تڏي تي ويٺل ماڻهو
زلزلا رڳو ڌرتيءَ تي ئي ته نه ايندا آهن. ڪي زلزلا اهڙا به ايندا آهن، جيڪي اندر ئي اندر، انساني زندگين جي ڀڃ ڊاھ ڪري تباهي ڦهلائي ڇڏيندا آهن. نوجوان پٽ جي ٻڏڻ جو ٻڌي، پوڙهي پيءُ کي ائين لڳو هو، ڄڻ زلزلو اچي ويو هجي، ڄڻ وڏو ڌماڪو ٿيو هجي، جنهن ۾ اندر ئي اندر هو ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو هجي.
۽ اڄ ٽيون ڏينهن هو، گهر ۾ اهڙو ئي زلزلو آيل هو، تباهي متل هئي، موت جهڙي ويراني گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هئي. مري وڃڻ کان پوءِ لاش نه ملڻ جو ڏک، اندر ئي اندر هن کي درياھ جي ڇوهي پاڻيءَ جيان ڪوريندو رهيو هو، ڀڃندو ۽ ڊاهيندو رهيو هو، هن جڏهن به پٽ جي جدائيءَ تي ويچار ڪيو هو، تڏهن پاڻ کي به اهڙي لاش وانگر محسوس ڪيو هئاين، جو کليل آسمان هيٺان بي ڪفن ڇڏيو ويو هجي ۽ وقت جون بي رحم ڳجهون جنهن جي ماس پٽڻ لاءِ تيز چهنبن ساب حملو ڪرڻ لاءِ پر ڦڙڪائينديون هجن!
هاڻي ڇا ٿيندو هن جو! شاهن ئي ته هن جي پوڙهپ جو آخري سهارو هو؛ هن جو دوست هو، همدرد هو. هاڻ ڪنهن سان ويهي ڏک سور اوريندو؟ ڪير هن جي گهر جو ٻوجھ شاهن وانگر پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلندو.
هو خلائن ۾ گهورڻ لڳو. ڏور ديوارن ۽ وڏين عمارتن جي هن پار، ماضيءَ جي رڻ ۾ هڪ وڏو طوفان اچي ويو، پٺتي ڇڏيل گس نظر آيس. پوءِ گسن مٿان ڌنڌلا عڪس آهستي آهستي چٽا ٿيڻ لڳا ۽ هو شاهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. ننڍڙو شاهن، ٻاتا ٻاتا ٻول ٻوليندڙ شاهن، جو ڄائو هو ته پيءُ ڪيڏو نه خوش ٿيو هو، ڪيڏي نه آسيس ملي هئس. جيئن ڪنهن اڃايل کي صحرا جي تپندڙ ميدانن ۾مٺي پاڻيءَ جو چشمو ملي ويو هجي. اهڙيءَ خوشيءَ جو احساس ڦهلجي ويو هو هن جي نس نس ۾. هن جو آئيندو شاهن ئي ته هو، شاهن ئي ته هن جي خوشين کان خالي اونداهي زندگيءَ ۾ روشنيءَ جي علامت هو.
هن پٽ کي پڙهايو، وڏن ڪشالن سان هن جي تعليم جي سلسلي کي جاري رکيائين، اهو سوچي ته پٽ وڏو ماڻهو بنجي، هن جا سڀ اهنج لاهي ڇڏيندو، پوءِ هو بنا ڪنهن خواهش جي مري سگهندو.
هو جڏهن سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ کان پوءِ ٿڪجي ٽٽي، کٽ جي قبر ۾ داخل ٿيندو هو ته، هن جي خواهشن جا لاش زندھ ٿي هن سان سرگوشيون ڪرڻ لڳندا هئا. عمر جي سموري عرصي ۾ ڇا مليو هو هن کي؟ غربت، اڻپوريون خواهشون ۽ محروميون ئي ته پلئه ۾ ٻڌي هن زندگي گذاري هئي. هاڻي ته عمر جي ان حد کي پهچي ويو هو جتي پنهنجي آئيندي لاءِ ڪو موھ نه رهيو هئس. رڳو هڪ آس ئي بچي هئس ته، هو جيڪي سک نه ڏسي سگهيو، خوشيون ماڻي نه سگهيو، اهي سڀ پٽ حاصل ڪري سگهي. زماني ٻين ماڻهن وانگر مزدوريءَ جي پڙيءَ تي ويهي اهو عذاب سهڻو نه پوي، جو ڏينهن چڙهئي تائين، ڪڏهن ڪڏهن ڏهاڙي نه لڳڻ ڪري هن کي سهڻو پوندو هو.
