ڪالم / مضمون

واڄٽ ڪن وڻجار

”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽ احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.
يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي.
Title Cover of book واڄٽ ڪن وڻجار

الحافظ ولمحافظ

الا۽ ڇو ڪجھ ڏينهن کان اها ڳالھ شدت سان محسوس پيو ڪريان تہ اسان جي معاشري ۾ جن فردن جي ڪلهن تي مذهب کي ڦهلائڻ جو وزن رکيو ويو آهي انهن جي معاشرتي توڙي ذاتي زندگي جو جائزو وٺي ڪري اهو ڏسجي تہ ڇا اُهي ان قابل آهن جو مذهب کي پُر اثرائتي نموني سان هر فرد تائين پهچائي سگهن، مون پنهنجي آس پاس جي ماحول ۾ نظر ڊوڙايو ۽ ڳوڙي اڀياس توڙي مشاهدي سان تحقيق ڪئي ۽ ان کان پو۽ ان نتيجي تي پهتس تہ اسان جي ارگرد اڪثر والدين پنهنجن هوشيار، ڀڙ توڙي گهڻيون صلاحيتون رکندڙ ٻار کي ڪڏهن بہ، ڪنهن بہ قيمت تي مدرسي ۾ داخل ڪونہ ٿا ڪراين ۽ نہ ئي ڪرائڻ چاهيندا، پر ان جي برعڪس جنهن ٻار تي سندن اهو يقين بيهي ويندو آهي تہ هِي موڳو آهي، نڪمو آهي، بلڪل ڪنهن بہ ڪم ڪرڻ توڙي سکڻ جي صلاحيتن کان محروم آهي ۽ ان جو وجود گهر ۾ بہ وزني محسوس ٿيندو اٿن تہ ان ويچاري ننڍي معصوم ٻار کي مدرسي ۾ ان خيال سان داخل ڪرائي ايندا آهن تہ قران بہ پڙهي پوندو، گهر کان ٻاهر رهي ڪري سڌري بہ پوندو ۽ اسان کان بہ سندس جان چٽيل هوندي، ۽ قيامت جي ڏينهن اسان جي شفاعت جو باعث بہ بڻجي پوندو. اهڙي نموني وري ڪجھ ٻيا سبب بہ هئا.
مثال جئين اگر ڪنهن ٻار جي ننڍپڻ ۾ سندس والدين جو انتقال ٿي وڃي ٿو تہ پو۽ کيس سنڀاليندڙ فرد وري پنهنجي پاڻ کي ذميوارين کان آجو رکڻ لا۽ انهي معصوم کي ڪنهن ويجهي مدرسي ۾ داخل ڪرائي ٿو ڇڏي، ۽ اُتي اهو ٻار لاوارثي واري زندگي گهاريندي پنهنجي ڪلهن تي ڄاڻيندي يا وري اڻ ڄاڻائي ۾ ثواب حاصل ڪرڻ عيوض ڏينهن رات هڪ ڪيو قران پاڪ پيو پڙهندو آهي، ڪجھ ورهين ۾ قران پاڪ کي پڙهي مڪمل ڪرڻ کان پو۽ کيس حافظ صاحب جو ٽائيٽل ڏنو ويندو آهي ۽ اگر جي هو اڃا اڳتي پڙهڻ چاهي تہ هو حافظ کان عالم تائين جو سفر طئي ڪري سگهي ٿو جنهن کي تقريبن اٺ سالن جو وقت درڪار هوندو آهي، اهڙي نموني ڪي ئي لاوارث، نڪما، حرڪتي توڙي شرارتي ٻار مدرسن مان گريجوئيٽ ٿي ڪري اسان جي معاشري کي مذهب جو درس ڏيڻ ايندا آهن، سڄي عمر در در جي ماني پني ڪري کائيندڙ، مولوين کي پيرايندي ويهي ڪري ڪئي ڪلاڪ مولوين جي پيرن کي زور ڏيندڙ ڪي ئي طالب وقت جا حافظ توڙي عالم بڻجي ويندا آهن، هاڻ هت الميو اهو آهي تہ مدرسن ۾ رهندي کين هڪ تہ قران پاڪ جو درس ڏنو ويندو آهي، پنهنجي فقي متعلق کين ڪي سمجهاڻيون ڏنيون وينديون آهن يا وري ڳالهيون ٻڌايون وينديون آهن.
تہ جئين ٻار جو ذهن ٺهي وڃي تہ صرف جا صرف اسان سچا آهيون، اسان جو فقو سچو آهي، اسان جا عالم سچا آهن، اسان جو عمل سچو آهي، باقي سڀ جا سڀ غلط آهن ۽ سڄو ڪجھ ڪوڙ تي مشتمل آهي، اهڙي نموني سندن ذهانت کي ڪنهن هڪ مخصوص سانچي تائين محدود ڪيو ٿو وڃي، جي اگر ائين ناهي تہ پو۽ اوهان ڪنهن مدرسي جي طالب علم سان، ان فقعي جي مخالف ڪنهن ٻي مدرسي جي باري ۾ احوال ڪري ڏسو ۽ حال احوال وٺي ڏسو، اوهان سڄي وارتا کان واقف ٿي ويندو تہ ڪهڙي نہ چالاڪي سان هڪ ٻي خلاف ڪچن ذهنن کي تيار ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح ڪئي طالب پنهنجي زندگي جو چڱو خاصو عرصو مدرسي جي سحن ۾ گذاريندي پنهنجي معاشرتي زندگي گهارڻ جي هنر کان اڻ واقف رهجي ويندا آهن، هو هڪ مدار ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويندا آهن، فجر جي نماز، وري قران پاڪ جو سبق، ظهر جي نماز وري منجهند جي ماني، عصر جي نماز وري رات جي ماني جي لا۽ در در جو چڪر، ماني وٺي ڪري اچڻ کان پو۽ عشاءَ جو نماز پڙهي ڪري ماني کائي ڪري، قران پاڪ جي سبق جو ورجاءُ ڪري ننڊ جي حوالي، اهڙي نموني هو هر ڏينهن ان مدار ۾ پيا ڦرندا آهن، هُو ان ڳالھ کان بنا اڻ واقف هوندا آهن تہ ٻاهرين دنيا ۾ ڇا ٿو وهي وپرائجي…
هاڻ ڏسو اهي فرد جن کي پنهنجي گهراڻن ئي گهر ڀاتي طور قبول ڪرڻ پسند ناهي ڪيو، اهي ئي فرد مذهب جهڙي حساس ذميواري کڻڻ جا ذميوار بڻيا وڃن تہ اوهان بخوبي سمجهي سگهو ٿا تہ انهن جي هٿ تي معاشري ۾ سڌار ايندو يا وري بگاڙ، اسان ڏوھ رڳو مولوين ۽ ملن تي ٿا ڏيو، اسان جو ذهن انهن عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ڇو نہ ٿي بيهاري جيڪي اهڙن فردن کي مدرسن ۾ اڇلي ٿا وڃن ۽ سالن جا سال سندن حال پڇڻ بہ ڪونہ ٿا اچن .؟؟؟