ڪالم / مضمون

واڄٽ ڪن وڻجار

”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽ احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.
يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي.
Title Cover of book واڄٽ ڪن وڻجار

معذوري ڪو مهڻو تہ ناهي ؟

جڏهن ڪڏهن ڪو معذور فرد ڪو غير معمولي عمل کي پنهنجي صلاحيتن سان ثابت ڪري ڏيکاريندو/ڏيکاريندي آهي تہ اڪثر و بيش اخبارون ان خبر جي مٿي پٽي ۾ عمومن اهو جملو لکي ڇڏينديون آهن تہ ” معذوري ڪو مهڻو تہ ناهي“، اِهو جملو اڪثر اسان کي ٻين فردن وٽان بہ ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي.
ڪيڏو نہ آسان آهي ان جملي کي هڪ منٽ ۾ ورجائڻ پر اگر جي ان جملي تي غور ءِ فڪر ڪجي ٿو تہ معلوم ٿئي ٿو تہ اسان جي معاشري ۾ معذوري هڪ اعلي پائي جو مهڻو آهي اِها هڪ اڻٽر حقيقت آهي جنهن کان ڪڏهن بہ ڪنهن بہ بنيادن تي انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي.
اسان وٽ معذور طبقو پوءِ کڻي ان ۾ عورت هجي يا وري مرد توڙي ٻار يا ٻڍا، سڀ جا سڀ انتهائي درجي جي احساس ڪم تري جا شڪار آهن، سندن احساس ڪم تري جو سبب کين هن معاشري ۾ گهربل مان جو نہ ملڻ، زندگي گذارڻ لاءِ ڪي ڪارڳل حڪمت عملين جو نہ هجڻ، حڪومت توڙي اعلي اختيارن طرفان کين مسلسل نظر انداز ڪرڻ جهڙا سبب سرفهرست آهن.
اسان جو جوڙيل هي جُڳاڙي معاشرو جهڙي ريت هڪ صحتمند ذهن رکندڙ فردن کي مختلف پيڙائُن توڙي تڪليفن مان گذاري ٿي بلڪل اهڙي ئي ريت اسان جو جوڙيل هي جُڳاڙي معاشرو معذور فردن کي بہ انتهائي اذيت ناڪ تڪليفن ۽ دردن کان آشنا ڪرائي ٿي.
اڪثر روڊن رستن، بازارن توڙي عوامي ميڙاڪن وٽ معذور فردن کي جڏهن خيرات گُهرندي ڏسندو آهيان تہ سچ پُچ روح روئي پوندو اٿم، سوچيندو آهيان تہ اُن مسڪين طبقي جي فردن کي آخر پنڻ تي مجبور ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ اسان وٽ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمون توڙي فلاحي ادارا ان طبقي لاءِ ڪا مناسب حڪمت عملي ميدان ۾ ڇو نہ ٿا آڻين؟
چئن پنجن فردن جي ميڙاڪي کي ڪلاڪ ٻہ ليڪچر ڏئي فوٽو سوٽو ڪڍي اُهي فلاحي تنظيمون اِهو ڇو ٿيو سمجهن تہ سندس فرض بس اتي پورو ٿي ويو آهي؟

اُهي سماج ئي ترقي جي راھ تي گامذن ٿينديون آهن جنهن سماج جا فرد مڪمل طرح تخليقڪار هوندا آهن، جن ۾ مسئلن کي مختلف نوعيتن سان جاچڻ جي صلاحيت هوندي آهي، جيڪي ايندڙ وقت جي حالاتن ۽ واقعاتن جو اڳواٺ ئي اندازو لڳائي انهن جي حل لاءِ تحرڪ وٺڻ شروع ڪندا آهن، اِها بہ هڪ حقيقت آهي تہ هاڻ هر روز دنيا جي آبادي وڌندي رهندي ان جي برعڪس آبادي گهٽجي ٿي پر ان گهٽجڻ جو تناسب، آبادي وڌڻ جي نسبت تمام گهٽ آهي.
ان کان پهريان جو هي معاشرو مڪمل طرح سان خود فريبي جي تپ ۾ تپي وڃي، اچو تہ پنهنجي پاڻ سان هڪ وچن ورجايو تہ اسان پنهنجي هر صلاحيت توڙي وسيلي کي اِن ڌُڪاريل طبقي جي ڀلائي خاطر استعمال ڪنداسين، اسان پڙهيل لکيل ٿي ڪري کين روشني جا راھ ڏسينداسين، اسان کين مشڪلاتن جي جبلن کي جهڪائڻ جا جتن ٻڌائينداسين تہ جئين اُهي ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجو معاشرتي توڙي ذاتي زندگي ۾ گهربل مقام حاصل ڪري سگهن.