شاهن جي بهتر مستقبل لاءِ هو دعائون گهرندو هو. پيرن جي مزارن تي اگر بتيون ٻاري خدا کي ٻاڏائيندو هو، ۽ هڪ ڏينهن شاهن کي بئنڪ ۾ ڪلارڪي ملي ويئي ته پيءُ کي ائين لڳو هو، ڄڻ هن جي ڪاڙهن سان لوساٽجي ويل جسم ۾، بهار جي مند ۾ گهلندڙ ٿڌڙي هير گهلي وئي هجي. ڪيڏو نه خوش ٿيو هو. پنجاھ سالن تائين موسمن جي بي رحم زد ۾ اچي هن جيڪو سخت پورهيو ڪيو هو، سرون ڍويون هئائين ۽ تغاريون کنيون هئائين، پٽ جي نوڪريءَ جو ٻڌي سمورو ٿڪ ۽ سمورو سور لهي ويو هئس. بي پناھ خوشيءَ جي احساس کان جسم ۾ ڦڙڪڻي اچي وئي هئس. ڪيڏو نه هلڪو محسوس ڪيو هئائين پاڻ کي.
ٻئي ڏينهن شاهن جي چوڻ تي، پڙيءَ تي وڃن ڇڏي ڏنو هئائين. هاڻ کيس ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا پهريل نه هوندا هئا ۽ نه ئي ڏهاڙي لڳڻ ۽ نه لڳڻ جي اڻ تڻ هن جي اکين مان ليئا پائيندي هئي. اڇا اجرا ڪپڙا پهري هو ڪڏهن مسجد جي ٿڌي ڇانو ۾ وقت گذاريندو هو ۽ ڪڏهن گهر کان پريان جهوني سرنهن جي وڻ هيٺان، موريءَ تي وڃي ويهندو هو. اڳي زندگي ڪنهن دٻي جي بيٺل پاڻيءَ وانگر محسوس ٿيندي هئس ۽ هاڻ ڄڻ ته موريءَ هيٺان وهندڙ شفاف پاڻيءَ جهڙي رواني اچي وئي هئس ساڳي زندگيءَ ۾. وقت سٺو گذري رهيو هئس، ڪو غم، ڪا ڳڻتي نه هئن، پيءُ جي ناتي رڳو هڪ چنتا هئس ته جيترو جلد ٿي سگهي، نوجوان ڌيءَ جو بار لاهي ڇڏي.
پوءِ ڌيڻس جي شاديءَ جون ڳالھيون اڃا هلندڙ ئي هيون ته هڪ ڏينهن هو بيمار ٿي پيو. زندگي ڀر مايوسيون ۽ محروميون کڻي جيئندڙ پيءُ جڏهن کٽ تي ڪريو ته هن جو پنهنجو پاڻ مان ويساھ نڪري ويو، هن کي خوف ٿيڻ لڳو هو ته هو بچي نه سگهندو، مري ويندو، ۽ تڏهن ڪنهن سڪڻي ٻار واري بيوسي اکين ۾ آڻي، هڪ ٻي خواهش به ظاهر ڪري ويٺو هو، شاهن جي مٿي تي شاديءَ جا موڙ ڏسڻ جي خواهش، موٽ ۾ شاهن آٿت ڏني هئس، وچن ڏنو هئائينس ته پيءُ جي اها تمنا به ضرور پوري ڪندو.
۽ پيءُ جو اعلاج ٿيڻ لڳو، هڪ هفتي تائين شهر جو وڏو ڊاڪٽر هن جي دوا ڪندو رهيو، پوءِ زندگيءَ مان نا اميد پيءُ دوائن جي زور تي موت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو. شاهن مري ويو!
ٽي ڏينهن اڳ هو دوستن سان گڏ رائيس ڪئنال تي وهنجڻ ويو هو ۽ وري اتان واپس نه وريو هو. تڏهن هوا جي زور تي اڏامندڙ ڪنهن پن جهڙي زندگي گهاريندڙ پيءُ جا سمورا خواب ڄڻ ته شيشي جي نازڪ گلاس جيان ڀڄي پيا هئا.
ڏور ديوارن ۽ وڏين عمارتن جي هن پار نظر ايندڙ عڪس وري ڌنڌ ۾ وڪوڙجي ويا. ماضيءَ جو عذاب ڏيندڙ رڻ جهاڳي، هو بي رحم حال ڏانهن موٽي آيو. تڏهن اندر جي ڪنهن ايذاءُ کان هو ڪنبڻ لڳو ۽ سامهون جڏهن در جي چائنٺ وٽ کليل وارن واري نوجوان ڌيءَ ڏانهن نظر ويس ته ڄڻ اٿلي پيو. اندر جو سمورو ڪرب هن جي چهري تي مڙي آيو ۽ هو وڏيون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
بيحال پيءُ کي ائين روئندو ڏسي، ڌيءَ، پيءُ ڏانهن وڌي آئي ۽ پنهنجو منهن هن جي سيني سان لڳائي روئڻ لڳي. پوڙهي زال بيماري مان اٿيل ڪمزور مڙس کي دلاسو ڏيڻ چاهيو ته هوءَ به پاڻ کي روڪي نه سگهي ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳي.
