ڪالم / مضمون

واڄٽ ڪن وڻجار

”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽ احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.
يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي.
Title Cover of book واڄٽ ڪن وڻجار

قدم بہ قدم، فاصلا ٿيندا ختم

جڏهن اسين سڀ هڪ ٻي جي ڏکن، دردن ۽ سورن کي سمجهندي انفراديت واري سياست، غرض ۽ لالچ کي ڇڏي ڪري، اجتمايت واري روايت کي اپنائيندي هڪ ٻي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ هلڻ شروع ڪنداسين تہ يقين ڄاڻو هي چند ڀوتار، وڏيرا، داداگير، چمچا توڙي ڪامورا پاڻ هي ڍلا ٿي ڪري ميدان ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇو تہ هنن تمام گهڻو عرصو اسان جي اجتماعي شعور کي يرغمال بڻائي ڪري پنهنجا ذاتي مفاد پي حاصل ڪيا آهن، هاڻ اِهي جعلي، هٿ ٺوڪيا ۽ مصنوعي اڳواڻ بہ بخوبي ڄاڻي چڪا آهن تہ هاڻ سندس کوٽو سڪو بازار ۾ هلڻ جوڳو ناهي رهيو، هاڻ ان ماڻهو جو ئي سڪو هلي سگهي ٿو جيڪو عوام جي ڀلي خاطر انهن منجهان ئي قائدانہ صلاحيت رکندڙ فردن جي چونڊ ڪندي انهن کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.
هر شئي جي درست رهڻ جي هڪ حتمي وقت مقرر ٿيل هوندو آهي، ان مقرر وقت جي گذرڻ کان پوءِ اُها شئي ناڪاره ٿي پوندي آهي، بلڪل اهڙي طرح هاڻ انهن مصنوعي هٿ ٺهيل اڳواڻن جي مقرر تاريخ ختم ٿيڻ تي آهي، هاڻ وقت آهي اسان نوجوانن کي يڪ جان ٿيڻ جي، وقت آهي شعوري فردن جي جاڳڻ جي، اُٿو جاڳو ۽ پنهنجي پنهنجي علائقي جي وارثي ڪريو، پنهنجي علائقي جا پاڻ اڳواڻ ٿيو ڇو تہ پنهنجي علائقي جي فطري بيهڪ، حسانڪي ۽ حالات کان جيتري قدر اوهان واقف هوندا ايترو ٻيو ڪو ٻاهريون فرد نہ هوندو، علائقو بہ توهان جو، اُتي ويٺل مٽ مائٽ بہ توهان جا، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا بہ توهان جا، زميونون بہ توهان جون، ڍور ڍڳا توڙي ٻيا جانور بہ توهان جا تہ پوءِ اُتي ٻيو ڪو فرد ڇو حڪمراني ڪري.
جي هاڻ هن دفعي وري اليڪشن ۾ اُهي ساڳيا ڀوتار، پير مير ۽ سردار ڪامياب ٿيا تہ پوءِ پڪ سمجهو پاڻ پوري هڪ صدي پوئتي هليا وينداسين، اسان جو نئو نسل اسان کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي، اسان انهن جا گنگهار ٿي پونداسين، تاريخ ڪڏهن بہ ڪنهن بہ قيمت تي اسان کي معاف نہ ڪندي.