ميران مُئي کان پوءِ
ڏهه ڏينھن اڳ جڏهن ميران وٽ رکيل پئسن مان پنج رُپيا آفيم لاءِ گهُرڻ لڳو هو تڏهن ميران چيو هُئس علوءَ جا پيءُ! ڪُجهه هونش ڪر! ٻه هزار مٿان قرض بيٺو آهي. ٻارن کي ڏس لِڱن تي لَٽو به ناهي! انھن جو ايترو به خيال نه اٿئي جيترو آفيم جو!
ميران جو ايترو چوَڻ ۽ پيرل جو هٿ هڪ دم وڃي ميران جي وارن ۾ پوَڻ! ڇڪي ٻيڻو ڪري ڇڏيائينس. ميران پاڻ ڇڏائڻ چاهيو.
پيرل مڇربو ويو. اکيون ڀوائتيون، وات گِڦ! اصل چريو ٿي پيو هو. ڪميڻي! مُون کي ٿي مھڻا ڏين. گهڻا گهُمرا سمجهايو ٿيمانءِ ته گهُري موچڙا نه کائيندي ڪر!
هُو ميران جا وار ڇڏي ڀت جي ڪُنڊ ۾ رکيل ڪپڙن ڌوئڻ واريءَ سوٽيءَ ڏانھن ڀڳو. سوٽي کڻي اچي ورتائينس. هڪ زومائتي سوٽي لڳڻ سبب ميران ڪُسندڙ ڍور جيان رَنڀ ڪئي. ائي ابا ڙي! ۽ پيرل ڪُجهه سوچي، سوٽي ڦٽي ڪئي. پوءِ ڌڪن مُڪن ۽ وري لتن سان ورتائينس ۽ هوءَ فوٽ بال جيان ٿُڏبي رهي. ميران هميشه جيان صبُر سان ڪُٽبي رهي ۽ هميشه جيان روئي کڻي رڇ ڀريائين.
اُن ڏينھن پيرل هن کي ڌرتيءَ تي اڌ مُئل ڇڏي، ڪٻٽ مان وڃي پئسا کنيا ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻاهر نڪري ويو. تڏهن ميران ڏند ڪرٽي اُڇنگار ڏني هُئي. ماريا شل ڪو مُنھنجو صبُر پُڄندئي. هوءَ رِڙهندي ڪِنجهندي کٽ ڏانھن وڌي وئي هُئي.
اها مار ميران لاءِ ڪا نئين ڳالھه ڪانه هُئي. ٻيو ته ٺھيو پر هر عيد تي جڏهن گهر گهر خوشين جي ورکا ٿيندي هُئي تڏهن به ميران بي زبان جانور جيان ڪٽبي هُئي. تڏهن به هُن جي گهر ۾ ڪنھن نه ڪنھن بھاني روڄ راڙو ضرور ٿيندو هو. هُن جا ٻار، جيڪي مھيني کان عيد اچڻ جا ڏينھن ڳڻيندا هُئا اُهي اُن ڏينھن گهر جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ مُنھن ڀيلو ڪري ويھي رهندا هُئا. تڏهن ميران ٻارن جا لٿل مُنھن ڏسي، دل ۾ جهير پوَندا محسُوس ڪندي هُئي.
هوءَ چاهيندي هُئي ٻارن کي سڄي جڳ جون خوشيون ڏئي پر هُن وٽ رُڳو نه کُٽندڙ غمن جا انبار هُئا. هوءَ ٻارن کي خوشيون ڏئي نه سگهندي هُئي ته پنھنجي نصيب تي روئي پوَندي هُئي. گُذريل عيد تي پيرل جيئن ئي نماز پڙهي گهر آيو هو ته ڏٺو هُئائين، ديڳڙو اڃان دم تي هو، اڃان ڪُجهه گهڙيون هُيون چانورن رَڌجڻ ۾! پيرل جي نظر ۾ اها ميران جي وڏيءَ ۾ وڏي غلطي هُئي جنھن کي معاف ڪرڻ هُن جي اصُول جي بلڪُل خلاف هو. هُن کي هڪ دم باهه لڳي وئي. ٻه چار ڪچيون گاريون ڏئي، ديڳڙو کڻي اُونڌو ڪيائين. رڌل چانوَر ڌرتيءَ جي نذر ٿي ويا، جن منجهان نظرون ڪڍي ٻار پيءُ جي ڪاوڙيل چھري ڏانھن ڊنل نظرن سان ڏسڻ لڳا هُئا.