پوءِ، گهڻي دير بعد، جڏهن روئي روئي ٽيئي ماٺ ٿي ويا ۽ پاڙي جي گهرن ۽ گهٽين ۾ زندگي ٻيهر پنهنجي معمول تي موٽي آئي، ماڻهو پنهنجن ڏکن، سورن ۽ ٻين مسئلن تي سوچڻ لڳا. تڏهن اوچتو هڪ ڀيرو وري روڄ ۽ راڙو مچي ويو، ٽن ڏينهن جي ڳولا کان پوءِ شاهن جو لاش مليو هو، جنهن کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ اسپتال ۾ رکيو ويو هو.
اها خبر ڄڻ ته تيزاب جو ڀريل شيشو بڻجي گهر ڀاتين جي اندر تي پرٽجي پئي. ڦٽ وري چڪي پيا هئا. ڳوڙهن ۽ اوسارن جو هڪ نئون اڻ کٽ سلسلو جاري ٿي ويو. غمزده ڀاتين جي دانهن ۽ ڪوڪن تي، گهٽيءَ ۾ ماڻهو مڙڻ لڳا، ڪوٺن جي وڏن پلويڙن تان عورتون منڍيون ڪڍي حيرت زده بت بڻجي ويون.
پيءُ اوڇنگارون ڏيندو ٻاهرين در ڏانهن آيو ۽ پوءِ در کي چنبڙي ڪنهن اهڙي ٻار وانگر رانڀاٽ ڪيائين، جنهن سڪي سڪي ڪو رانديڪو ورتو هجي، ۽ پاڻ کان ڪو ڏاڍو جهٽ هڻي کائنس ڦري ويو هجي.
همدردي کڻي آيل ڪجھ ماڻهو پيءُ ڏانهن وڌي آيا. هڪ پيرسن شخص هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو، ”اللھ جي شيءِ هئي ڌڻي بخش. الله کي پرتي.“
پيرسن شخص جي لفظن تي پيءُ ڄڻ ڦسي پيو، ”اڙي مون سان ڪيس ٿي ويو ادا. ڌاڙو لڳي ويو منهنجي پيريءَ جو سهارو کسجي ويو!“
پيءُ کي روئندو ڏسي، هڪ بي سمجھ ٻار کي به روئڻ اچي ويو.
”بس ڙي ڌڻي بخش......باريءَ جي سرڪار ڏاڍي آهي.“ پيرسن شخص ڀاڪر ۾ ڀري هن کي تڏي تي وٺي آيو، تڏهن هر هڪ ماڻهوءَ ساڻس همدردي ڪئي، دلاسا ڏنا ۽ خدا جي رضا تي راضي رهڻ جي تلقين ڪئي.
۽ پريان گهر جي اڱڻ ۾، ڏکوئيندڙ آوازن جو سلسلو جاري هو. ماءُ ۽ ڌيءَ لانڍ ۾ پار ڪڍي روئي رهيون هيون. گهر مان ايندڙ اوسارن ۾ جو درد سمايل هو تنهن هرشيءِ مٿان دک جو هڪ گهرو رنگ چاڙهي ڇڏيو هو. پيءُ ماڻهن جي دلاسن ۽ خدا جي رضا تي راضي رهڻ ۽ صبر ڪرڻ جي تلقين وساري، بي قابو ٿي ويو هو.
”صبر ڪر چاچا“، هڪ نوجوان ڌڻي بخش سان همدردي ڪئي. ”جيڪي ٿيڻو هو سو ته ٿي ويو. هاني همت ڪر ته شاهن جو لاش هلي کڻي اچون......“
پيءُ ڪڇيو ڪجھ به نه. فقط ڪنڌ جي اشاري سان هاڪار ڪيائين، پوءِ ٿلهن شيشن واري عينڪ لاهي، ميري پهراڻ جي آڳي سان منهن اگهيائين، ۽ اٿي اسپتال ڏانهن روانو ٿيو ويو. پيءُ سان گڏ ڪجھ گهڙيون اڳ همدردي ڪندڙ نوجوان ۽ ڪجھ ٻيا ماڻهو به وڃڻ لڳا.
