ڪھاڻيون

ڊهندڙ ليڪا

ڪيهر شوڪت لکي ٿو:
”رزاق مهر جي ڪهاڻين جا مجبور، دٻايل، ستايل، جڪڙيل، ڦاٿل، وساريل، بيمار، ڊنل، بي آرام، سڪون ۽ سلامتيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، زندگيءَ ۽ موت جو چاهه ۽ ڊپ کڻي جيئندڙ ڪردار ۽ انهن جي بي رحم، ظالم، مفادپرست، اوپري، ويساهه گهات، قياس جوڳي ۽ ڀوائتي دنيا. ان سڀ کي رزاق مهر فيشن پرستيءَ، نعريبازيءَ، ذات پرستيءَ ۽ وات ڳاڙهائپ کان هٽي ڪري جنهن سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي اُن رزاق کي اڄ جي مکيه جوابدار ۽ وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ کڻي بيهاريو آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 1572
  • 639
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رزاق مھر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Dahandar Leeka

اوندھ پٺيان سوجهرو

هو پٽيوالو هو، گهٽتائي جو احساس کڻي هلندڙ پٽيوالو، سڄو ڏينهن هلندو، رلندو، هڪ ٽيبل کان ٻي ٽيبل تائين ڊڪندو اله دين جي جن وانگر ڪم پيو ڪندو. ٿڪجي پوندو، سهڪندو ته مٿس ڪو ڪهل نه کائيندو.
”شدن هيڏانهن اچجانءِ.“
”شدن پنا ته کڻي ڏي.“
”شدن پاڻي ته پيارجانءِ.“
”شدن هي ڪم ڪري آءُ.“
۽ شدن اسٽول تان هيٺ لهندو. مشيني انداز ۾ سڀ ڪم ڪري ڏيکاريندو. سدائين حڪم جو منتظر.
ڏينهن گذرندو رات ايندي، هو اڪيلو ٿيندو ته اڪيلي ڪوٺيءَ ۾ پيو ڇت جا ڪانا ڳڻيندو. ڪو به حال اوريندڙ ڪو نه، ڪو به راز سڻندڙ ڪو نه، سڀڪو، پنهنجيءَ ۾ پورو، شدن ڇت ۾ ڪانا پيو ڳڻيندو.
شدن جڏهن ڳوٺ ۾ هيو تڏهن به ساڳيو ئي حال هيس. پڻس پوڙهو ضعيف. سج لٿي پيو کنگهندو، پيو ڪنجهندو. ساڻا هڏا هلڻ کان هلاڪ، سدائين بيمار، نتيجي ۾ شدن ڍورن جيان ڳهندڙ.
گهر ۾ اڻپوري ۽ زري گهٽ بيروزگاري. هڪ ڏينهن مزدوري لڳيس ته ٻي ڏينهن نکمڻائي، لنگهڻ، جانورن جهڙي حياتي. ان حياتيءَ مان نڪرڻ جا هميشه جتن ڪيائين.
ننڍي لاڪر ٻڪرين سان ويندي، ٻارن کان اسڪول جون ڳالهيون ٻڌائين. شوق وڌيس ته پيءُ مٿان ظاهر ڪيائين. پڻس ڏاڍو ڪاوڙيو. مثال ڏنائين، ابي ڏاڏي جا مثال. پنهنجا مثال. پر هو ضد تان لهي ئي ڪو نه. ”ابا مان اسڪول ويندس.“ اکين مان لڙڪ وهي هليس. بس ئي نه ڪري. وڏن حيلن کان پوءِ پڻس مڃيو.
پوءِ صبح جو اسڪول، منجهند جو گاھ پٺو، شام جو مال جي لاءِ ڪُتر ۽ رات ٿيندي ته ماستر جا ٻڌايل شهري قصا ۽ ريل گاڏيون، ڪارون ۽ موٽرون خوابن ۾ ڏسڻ لڳندو.
