نظر انداز ٿيل احساس
تو کي فن ۽ انھيءَ جي اهميت جو اندازو ڪونھي. هيءُ جيڪي مان ڪريان پيو هڪ ڏينھن ڏِس ته مُون کي ڪٿي ٿو پھچائي؟
ڏُک اهو ئي آهي فھميده ته تُون ادب ۽ اُن جي اهميت کان اڻواقف آهين. اها به ته هڪڙي عورت هُئي نه جنھن هڪ ڏاهي سان شادي ڪئي. توڙي جو هوءَ وڏ گهراڻي عورت هُئي. ڀاڻس وزير هو پر مُڙس جي غُربت ۾ ڪڏهن مُڙس کي غريبيءَ جو طعنو نه ڏنائين. تو کي شايد يقين اچي ته هڪ پاسي انھن جو ٻار سخت بيمار هو ۽ ٻئي پاسي اهو ڏاهو لکڻ جي عمل کي جاري رکيون پئي آيو. سندس چوَڻ هو ته مان جنھن ٻار کي تخليق ڪري رهيو آهيان سو ڪڏهن به مري نه سگهندو.
پوءِ؟
پوءِ اهو ٻار مري ويو پر هُن جي اها تخليق اڄ به زندهه آهي جنھن پوريءَ دُنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.
پر مان تُنھنجي سکڻي شوق جي پُورائي لاءِ ائين نه ڪنديس.
۽ اڄ هڪ ئي هفتي ۾ هيءُ ٽيون واقعو ٿيو آهي. هُو هڪ ٻئي جي آمھون سامھُون اچي بيٺا آهن جيئن عدالت جي ڪٽھڙي ۾ فريادي ۽ جوابدار! ٻنھي جي هڪ ٻئي تي جرح شروع ٿي چُڪي آهي. بند ڪمري ۾ لفظن جي ڏي وٺ باهه جيان ٻنھي کي جلائڻ لڳي ٿي.
تو پنھنجي رويي تي ڪڏهن سوچيو آهي؟
ڇا ڪيو آ مُون؟
ٽئين ڏينھن خالد کي جيڪي ڪُجهه چئي رهي هُئينءَ ڇا مطلب هو ان جو؟
ڇا چيو هُيم؟
ته پيءُ وانگر نه ٿجانءِ! ڇو مُون ۾ ڪھڙي خرابي آهي؟ اها ته تو کي ڪڏهن به روايتي مرد وانگر پنھنجي ٻانھي ناهي سمجهيو. پير جي جُتي ناهي محسُوس ڪيو.
ڀلي ائين ڪري ڏِس! مان تُنھنجي ٻانھي ٿي ڪونه رهندس.
مُون تو کي ڪڏهن ان نظر سان ڏٺو آهي ڇا؟
اڳي ته نه پر هاڻي محسُوس ٿئي ٿو.
ڇا؟
تو ٽئين ڏينھن جنھن طريقي سان مُون سان ڳالھايو هو اُن جو ڪھڙو مقصد هو؟
ڪھڙو مقصد هو؟
اهو ئي ته هاڻي مُون کي دٻائيندو ۽ هيسائيندو رهندين پر مُون کي ان جي ٽڪي جي به پرواهه ڪانھي.
تون ان مسئلي کي پاڻ وڌائڻ ٿي چاهين!
مُون ته ڪُجهه به نه ڪيو آ! مان ته هر ڏُک ۾، تڪليف ۾ تو سان گڏ رهي آهيان؟
۽ مان...... مان جيئن تو سان هليو آهيان اُن جھڙو ڪو مثال آهي تو وٽ؟
ڀلا مان تو سان ڪھڙو خراب هلي آهيان؟
تو هيل تائين مُنھنجي ڏُک کي، مُنھنجي احساس کي سمجهڻ ئي نه چاهيو آهي!
مھرباني ڪري مُون سان اها لفاظي نه ڪر! سِڌو ڳالھاءِ!
مُنھنجو اهو ئي ته الميو آهي ته مان ڪڏهن به تو کي دل کولي پاڻ ڏيکاري نه سگهيو آهيان.
اهو به تُنھنجيءَ ڪھاڻيءَ جو مڪالمون آهي ڇا؟ ٿڌا شُوڪارا ٿو ڀرين! مُون سان شادي ڪري پڇتائين ٿو ڇا؟
مان وڌيڪ ڳالھائڻ نه ٿو چاهيان فھميدا!
۽ مُنھنجي جيڪا بي عزتي ڪيئي سا آئي وئي ٿي وئي ڇا؟
مُون چيو نه فھميدا ڪنھن ٻئي موضُوع تي ڳالھاءِ! مُون کي ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالھه تي جاهل ڇو سڏيندو آهين؟
مُنھنجيءَ نظر ۾ هر اُهو شخص جاهل آهي جيڪو ٻارن کي ماري ٿو.