در جي ڀر ۾ وڇايل تڏي تي آهستي آهستي ماڻهو ويهندا ويا. ماڻهن جا منهن ان اوچتي المئي سبب لٿل هئا. پريان گهر جي اڱڻ مان اوسارن جا آواز اڃا به اچي رهيا هئا، جن ماحول کي وڌيڪ دکدائڪ بڻائي ڇڏيو هو، ڪجھ گهڙين تائين ڪنهن به نه ڳالھايو، پوءِ هڪ پيرسن شخص ڳالھائڻ جي ابتدا ڪئي، ”هاءِ!ٰ هاءِ!، ڇوڪر تنهنجو اخلاق، ڪڏهن به پيءُ نه پڻايائين. گهٽيءَ مان ويندو هو ته ڪنڌ هيٺ نه تو ڏٺو نه مون.“
”جنت ۾ ويندو.“ هڪ ٻيو ماڻهو شاهن جون خوبيون بيان ڪرڻ لڳو. ”پيءُ جي اهڙي خدمت ڪيائين جو چئي کڻي بس ڪجي. بيمار ٿي پيو ته ٻڪن ۾ کانگهارا ميڙيائين، واھ ڙي شاهن تنهنجي وفاداري.“
”مون کي ته يار ڌڻي بخش جو ٿو ارمان ٿئي. پوڙهو مڙھ ڪيئن ڪندو.“ پڪي عمر جي هڪ شخص کي پيءُ جي حال تي جهٻو آيو.
”بس ڙي يار، سائين پنهنجا راز پاڻ ٿو ڄاڻي.“ پيرسن شخص ڊگهو شوڪارو ڀري ڳالھايو، ”ڪنهن کي سرئون سر ڪري ته ڪنهن کي نهوڙي ماري.“
ڪجھ وقتن لاءِ ويٺلن پنهنجي گفتگو روڪي ڇڏي، پاڙي جون ڪجھ عورتون تڏي اڳيان لنگهيون ته ڪنڌ جهڪائي ماٺ ٿي ويا، ۽ تيستائين نه ڳالھايائون جيستائين اهي گهر ۾ داخل نه ٿي ويون. گهر ۾ جوان جماڻ شاهن جي موت تي وري اوسارا گونجڻ لڳا ۽ تڏي تي ڏکوئيندڙ گفتگوءَ جو ساڳيو سلسلو شروع ٿي ويو. ماڻهو ڳالھائڻ وقت وڏا وڏا شوڪارا ڀري پنهنجي ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ لڳا.
تڏهن اداس ماحول کان پريان گهٽيءَ جي مهڙ وٽان هڪ ننڍو ٻار ظاهر ٿي، هو ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو، هٿ جي تريءَ کي سڌو ڪري هوائي جهاز واري انداز ۾، هوا ۾ لهرائيندو تڏي تي آيو، تڏهن تڏي تي ويٺلن مان ڪنهن به ڏانهنس ڌيان نه ڏنو ۽ هو اڳتي وڌي، ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هڪ اڻڀن ۽ وکريل وارن واري پريشان شخص مٿان اچي بيٺو.
ٻار هن جي مٿان بيهي ڪجھ چيو، پر ماڻهن جي گفتگوءَ سبب ٻار جو آواز اهو شخص ٻڌي نه سگهيو، ٻار هن ڪلهي ۾ هٿ وجهي ٿورو ڏاڍيا ڳالھايو، ”بابا بابا، هو آ نه ڪاڪو گلو رانديڪن وارو، اهو آيو آهي.“
گهڻو سوچڻ ڪري ان شخص جي منهن ۾ پيل گهنج، هڪ لمحي لاءِ ڊهي ويا، ۽ وري سوچ جي ساڳي ليڪ نرڙ جي وچ ۾ ٺهي هن جي پريشانين کي ظاهر ڪرڻ لڳي. هن ڪو جواب نه ڏنو. رڳو ٻار ڏانهن خاموشيءَ سان ڏٺائين.
”ڪاڪو گُلو آيو آ بابا.“ ٻار وري چيو. ”روپيو ڏي ته جهاز وٺي اچان. کوڙ جهاز اٿس.“
”روپيو ڪونهي.“ سوچن ۾ گم ٿيل شخص سرد لهجي ۾ چيو، ”شام وٺجانءِ.“
”شام ڪاڪو هليو ويندو.“
”ضد نه ڪبو آ. شام شهر ويندس ته اتان تو لاءِ وٺي ايندس.“
”پوءِ ثمينه کي هاڻي ڇو ڏنئي. مون کي به هاڻ ڏي...ڏي..ڏي هاڻي ڏي.“
اڻڀن وارن واري شخص وري به کيس ڌيرج ۽ نهٺائي سان سمجهائڻ چاهيو، پر جڏهن ڏٺائين ته سڀ ماڻهو ٻار جي سبب گفتگو روڪي هن ڏانهن ٺٺول ڀريل نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا، تڏهن هڪدم هو ککو وکو ٿي ويو. هيترن ماڻهن جي وچ ۾ هن جو ٻار چوڻ نه وٺي، ڪيڏي نه هن جي بيعزتي ڪري رهيو هو، ڪيئن نه هن کي ماڻهن جي نظرن ۾ ڪيرائي رهيو هو، ان احساس ٻار لاءِ هن جي دل ۾ ڌڪار ڀري ڇڏي.