ڳوٺاڻي شدن نيٺ پنج درجا پاس ڪيا. ماڻس خوش ٿي. پڻس جو چهرو ڪومائجي ويو. پيءُ کي پٽ ايلاز ڪيا، ڏوراپا ڏنا، ”بابا مان ماستر ٿيندس.“
پڻس تري ئي هڪ هنئي، ”ڪٿي آ ايڏي سگھ جو توکي وڌيڪ پڙهايان. مون جيڏو قد اچي ٿيو اٿئي،، ڪجھ احساس ڪر، تون به ساٿ نه ڏيندين ته شريڪن کي ڪسوٽو ايندو ڇا؟“
شدن وڃي ڪوڏر کنئي. ڳوٺ ۾ ئي ڪڏهن بيگر، ڪڏهن کاٽي، ته ڪڏهن مزدوري تي هارپو، پڻس چار پيسا ڏسندو ته اول گهول ويندس. دعائون پيو ڏيندس.
هڪ ڏينهن ماڻهس هڪ نئين ڳالھ ڪري ويٺي. ڀيڻس ڪن ۾ سس پس ڪئي ته ٽڙي پيو. خواب جاڳي پيس. ننڍپڻ ياد آيس.
جڏهن ننڍو هو، اٻاڻڪو ٿيندو هو ته زينيءَ جي گهر وڃي زينيءَ سان راند ڪندو هو. ڪڏهن اکٻوٽ ته ڪڏهن گڏين راند. ”هي گڏي ساهرين گهر ۾ ڏاڍي ڏکي آهي.“ ننڍڙي زينيءَ ڳالهايو، ”سس ڏائڻ ڏاڍو ٿي وڙهيس.“
”مان ٺونشو هڻي هن جا ڏند ڀڃي ڇڏيندس.“ هن جو هٿ امالڪ هڪ پوڙهي گڏيءَ ڏانهن کڄي ويو.
”اڙي اڙي ايڏو نه مارينس، مري ويندي. بس بس، توبھ ٿي ڪري. هاڻي ڇڏينس.“ پوءِ ٽهڪڙا ٽهڪن ۾. پڇيائين، ”هيءَ گڏي توکي ڪيئن ٿي لڳي؟“
ڪنوار گڏيءَ کي هٿ ۾ کڻي ٿورو لڄارو ٿي وراڻيائين، ”ڏاڍي سٺي.“
زينيءَ سان شاديءَ جي ڳالھ پڪي ٿي شدن کي ائين لڳو ڄڻ نٽھڻ اس ۾ ٿڪجي ٽٽي ڪنهن گهاٽي وڻ جي ڇانو ۾ اچي ليٽيو هجي.
هاڻ هو ڪم ڪندي ڪلام پيو جهونگاريندو. شام جو تيل سرما ڪري ڳوٺ جي هوٽل تي وڃي جلال چانڊئي کي ٻڌندو ته هنيانءُ ٺري پوندس.
شادي ٿيس ته کٿو نه ٿي ماپيو، پهريان ڏينهن ڏاڍو خوش ٿي گذاريائين، پر پوءِ ستت ئي مينهن جي کنڀيءَ جيان اجڙ ٿي ويو، اڳي چار ڀاتي، هاڻ زيني به شامل. گهر ۾ اڻپوري. نفسا نفسي. ڪڏهن وڏيري جي بيگر، ڪڏهن ڏهاڙي نه ملڻ جي توائي. گهر ۾ لنگهڻ. پڻس هر وقت پيو کنگهندو. پيو ڪنجهندو. شدن ڳوٺ ڇڏي شهر هليو آيو. شهر جا رستا ويڪرا، ماڻهو اوپرا، شدن پريشان، هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ايندو ويندو رهيو، پر ڪٿي به روزگار ملي نه سگهيس. هو هشام ماڻهن جي وچ ۾ بيٺل نا اميد، مايوس ۽ بکيو، ته اوچتو شهري قصن ۽ ڪهاڻين ٻڌائڻ وارو پوڙهو ماستر ملي ويس. شدن پيرن تي ڪري پيس. هن کيس کڻي ڳلي سان لاتو، حال احوال ٿيا. ڳوٺ جون ڳالهيون، اسڪول جون ساروڻيون، شدن پنهنجي در بدر ڀٽڪڻ جو ذڪر ڪيس ته ماستر پٺي ٺپيس. شدن کي ساھ پئجي ويو.
