري سيٽ تي هڪ ناڪام فلمن جو فلاپ ايڪٽر ويٺل آهي. هن جي هٿ ۾ سستي معيار جو هڪ فلمي رسالو پڪڙيل آهي، جنهن جي هڪ صفحي کي هو بار بار ايئن اٿلائي پٿلائي ڏسي رهيو آهي، جيئن ڪو کڙپيل دڪاندار ڪنهن نوٽ کي باريڪ بينيءَ سان ڏسي اهو اطمينان ڪرڻ چاهيندو آهي ته ڪٿي کيس نقلي نوٽ نه مليو هجي. ٺيڪ اهڙيءَ ريت هو به رسالي جي هر صفحي کي بار بار اٿلائي پٿلائي ڏسي رهيو آهي. جنهن ۾ هن جي ايندڙ فلم متعلق هڪ ٻن انچن جيتري غير اهم خبر لڳل آهي. هن جي ذهن جي اسڪرين تي هڪ ڊائمنڊ جوبلي فلم هلي رهي آهي، جنهن اندر ملڪ جي سُپر هِٽ اداڪارن وچ ۾ هو لازوال پرفارمنس ڏيندي فن جي بلندين کي ڇهندو ڏسي رهيو آهي. اوچتو هن جي روئڻ جو ڪلوز اپ اسڪرين مٿان اڀرڻ لڳي ٿو ۽ هو خاص فلمي انداز ٺاهي، پنهنجي محبوبه کي ڏوراپو ڏئي ٿو. سندس کاڏي ۽ چپ ڏڪڻ لڳن ٿا. هن جو وات ”او“ چوڻ جي انداز ۾ گول ٿي وڃي ٿو ۽ ٻن ڀروئن جي وچ ۾ وڏي ليڪ اڀري هن جي اندر جي المناڪ ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لڳي ٿي ۽ انهي لمحي هو زمان ۽ مڪان جون سموريون حدون اورانگهي هلندڙ بس ۾ ئي خاموش ايڪٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ لڳي ٿو. هو بنھ روئڻ لڳي ٿو.
هن جي آڏو واري سيٽ مٿان کٿل کنڀن واري ولايتي ڪڪڙ سان مشابهت رکندڙ هڪ پوڙهي عورت ويٺي آهي، جنهن جي ٿلهي مٿي تان لڙڪندڙ ڳاڙهو ماس، سندس مالي خوشحاليءَ جي شاهدي ڏئي رهيو آهي.
پوڙهي عورت جي اڳيان هڪ بيروزگار شاعر ويٺو آهي، جو دريءَ منجهان روڊ جي ڀرسان گذرندڙ هڪ عورت کي ڏسي رهيو آهي، جنهن جي مٿي تي جهنگ جي ڪاٺين جي ڀري رکيل آهي. هو لاڳيتو عورت ڏانهن ئي ڏسندو رهي ٿو، جا اهڙي طوفان جي پرواه ڪرڻ بنا رڻ ۾ اڪيلي وڃي رهي آهي. جنهن جي اوسي پاسي جي هر شيءِ ۾ اڪيلائيءَ جو شديد احساس سمايل آهي. ڏور ڏور تائين سڃ ئي سڃ ڦهليل آهي ۽ انهيءَ خوفناڪ سڃ ۾ ڪاٺين جي ڀريءَ جو بار کڻي هوءَ زنده رهڻ جو جتن ڪري رهي آهي. شاعر هوا جي زور تي اڏامندڙ مٽيءَ ۾ گم ٿيل عورت ڏانهن لاڳيتو گهوريندو، هن جي حال، هن جي مستقبل تي لکڻ لاءِ اکيون پوري ڇڏي ٿو.
شاعر جي اڳيان واري سيٽ تي هڪ صحافي پنهنجي سنهڙي ڳچيءَ ۾ لڙڪيل وزني ڪيمرا ڏانهن ڏسي ٿو، جا بس جي ڌڏڪن ۾ هن جي جهول مٿان لڏي لمي رهي آهي. هو ڪيمرا جي چمڙي واري پٽيءَ کي پنهنجي آڱرين تي ويڙهي وري کولي ٿو ڇڏي. هن جي انهيءَ عمل مان هن جي ذهني بي چيني بکڻ لڳي ٿي. اوچتو هن جي نظر ڊرائيور جي ڀرسان واري سيٽ مٿان بيٺل هڪ نهايت ئي بي ڊولي شخص ڏانهن کڄي وڃي ٿي، ته کن لاءِ هن کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو، پر اهو ڇرڪ هن کان غلط فهميءَ وچان نڪتو آهي. اهو بي ڊولو ۽ ٿلهو شخص هن جي اخبار جو ايڊيٽر قطعي نه آهي، جنهن جي چهري تي هن ڪڏهن به مرڪ جهڙي ڪنهن شيءِ کي ناهي ڏٺو ۽ جو هن مٿان ان ڪري ڪڏهن به مهربان ناهي رهيو جو سندس چوڻ موجب، ”هو ڪم جو صحافي ناهي،“ ۽ واقعي هن جي ايڊيٽر جو اهو چوڻ غلط به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هو هيل تائين اهڙي ڪنهن به خبر هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، جنهن کي ”بينر هيڊ لائين،“ يا ”فرسٽ لِيڊ اسٽوريءَ،“ جو درجو مليو هجي. هن جو ايڊيٽر گهڻائي ڀيرا هن کي وارننگ ڏئي چڪو آهي ته هو پنهنجي ڪم مان کيس مطمئن ڪري، نه ته، ٻيءَ صورت ۾، هن جي جاءِ تي ڪنهن اهل شخص کي مقرر ڪيو ويندو. ”تڏهن هو ڇا ڪندو؟“ ۽ اهڙين گهڙين ۾ هميشه هو اداس ۽ پريشان ٿي ويندو آهي.
