ڪالم / مضمون

واڄٽ ڪن وڻجار

”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽ احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.
يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي.
Title Cover of book واڄٽ ڪن وڻجار

وقت - جيڪو اسان وٽ آهي ڪونه

جئين جئين عمر وڌندي آهي ۽ عمر جي وڌڻ سان ذهني اوُسر ٿيندي آهي تئين تئين انسان پنهنجي طبعيت توڙي احساسن ۽ جذباتن جهڙي ڪيفيتن کان واقف ٿيندو رهندو آهي پو۽ انهن مطابق پنهنجي روين کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪجهہ شيون جيڪي ننڍپڻ ۾ پسنديده هونديون آهن اُهي عمر جي تقاضا مطابق اڳتي هلي ڪري ناپسنديده ثابت ٿينديون آهن وري ڪجهہ شيون جيڪي ننڍپڻ ۾ اڻ وڙندڙ هونديون آهن اُهي اڳتي هلي ڪري پسند اول جو درجو حاصل ڪنديون آهن، انسان ڪڏهن بہ يڪ طرفا احساسن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، مسلسل ڏکن جو گهيرو بہ انسان کي ڪمزور ڪري وجهندي آهي تہ وري يڪي خوشي جي موسم بہ پلي نٿي پئي، ان لا۽ پنهنجي زندگي ۾ ڏکن ۽ سکن کي برداشت ڪرڻ لا۽ هڪ توازن کي رکڻ بهتر آهي ۽ ان جي ضرورت بہ پوندي آهي اگر ڏکن ۽ سکن ۾ توازن برقرار نہ رکبو تہ زندگي بي معني ۽ بيڪار ثابت ٿيندي، توازن کي بهتر رکڻ لا۽ وقت هڪ بهترين مثال آهي، اوهان وقت جو مثال وٺو، وقت ڪڏهن بہ هڪ جهڙو نہ ٿو رهي، پنهنجي مقرر معيار ۽ مدار مطابق وقت پنهنجو سفر پورو ڪري پئي، وقت وٽ نہ ئي ڪي احساس آهن جيڪي کيس ڪمزور ڪري سگهن ۽ نہ ئي ڪو دل جنهن سان هُو ماڻهن طرفان مليل دردن کي محسوس ڪري سگهي، وقت وٽ تہ اُهي ٻہ اکيون بہ ڪونہ آهن، جيڪي اکيون پرين جي پار ڏي نظرون ڪري تن جي انتظار ۾ هجر جون راتيون گذارين، وقت تہ ان خوش فهمي جو شڪار بہ نٿي ٿي جنهن خوش فهمي کي ڪمزور دل پيار جو لقب ڏيندا آهن ها وقت پنهنجي اندر هڪ طاقت رکي ٿي هڪ اهڙي طاقت جيڪا ڪنهن بہ مهل ڪنهن کي بہ غلط توڙي صحيح ثابت ڪري سگهي، وقت جي انهي طاقت کي ئي پروڙيندي تہ سياڻن چيو آهي
”صحيح وقت جو انتظار ڪندا ڪريو“ .
اسان زندگي جي هن گونا گون سفر ۾ وقت سان جيڪا ويڌن ڪيون ٿا وقت ڦري ڪري ان جو اسان کان بدلو وٺي ٿي ۽ اسان کي هر روز ڪنهن نہ ڪنهن جڳهہ تي غلط ثابت ڪري ٿي، اسان پاڻ وٽ ڪڏهن بہ اها سوچ نہ پاليندا آهيون تہ آخر اسان ڇو غلط ثابت ٿياسين، اسان تہ وقت ۽ حالات سان سمجهوتا بہ ڪرڻ ڪونہ ٿا ڄاڻو، اسان مسلسل وقت کي نظرانداز ڪندا آهيون، سمهڻ جي ٽائيم جاڳندا آهيون ۽ جاڳڻ جي ٽائيم سمهندا آهيون، کائڻ جي ٽائيم پيئندا آهيون ۽ پيئڻ جي ٽائيم کائيندا آهيون، کلڻ جي ٽائيم روئندا آهيون ۽ روئڻ جي ٽائيم کلندا آهيون يعني اسان وٽ ٽائيم جو مڪمل چٽو عڪس آهي ئي ڪونہ جنهن تحت سندس اهميت ۽ قدر کي سمجهي سگهجي، اسان جو رويو وقت سان وقت سر ٺيڪ ناهي رهندو جنهن ڪري اڪثر ڪري اسان کي ڏک، درد ۽ ناڪاميون پلئہ پونديون آهن، ڪاميابيون انهن ماڻهن جي دروازي تي دستخط ڏينديون آهن جيڪي وقت جو قدر ڪرڻ ڄاڻيندا آهن وقت ۽ حالات مطابق پنهنجي سفر جي رفتار کي قائم ڪري سفر جو آغاز ڪندا آهن ڇو تہ گهڻي صبر سستي ۾ ۽ گهڻي جلدي تڪڙ ۾ شمار ڪئي ويندي آهي، اوهان دنيا جي ڪامياب ترين شخصيتن جي فهرست پڙهي ڏسو انهن سڀني ۾ هڪ شئي يڪسا آهي ۽ اُها آهي وقت جو قدر، انهن وقت جو قدر ڪيو ۽ پو۽ اڳتي هلي ڪري وقت انهن کي ڪاميابين جا تاج پارايا..