ٻئي ڏينهن هڪ آفيس ۾ شدن پٽيوالي جي جاءِ حاصل ڪري ورتي. پوڙهي ماستر جي پيرن ۾ ويهي هن جا احسان مڃيائين. ماستر آفيسر جا احسان مڃيا. خوشيءَ ۾ شدن روئي پيو.
گهر وارن ڏانهن خط لکيائين. هاڻ هو ڏاڍو خوش هو. روز روز جي ڏچن مان نجات ملي ويس. نوڪريءَ لڱ ئي ٺاري ڇڏيس. پهرين پگهار ورتائين ته هٿ ڏڪيس، دل ڌڙڪيس. اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ هن جي اندر کي ظاهر ڪرڻ لڳي.
پر اها خوشي به چند ڏينهن جي ثابت ٿي. پوءِ ساڳي ئي هڪجهڙائي. ساڳي بيگر. گهر کان دور، زينيءَ کان دور، سڄو ڏينهن هلندو، رلندو، هڪ ٽيبل کان ٻي ٽيبل تائين ڊڪندو. الا دين جي جن وانگر ڪم پيو ڪندو. ٿڪجي پوندو، سهڪندو ته مٿس ڪو ڪهل نه کائيندو. ڏينهن گذرندو، رات ايندي، هو اڪيلو ٿيندو ته اڪيلي ڪوٺيءَ ۾ پيو ڇت جا ڪانا ڳڻيندو. ڪو به حال اوريندڙ ڪو نه، ڪو به راز سڻندڙ ڪو نه. سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو شدن ڇت ۾ ڪانا ۾ پيو ڳڻيندو.
هڪ ڏينهن صاحب گهرايس. ڀر ۾ بيهڻ لاءِ چيائينس ته شدن حيران، ڳوٺاڻي اٻوجهائي سان ڇرڪي ڇرڪي ويجهو ويس.
”هتي ڪڏهن کان آيو آهين؟“ صاحب پڇيس.
”ڏيڍ سال کن ٿيندو.“
”رهين ڪٿي؟“
شدن ڳوٺ جو نالو ٻڌايس.
”منهنجو مطلب آهي ته هن وقت ڪٿي ٿو رهين؟“
”سائين جن جي ڀر ۾ اٺين نمبر ڪوارٽر ۾ رهان ٿو.“
”شام جاءِ تي اچجانءِ، تو ۾ ڪم پيو آ. ڪم ڪندين ته توسان دوستي رکبي.“
شدن هاڪار ڪري ٻاهر نڪري آيو. خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيو. چال ڦري ويس. ٻانهن ٿي لڳس. صاحب جو هٿ ڀانيائين ڄڻ ته آفيس سپريٽنڊنٽ ٿي ويو هجي.
شام ٿي ته صاهب جي بنگلي تي ويو. ساڳي ئي لوڏ، ساڳي ئي رڳ رڳ ۾ خوشي ڊوڙندڙ، ساڳيو ئي اکين ۾ خوشيءَ جو چمڪو.
صاحب ويھڻ لاءِ چيس. هو گلم تي هيٺ ويهي رهيو. صاحب مٿي صوفي تي وڃي ويٺو ته اعتبار ئي نه ٿي آيس.
صاحب سگريٽ جو ڪش هنيو. دونهون ور وڪڙ کائيندو نيرن ڀروئن سان ٽڪرائجڻ لڳو.
شدن چپ دل سيني اندر اڇلون ڏيندڙ. ڌڪ ڌڪ جو تيز آواز.
”ڪنهن آفيسر سان اڳ ويجهو ٿيو آهين؟“
نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏيائين.
”منهنجي دوستي ته قبوليندين نه؟“
شدن جي اکين ۾ ساڳيو چمڪو. جسم ۾ ساڳي لرزش، جهڙي پگهار وٺڻ واري پهرين ڏينهن ٿي هيس. ڳيت ڏئي هاڪار ڪيائين.
”توکي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري مون دوستيءَ جي ابتدا ڪئي آهي. هاڻ نڀائڻ تنهنجو ڪم آهي.“
خوشيءَ ۾ شدن جا چپ ڪنبڻ لڳا. سيني ۾ دل اڇلون ڏيڻ لڳس. ڀانيائين ته دل ٻاهر نڪري ايندي.