ته ماءُ جي ڪا جوابداري ڪانھي؟
پيءُ ماءُ جي اها جوابداري آهي ڇا ته گهر ۾ هڪڙو ٿاڻو قائم ڪري اُتي صُوبيدار بڻجي ويھي رهجي.
مان جو خالد کي ماريان ٿي ته مُنھنجي اولاد نه آهي ڇا؟ نوَن مھينن جا سُور ڇا تو کاڌا هُئا جو ايڏي وارثي ٿو ڏيکارين؟
فھميدا! ائين ته ٻار نفرت کڻي وڏو ٿيندو. ضدي ۽ هوڏي بڻجي آزار پيدا ڪندو.
ڪنھن لاءِ؟
تو لاءِ، مُون لاءِ ۽ دُنيا وارن لاءِ!
اهو به تُنھنجيءَ ڪنھن ڪھاڻيءَ جو مڪالمون آهي شايد!
مان ان موضُوع تان هٿ کڻان ٿو. هاڻي مان هڪ لفظ به ڪونه ڳالھائيندس.
تون ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالھه تي خالد اڳيان مُون کي بي عزتو ٿو ڪرين. گهٽ وڌ ٿو ڳالھائين. مُنھنجي هِن گهر ۾ ڇا اها عزت آهي؟ ٻُڌاءِ!
خاموشي!
اوڙو پاڙو ۽ شريڪ ٿو مون تي کلائين! ڇو؟
صاف ڳالھه آهي فھميدا! مان خالد کي مار کائيندو ڏِسي نه ٿو سگهان. خُدا جي واسطي گهر کي گهر رهڻ ڏي! ٿاڻو نه بڻاءِ!
۽ خُدا جي واسطي تُون پنھنجي ڳالھائڻ کي درست ڪر! اها گُفتگوءِ مُون کي زهر ٿي لڳي.
فھميدا! اڄ مان هڪ نتيجي تي پھتو آهيان.
ڪھڙو؟
اهو ته مُون کي تو سان صرف مرد بڻجي ورتاءُ ڪرڻ گهُرجي جيڪو زال کي پير جي جُتيءَ جيتري اهميت ڏيندو آهي پر مُنھنجو الميو اهو آهي ته مان ائين به ڪري نه ٿو سگهان.
تڏهن ته چوانءِ ٿي ته ڀل اهو شوق به پُورو ڪري ڏِس!
مُنھنجي خيال ۾ گُفتگوءَ کي اهو موڙ ڏيڻ کان بھتر آهي ته ڪو صحيح دڳ وٺون. اچ ته ايمانداريءَ سان پنھنجي پنھنجي غلطين جو اعتراف ڪريون. جيڪي مُون ۾ خاميون آهن مان اُنھن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ تُون به پنھنجي ان رويي کي بدلائڻ لاءِ سوچ!
مُون کي طلاق گهُرجي!
طلاق! تون هوش ۾ ته آهين فھميدا؟
ها! مان هوش ۾ آهيان. تُون ڪنھن اهڙيءَ عورت سان وڃي شادي ڪر جيڪا گهڻو پڙهيل هُجي؛ مُھذب هُجي ۽ تُنھنجي ادب ۽ فن جي قدردان به هُجي.
مون چيو نه اها گُفتگوءِ اسان کي تباهيءَ ڏانھن پئي گِھلي وڃي. اچ ته ان کان بچڻ جو ڪو رستو ڳوليون.
گهر ۾ هيڏو ڪاڪڙو ڪيئي. اهو سوچيئي ته چئن زائفن ۾ مُنھنجي به ڪا عزت هُوندي يا احساس تو وٽ ئي آهن بس!
سچي ڳالھه اها آهي ته اهو تُنھنجيءَ روش جي خلاف مُنھنجو ننڍڙو احتجاج هو.
۽ تُنھنجو اهو انداز مُون کي بلڪُل پسند ناهي. نفرت ٿي وئي آهي تو کان ۽ تُنھنجيءَ سوچ کان!
تون مُون کي سنگسار ڪرڻ تي سَندرو ڇو ٻَڌي بيٺي آهين فھميدا؟
تڏهن ته چواءِن ٿي ته مُون کي طلاق ڏي!
ايتري انتھا نه ڪر فھميدا! جو واپس وَرڻ جا سڀئي دڳ بند ٿي وڃن!
مان اهو ئي ته چاهيان ٿي.
جي مان طلاق نه ڏيانءِ ته......
ته پوءِ تو سان ڪورٽ ۾ مُلاقات ٿيندي.
فھميدا...... فھميدا! اهڙا واقعا اڳ به اسان جي زندگيءَ ۾ ٿيندا رهيا آهن. انھن کي اڳي جيان در گُذر ته ڪري سگهجي ٿو.
