پڙاڏو سو ئي سڏ
پر اهو ممڪن ڪئين ٿئي، هر ڪو فرد ان مونجهاري جو شڪار آهي تہ ڪنهن جي قيادت ۾ اُهي پنهنجي اڄڪلھ جي هن فرسوده نظام کي تبديل ڪرڻ خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اُهي ڪنهن جي چوڻ تي عمل ڪن، ڪنهن جي آسري تي پنهنجي سر جو سانگو لاهي ڪري ڀوتارن، پيرن، ميرن توڙي جاگيردارن سان ٽڪر کائن، انهن سان منهن مهاڏو اٽڪائن.
ڇو تہ هن مهل اڃا بہ سنڌ جا ڪافي فرد هڪ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا نظر اچن ٿا، کين پنهنجي تقدير بدلائڻ جي سگھ تي پورو يقين شايد نہ آهي، کين اهو خوف بي پاڙي ولھ جيان وڪوڙيون ويٺو آهي تہ ڪٿي اُهي وري نہ اڪيلا ڪيا وڃن، ڪٿي وري نہ کين اڻ ڳڻين تڪيلفن ۽ پريشانين جو منهن ڏسڻو پوي، ان بي وقتي خوف کان نڪرڻ لاءَ کين هاڻ ڦڙتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو نہ تہ وقت کين ڪي ئي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيندي.
ان لاءِ تبديلي جو انتظار ڪرڻ بجاءَ اسان توهان مان هر هڪ فرد تبديلي جو حصو بڻجي ڪري پنهنجي معاشري جي بقا خاطر، پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڀلي خاطر، سنڌ ڌرتي جي خوشحالي خاطر، جهموريت جي قيام خاطر، سٺي حڪمراني جي عمل خاطر، پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پنهنجي زندگي کي سياست جو حصو بڻائي، پنهنجي شهر، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي علائقي جو سفير بڻجي ڪري پاڻ پنهنجي ماروئڙن جي سار سنڀال خاطر اُتان جي اڳواڻي جو ذمو پنهنجي سر کڻي.
سڄي جو سڄو حال اوهان اڳيان آهي، ڪهڙي ڳالھ اوهان کان ڳجهي آهي جيڪا اوهان سان اُورجي ۽ اوهان کي اهو احساس ڏيارجي تہ هن مهل اوهان سياسي طرح مڪمل طور يتيم لڳا پيا آهيو، اوهان جون اسپتالون دوائن ڏيڻ کان انڪاري، اوهان جا تعليمي ادارا ڪاپي ڪلچر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا، اوهان جون نوڪريون ڪرپشن جي ور چڙهيل، اوهان جا روڊ رستا توڙي بنيادي سهولتون اوهان لاءَ اڻ لڀ، اوهان جا شهر ٻهراڙي مثل بڻيل، اوهان وٽ انصاف غريب جي پهچ کان پري، هي هيڏا سارا ڪلور سي بہ صرف انهن فردن سان جيڪي ووٽ جهڙي جهموري عمل جو حصو بڻجن ٿا.
ان لاءِ اچو تہ هڪ ڪرا ٿي ڪري سڀ گڏجئون، انهن ڀوتارڪن صفت ڀُوڪَ سياسي اڳواڻن کي شڪست جو چسڪو چکرايو جيڪي پوري پنجن سالن جي عرصي ۾ اسان توهان ڏي اچڻ لاءَ تيار نہ آهن، جيڪي اسان جي ڪنهن ڳالھ کي ٻڌڻ لاءَ تيار نہ آهن، جيڪي اسان جي شهرن کي ماڊل بنائڻ لاءَ تيار نہ آهن، جيڪي اسان کي اسان جون بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءَ تيار نہ آهن، جيڪي بنا پروڪٽوڪول جي ڪڏهن اسان سان ملڻ لاءَ تيار نہ آهن.
ڇا جهموري حڪومتون ائين قيام عمل ۾ اينديون آهن ڌانڌلين وسيلي؟
ڇا جهموريت ۾ ڪنهن فردن کي پنهنجي نوڪري ۾ مستقل ٿيڻ لاءَ پوليس جا ڏنڊا برداشت ڪرڻا پوندا آهن ؟
ڇا جهموري حڪومتن ۾ عوام کي ائين اڪيلو، لاوارث، دربدر ۽ نڌڻڪو ڪيو ويندو آهي؟
دنيا جي جن ملڪن ۾ جهموري حڪومتون قائم آهن انهن جو جائزو تہ وٺي ڏسو، اُتي هر هڪ عمل، هر هڪ حڪمت عملي عوام جي ڀلي کي نظر ۾ رکي ڪري جوڙي وڃي ٿي، هر هڪ لائہ عمل عوام جي فلاح ۽ بهبود خاطر جوڙيو وڃي ٿو.
پر هتي ان جي ابتڙ هر هڪ حڪمت عملي، هتان جي واڳوئن جهڙا پيٽ رکندڙ حڪمرانن جي ڀڀ کي ڀرڻ لاءَ جوڙيون وڃن ٿيون پر پوءَ بہ خبر ناهي الاءَ ڇو سندس ڪارون نما طبعيت دولت جي اڻ کٽ حاصلات کان ڊاپي ئي نٿي، کين وڌ کان وڌ دولت گڏ ڪرڻ جو جنون سوار رهي ٿو، پوءَ ان وچ ۾ عوام تباهي ڪناري پهچي تہ ڀل پهچي، غريب عوام غربت جي سبب ڦٿڪن مرن يا چيفاٽجي ختم ٿين تہ ڀل ٿين، کين ٽڪي برابر بہ ڪو فڪر نہ آهي.