ٻار وري ضد ڪيو، ”ڏئين نه ٿو، ڪاڪو گُلو هليو ويندو.“ ٻار جي اکين ۾ ڳوڙها ڇلڻ لڳا.
پريشان شخص آپي مان نڪري ويو. ”اڙي وڃين نه ٿو، هان......هيڏو چوان ٿو ته به ڪتي وار ضد نه ٿو ڇڏين.“ ٻه چماٽون هڪٻئي پٺيان واهئي ڪڍيائين. ”ڪندين ضد! هان، ڪندين ڪتي وارو ضد؟“ هو ٻار تي مڇرجي ويو.
ڌڪ لڳڻ تي ٻار ٿيڙ کائي پريان وڃي ڪريو. ماڻهو وچ ۾ اچي ويا ته اهو شخص اڃا به طيش ۾ اچي ويو ۽ ڀر سان پيل چمپل کڻي ٻار ڏانهن اڇلايائين.
ماڻهو ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙن پيءُ کي سمجهائڻ جو ذمو کنيو ۽ ٻين روئندڙ ٻار کي وڌيڪ ڌڪن کان بچائڻ لاءِ پيءُ کان پري ڪري ورتو، ننڍڙو ٻار سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ٻار جي سڏڪن تي ماڻهن جي سينن ۾ هن لاءِ رحم جاڳي پيو، همدردي پيدا ٿي ۽ اهڙي ئي جذبي تحت هڪ ماڻهو پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ روئندڙ ٻار کي پنهنجي ڀر ۾ وٺي آيو.
”ٻار کي ڪهڙي خبر سائين.“ هو ڳالھائڻ لڳو. ”ٻار ته هر ماحول ۾ ٻار ئي هوندو آهي.“ هن کيسي ۾ هٿ وجهي روئندڙ ٻار کي رپيو ڏيڻ چاهيو، پر ٻار ڪنڌ لوڏي وٺڻ کان انڪار ڪيو. هو ڪاوڙيل پيءُ ڏانهن ڏسي وري سڏڪا ڀرڻ لڳو.
”وٺ پٽ، وٺ. .....شاباش.“ همدردي ڪندڙ شخص زوريءَ هن جي کيسي ۾ روپيو وڌو ۽ ٻار سڏڪا ڀريندو اتان هليو ويو.
تڏي تي بحث ڇڙي ويو. ماڻهن ان ننڍڙي واقعي تي ڳالھايو، پڻس اخلاقي قدرن تي ڳالھايو، ويٺلن ٻين ٻارن جا مثال ڏنا ۽ اهو بحث تڏهن ختم ٿيو، جڏهن تڏي تي هڪ ٿلهو شخص اچي ويٺو. هن ويهڻ شرط مري ويل تي ڳالھايو، هن جي خوبين تي ڳالھايو ۽ ٻين اهڙن ڪيترن ماڻهن تي ڳالھايو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڻيءَ ۾ ٻڏي مريا ويا هئا، پوءِ گهرو ساھ کڻي، ٽنگن کي ٿور ڊگهو ڪري پاڻ کي ڀت جي سهاري ڍلو ڇڏي ڏنائين. هن جي ڀرسان ويٺل هڪ ماڻهو خاموشيءَ سان اٿيو ۽ بوٽ پائي اتان هليو ويو.
”ڀلا اسپتال ڏانهن ڪوئي ويو آهي؟“ ٿلهي شخص پيٽ سان چنبڙيل قميص کي ٿورو مٿي ڇڪيندي چيو.
”چاچو ڌڻي بخش ۽ ٻه چار همراھ ويل آهن.“ ويٺلن مان هڪ ٻڌايس.
هڪ ٻيو ماڻهو، جو هيترو وقت خاموش ويٺل هو، تنهن ڳالھايو.