پر مُون کان هاڻي اهو برداشت نه ٿو ٿئي.
مڃان ٿو ته پنھنجن روين سان اسان ٻنھي هڪ ٻئي کي مايُوس ڪيو آهي پر ان کان الڳ هڪڙي ٻي سچائي به موجُود آهي ته اسين هڪ ٻئي کي چاهيون به گهڻو ٿا.
اها ته تُنھنجي غلط فھمي آهي.
ته هيترو وقت تُون مُون کي صرف برداشت ڪندي رهي آهين!
تون پاڻ به ته ائين ئي ڪندو رهيو آهين.
ڇا ڪيو اٿم؟
جيڪي عشق ڪيا اٿئي مُون کي اُنھن جي خبر ناهي ڇا؟
اهو مُنھنجو ماضي هو. اڄ مون هر عورت ۾ پھريان تو کي ڏٺو آهي ۽ پوءِ ان کي!
تون هيل تائين مُون سان اها لفاظي ئي ته ڪندو رهيو آهين. مُون کي تُنھنجي سڀ خبر آهي.
نفرت جي انتھا کي پھچڻ کان اڳ فھميدا مُنھنجي محبتن کي به ياد ڪر!
مُون کي صرف تُنھنجون زيادتيون ٿيون ياد اچن. هيل تائين تون مُون کي نظر انداز ئي ته ڪندو رهيو آهين.
جذباتيت جي انتھا ويل رُڳو هڪ طرفيون ڳالھيون ياد اينديون آهن فھميده! مان تو کي ياد ڏياريان ته مون تو کي خوش رکڻ لاءِ پنھنجي خواهشن کي ڪڏهن به اهم ناهي ڄاتو....
تون سُست ۽ ڪاهل آهين. تو پاڻ کي ڪڏهن به بدلائڻ ناهي چاهيو. گهر ۾ اڻپُورائي آهي. تو ان جي خاتمي جو ناهي سوچيو. فقط تصوُراتي دُنيا ۾ رهڻ وارو ماڻھو آهين تون.
مُون کي جيڪو ڪُجهه بڻجڻو هُيو؛ سماج ۾ جيڪا حيثيت جوڙڻي هُئي سا جوڙيم. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ڪريان؟
تو پنھنجيءَ خود پسنديءَ جي ڪري اسان سڀني کي رُڳو عذاب ئي ڏنا آهن. مُنھنجن خوابن کي تو ڪڏهن به پُوري ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.
ڪنھن جا خواب هِتي پُورا ٿيا آهن؟ ماڻھن جو ڪيترو حصو آهي جن کي پنھنجن خوابن جي من پسند تعبير ملي هُجي؟
مان ٻين سان ٻَڌل نه آهيان. جنھن گهر مان آئي آهيان اُن گهر جھڙيون خوشيون گهُرجن جيڪي تُون ڪڏهن ڏئي نه سگهيو آهين.
فھميدا! مُنھنجي اها ئي ته خامي آهي نه ته ان سماجي حيثيت ۾ تُنھنجي پيءُ جي برابري ڪري نه سگهيو آهيان.... بس نه!
تون حالتن کي بدلائڻ لاءِ ڪڏهن به سنجيدو نه رهيو آهين.
ڪيئن؟
مان تو کي آئيني ۾ تُنھنجي صُورت ڏيکاريان! تُنھنجو اصُل رُوپ! هوائي ڳالھيون ڪرڻ وارو، خوابن ۾ جيئڻ وارو!
فھميدا! مُون نه ٿي چاهيو ته اسين الڳ ٿي وڃون پر تُنھنجي هٺ ڌرميءَ اڳيان شڪست کائي ويو آهيان. تُون وڃڻ چاهين ته وڃ هلي مان ڪونه روڪيندوسانءِ!
باقي پاڻ کي نه بدلائجانءِ! زماني جي ترقيءَ ۾ حصو نه وٺجانءِ!
مُنھنجي ضبط جو ائين امتحان نه وٺ فھميدا! جي وڃڻ چاهين ٿي ته پوءِ بيٺي ڇو آهين؟
۽ خالد لاءِ ڇا ٿو چوين؟ اهو معاملو هاڻي ئي طئه ڪري ڇڏ!
ان لاءِ جيڪو تُنھنجي من ۾ اچي ڪر! مان خالد کي تُنھنجي فيصلي اڳيان ديوار ڪونه بڻائينديس.
ان مھل اَٺن سالن جو خالد انور ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو. ٻنھي اڳيان پنھنجن احساسن کي ائين نظر انداز ٿيل ڏِسي ٿو ته ٻيو ڪُجهه نه ٿو ڪري ٻه ننڍڙا هٿ مُنھن تي ڏئي روئڻ لڳي ٿو.