ذليل! مان وڃي ماڻھين جي گهر روزو کوليان؟ کٽ جو ڀڳل پائو کڻي اچي ورتائينس. پوءِ جڏهن مار ڏئي توائيءَ مان گهر کان ٻاهر نڪري ويو هو ته ميران پويان چيو هو مُئا! شل ڪاريءَ واءَ جي جي سَٽ ايندئي.
ڪاريءَ واءَ جي سٽ پيرل کي ته نه آئي پر ميران پاڻ ئي هيءُ جڳ ڇڏي هلي وئي. ڇھه ڏينھن اڳ ميران کي ٻار ڄائو هو ۽ جنھن ڏينھن هُن جي ڇَٺي هُئي اُن ڏينھن ميران مري وئي.
ٽئين ڏينھن جي ئي ته ڳالھه آهي جو ميران پيرل کي چيو هو علوءَ جا پيءُ! دائيءَ چيو آ ته مُون کي ذرڪان ٿي پيو آ، تڏهن سُڄي پئي آهين.
تڏهن پيرل چڙي پيو هو. چيو هُئائين مَڪر ڇڏ! مڪر ڇڏ ته وٺانءِ نه سوٽن سان!
۽ هُن وڌيڪ نه ڪُڇيو هو. ان ڏينھن کان پوءِ سندس حالت وئي جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندي. اهڙي حال ۾ هوءَ گهر جو ڪم ڪار ڪندي رهي. ڄڻ هوءَ عورت نه هُئي ڪنھن مڇي مارڪيٽ جي رول ڪُتي هُئي.
هڪ ڏينھن اڳ جڏهن پيرل پاڙي ۾ ٺھندڙ نئينءَ جاءِ جي ڪم تي وڃي رهيو هو تڏهن ميران کيس ڪِنجهندي ڪنجهندي التجا ڪئي هُئي علوءَ جا پيءُ! مان مري وينديسانءِ ٻيلي! مُنھنجو ڪو احساس ڪر!
تُون ڏانئڻ! تُون مرندينءَ؟ کُٽڪو نه ڪر رَن! تون مُون کي ماري پوءِ مرندينءَ!
پوءِ جڏهن هو ڪم تي هليو ويو هو تڏهن ميران ڏانھنس پنھنجو وڏو پُٽ علو، جيڪو ستن سالن جو هو، موڪليو هو، جڏهن پيرل آيو ته ميران پنھنجون بند ٿيل اکيون کوليون ۽ وري بند ڪري ڇڏيون. انھيءَ تي پيرل کي چڙ لڳي وئي. مُٺيون ڀِڪُوڙجي وينس. ڏند ڪرٽيندي چيائين شھند نه ڪر! مان ڏاڍو حرامي آهيانءِ! اصل هڏ گُڏ ڀڃي وِجهندومانءِ!
تڏهن ميران ڊپ کان کڻي نماڻا نيڻ کوليا هُئا.
اُن ڏينھن پيرل ۽ ٻارن لاءِ ماني پاڙي جي وڏيءَ مائي سَڀائيءَ موڪلي هُئي. پيرل کي اها ڳالھه وڻي ته ڪونه هُئي پر سَڀائيءَ جو چوَڻ موٽائڻ هن لاءِ ڪُجهه ڏُکيرو ٿي پيو هو. ان لاءِ به جو سڀائيءَ جو هن جي مٿان وڏا احسان ڪيل هُئا.
ٻئي ڏينھن جڏهن ميران اُٿڻ ويھڻ کان لاچار ٿي وئي تڏهن سڀائيءَ پيرل کي ڪُجهه چيو ۽ پيرل ڪنڌ ڌوڻي، ٽانگو ڪرائي ميران کي ڊاڪٽر ڏانھن کڻائي ويو پر ان مھل وقت گُذري چُڪو هو. ڊاڪٽر کيس جواب ڏئي ڇڏيو. هُو گهر ڏانھن واپس پئي آيو. ٽانگو اڃان رستي ۾ ئي هو ته ميران به موت جي ڪاري ٻاٽ اُوندهه ۾ گُم ٿي وئي پنھنجن نصيبن جي سج جيان!