”بئنڪ وارن سٺو نڀايو اٿس. ڪلھ ته مئنيجر به آيو هو.“
”سائين لائق به ته هو نه، ڪيئن نه ساٿ ڏيندس.“ ٿلھي شخص گهرو شوڪارو ڀري چيو، ”واھ جو نالو ڪمايو اٿائين.“
”مون وٽ پڙهيو هو.“ ساڳي پيرسن چيو، ”ننڍي کان ئي سلڇڻو هو، ڪڏهن ڪا شڪايت نه آئي شاهن جي.“ هو شاهن جي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين، سموري دور جا واقعا ۽ هن جون خوبيون بيان ڪرڻ لڳو ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا ويٺل به شاهن جي اخلاق ۽ نيڪين بابت ڳالھائيندا رهيا.
پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن ماڻهن ان موضوع کي بدلائڻ چاهيو، هاڻ انهن کي شاهن جي ذات سان لاڳاپيل ڳالھين سان ڪا دلچپسي نه رهي هئي، هڪ ئي موضوع تي گهڻو ڳالھائڻ ڪري، اهي ٿڪجي پيا هئا. بيزار ٿي پيا هئا، اهڙي بيزاري هنن جي چهرن مان ظاهر ٿي، انهن جي اندر جي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لڳي هئي.
موضوع کي بدلائڻ لاءِ، هڪ نوجوان پنهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ همراھ کان هڪ ذاتي نوعيت جو سوال پڇيو ۽ موٽ ۾ هو به کائنس اهڙو ئي سوال پڇي ويٺو، پوءِ جواب ڏيندڙ نوجوان، پنهنجي پوڙهي آفيسر تي لعنتون وڌيون، ان جي ذليل رويي تي کيس گاريون ڏنيون، کيس منافق ڪوٺيو ۽ زهر سڏيو.
باقي ماڻهن پهريان ٻنهي جي ڳالھائڻ تي، همدردي ۽ حمايت ۾ ڪنڌ لوڏيا ۽ پوءِ اهي موضوع جي هڪجهڙائي وارو قيد ٽوڙي، آزاديءَ سان ڳالھائڻ لڳا. هاڻي ٻه ماڻھو ملڪي حالتن تي ڳالھائي رهيا هئا. دليل بازي ڪندي هڪڙو همراھ تيز ٿي ويو. ڦرين، ڌاڙن ۽ لاقانونيت تي ڳالھائيندي هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، اکيون ٻاهر نڪري آيس، بحث وڌي ويو.
پوءِ سياست، هندستان ۾ سکن جي جي ويڙھ، ايران ــ عراق جنگ، بيروت، روس ۽ آمريڪا، افغاني، مهاجر، هيروئن، هٿوڙا گروپ، ڪلاشنڪوف ۽ فلمن جي عام موضوعن تائين انهن ڳالھايو ۽ ڀرپور ڳالھايو، ذاتي نوعيت جي پڇيل سوالن کان شروع ٿيندڙ اها گفتگو ايئن اڳتي وڌي ۽ اهڙو اڳتي وڌي جو لڳو ٿي، ڄڻ ته شاهن جي موت جو تڏو نه هجي، ڪو هوٽل هجي، جنهن جي ٽيبل تي سياسي، سماجي، ادبي ۽ عام سوچ رکندڙ فرد اچي گڏ ٿيا هجن.
ٿلھو شخص هڪ ماڻهوءَ جي ڪنهن ڳالھ تي هاڻي کلي رهيو هو ۽ شاهن کي پڙهائيندڙ پيرسن شخص، ٿڪجي پوڻ سبب ڀت کي ٽيڪ ڏئي جهوٽا کائي رهيو هو.
بحث هلي رهيو هو ۽ اهو تڏهن ختم ٿيو، جڏهن هڪ ٽانگو هلندو در جي اڳيان اچي بيٺو، ٽانگي مان جيئن ئي اڇن برقعن پهريل ٻه عورتون لٿيون ۽ پار ڪڍنديون گهر ۾ داخل ٿي ويون ته گهر ۾ وري ڪهرام مچي ويو.
تڏي کان ذهني طور هٽي ويل ماڻهو، وري تڏي تي موٽيا. اڻڀن ۽ وکريل وارن وارو پريشان شخص بيحد دکي ٿي ويو. هو منهن ۾ گنهج وجهي ڳالھائڻ لڳو،”زندگي به ڇا ڇا ويل ٿي ڪري، ماڻهو سڄي ڄمار رڳو ڀوڳي ٿو. سور سهي ٿو ۽ مري ٿو وڃي. ڇا حال آ ويچاري انسان جو.“ هو گهرو ساھ کڻي سامهون گهر ڏانهن ڏسڻ لڳو، جتان روئڻ جا آواز اڃا به اچي رهيا هئا.