هاڻي ته سچ پچ هن کي پنهنجي پيشي کان نفرت ٿي وئي آهي. هو زندگيءَ ڀر خواب ئي ته ڏسندو رهيو آهي. سڀ خواب اڻ مڪمل، سڀ تصور ڀوائتي حقيقت ئي ته کڻي ٽٽا آهن، هن جي سامهون. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ناڪامي ملي اٿس ۽ تڏهن ئي شايد امتحان ۾ فيل ٿيندڙ شاگرد واري بي دليائي واسو ڪري ويئي آهي هن جي وجود ۾.
هاڻي هن کي انهن سڀني صحافين تي چڙ اچي رهي آهي، جيڪي هن جي منزل ڏانهن کنيل وکن ۾ هميشه ڏانوڻ بڻجي حائل ٿيندا رهيا آهن. چار ڏينهن اڳ جڏهن غير ملڪي سفير جي خوبصورت زال گم ٿي وئي هئي ۽ جڏهن ملڪ جي سڀني اخبارن ۾ ”اغوا“ واري خبر ”فرسٽ ليڊ اسٽوري“ ٿي لڳي هئي، تڏهن هن کي الائجي ڇو يقين ٿي ويو هو ته ان غير ملڪي عورت جي واپسيءَ واري خبر هن جي هٿان ئي ”فليش اپ“ ٿيندي. هن جي ڪيمرا مان نڪتل تصويرون ملڪ جي وڏين وڏين اخبارن ۾ شايع ٿينديون ۽ تڏهن هن جي ايڊيٽر کي پنهنجي ان راءِ کي بدلائڻو پوندو ته ”هو ڪم جو صحافي ڪونهي.“
۽ ان ڳالھ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن انٽيليجنس جي پگهاردار ملازم جيان ان عورت جي تلاش ۾ نڪري پيو هو. ٿاڻن کان آفيس، آفيس کان وري وڌايل سوشل ڪانٽيڪٽ ۾ گم ٿيڻ ۽ پريس ڪلب مان حاصل ڪيل راين ۽ اڳڪٿين جا تجزيا ڪرڻ، هنن جو معمول بڻجي ويو هو.
۽ نيٺ اڄ هن ايڊيٽر جي نالي ۾ آيل ٽيليفون تان اها خبر رِسيو ڪئي هئي. اها ٽيليفون اغوا ڪندڙن طرفان ڪئي وئي هئي، جن رضاڪارانه طور تي ان عورت کي ڇڏڻ جي هام ڀري هئي. تڏهن هو ڪيئن نه تيزيءَ سان ڏسيل ان ويراني ۾ پهتو هو، جتي سفير جي خوبصورت زال هن زندگيءَ جي اهم خبر بڻجڻ کان سواءِ ئي هلي وئي هئي. هو ڪڏيون نه خوشيون کڻي اتي پهتو هو ۽ هن جون اهي خوشيون ڪيئن نه پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان مختصر عمر جون ثابت ٿيون هيون. هو ناڪامي ۽ مايوسيءَ جو هڪ سوال بڻجي رهجي ويو هو، جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته هن کان اڳ ئي ملڪ جي ڪافي اخبارن جا عيوضي پهتا هئا، جيڪي خبرون ٺاهي ۽ تصويرون وٺي هليا ويا هئا. هينئر ان هنڌ تي هاريل پاڻي، سگريٽن جا ٽوٽا ۽ ڪيمرا جا رنگ برنگي خالي کوکا ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جيڪي ڄڻ ته ڪنهن شرارتي ٻار جيان هن جا ويچارا ڪڍڻ لڳا هئا ۽ تڏهن هو سڌو ان بس ۾ اچي چڙهيو آهي، جا طوفان سبب ٻه ڀيرا روڊ تي ڪجھ لمحن لاءِ بيهي رهي آهي. طوفان جو زور ڪجھ ساعتن لاءِ جيئن ئي ٽٽي ٿو ته بس وري هلڻ لڳي ٿي.
هاڻي هن کي ور ور ڪري ايڊيٽر جا سخت جملا ياد اچڻ لڳن ٿا، جن ۾ هن جي تمام گهڻي بي عزتي ڪيل هوندي آهي. هو اندران ئي اندران ان غم کان کاڄي رهيو آهي، ته ڪِرڙيءَ جي پيٽ جهڙي چهري وارو ايڊيٽر هن کي سخت لفظن ۾ تنبيھ ڪندو، ڪم چور چوندو، نا اهل چوندو ۽ پوءِ هن کي خاموشيءَ سان ڪنڌ جهڪائي ٻاهر اچڻو پوندو.