صاحب وري ڳالھايو، ”معنيٰ ته دوستي پڪي، ڪيئن؟“
ڳوٺاڻو شدن ڇا ڳالھائي. مِڻ مِڻ. بي مطلب لفظ. جيئن آيس اوئين صاحب جو ٿورو مڃيائين.
اٿڻ مهل صاحب ڪجھ چيس. شدن جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. ڳوٺاڻي غيرت ڀڙڪو ڏئي جاڳي پيس. منهن ۾ شور، اکين ۾ ڪروڌ، ڪجھ به ڳالھائڻ بنا اونداهي ڪوارٽر ۾ هليو آيو.
سڄي رات اڻ تڻ، بي چيني، ننڊ ڪوهين ڏور، اندر ۾ سڙڻ، پڄرڻ، لڇڻ، ڄڻ ته ڪنهن تيلي ٻاري بارود جي ڍير کي باھ ڏني هجي.
پوءِ فيصلو ڪيائين ته نوڪري ڇڏي ڏيندس.
تڏهن اونادهي ڪوٺيءَ ۾ پڻس جو چهرو اڀري آيو ضعيف هڏائون پڃرو، لک ساڻا، هر وقت شڪايت ڪندڙ. تڏهن هڪ ٻيو چهرو به پڻس جي ڀر ۾ اچي بيٺو جو هن جو پنهنجو چهرو هو. ڪوڏر هٿ ۾ بيگر، بيروزگاري، اڻپوري، ۽ زيني اڳيان مايوسيءَ منجهان لڙڪ وهائيندڙ چهرو.
”ڇا ڪريان؟” پنهنجو پاڻ سان وڙهڻ لڳو.
”چوڻ مڃانس؟ بيغيرت ٿيان!...........ڪمايان، ڇا ڪريان؟“
صبح جو شدن جو ڪنڌ جهڪيل. اکيون ڏرا ڏنل، ڀانءِ ته سڄي رات ڪنهن جنگ جي محاذ تي لڙي آيو هجي. ٿڪل قدمن سان آفيس ۾ داخل ٿيو. صاحب گهرايس. انڪار نه ڪيائين. صاحب هڪ سو روپيه انعام طور ڏنس.
شدن سڄو ڏينهن چپ رهيو. گم سم، خاموش. ڪنهن سان به نه ڳالھايائين. ڪم سان ڪم. کيس سدائين دڙڪا ڏيندڙ، رهڙ ڏئي ڳالھائيندڙ آفيس سپريٽينڊنٽ الائي ڪهڙي جذبي تحت مٿس راضي ٿي پيو. خاموشيءَ جو سبب پڇيائين، پر شدن ڇا ٻڌائي. همدردي ڪندڙ ان رُکي شخص کي ڇا ٻڌائي ته هن جي اندر ۾ ڇا هي، بهانو بڻائي ويو.
ستين بجي صاحب جي بنگلي تي وڃڻ لڳو. هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو. پاڻ بچائيندو ڄڻ ته ڪا چوري ڪري رهيو هجي. ڪيترا ڀيرا اڳ ۾ ڏٺل صاحب جو بنگلو ڏاڍو اوپرو پئي لڳس.
بيل جي بٽڻ تي هٿ رکيائين. ٻي پاسي کان گهنڊڙين جهڙو آواز گونجيو. چوڪيدار در کوليو. شدن هڪ ٻڪو ٿي بيهي رهيو. هو ڪجھ چوي ئي چوي، پريان صاحب ظاهر ٿيو. هو ويجهو آيو. چوڪيدار کي موڪل ڏئي هن کي پاڻ سان اندر وٺي آيو. چوڪيدار جي سامهون ٿيڻ ڪري دل ۾ لڪل چوريءَ سبب پريشان ٿي ويو. ڳالھائڻ لاءِ لفظ نه ٿي اڪليس.
صاحب مرڪيو. شدن ڦڪو کليو. پوءِ ٻنهيءَ جي وچ ۾ اجايون سجايون ڳالهيون هليون، اوچتو صاحب مقصد جي ڳالھ ڪيس ۽ هو ٻاهر نڪري آيو.
