هڪ عورت جو سماج جي هر هڪ فرد ڏانهن لکيل خط
اڄ پوري دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو، اوهان تہ بخوبي ڄاڻو ٿا تہ توهان جي هن هٿ ٺوڪيي سماج ۾ اسان عورتن جو ڪهڙو مان ۽ مقام آهي، اي هن ڌرتي جا مفڪرو اوهان اهو بخوبي ڄاڻو ٿا تہ اسان پنهنجي زندگي ٻوسٽ واري ماحول ۾ گذاريون پيا، اسان کي اهو حق ڪڏهن بہ حاصل نہ آهي تہ اسان پنهنجي زندگي جو پاڻ ڪو فيصلو وٺي سگهون، اسان جي جواني جي ڏاڪي تي پهچڻ شرط ئي اسان جي زندگين جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا، اسان کان ڪڏهن بہ اهو نہ پڇيو ويندو آهي تہ اسان ان فرد بابت ڇا رايو رکون ٿا، يا ان بابت اسان جي ڪهڙي سوچ يا ويچار آهي جنهن سان اسان کي عمر ڀر لاءِ ڳنڍيو ويندو آهي، اسان جي زندگي ۾ سڀ کان اهم معاملا ۽ فيصلا اسان جا ڌڻي مطلب جنهن وس هجون ٿا، اُهي ئي طئي ڪن ٿا.
اسان کي اظهار راءَ جو حق نہ ٿو ڏنو وڃي، اگر اتفاقن ڪا عورت اندر ۾ حوصلو ڌاري ڪري اوهان مردن جي جوڙيل هن سماج ۾ سچ ڳالهائڻ جي جرت ڪري ٿي يا وري پنهنجا بنيادي حق وٺڻ چاهي ٿي تہ اوهان جي سماج جا فرد ان عورت کي بد ذهن ڪوٺن ٿا، ان جي ڪردار ڪشي ڪن ٿا، کيس بدڪار ڪوٺن ٿا، اگر ايترو سڀ ڪجھ ٻڌڻ کان پوءِ بہ ڪا عورت اڃا بہ اڳڀري رهي ٿي تہ ان کي کن پل ۾ صدين تائين خاموش ڪريون ڇڏين ٿا.
اي مڪتب نشينون
اوهان جي مڪتبن ۾ کوڙ سارا اهڙا ڪتاب هوندا جن ۾ عورتن جي دردن جا انيڪ قصا درج ٿيل هوندا پر انهن کي پڙهي ڪير؟
ڇو تہ هتي تہ هر ڪو عورت جي جسم سان کيڏڻ جو سوچي ٿو، هتي تہ هر ڪو پنهنجي ڪاري رات کي رنگين ڪرڻ چاهي ٿو، پوءِ کيس ڪهڙي لوڙ پئي آهي جو وتي عورتن جي ڏکن، دردن ۽ سوچن تي سوچيندو، ڪنهن ڏاهي چيو هو تہ” عورت صرف پيار ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، سمجهڻ لاءِ نہ“، شايد اوهان جي هن سماج جا سڀ فرد ان چوڻي جا پوئلڳ آهن، تڏهن ئي اکين ۾ حوس ۽ اندر ۾ بگڙ واري بک پالي ڪري جي رهيا آهن.
اوهان جا هي سڀ ڪانفرس، ميڙاڪا، سيمينار بي مطلب ۽ بي معني آهن، تيستائين، جيستائين اوهان عورت کي اهو مان، مرتبو ۽ عزت نہ ٿا ڏيو جنهن عزت، مان مرتبي ۽ شان جو هو حقدار آهي، اوهان جون هي سڀ گڏجاڻيون، ميڙاڪا ۽ ڪانفرنسون گهڙي کن ۾ فزا جي هوائن ۾ وکري ڪري تاريخ جي صفحن تان ميسارجي وينديون ۽ پوءَ وري عورت ان ساڳي ئي پيڙاه مان گذرندي پنهنجي زندگي گذاريندي جنهن پيڙاه مان هو صدين کان گذرندي پئي اچي.
جڏهن اوهان عورت جي درد کي سمجهندي ان جي بقا ۽ ترقي لاءِ ڪو لاءَ عمل جوڙي ڪري ميدان ۾ اچو تہ پوءِ ڀلي اهي ڪانفرنسون، ميڙاڪا ۽ سيمينار ڪرائجو، فل حال اوهان جون هي سڀ حڪمت عمليون بي مقصد توڙي بي ڪار آهن ۽ صرف جو صرف ڏيکاءُ آهي، اگر جي اوهان کي واقعي ئي اسان عورتن سان همدردي هجي ها تہ پوءِ اسان جون ڀينرون اوهان جي گهرن ۾ ڪاري ٿي نہ مرن ها، اسان جي ڀينرن کي ڪورٽن جي اعلي قانوني ادارن اندر مرد حضرات گولي جو نشانو نہ بڻائن ها، اسان جي ڀينرن کي زور زبردستي اڳوا ڪري مذهب تبديل نہ ڪرايا وڃن ها.
هي سڄو سارو سماج اوهان مردن لاءِ جوڙيل آهي ان جي ڪري ئي تہ ڌرتي تي سڀ کان پهريان آدم کي لاٿو ويو جيڪو صفتن مردن هو، حوا کي عورت صفت هجڻ ڪري دير سان آدم کان پوءِ ڌرتي تي لاٿو ويو، ان سڄي وارتا مان بہ اوهان مردن جي برتري کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، هنن ڪانفرنسن، ميڙاڪن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪندڙ اڪثر مرد حضرات بذات خود عورت جي آزادي ۽ خودمختياري جا مخالف هوندا آهن، پر مڙئي لوڪ مياري ٿيڻ کان بچڻ ڪري اهو تاثر ڏيڻ چاهيندا آهن تہ کين عورتن جي حقن، ڏکن، درد ۽ ڏوجهڙن جو وڏو فڪر آهي.