هو سوچي رهيو آهي ته جيڪڏهن هو ايڊيٽر کي پنهنجي ڪم سان متاٿر ڪري نه سگهيو ته هڪ ڏينهن ڪنهن بگڙيل ڪارٽون جهڙو چهرو کڻي هو ٻاهر نڪري ايندو. کيس نوڪريءَ مان ٻاهر ڪڍيو ويندو. انهيءَ ڳالھ تي هن کي سخت رنج ٿيڻ لڳي ٿو. ڪجھ لمحن لاءِ هو پنهنجي پويان ويٺل شخص ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو، جو زور زور سان کنگهي رهيو آهي. هن جي زرد چهري ۽ پهريل ڪپڙن مان هو ڪنهن مِل جو مزدور ٿو لڳي. سندس وڌيل ڏاڙهيءَ جي ڪارن ۽ اڇن وارن تي ڪپھ جي دز چنبڙيل آهي.
سنهڙو صحافي مل جي انهيءَ مزدور مان نظرون ڪڍي بس جي آڏو واري شيشي ڏانهن ڏسي ٿو، جتي جيئن پوءِ تيئن طوفان جو زور وڌندڙ محسوس ٿئي ٿو.
اوچتو سست رفتار هلندڙ بس اندر ويٺل ماڻهن جي چهرن سان مٽيءَ جو هڪڙو واچوڙو ٽڪرائجي وڃي ٿو، تڏهن ويٺل سڀئي ماڻهو منهن تي هٿ ڏئي مٽيءَ کان پاڻ کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا. پر هوا کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. بس اندر ويٺل ماڻهن مٿان جيئن پوءِ تيئن مٽيءَ جو وسڪارو تيز ٿي وڃي ٿو. امالڪ بس جي ڦيٿن مان چرڙاٽ نڪرن ٿا. هڪدم بريڪ لڳڻ سبب ماڻهو پنهجي سيٽن تان اٿل کائي پاسي وارين درين سان ٽڪرائجي وڃن ٿا. هوا جي زوردار حملي سبب ورهين کان بيٺل هڪ جهونو وڻ رستي جي وچ ڏانهن ڪرڻ لڳي ٿو. هوا رڙيون ڪندي، سامهون ايندڙ هر شيءِ سان ٽڪرائيندي ايئن ڌوڪيندي پئي وڃي ڄڻ ته مڇريل هاٿين جي وڏي اٽالي پٺيان ڪي شڪاري ٻرندڙ اُماڙيون کڻي ڊوڙندا هجن. هوا جي شدت سبب ڪمزور ۽ سڪل وڻ پاڙن سوڌا اکڙجڻ لڳن ٿا.
پوئتي ڇڏي آيل مسافرن جي ذهنن کان تيز ڊوڙندڙ هيءَ هوا لڳي ٿو ڄڻ ڪڏهن نه ختم ٿيڻ لاءِ ڌرتيءَ جي سيني تي لهي آئي هجي. تيزيءَ سان ڊوڙندڙ هوا جي لپيٽ ۾ هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ اچي وڃي ٿو. هوا جي بي پناھ ڊوڙ سبب گهرن جا در، دريون ۽ ڪانن مان بڻايل پترون کَڙڪي رهيون آهن. گهرن جا در زور زور سان کلي رهيا آهن ۽ ساڳي ئي زور سان بند ٿي رڙيون ڪري رهيا آهن.
هوا هڪ ڪچي گهر جي صفحي منجهان داخل ٿئي ٿي. گهر جا رهواسي ڪوٺيءَ ۾ رکيل ٻن کٽن تي خاموش ويٺل آهن. سڀني جا منهن لٿل آهن. هڪ پوڙهو شخص، جنهن جي ڳالهائڻ ڪري اڇن وارن سان جهنجهيل کاڏي ڏڪي رهي آهي، سو هيٺ جهڪي کٽ تي ستل ٻارڙي کي چمي ڏئي ٿو.
”مڙس ٿجانءِ شَبن.....يَر سڀاڻي تائين......“ هن جو آواز شديد غم وچان ڦاسي پوي ٿو. ”صبح ٿيڻ ڏي شبن....اڙي وڏي کان وڏي ڊاڪٽر وٽ وٺي هلندو سانءِ........تنهنجو علاج.....“
”پر بابا...........؟“ پوڙهي جي ڀر ۾ ويٺل اداس سنڌوءَ جهڙي اکين واري ڇوڪري هڪ لمحي لاءِ چپ کولي ٿي ۽ وري ماٺ ٿي وڃي ٿي. پوءِ هوءَ پنجن سالن جي بيمار شبن ڏانهن فقط اڻتڻ وچان ڏسڻ لڳي ٿي.
”پر ڇا.......؟“ پوڙهي کي ڏک سان گڏ ڪاوڙ اچي ٿي. هن جي اڇن وارن سان جهنجهيل کاڏي اندر جي ڪنهن اونهي عذاب کان وڌيڪ ڪنبڻ لڳي ٿي. عمر جي لڳل جهولن سبب ڪاراٽجي ويل منهن ۾ رت مڙي اچيس ٿو. ”ويھ ورهيه اڳ جڏهن اُرڙِيءَ مان بدلي هئينءَ.......تڏهن ڪير هو.......جيڪو تنهنجي مٿان گهول ويندو هو........ڪير ڀڳو هو حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن ڏي.........“ هن کي کنگھ جو هڪ دورو پئجي وڃي ٿو. تڏهن هوا جو هڪ بي لغام جهوٽو اندر گهڙي اچي ٿو ۽ جاري ۾ رکيل لالٽين جي زرد روشنيءَ ۾ نظر ايندڙ ڌنڌلا ڌنڌلا چهرا اونده ۾ گم ٿي وڃن ٿا.