روڊ تي ٽريفڪ جي اچ وڃ جاري هئي. ڪيترائي رڪشا آيا ويا پئي. ڪيترن رڪشن ۾ شرافت جي چادر اوڙهي شريف زاديون آيون ويون پئي. هڪ رڪشو جيڪو پريان کان ئي جهڪي رفتار ۾ پئي آيو سو هلندو مين گيٽ آڏو اچي بيٺو. رڪشي مان هڪ نوجوان عورت لٿي، کيس ڪارو برقعو اوڍيل هو.
هو عورت کي وٺي صاحب جي بنگلي اندر رسائي آيو ۽ پاڻ ٻاهر در تي اچي بيٺو.
دور ڪٿان گهڙيال يارنهن ڌڪ هنيا، ته دروازو کليو. شدن اڳتي وڌي آيو. صاحب گهر تائين ڇڏي اچڻ جو تاڪيد ڪيس.
شدن هڪ خالي رڪشا کي هٿ ڏنو. رڪشا واري سان شدن نه پر عورت ڳالھايو. شدن کي ڦڪائي ويڙهي ويئي. عورت ٽپ ڏئي سيٽ تي وڃي ويٺي. شدن ڪنڌ جهڪائي ٻئي پاسي کان اچي ويٺو. رڪشا هلڻ لڳو.
دور اوندھ جي هن پار شدن کي هڪ خوددار شدن نظر آيو. ڪوڏر نظر آئي. کاٽيءَ تان ڪمايل پيسا نظر آيا. رڪشا جي لوهي پائپ ۾ هن جو هٿ مضبوط ٿيندو ويو.
اوچتو هن وري ڏٺو. اوندھ پٺيان ڪم ڪندڙ شدن، شڪايت ڪندڙ پوڙهو پيءُ، جو مسلسل کنگهي رهيو هو، چنگهي رهيو هو. شدن ڏندن ڀڪوڙيا ۽ پوءِ هڪ گهرو ساھ کڻي پنهنجو پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو کيس پاڻ ۾ ۽ ان عورت ۾ ڪو به فرق محسوس نه ٿيو.
رڪشا هڪ گهر جي آڏو اچي بيٺي ته سامهون ويٺل هڪ شخص ۾ زندگي جاڳي پئي. هو ان ڏانهن وڌڻ لڳو. شدن بيهي رهيو. عورت مجبورين جي ٻڌل آواز ۾ سرگوشي ڪئي، ”بابا سان ملي وڃ. اڳتي ايندين ته اوپرائپ نه ٿيندئي.“
شدن پوڙهي کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي هراسجي ويو. هو روح تائين ڪنبي ويو. ”ڪيئن ٿيان هن جي سامهون؟“ شهري قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائڻ واري ان پوڙهي رٽائر ماستر اڳيان وڃڻ جو ست ساري نه سگهيو، تيزيءَ سان پوئتي موٽن لڳو. ٿلھن شيشن مان جهڪو ڏسندڙ ماستر شايد هن کي سڃاڻي نه سگهيو، ٻنهي جو ڀرم رهجي ويو.
شدن گهر موٽي آيو. گهر ۾ اهائي اڪيلائي. اڻ تڻ. بي چيني. ڪو حال ڀائي نه. سڄي رات ڇت جي ڪانن ۾ نظرون وجھي گذاري ڇڏيائين ماستر ۽ پاڻ تي سوچيندي. ٻنهي جون مجبوريون ڪيئن نه هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي بيهي رهيون هيون! ماڻهو ڪيئن نه بدلجي ٿو وڃي! ماستر جي مجبوري، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڪيئن نه هن جي اڳيان ننگي ٿي بيهي رهي هئي!
صبح ٿي ته شدن سئو جو نوٽ وڃي صاحب جي ٽيبل تي سٽيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. اڄ هن ۾ وڏو اعتماد هو، وڏو حوصلو هيو. پهريون ڀيرو پٽيوالي هجڻ تي گهٽتائيءَ جو احساس نه پئي ٿيس. ساڳيو ئي پيشو کيس ڏاڍو مانائتو پئي لڳو، ۽ وڏي ڳالھ ته رات اڪيلي ٿيڻ تي ڇت جا ڪانا به ڪو نه ڳڻيائين.