ڪالم / مضمون

واڄٽ ڪن وڻجار

”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽ احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.
يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي.
Title Cover of book واڄٽ ڪن وڻجار

  حيران هزارين - هڪ مان نہ رڳو

اسان وٽ ماڻهو نڪ جا ڏاڍا پڪا آهن، ڀلي انهن سان کڻي ڪيترو بہ ظلم ڪيو وڃي، کين اڪيلو ڪيو وڃي، در بدر ڪيو وڃي پر پوءِ بہ ٻڻڪ ٻاهر نہ ڪڍندا، ها ڪڇندا ضرور پر تڏهن جڏهن کين ڪير سڄاڳ ڪرڻ جو سوچيندو، ڪير کين ٿوري همٿ يا آٿت ڏيڻ جو سوچيندو پوءِ وري اهڙو ڪڇندا جو اصلي چپ ڪرڻ جي ڪندا ئي ڪونہ.
اصلي ان ماڻهو جو گريبان هٿ ۾ جهلي بيهندا تہ تو اسان کي سڄاڳ ڇو ڪيو، اسان جي آرام ۾ خلل ڇو وڌو.
صدين تائين ويڳاڻپ واري حالت ۾ رهي ڪري بہ کين ٿوري بہ ٽڪي جيتري پڪائي ڪرڻ ڪونہ آئي، پنهنجي سون جهڙي جواني ڀوتارن ۽ وڏيرن اڳيان گذاريندي بہ کين ذري برابر شعور نہ آيو جو ڪڏهن پنهنجي شهر جي چونڊيل نمائيندي کان اهو پڇن تہ اسان جي شهر جي حالت ٻهراڙين وانگر ڇو ٿي ٿيندي پئي وڃي، اسان جا بنيادي مسئلا حل ڇو نہ ٿا ڪيا وڃن، آخر اسان جو ڏھ ڪهڙو آهي؟
اسان کي اسان جي ڪهڙي خطا جي سزا ڏني پئي وڃي؟
ڇا اسان ان لاءِ توهان کي چونڊي ڪري ايوانن تائين پهچايو تہ اوهان اتي پهچي ڪري اسان کي ائين وساري ڇڏيو جئين انسان ڌرتي تي هلڻ مهل جيت جڙن ۽ ڪولين کي وساري ڪري هلندو آهي، پوءِ اُهي ڀلي لتاڙجي، چيٿاڙجي مري وڃن.
ڇا اسان توهان کي ان لاءِ منتخب ڪيو هو تہ اوهان اسان جي شهرن جي ترقي لاءَ ايندڙ ڪروڙين رپيا بجيٽ ڪرپشن جي نظر ڪري ان کي کرد برد ڪري ڪاغذي ڪاروائي تائين ئي محدود ڪري ڇڏيو ؟
ڇا اسان اوهان کي ان لاءَ منتخب ڪيو هو تہ اوهان اسان ڏانهن پنجن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ صرف عذر خوائي تي ايندا ڪريو؟
خدارا هن قوم جي هاڻوڪي حالت تي رحم ڪريو، پنهنجي ذاتي مفادن کان بالا تر ٿي ڪري قومي مفادن جي حاصلات لا۽ اڳڀرا ٿيو، هاڻ گهڻو ٿي، اوهان جي وڏيرا شاهي ۽ ڀوتارڪو نظام کي گهڻو برداشت ڪيوسين، هاڻ اسان کان وڌيڪ برداشت ڪونہ ٿو ٿي، اسان جي ايندڙ نسل تي رحم ڪريو، انهن جي ڀلي خاطر هاڻ اسان جي جند ڇڏيو.

اوهان جي راهون جدا اسان جون راهون جدا، هاڻ اسان پاڻ پنهنجي ڌرتي جي وارثي ڪرڻ لاءَ نڪتا آهيون، اسان کي وڌيڪ بيزار نہ ڪريو پوءِ متان ڪٿي اوهان کي وري پچتائڻو نہ پوي، ان لاءِ براء مهرباني ” ڊونٽ ڊسٽرب اس پليز .“