ننڍڙي شبن جا ڊگها ڊگها ساه گهري اونده ۾ جاري آهن. ٿڪل ماڻڪين واري جهور پوڙهي سان عمر ڀر جو ساٿ نڀائيندڙ پوڙهي عورت جهٽ ۾ قرآن واري جاري ڏانهن وڌي وڃي ٿي. هوا جي زور سان صفحي جي درن جا طاق پاڻ ۾ ٽڪرائجي آواز پيدا ڪرڻ لڳن ٿا. هوا کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي......
هوا هڪ وڏي شور سان هڪ ٻئي گهر جي روشن دان مان اندر ڪاهي ٿي اچي.
”امان ..... او امان.......“ هڪ ٻارڙو هڪ نوجوان عورت جي چوليءَ کي پنهنجن پتڪڙن هٿن سان سٽون ڏئي ٿو. هن جو ڌيان دل جي ڪنهن ننڍڙي خواهش ڏانهن ڇڪائي ٿو. هو ڏاڍو بيتاب نظر اچي ٿو.
”ائي امان ٻڌين نه ٿي .......؟“
”ڇاهي .......ڇا تي مٿو ٿو هڻين.....؟“ عورت چڙ ۾ چوي ٿي. ”ٻاهر ڏس ته سهي.......ڪيڏي نه غضب جي انڌاري آهي.........اي رب منهنجا تون ٻاجھ ڪر............“ هوءَ گهٻراهٽ وچان رب کان دعا گهري ٿي.
”امان.......اون.....اونهون.....جيجڙِي امان...... ٻڌنِي...........“ ٻار چلولائي سان چوي ٿو، ”امان ٻاهر وڃان......“
”اڙي...........اڙي لخ لعنت ٿئي..............“ ڀونڊو، جيڪو نفرت جي علامت آهي، کلي ٿو پر ان ۾ به ٻار لاءِ ڪا ڌڪار ناهي........ڪا نفرت ناهي.......... ”اسان جا ٿا ڏوھ ڏڪن ۽ هن ڇوري کي ڏس ته سهي، ڪيڏي نه هورا کورا آهي.......“ اوچتو ٻاهريون در زور زور سان کڙڪڻ لڳي ٿو ۽ ماءُ بي خيالي وچان چوي ٿي، ”وڃ ٻاهر ڏس شايد پڻهين آيو آهي.....“ ٻار خوشيءَ وچان ماءُ جي ڀر مان ٽپ ڏئي ٿو، ”تون ويھ .......... مان پاڻ ٿي وڃي ڏسانس...........“ ماءُ جي آواز سان خوشيءَ ۾ ٽمڪندڙ ننڍڙيون اکيون وري اداس ٿي وڃن ٿيون. ماءُ ٻاهر اچي ٿي هوا ۾ مليل ڌوڙ هن جي منهن ۾ زور سان لڳي ٿي ۽ انهيءَ لمحي در زور سان کلي وري بند ٿي وڃي ٿو. هوءَ زور زور سان کڙڪندڙ در ٻيهر بند ڪري اندر اچي ٿي ۽ لٿل منهن واري ٻارڙي کي هنج ۾ کڻي هن جي مٿي تي هٿ گهمائڻ لڳي ٿي. سندس دل ڪنهن اڻڄاتل خوف کان زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي ٿي.
ٻارڙو وري هڪ نئين خواهش جي پورائي لاءِ ماءُ جي خوف ڀريل اکين ۾ ڊپ کان بي نياز نظرون وجهي ٿو. ”امان.....“
”هون......“
”ڀلا ماني ڏي......“
خاموشي.....
”ڏي نه ماني........ نه ته مان ٻاهر ٿو وڃان.........“
ماءُ جي لهجي ۾ ممتا وارو پيار اوتجي اچي ٿو، ”ماني.......ماني کوڙ پنهنجي بابلي کي...........“ مٿي تي هٿ گهمائي چمي ڏئيس ٿي. ”ٿورو ترس مٺا.........پڻهين سيڌو وٺي اجهو آيو.......۽ پوءِ............“ در وري کڙڪڻ لڳي ٿو. بي خياليءَ وچان ڳالهائڻ، ”ڏس شڪيل........هاڻي پڻهين ضرور آيو هوندو..........وڃ در کولينس.......“ ٻار وري ٽپ ڏئي ٿو. ماءُ جي آواز ۾ هڪدم خوف ڀرجي وڃي ٿو، ”نه ٻاهر نه وڃجانءِ.............ٻاهر سخت طوفان هلي رهيو آهي......ننڍڙين اکين ۾ مٽي پئجي ويندءِ.....“ ٻار هڪ ڀيرو وري اداس ٿي ماءُ کي ٻاهر ويندو ڏسي ٿو. هوءَ ٻاهر اچي ٿي. پر در تي ڪو به موجود ناهي. امالڪ مٽيءَ جو هڪڙو تيز واچوڙو هن کي وڪوڙي وڃي ٿو، هوا کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي.....
هوا ڪنهن ڀڳل بند مان نڪتل پاڻيءَ جيان هر شيءِ کي پنهنجي تيز وهڪري سان ڌوڪيندي پئي وڃي، ڌوڙ ئي ڌوڙ پکڙيل آهي هر طرف.........
