خدارا، پنهنجي اندر سوال ڪرڻ جي سگھ پاليو
اسان توهان مان هر اهو فرد جيڪو ووٽ ڏي ٿو، اِن جهموري حڪمت عمل جو حصو بڻجي ٿو ان کي اهو حق حاصل آهي تہ اهو پنهنجي چونڊيل نمائيندي کان اهڙا سوال ڪري، ان کان پڇي تہ اوهان اسان کي ووٽ جي بدلي ۾ ڇا ڏنو آهي، اسان سان ڪهڙيون چڱايون ڪيون اٿئو، اسان لاءِ روزگار جا ڪهڙا راھ هموار ڪيا اٿئو، اسان جي روز مره جي زندگين ۾ ڪهڙيون سولايون پيدا ڪيون اٿئو.
اهڙي ريت سندس احستاب ڪري اگر جي اهو چونڊيل نمائدو ان حساب سان عوام جو خير خواه ۽ هر دل عزيز ثابت ٿي ٿو تہ پوءِ ڀلي اڳتي لاءِ ان جو ساٿ ڏيڻ کيس جڳائي ٿو پر اگر جي اهو چونڊيل نمائدو ان حساب سان کوٽو ۽ کرو ثابت ٿي ٿو تہ پوءِ کيس سگهو ئي خدا حافظ چوڻ جو جوڳو بندوبست ڪريو.
ڇو تہ هاڻ گهڻو ٿي چڪو، گهڻو ئي سندس ڪوڙن واعدن، ڏٽن ۽ ڌولابن تي پاڻ هليا آهيون، گهڻو ئي پيري مريدي، مٽي مائٽي، ۽ ذاتي واستن تي سندس ساٿ ڏنو آهي، هاڻ وقت جي اها تقاضا آهي تہ اسان سڀ پنهنجا ذاتي مفاد وساري ڪري قومي مفادن جي حاصلات لاءِ هڪ ڪرا ٿي ڪري بيهون، اسان سڀ ذات پات، رنگ نسل توڙي مذهبي عقيدن جي ڌارا کان وڌي ڪري بحثيت هڪ قوم جي هڪ صف ۾ گڏ ٿي ڪري پنهنجي قومي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙيون.
هاڻ اسان سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، ڇو تہ انهن ڀوتارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن هميشه اسان کي هڪ ٻي کان پري ڪري اسان کي لٽيو، ڦريو ۽ تباه ڪيو آهي، اسان جي ٻڌي ۽ طاقت کي ٽوڙي مروڙي اسان کي ڪمزور ڪري پوءِ اسان تي وار ڪيا آهن،ِ ڪڏهن اسان کي قومي جهيڙن توڙي قبائلي جهيڙن جي اوٽ ۾ نقصان ڏنو آهي تہ وري ڪڏهن اسان کي مختلف رنگ نسل توڙي فرقن جي بنيادن تي اسان جو ناحق خون وهايو آهي. انهن هميشه اسان تي پنهنجي سلطنت قائم ۽ دائم رکي آهي.
ڪڏهن پيري ۽ مريدي جي اوٽ ۾
ڪڏهن ذاتين جي بنياد تي ٺهندڙ اتحادن جي اوٽ ۾
ڪڏهن سرداري نظام جهڙي فرسوده عمل جي اوٽ ۾
وري ڪڏهن مٽ ۽ مائٽي جي ڏٽي جي اوٽ ۾
اچو تہ هاڻ انهن کان انهن جا اهي سڀ اوٽ ڪڍي ڪري کين ان چوٽ تي چاڙهي ڇڏيو جتان ڪرڻ کان پوءِ هنن جي ڪا هڪ هڏي ۽ پاسري بہ باقي نہ رهي، هنن جي گوشت جو هڪ نيوالو ڪنهن ڪانگ کي بہ کائڻ لاءِ نصيب نہ ٿي، هنن اسان سان جيڪي ڪلور ڪيا آهن نہ انهن ڪلورن سان تاريخ جا ڪاغذ ڪارا لڳا پيا آهن.