اي ڌرتي تنهنجي ساک کڻان
هڪڙن جو اهو يقين آهي تہ اسان سڀ مشطرڪ طور ناممڪن حالتن کي ممڪن بڻائي سگهون ٿا تہ وري اُتي ئي ٻيا ان وسوسي ۽ خوف ۾ مبتلا نظر اچن ٿا تہ اسين ڪجھ ڪونہ ڪري ٿا سگهون، اسان جي وس ۾ ڪجھ ڪين آهي هاڻ مسئلو ان ڪجھ نہ ڪرڻ واري ذهنن جي ڪري پيدا ٿي رهيو آهي، اِهي ويچارا پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ کان ڪوهين ڏور هليا ويا آهن، ان سوچ جي فردن کي اهو يقين ڏيارڻو آهي تہ اصلي طاقت اوهان آهيو، هر هڪ شئي جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو عمل سنئون سڌو اوهان سان تعلق رکي ٿو رڳو ٿورو غور ۽ فڪر ڪريو.
اوهان جي ڪجھ نہ ڪرڻ واري صفت ئي دراصل معاشري جي بگاڙ جو سبب بڻجي ٿو، ان لاءِ صدين تائين ذهني توڙي جسماني غلامي واري حالت مان نڪرڻ لاءِ هاڻ اوهان کي سجاڳ ٿيڻو پوندو ڇو تہ وقت بار بار ڪنهن بہ فرد توڙي قوم کي پنهنجي حالت بدلائڻ جو موقعو ميسر نہ ٿي ڪري، ڪٿي ائين نہ ٿي جو اوهان جي اِها سست روي اوهان کي صدين تائين ڪنهن ڊگهي قيد ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ۽ اوهان جو پنهنجي پاڻ کي ڇڏائڻ ناممڪن محسوس ٿيڻ لڳي.
ان لاءِ اچو تہ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريون، مسلسل نظر اندازي واري حالتن کي بدلايون، ٺلن ڏٽن، آسرن ۽ دولابن تان پنهنجو ويساه ختم ڪريون، هر دفعي هڪ نئي نڪور ڪوڙ تي مبني ڳالھ تي پنهنجي پاڻ کي ارپڻ کان پاڻ بچايون، پنهنجي ڌرتي جي خوشحالي خاطر پاڻ اڳڀرا ٿيون نہ ڪي ٻين کي اڳي ٿيڻ جو موقعو ڏيون، انهن کي تہ قطعي طور بہ نہ جن هميشه چهرا بدلائي ڪري نت نون طريقن سان اسان تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪئي ۽ اسان تي پنهنجو هوڏ هلايو، هاڻ انهن جي ستم ظرفي واري روايت کي ٽوڙيون ۽ پنهنجي ڌرتي جا پاڻ وارث ٿي ڪري سندس دردن جو ڪو درمان ڳوليون.
اسان جن تي اکيون ٻوٽي ڪري اعتبار ڪندي پنهنجا هر وسيلا ۽ وٿاڻ انهن جي حوالي ڪيا انهن اسان کي نابالغ سمجهندي اسان جي وسيلن جو غلط استعمال ڪيو، ايتري قدر غلط جو انهن اسان جي روح کي رنجهايو ۽ اسان کي روئاريو، انهن نقلي اڳواڻن اسان جي سنڌ ڌرتي جي سينڌ کي ميرو ڪيو، کيس ٻہ ٽڪر ڪرڻ وارن سان واعده ورجهايا، سندس قدرتي وسيلن جي ڦر لٽ ڪري غيرن جا ڀڀ ڀريا، سندس اصل وارثن کي نٽهڻ اُس تي ويهڻ لاءِ مجبور ڪيو.
هاڻ بردشات جي بہ حد گذري چڪي آهي، هاڻ وقت جي تقاضا اِها آهي تہ پنهنجن ۾ موجود پراون جا چهرا سڃاڻجن ۽ پراون منجھ پنهنجن جي مالڪي ڪجي، پنهنجي ماروئڙن کي مسڪيني واري حالت ۾ ڇڏي لکي واري ليک تي نہ هلجي پر سندن ان حالت جي پنهنجي عقل، ڏاهپ ۽ فهم سان سبب ڳولجهن، ڌرتي ڌڻين کي بي ڌڻي ٿي ڪري زندگي بصر ڪرڻ تي مجبور نہ ڪريون، سندن قسمت بدلائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريون ڇو تہ اسان جي ايندڙ نسل بہ هن ڌرتي تي رهائش پذير ٿيندي ڪٿي ائين نہ ٿي جو اسان انهن جا مياري ٿي پئو ۽ حشر ۾ کين منھ ڏيکارڻ جي قابل بہ نہ رهون.