هوا تيزيءَ سان هڪ بند ٿيل دروازي جي چير مان اندر گهڙي وڃي ٿي. سامهون بيزار بيزار چهرن وارا ڀاتي هڪٻئي ڏانهن تڪي رهيا آهن.
”نه ٿي گهرجي اهڙي مائٽي.......“ هڪ نوجوان سٺ واري بلب جي روشنيءَ ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ سان مخاطب آهي، ”روز ڏس ته نيون ڳالهيون.....آخر ڇا سمجهيو اٿئون اسان کي......“
”آهستي ڳالهاءِ....... مان چوانءِ ٿي آهستي ڦاٽ......“ هڪ اڌڙ عمر واري عورت، جا کاڏيءَ تي هٿ رکي بيزار بيزار ويٺي هئي، اوچتو ڏند ڪرٽي ڳالهائڻ لڳي ٿي، ”ڏسين به سهي ٿو، ته وچ ۾ رڳو هڪ ڀت آهي......جي پريان ڪنهن ٻڌي ورتو ته ڪير وسائيندو ان مچ کي.....“
”تو ئي ته سڀني جو نڪ ٻوڙيو آهي.....“ نوجوان سخت ڪاوڙ مان ماءُ ڏانهن نهاري چوي ٿو، ”رڳو ٻه ڏينهن جيڪڏهن زبان بند رکين ته قرآن جو قسم آ......اهي گيسيون پائيندا، در تي اچي آڻ مڃني ..... پر ڪير سمجهاءِ تو کي ...... ٿي پئي آن ماءُ ماتا نه ته .......“
”ٺهيو ٺهيو.........جيڪا وري تو ۾ بردباري آهي........ان جي به ڏيھ کي خبر آهي.......اڙي ڪير ويو هو ناس پتو ٻوڙي شاهوءَ کي ايلاز ڪرڻ ..... ڪنهن ٻانهون ٻڌي پٽڪا ميڙ ڪئي هئس ...... مان يا تو.....“
”ڪير ٿو چوي ..... ظاهر ڪرينس ته ڪڍانس ته آنڊا........“
”بڪ نه ڪر بيهودا........“ ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي آهليل پيلي چهري وارو بيمار شخص اٿي ٿو.
”تون آن بيهودو ....... “ نوجوان جو نئون رت جوش ۾ اچي وڃي ٿو.
”اڙي............“ بيمار چهري وارو وڏو ڀاءُ ٿڙندڙ قدمن سان وڃي لٺ کڻي ٿو.
”او ابا.......“
”او ادا....... ٻيلي خدا جو واسطو اٿئي ...........“ گهر جون پريشان عورتون ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃن ٿيون.
طوفان نه صرف پنهنجي آڏو ايندڙ هر شيءِ کي ڊاهيندو اڳتي ڌوڪيندو پيو وڃي، پر ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي رشتن جون ديوارون به ان طوفان ۾ ڪري رهيون آهن. ڊهي رهيون آهن ۽ هوا کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي......
هوا جي ارڏائي سبب ڳوٺ جي خاموش گهٽين ۽ گهرن مان رڙين جون صدائون بلند ٿيڻ لڳن ٿيون، ٻارن ۽ عورتن جون آسمان جي سيني ڏانهن ويندڙ آهون ۽ دانهون جاري آهن ۽ هوا مڇريل هاٿين جي ٽولي جيان سڀڪجھ لتاڙيندي پئي اچي. هن جي بي رحم حملي سبب ڪچن گهرن جون ڇتيون رڙيون ڪرڻ لڳن ٿيون. بجليءَ جا ٿنڀا ڌرتيءَ جي سيني تان اٿيل مٽيءَ جي طوفان ۾ زور زور سان لڏڻ لڳن ٿا. گهرن ۾ بيٺل وڻ ڌرتيءَ ڏانهن نوڙي گهرن ۾ رهندڙن تي موت جهڙي هيبت طاري ڪن ٿا. ماڻهو ٻي واه نه ڏسي قرآن شريف کڻي بيهن ٿا.
هڪ گهر ۾ بيٺل کجيءَ جو پراڻو وڻ وڏي ٺڪاءَ سان ڪري ٿو. گهر ۾ رهندڙ هڪ ماءُ جي هنج ۾ جهليل ٻار طوفان جي ان ڏاڍ کي آخري ڀيرو ڏسي ٿو. زخمي ماءُ چرين جيان رڙيون ڪرڻ لڳي ٿي. اوچتو انسانن ۽ بي جان قوتن جي وچ ۾ مهاڀاري جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. هڪ ڪکائين گهر جي مٿان بيٺل طاقتور پول هوا جي آڏو ڪمزور بڻجي وڃي ٿو ۽ ڌڙام ڪري ٻن گهرن مٿان ڪري ٿو ۽ تڏهن گهر ۾ ماڻهن جا هراسيل ڪيئي آواز گونجن ٿا. انساني زندگيءَ آڏو موت جو رقص شروع ٿي وڃي ٿو. اليڪٽرڪ تارن جي وجود مان اٿيل باھ جا اُلا چوطرف ڦهليل ڪانن ۾ باھ جو هڪ سمنڊ پکيڙي ڇڏين ٿا. لمحن جي وڇوٽيءَ ۾ هيڏو سارو ڳوٺ باه جي ڀڀ ۾ اچي وڃي ٿو، گهر گهر ۾ قيامت جو دونهو لهي اچي ٿو، دونهي جي وچ ۾ گهٽيل، دانهون ۽ باھ جي ڄر ۾ سڙندڙ ماڻهن جون خوفناڪ رڙيون ۽ ڪوڪون.