گهر ۾ ماتم مچي ويو. (ان روڄ ۾ ڇھن ڏينھن جي نئين ڄاول ٻار جون رڙيون به شامل هُيون، جنھن کي پوءِ پاڙي جي هڪ عورت کي ٿڃ لاءِ ڏنو ويو.)
ميران جي ماءُ ڏانھن تار موڪلي وئي پر هوءَ اڃا نه پھتي هُئي. هُن جي اچڻ تائين ميران جو لاش هڪ ڏينھن تائين رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. در جي ٻاهران تڏو وِڇايو ويو هو، جنھن تي آهستي آهستي ماڻھو اچي ويھڻ لڳا هُئا.
پيرل تڏي تان اُٿي اندر آيو. ان مھل پاڙي جي وڏي مائي سڀائي پيرل جي ٻارن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هُئي، جيڪي رڙيون ڪري روئي رهيا هُئا.
سڀائيءَ جي نظر جڏهن پيرل تي پئي ته هوءَ هُن ڏانھن وڌي آئي. ابا پيرل! ٻار بس ئي نه ٿا ڪن. تون ڪو هنن کي چُپ ڪراءِ!
پيرل ڪُجهه نه ڪُڇيو. رُڳو اڳتي وڌي آيو. ٻار هُن کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي، پنھنجو پاڻ ئي چُپ ٿي ويا.
ابا ڳالھه ٻُڌ! مائي سڀائيءَ هُن جي ڀر سان ايندي چيو.
ان کان اڳ جو مائي سڀائي قرض ڏنل پئسن جي گهر ڪري، پيرل هڪ دم چئي ڏنو ماسي! تُنھنجي پائي پائي مان لاهندس. تو اسان سان وڏا ڳن ڏنا آهن. بس هاڻي ڪُجهه ڏينھن رُڳو مُھلت ڏي.
مائي سڀائيءَ ميران جي لاش ڏانھن ڏِسندي وراڻيو پيرل! جيڪي ميران مون کان جاءِ لاءِ ٻه هزار ورتا هُئا اُهي ياد اٿئي نه؟
ها ماسي! گهر ۾ نه کائبو! پھريان تُنھنجو ئي قرض لاهبو!
مائي سڀائيءَ ميران جي لاش تان نظرون هٽائي، ٿڌو ساهه کنيو. چيائين ابا! سچي ڳالھه اها اٿئي ته ميران رُڳو نانءُ مُنھنجو ڪيو نه ته اهي پئسا پاڻ پورهيو ڪري ميڙيا هُئائين.
هي ڇا پئي چوين ماسي؟ هُو وائڙو ٿي ويو.
ها ابا! جڏهن تون ڪم تي ويندو هُئين ته ميران ويچاري هِن هُن جي گهر وڃي پورهيو ڪندي هُئي. هاڻي جڏهن اها شئي ئي هلي وئي ته لِڪ لڪاءُ ڇا جو؟
پيرل جي نرڙ ۾ گهُنج پئجي ويا. هُن پنھنجو ٺوس وجُود برف جيان ڳرندي محسُوس ڪي. سيني ۾ هلڪي هلڪي سُور جون سٽون اُڀرڻ لڳينس. جهُڪيل ڪنڌ مٿي کڻي هڪ نظر ٻارن تي وڌائين، جيڪي ڏانھنس خوف وچان ڏسي رهيا هُئا ۽ ٻي نظر چادر ۾ ڍڪيل ميران جي لاش ڏانھن وڌائين. هُن جي اکين ۾ پھريون ڀيرو ميران جي لاءِ ڳوڙها ڀرجي آيا. پيءُ کي روئندو ڏِسي ٻار ماءُ لاءِ وري روئڻ لڳا ۽ هن اڳتي وڌي ٻارن کي ڀاڪُرن ۾ ڀريو ۽ ڍورن وانگر ڍِڪڻ لڳو.