ڪالم / مضمون

واڄٽ ڪن وڻجار

”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽ احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.
يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي.
Title Cover of book واڄٽ ڪن وڻجار

  ٽڪي وڪاڻا ماڻهون

ڪجھ ڏينهن پهريان هڪڙو همراھ پنهنجي سياسي قبلن کان ناراض ٿيو، اصلي فيس تي هڻ هڻان لاهي ڏنائين، ڪڏهن انهن جي بي ڌياني جون شڪايتون ڪيائين پي تہ ڪڏهن کين ڏوراپا پي ڏنائين تہ اوهان اسان کي صفا وساري ڇڏيو آهي، اسان جهڙن جيالن کي نظر انداز پيا ڪريون، اسان کي ڪا بہ ترقياتي اسڪيم ڪو نہ ٿا ڏيو اسان صفا بي ڌڻي لڳا ويٺا آهيون، اوهان جي هوندي صوندي اسين تن تنها اڪيلا لاوراث لڳا پيا آهيون، مطلب تہ جيڪو تيڪو آيس پي سو لکيس پي فيس بڪ تي.
وري سندس ان دانهن ڪوڪن عيوضن الاءِ ڪئين بي خبري ۾ سندس سياسي قبلن کي سندس خيال اچي پيو انهن وري ڇا ڪيو جو سندس ڳوٺ واري ڪچي پيچري کي پڪو روڊ ڪرڻ خاطر کين هڪ ننڍڙي اسڪيم منظور ڪري ڏني، جيڪو شايد سندس نون ڏهن سالن جي حڪومتي بي ڌياني جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، همراه کي خبر پئي تہ سندس ڳوٺ وارو پيچرو پڪو ٿيڻ تي آهي، سائين جن وارن وڏ دلي جو مظاهرو ڪندي سندن سار لڌي آهي.
همراه گذريل نون ڏهن سالن جي ناانصافين، حق تلافين، بي ڌياني ۽ لاوارثي واري حالتن کي در گذر ڪري هڪ منٽ ۾ وري انهن سياسي قبلن جو متن ٿي پيو، ٺڪا ٺڪ فيس تي پنهنجي آقائن جي تعريف ۾ هڪ تحرير لکي وتائين ۽ انهن تحرير ۾ وڏي فاتحانہ ۽ فخريا انداز ۾ سائين جن جو شڪريو ادا ڪيائين.
ڳالھ جو ڪل مطلب اِهو تہ اسان جا اهڙا ڪافي دوست پنهنجي ذاتي مفادن جي نہ ملڻ مهل پنهنجي هٿ ٺوڪي سياسي قبلن کان وقتي ناراضگي ڏيکارڻ شروع ڪندا آهن، جنهن کي وري اسين اهو سمجهندا آهيون تہ شايد اسان واري يار ۾ شعور اچي ويو آهي، ڪوڙن دلاسن ۽ ٺوڪرن کي سمجهي چڪو آهي تڏهن بغاوت ڪرڻ شروع ڪيو اٿائين - پر افسوس تہ ائين بلڪل بہ نہ هوندو آهي.
ذاتي مفاد جي حاصل ٿيڻ شرط ئي اُهي يار وري انهن ڀوتارن جي شان ۾ گيت لکڻ شروع ڪن ٿا، تحريرون درج ڪن ٿا، انهن جي مان کي مٿاهون ڪرڻ لاءِ ٻٽاڪون هڻڻ ٿا، مطلب تہ ساڳي سنهي ڪرڻ واري روايت کي برقرار ڪن ٿا، افسوس ٿيندو اٿم سندن ان ڪم عقلي ۽ لاشعوري واري زندگي تي، يقنن اهڙا فرد معاشري ۾ پنهنجو ڪو خاص مقام نہ ٺاهي سگهندا.
ڇو تہ هو ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ پويان پنهنجي قومي مفادن جو جنازو ڪڍن ٿا، جيڪو عمل سندن لاشعور هجڻ جو چٽو ثبوت آهي.