سڙندڙ ڳوٺ کان پريان روڊ جي سيني تي بس جي ڦيٿن مان بريڪ لڳڻ ڪري چرڙاٽ ٿئي ٿو. ڊرائيور بس جي گرم ٿيل مشين کي ڪجھ لمحن لاءِ بند ڪري ٿو. بس ۾ ويٺل ماڻهو چهرن تي عجيب عجيب ڀاوَ آڻي سڙندڙ ڳوٺ مان اٿيل دونهي ڏانهن ڏسڻ لڳن ٿا. جنهن ۾ انساني جسمن جي سڙاند ڦهلجي وئي آهي. سيٽن جي ڀرسان بڻايل شيشن وارين درين مان ماڻهو منڍيون ٻاهر ڪڍي انسانن ۽ باھ جي وچ ۾ ڇڙيل ڇتي ويڙه متعلق ڳالهيون ڪن ٿا.
”هيءَ باھ ڳوٺ جي هر فرد کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.........“ فلاپ ايڪٽر هڪ ماڻهوءَ جي ڪلهي ۾ هٿ وجهي پنهنجي ڳالھ جاري رکي ٿو، ”تو ٽاورنگ انفرنو فلم ڏٺي هئي.......؟“
بس جي وچ ۾ مسافرن جي رکيل سامان ۾ ڦاٿل سنهڙو صحافي اوچتو چرڪ ڀري ٿو. ڏور سڙندڙ ڳوٺ مان ماڻهن جون رڙيون اڃا به تيز ٿي وڃن ٿيون. صحافي پنهنجي سنهڙي ڳچيءَ ۾ لڙڪيل وزني ڪيميرا ڏانهن ڏسي ٿو. هن کي لڳي ٿو ته هو جنهن خير لاءِ هڪ عرصي کان ڀٽڪيو آهي. اها هن کي انهيءَ سڙندڙ ڳوٺ مان ضرور ملي ويندي.
ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو. ان مهل سنهڙو صحافي بي ترتيبيءَ سان ٽڙيل پکڙيل سامان مان پاڻ ڪڍي ڊرائيور جي سيٽ ڏانهن وڌي وڃي ٿو. ڊرائيور گيئر بدلائڻ لاءِ هٿ کي حرڪت ۾ آڻي، بس ۾ ويٺل ماڻهن جي چر پر معلوم ڪرڻ واري پنهنجي مٿان لڳل آئيني ۾ ڏسي ٿو. صحافي ڊرائيور سان مخاطب ٿئي ٿو، ”استاد!.......ڪجھ گهڙين لاءِ گاڏي روڪيو.“
هڪ پل لاءِ ڊرائيور ڪو به جواب نه سوچي هن ڏانهن ڏسي ٿو.
”ڇا استاد !................توهان گاڏي روڪي نه ٿا سگهو.“
”پر ڇو روڪجي بابا.............!“
سڙندڙ ڳوٺ مان ماڻهن جون دانهون ۽ ڪوڪون اچڻ جاري آهن. هراس ۽ دهشت ۾ ٻڏل آواز هوا سان شامل ٿي بس ۾ ويٺل ماڻهن جي ذهنن سان ٽڪرائجي رهيا آهن.
”انهن ماڻهن لاءِ.....استاد!......انهن ماڻهن لاءِ........“
ڊرائيور بدران فرنٽ سيٽ تي ويٺل هڪ شخص ڳالهائي ٿو، ”انهن سان همدردي ڪرڻ جو تو واھ جو دڳ ورتو آ......يعني روزي رکڻ جو شوق هجي توکي ۽ احترام ۾ پاڻي ۽ ماني وري اسان جو بند ٿئي......“
هو ان ماڻهوءَ کي جواب نه ٿو ڏئي. ڊرائيور سان ڳالهائي ٿو، ”استاد!.............. مان هڪ اخبار جو صحافي آهيان ........اها ڳالھ منهنجي ذميوارين ۾ شامل آهي ته مان انهن بي پهچ ماڻهن جون تصويرون ڇڪي حڪومت جو ڌيان انهن جي تباهيءَ ڏانهن ڇڪرايان .......همدرديون پيدا ڪريان .......استاد! هي هڪ انساني مسئلو آهي ......ڪجھ منٽن لاءِ استاد......رڳو ڪجھ منٽن لاءِ گاڏيءَ کي بيهاريو.......“
بس ۾ ويٺل ماڻهو، بس کي هلائڻ لاءِ ”ڊبل ڊبل“ چئي درين کي ڌڪ هڻن ٿا. ڏسندي ڏسندي بس اندر هڪ شور وڌي وڃي ٿو. جنهن ۾ سنهڙي صحافي جو آواز دٻجي وڃي ٿو، هو اڪيلو رهجي وڃي ٿو ۽ ان اڪيلائي جي احساس سبب هو ڏاڍو ککو وکو ٿي وڃي ٿو.
گاڏيءَ جي انجڻ مان ڪَلچ تي پير جي دٻاءُ سبب ڪجھ آواز نڪرن ٿا. اوچتو ڊرائيور ڪجھ سوچي ڪَلچ تان پير هٽائي گاڏي بند ڪري ڇڏي ٿو، ”ٺيڪ آهي........تون وڃ.....“
گاڏي بند ٿيڻ سان گاڏيءَ ۾ شور وڌي وڃي ٿو.