”ٽن ڏينهن جو ٻڏل آ.“ هڪ ماڻهو چوڻ لڳو، ”حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي هوندس.“ جواب ۾ ماڻهو وري شاهن جي موت ۽ پيءُ جي ڏکن ڏاکڙن تي ڳالھائڻ لڳا.
ٻارهن ٿي ويا هئا، سج جي رخ مٽجڻ سبب، ڪجھ ماڻهن مٿان اس پئجي رهي هئي، ان پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ ماڻهوءَ تڏي کي ٻي پاسي رکڻ جي صلاح ڏني، ماڻهو يڪدم اٿيا ۽ تڏو کڻي ڀت جي ٻئي پاسي ڇانو ۾ ٿي ويٺا ۽ ڪجھ ماڻهو ويهڻ بدران اتان ئي هليا ويا.
گهڻن موضوعن تي ڳالھائي ڳالھائي ماڻهو هاڻ چپ ٿي ويا هئا. تڏي تي مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڀت جي ڏار مان جهرڪيءَ جي ٻچن “چڙڪ چڙڪ“ ڪري زندگيءَ جو احساس ٿي پيدا ڪيو ۽ اهي به جڏهن چپ ٿي پئي ويا، تڏهن ساڳي ئي موت جهڙي خاموشي ڇانئجي ٿي وئي.
ماڻهن جي چهرن تي هاڻ سخت بيزاري ۽ چڙ نظر اچڻ لڳي هئي. سماجي لاڳاپن جي کين پرواھ نه هجي ها ته شايد لاش جي اچڻ جو انتظار نه ڪن ها، هليا وڃن ها، جڏهن کان اهي اس کان بچي ڇانو ۾ ٿي ويٺا هئا، تڏهن کان ڪنهن به نه ڳالھايو هو.
اوچتو ماڻهن کي ساھ کڻڻ ۾، هڪ اڻ وڻندڙ بوءِ جو احساس ٿيو، بوءِ جا آهستي آهستي وڌندي ماڻهن جي حواسن سان ٽڪرائجڻ لڳي.
پوءِ هڪ لمحو اهڙو به آيو، جڏهن موڙ وٽان ماڻهن جو هجوم نظر آيو ۽ تيزيءَ سان ڦهلجندڙ بوءِ شاهن جي لاش اچڻ جي خبر چوطرف پکيڙي ڇڏي، تڏي تي ويٺل ماڻهو اٿي بيٺا.
لاش سان گڏ ايندڙ ماڻهو پنهنجن چهرن کي رومالن ۽ انگوڇن سان ڍڪي اچي رهيا هئا. جن ماڻهن جا منهن ڍڪيل نه هئا، انهن جا چهرا اگري بوءِ سبب ڇڪجي، پنهنجي اصل شڪل ۽ صورت بگاڙي چڪا هئا. جيئن جيئن، لاش ويجهو ايندو ويو، ماڻهن جي حالت خراب ٿيندي وئي، ساھ گهٽجڻ لڳن. ايئن ٿي لڳو، ڄڻ ته ڪنهن ڪوس گهر جو بدبودار ڍير هجوم پنهنجي ڪلهن تي کڻي ايندو هجي. ٽن ڏينهن جو ٻڏل شاهن، پنهنجي جسماني جوڙجڪ کان ٽيڻ تي سڄي ويو هو، هن جي منڍيءَ وٽان اڇو ڪپڙو، هن جي وات مان نڪتل ناسي پاڻيءَ سبب آلو ٿي ويو هو، جنهن مٿان ڪجھ مکيون، لوڏن ۽ ڌڏڪن جي باوجود چنبڙيل نظر اچي رهيون هيون.
لاش تڏي جي ويجهو آيو ته ماڻهن جون نڪن وٽان چمڙيون ڇڪجي ويون. وات ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ لڳن ۽ اجهڪا اچڻ لڳن.
”توبھٰ ڪيڏي ته ڌپ آ، ساھ ٿو نڪري.“
”جيئن مهينن کان پوسرجي ويل ڍونڍ مان ڌپ ايندي آ، اهڙي ڌپ ٿي اچي.“
”اچ ته نڪري هلون، نه ته دم گهٽجي ويندو.“
اهڙا ڪيئي آواز گونجيا، ڪرڀ ۽ ڪراهت جو دٻيل لفظن ۾ اظهار ٿيو، ۽ پيھ گهٽجڻ لڳي.
