ڪالم / مضمون

واڄٽ ڪن وڻجار

”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽ احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.
يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي.
Title Cover of book واڄٽ ڪن وڻجار

  سائين، منهنجو بہ هڪ سوال آهي ؟؟؟

سماج ۾ جڏهن بہ ڪنهن بهتري يا ڀلائي پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو آهي تڏهن اُها ڀلائي واري سوچ يا عمل هتان جي ماڻهن کي جلد ۾ سمجھ نہ آئي، ڇو تہ هتان جو عام ماڻهو ڪنهن بہ ڳالھ، سوچ، فڪر يا نظريي کي جلد قبولڻ لاءَ ذهني طور ڪڏهن بہ آمده نظر نہ ٿو اچي. هن قوم جو وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي تہ جو جڏهن بہ هن قوم سان سندس ڀلائي، فلاح توڙي بهبود جي ڪا ڳالھ اُورجي ٿي تہ ان مهل هتان جا معتبر فرد ان عمل، سوچ، فڪر يا نظريي کي بنا سوچڻ سمجهڻ جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ سندس خلاف بي وجا توڙي بي بنياد سوالن جا انڀار اٿي کڙا ڪن ٿا.
هن قوم جي هاڻوڪي حالت تي سوچيندي سوچيندي ڪڏهن ڪڏهن آءُ دل شڪستہ ٿي پوندو آهيان.
آءُ سوچيندو آهيان تہ سندن ڏاهپ، عقل توڙي سمجھ ان مهل ڪاڏي گم ٿي هلي وڃي ٿي جنهن مهل ڪو ڀوتار ڪنهن مسڪين غير مذهب نينگر کي اغوا ڪرائي کيس زور زبردستي مسلمان ڪري اسلام جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ چاهي ٿو ؟
تڪ جو چونڊيل نمائيندو پنهنجي مرضي تي ٽي ايم اوز کي مقرر ڪرائي هر مهيني انهن کان پنهنجو حصو پتي وٺي ٿو ؟
اقتداري چڱا مڙس نوجوانن کي ڇولا کپائڻ واري تجويز ڏي ٿو ؟
ايوان ۾ ويٺل معتبر نجي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون پڙهائڻ واري عمل جي مخلافت ڪري ٿو ؟
تنهن مهل سندن سڀ حواس توڙي سمجھ وار گُر ڪم ڪرڻ ڇڏي ڇو ٿا وڃن، سڄي سنڌي قوم جنهن اڳواڻ جي نئي پاڪستان واري ٺلي آسري تي لڳي سندس پوئلڳي ڪرڻ لڳو ٿو اُهو اڳواڻ ڪراچي ۽ سنڌ وارو تعسباڻا جملو اپاني ٿو، تنهن مهل فيس بڪ تي احتجاج ڪرڻ جي ۽ گارگند ڪرڻ جي علاوه ڪنهن کي ڪو ڪَک بہ ٻيڻو ڪرڻ جو ڪونہ سجهي ٿو.
جنهن ڪرڪيٽي جي تعريف ڪندي هتان جا ماڻهو ڍاپن ڪونہ ٿا اهو ئي عوامي ڪرڪيٽر صاحب سنڌين جي عظمت کي ڇهيو رسائيندي اهو بيان جاري ڪري ٿو تہ
”سنڌ ۾ پئيڻ جو پاڻي ميسر ڪونہ آهي تہ وري ٽئلنٽ ڪٿي هوندو“،
سندن اهڙن تعسب ڀرين روين توڙي عملن جي باوجود بہ اڃا سندنس ڳڻ ڳايا وڃن ٿا
عامر لياقت جهڙو کسيس ٽڪي جو ماڻهو ڪراچي کي پنهنجي پي جي جاگير سمجهدي بيان ٿو جاري ڪري، سندن انهن سڀنين اڻ وڻندڙ روين خلاف سنڌي قوم ڪهڙو تحرڪ ورتو آهي.
هن قوم جون آڱريون تہ انهن قومپرستن جي ڪارڪردگي تي پڻ اُڀيون ٿين ٿيون، جيڪي پنهنجي ڌرتي جي ڀلي جي ڳالھ ڪن ٿا جن جا ڪافي سارا معتبر، دلير، مهذب توڙي پڙهيل لکيل اڳواڻ هن ڌرتي جي آزادي خوشحالي ۽ آبادي لاءَ پنهنجين قيمتي جانن جو نظرانو ڏئي چڪا آهن.
هن قوم جا ڪجھ اٻوجھ ذهن فرد اڃا تائين سنڌ ڌرتي جي مفڪر اعظم، ڏاهي، مصنف ۽ ليکڪ سائين جي ايم سيد جهڙي اعلي پائي جهڙي شخصيت جي فڪر جي مخالفت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونہ ٿا ڇڏين، سندس جدوجهد ۽ فڪر تي بي وزنائتا سوال گهڙن ٿا. هن قوم کي ازل کان وٺي ڪري پنهنجا خير خواه فرد پسند ڪونہ آهن، جيڪو بہ فرد کين ڏک درد ۽ پيڙاه مان ڪڍڻ جي ڳالھ ڪندو تہ بلڪل عين ان وقت کن ان فرد ۾ هزارين عيب نظر اچڻ لڳندا آهن، باقي انهن جي برعڪس اگر ڪو فرد کين خيالي خواب ڏيکاريندو يا وري کين ڪوڙن ڏٽن ۽ دولابن ۾ رکندو تہ ان فرد تي اکيون ٻوٽي ڪري اعتماد ڪرڻ لڳندا آهن، پوءَ وري صدين تائين سندس طرف پيا واجهيندا تہ من ڪو اسان جو ڀلو ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءَ پاڻ ڪڏهن بہ ڪا جاکوڙ نہ ڪندا، ڪائي بہ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪونہ ڪندا هنن لاءَ سڀ ڪجھ ٻيا ڪن، هن جي وات ۾ گره بہ اچي ٻيا وجهن، سندن طبعيت جي ان مزاجي جو غلط فائدو وٺندي ئي تہ کين صدين تائين انهن چالاڪ حڪمرانن ۽ ڪامورن پوئتي رکيو آهي.
کين چڱي ريت سندس فطرت ۽ طبعيت جي پرک آهي، ان لاءَ هاڻ مجموعي طور هن قوم کي ان سست روي کان ڪڍڻ لاءَ متحرڪ نوجوانن کي اپيل آهي تہ اُهي پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪن، هن ستل قوم کي اگهور ننڊ کان سجاڳ ڪن، کين اهو احساس ڏيارن تہ هاڻ گهڻو ٿيو هاڻ خدارا چستي ڪريو تہ جئين اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقل سڌري پوي کين اڄڪلھ جي درپيش مسئلن جهڙا مسئلا نہ جهيلڻا پون، سندن زندگيون سک سان گذري سگهن.