”گاڏي نه هلندي........“ ڊرائيور پنهنجي سيٽ تان اٿي ٿو. ”هي صحافي جيستائين نه موٽندو ...... گاڏي نه هلندي.......“ هو پنهنجو فيصلو ويٺلن تي مڙهي ٿو.
ڊرائيور جو بدليل لهجو ڏسي مجبور ٿي ماڻهو آهستي آهستي خاموشي اختيار ڪن ٿا، پر آخري سيٽ تي ويٺل ٽي فيشن ايبل نوجوان ساڳيءَ طرح ”ڊبل اي....ڊبل اي....“ چوندا رهن ٿا. انهن جي گوڙ جو ڊرائيور مٿان ڪو به اثر نه ٿو ٿئي. هو صحافيءَ سان گڏ هيٺ لهي اچي ٿو.
”اچڻ جي جلدي ڪجانءِ......هتي جو حال ڏسيو ٿو وڃي.......“
صحافي شڪر گذار نظرن سان سندس ٿورو مڃي ٿو ۽ پوءِ سڙندڙ ڳوٺ ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو. هن جي چهري تي اهڙو ٺهر ڦهليل آهي، جهڙو ڪنهن وڏي پهاڙ کي سر ڪندڙ اڳواڻ جي چهري تي هوندو آهي. هو انهيءَ پهاڙ کي سر ڪرڻ لاءِ چند وکن جي فاصلي تي پهچي وڃي ٿو. باھ ۽ طوفان جي حملي هيٺ پيڙجندڙ ماڻهن جون رڙيون ۽ دانهون ٻڌندو هو هڪ گهر جي آڏو بيهي رهي ٿو. باھ جي جسم سان ساڙيندڙ ڄر سبب هن جي چهري تي ڪجھ کنن لاءِ ايذاءَ جا گهنج پئجي وڃن ٿا، پر پوءِ جڏهن هڪ جهور پوڙهو چرين جيان هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڏانهن ڊوڙڻ لڳي ٿو، تڏهن صحافيءَ جي چهري تي باھ جي تپش کان وڌيڪ ان ڳالھ جي ڪري ڳڻتي ظاهر ٿئي ٿي ته هو، ان بدحواس پوڙهي کي ڪنهن ريت ڪيميرا جي زد ۾ آڻي سگهي. پوڙهو باٽليون کڻي ڊوڙندڙ ماڻهن جي آڏو ليلائيندو رهي ٿو، ”اڙي منهنجو بيمار شبن .....اڙي منهنجي شبن کي ڪو بچائي.....“ اوچتو هڪ لمحو اهڙو به اچي ٿو، جڏهن اهو پوڙهو ماڻهن آڏو آزي نيزاري ڪرڻ بجاءِ سڙندڙ گهر ۾ ڪاهي پوي ٿو، پر هو جيئن ئي اٻهرائيءَ مان وڌي ٿو ته هن جي اڳيان ڪريل بجليءَ جون ننگيون تارون هن جو دڳ روڪي ڇڏين ٿيون. ماڻهن جي رڙين ۽ دانهن ۾ هڪ وڏي دانهن جو اضافو ٿئي ٿو ۽ هو انهن خوني تارن مٿان ڦٿڪڻ لڳي ٿو. ڦٿڪندڙ پوڙهو ”ڪلڪ“ ڪري ڪيميرا ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو.
صحافي پريان کان نظر ايندڙ هڪ نوجوان عورت ڏانهن ڏسي ٿو، جا ڌرتيءَ تي پلٿي ماري پار ڪڍي روئي رهي آهي. صحافي هن ڏانهن وڌي وڃي ٿو ۽ پوءِ خبر ناهي الائي ڪهڙي جذبي کان ان روئيندڙ عورت جو فوٽو ڪڍي ٿو.
صحافي هڪڙي سڙندڙ جهڳيءَ ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جتي ماڻهو مشين واري چر پر سان پاڻيءَ جون ٻاٽليون هاري رهيا آهن. انهن ماڻهن کان پر ڀرو هڪ ننڍڙو ٻار، جو شايد پنهنجي ماءُ جي چولي کي پنهنجن پتڪڙن هٿن سان سٽون ڏيڻ ٿو چاهي، جو باھ ۽ طوفان جي هن ڏاڍ ڏانهن پنهنجي ماءُ جو ڌيان ڇڪائڻ ٿو چاهي، ڏاڍي بيوسيءَ وچان روئي رهيو آهي. زنجيرن جهڙو مضبوط رشتو ڪڙيون ڪڙيون ٿي انهيءَ جهڳيءَ ۾ سڙي رهيو آهي ۽ ٻار انهيءَ ڏاڍ خلاف دانهون ڪري رهيو آهي. انهيءَ ٻارڙي اوچتو ڪيميرا جي وات مان ”ڪلڪ“ جو آواز ٻڌي ورتو آهي ۽ الائي ڪهڙي ڳالھ کان هراسجي ماڻهن ۽ باھ جي شور کان دور ڀڄڻ لڳو آهي.
ماڻهو جيئن پوءِ تيئن انهيءَ بي قابو ٿيندڙ باھ مٿان بالٽيون پاڻيءَ جون هاري رهيا آهن. باھ جو دوزخ هوا جي زور تي هڪ گهر کان ٻئي گهر ڏانهن ڦهلجي رهيو آهي.