۽ انهن ماڻهن کان پريان پيءُ روئندو، پنهنجي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو لاش ڪلهن تي کڻي هلي رهيو هو. گهٽيءَ ۾ بيٺل ماڻهو ٽولن جي شڪلين ۾ ورهائجي ويا هئا. هاڻ ته شاهن جون خوبيون ۽ وفاداريون بيان ڪندڙ به ٽڙي پکڙي ويا هئا، انهن ساڳين چهرن تي نه همدردي هئي، نه ڏک هو. اتي وحشت ۽ هراس پکڙيل هو، ڪرڀ پکڙيل هئي ۽ ڌڪاري ڦهليل هئي. انهن کان پريان ڪوٺن جي وڏن پلويڙن تان نظر ايندڙ عورتن جي ڍڪيل چهرن تي به ساڳيو خوف ۽ هراس نظر اچي رهيو هو.
لاش جڏهن در کان لنگهايو ويو ته پوڙهي ماءُ گهگهي آواز ۾ رڙيون ڪيون، ڪوڪون ڪيون، ڀيڻس پار ڪڍيا. جوانيءَ ۾ ڀاءُ جي وڇوڙي تي آهون ڀريون، ۽ پوڙهو پيءُ پٽ جي پيرن کان ويهي مٿو پٽڻ لڳو ۽ سڏڪڻ لڳو.
لاش مٿان بيٺل عورتن جو، تيز بوءِ سبب ساھ منجهڻ لڳو، اتي بيهڻ جي انهن ۾ جڏهن سگھ نه رهي ته آهستي آهستي اتان وڇڻ لڳيون. سماجي لاڳاپن جا ڏاوڻ پنهنجو پاڻ ٽٽي پيا. انسانيت شاهن جو روپ ڌاري ورتو.
۽ سامهون ماءُ پٽ جي وڇوڙي تي اڃا ماتم ڪري رهي هئي. کليل وارن واري ڀيڻ جا اوسارا ختم ئي نه ٿي ٿيا هئا ۽ پيءُ پنهنجي نصيبن تي روئڻ کان ماٺ نه ڪئي هئي ته اتي بيٺل هڪ عورت وات کي هٿ ڏئي نلڪي طرف ڊوڙي وئي، تڏهن پيءُ شايد نلڪي مان ايندڙ اوڪارن جا آواز ٻڌي ورتا ۽ اوڏيءَ مهل ته هن جو وجود ڪنهن ٻرندڙ جبل جيان ٿي ويو. وقت جي اهڙي ڪلور تي هن جي اندر واري شخص وٺي دانهن ڪئي، هو وڏي واڪي روئڻ لڳو، لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو.
پوءِ ڪجھ گهڙين کان بعد هن جڏهن ڪنڌ مٿي کنيو ته ڪافي عورتون وڃي چڪيون هيون، جيڪي بيٺل هيون انهن جي نڪن تي به روا ڏنل هئا، ۽ انهن جي اکين مان وحشت ليئا ٿي پاتا.
هو اٿيو، آهستي آهستي هلندو در تائين آيو، اندر عورتن جا چهرا ڍڪيل هئا، ۽ ٻاهر به ان بوءِ کان بچڻ لاءِ مردن وٽ رومال هئا، انگوڇا هئا ۽ پيءُ وٽ بيوسي هئي، ڏک هو، نوجوان پٽ جي وڇوڙي جو فقط درد هو. پيءُ ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته زندگيءَ جي پوين پهرن ۾ پٽ کائنس ايئن کسجي ويندو، هن ته ڪڏهن خواب ۾ به اهڙو موت نه ڏٺو هو، جو موت نه لڳي هڪ خواري لڳي.
پر وقت ڪيڏا نه هاڃا ٿو ڪري، شاهن مئو هو ته اهڙي موت، جنهن ۾ ماڻهن وٽ هن لاءِ ڪا پنهنجائپ نه هئي، انهن جي هٿن ۾ گلن جا هار نه هئا، جي هئي ته ڪرڀ هئي، وحشت هئي ۽ هٿن ۾ رومال هئا، جن سان اهي پنهنجا نڪ ڍڪ ٿي هليا.
پيءُ ٿلهن شيشن واري چشمي پٺيان ماڻهن جي اهڙن چهرن کي ڏسي ورتو هو، جيڪي بيوسيءَ جي مرندڙ موت شاهن تي ڄڻ هڪ ٺٺول هئا. پيءُ هڪ وڏي اوڇنگار ڏني، ۽ پوءِ ٽڙيل پکڙيل ماڻهن ڏانهن ايئن ڏٺائين ڄڻ ته اکين ئي اکين ۾چوندو هجي، ”نڪن تان رومال هٽايو.......منهنجي شاهن جي توهين ٿئي ٿي.“
پر ماڻهو پيءُ جي اکين مان وهيل لڙڪن سان گڏ، اهي لڙڪ ڏسي نه سگهيا، جيڪي شاهن جي اهڙي بيوسيءَ واري موت تي لڙي پيا هئا.