ماڻهن سان گڏ گهرن ۾ رهندڙ چوپايو مال به دانهون ڪندي بدحواسيءَ ۾ ڊوڙندي نظر اچي ٿو، صحافي هڪ ماڻهوءَ کان باھ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هن کي روڪڻ ٿو چاهي. پر اهو ماڻهو بيهڻ بدران زري گهٽ هن کي ڪيريندو هڪ پاسي ڊوڙي وڃي ٿو. هو پاڻ سنڀالي هڪ ٻئي شخص ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جنهن جو گهر مڪمل طور تي باھ جو کاڄ بڻجي ويو آهي ۽ هو اڌ بچيل سامان ڏانهن ڏک ۽ اچرج ۾ ڏسي رهيو آهي.
صحافي ان شخص کان به سبب معلوم ڪري نه ٿو سگهي ۽ ان کي به غمن جي غفائن ۾ اڪيلو ڇڏي اڳيان وڌي ٿو اچي.
رستي تي بيٺل بس جو هارن زور زور سان صحافيءَ کي سڏڻ لڳي ٿو. جواب ۾ هو هڪ اگهاڙي گار بس ڏانهن منهن ڪري ڪڍي ٿو ۽ پوءِ هڪ پريشان عورت ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جنهن جي گهر جي هر شيءِ سڙي ويئي آهي، هوءَ فقط هٿن ۾ جهليل قرآن شريف بچائي سگهي آهي.
”ڪلڪ“.
صحافي ڪيميرا هٿن ۾ لڙڪائي هڪ ٿڪل اکين واري پوڙهي عورت ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جا بنا ڪنهن روڄ راڙي جي باھ ۾ سڙندڙ گهر ڏانهن خالي خالي نظرن سان ڏسي رهي آهي. هوءَ موهن جي دڙي جي اسٽوپا جيان اداس بيٺي آهي. صحافيءَ کي پهريون ڀيرو ان ساڪت ٿيل پوڙهي عورت مٿان حيرت ٿيڻ لڳي ٿي، جنهن جي گهر جي هر شيءِ سڙي رهي آهي، پر هوءَ ان تي ڪا دانهن نه ٿي ڪري. صحافي هن جي بلڪل ويجهو اچي وڃي ٿو، ”امڙ ..... اهو ٻڌائيندينءَ ته هيءَ باھ ڪيئن لڳي.....؟“
....... خاموشي.
”امڙ! ...... هي سڀ ڪجھ ڪيئن ٿيو .... ؟“
پوڙهيءَ جا پهريان چپ لڏن ٿا ۽ پوءِ کاڏي. اکين ۾ ڀريل ٻه ھوڙها ليڪا ٺاهي هن جي گهنجن واري چهري ۾ لڙي پون ٿا. پوڙهي ٽٽل لهجي ۾ چوي ٿي، ”بجليءَ جي ٿنڀي هي ڀڀڙ ٻاريو آ ابا ...... بجليءَ جي ٿنڀي......!“ ڪجھ لمحن لاءِ ان گهر ڏانهن خالي نظرن سان گهوري هوءَ واري خاموش ٿي وڃي ٿي.
صحافي مڪمل خبر وٺڻ لاءِ ان عورت کي کولڻ چاهي ٿو، ”امڙ! تون اهو ٻڌائيندينءَ ته تنهنجو هن گهر ۾ ڇا ڇا سڙيو آهي.....؟“
پوڙهي چپ ڀيڪوڙي ڪنڌ جي اشاري سان ننهڪر ڪري ٿي ۽ پوءِ اوچتو ڄڻ ته ٻرندڙ جبل ڦاٽي پوي ٿو. هوءَ رنڀون ڪري رو؟ن لڳي ٿي. صحافيءَ کي معلوم ٿي نه ٿو سگهي ته اها عورت حل نه ٿيندڙ مئٿميٽڪ جي سوال جيان ڇو ٿي وئي آهي. هو ان کي ساڳئي حال ۾ ڇڏي سامهون واري گهر ڏانهن وڌي وڃي ٿو، جنهن جي ڊهي ويل ديوار ڀرسان هڪ نوجوان بيهوش پيو آهي. صحافي ڪيميرا سنڀالي ٿو.
”ڪلڪ“. بس هڪ دفعو وري زور زور سان هارن ڏئي ٿي ۽ پٰو تيزيءَ سان رستي جي سيني مٿان ڊوڙڻ لڳي ٿي. صحافي حيران ۽ پريشان ڊوڙندڙ آخري بس پٺِان هٿ لوڏي ڊوڙڻ لڳي ٿو، پر بس بيهي نه ٿي، ويندي رهي ٿي.
هو شهر ڏانهن ويندڙ روڊ ۽ سڙندڙ ڳوٺ جي وچ واري حصي تي پهچي ويو آهي. ڳوٺ مان ماڻهن جون وحشتن ۾ ٻڏل دانهون ۽ ڪوڪون اڃا به جاري آهن. جاين جي ڪرڻ جا آواز ۽ ماڻهن جو شور اڃا پڙاڏجي رهيو آهي، پر هاڻ صحافيءَ کي انهن آوازن سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي. هن کي ان ڳالھ جو فڪر آهي ته هن جي هيءَ خبر به هن کان اڳ ئي ”فليش اپ“ ٿي ويندي.