شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي: انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سنڌ جا مڙئي پڙهيا ڪڙهيا ماڻهو احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. اها محبت ان جي نظرين ۽ فڪر سان آهي، ان جي ڪمن ۽ ڪارنامن سان آهي ۽ ان شخص جي زندگيءَ ۾ ڪيل حاصلات سان آهي. هو تمام غير معمولي انسان هو. هن ڪتاب ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي عظيم انقلابيءَ جي عظمت، شخصي سندرتا ۽ سڀاءَ جون عڪس آرايون به آهن ته هُن جي ڪارنامن جو وچور به ڦهليل آهي. اسان جو نئون نسل ان مان سوچ، لوچ، همتن ۽ انساني ڀلاين لاءِ جهد جا ڪيترائي سبق حاصل ڪري سگهندو. اهو ئي سوچي هي ڪتاب سهيڙيو ويو آهي.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي:  انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

امام انقلاب عبيدالله سنڌي ۽ سيڪيولر ازم : محمد انس راڄپر

هندستان جي فڪري تاريخ اوتري ئي قديم آهي جيتري هندستان جي تهذيب قديم آهي. پوئين دور جا هندستاني مفڪر هندستان جي فڪري تاريخ جي اثرن جي هيٺ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
هندستان ۾ پوئين دور جي فڪري تحريڪ جا ٻه مرڪز هئا، هڪ علي ڳڙهه يونيورسٽي، ٻيو دارالعلوم ديوبند. علي ڳڙهه سان واسطو رکندڙ ترقي يافته يورپ جي ڪلچر کي اپنائڻ جي حق ۾ هئا ۽ سندن خيال هو ته هندستان جا مسلمان يورپين ڪلچر اپنائڻ کانسواءِ هندستان ۾ سياسي برتري برقرار رکي نه سگهندا. جڏهن ته ديوبند سان واسطو رکندڙ يورپين ڪلچر جا سخت دشمن هئا ۽ هندستان جي تاريخي ڪلچر جا حامي هئا. هي ٻئي هڪ ڳالهه جنهن ۾ هو هڪ جهڙائي رکندڙ هئا اها هيءَ هئي ته شاهه ولي الله جي فڪر ۽ فلسفي سان ٻئي واسطو رکندڙ هئا.
هندستان ۾ پراڻي دور کان وحدت الوجود جي فلسفي جي مقبوليت رهي آهي، مجدد الف ثاني (شيخ احمد سرهندي) ان جي خلاف وحدت الشهود جو نظريو پيش ڪيو. شاهه ولي الله بنيادي طرح وحدت الوجود جو حامي هو، پر ان وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان خيال کان جڏهن هندستان جي مٿين ٻنهي فڪري مرڪزن جو جائزو وٺجي ٿو ته ٻئي مرڪز شاهه صاحب جي وحدت الوجود جي فڪر جا عملي طرح پوئلڳ گهٽ نظر اچن ٿا، جو ٻنهي جي سامهون صرف مسلمانن جي ترقي جو فڪر غور هيٺ هو جڏهن ته وحدت الوجود عملي طرح وحدت اديان کي ثابت ڪري ٿو. ان ڪري وحدت الوجود سان واسطو رکندڙ فڪري تحريڪ کي ڪنهن هڪ مذهبي ڌر لاءِ سوچڻ ان جي غلطيءَ جي نشاندهي ٿو ڪري. البت هڪ ڳالهه ديوبندي مرڪز ۾ منفرد نظر اچي ٿي ته هو سياسي طرح ڪنهن حد تائين وحدت الوجود جي قريب هئا جو هو مذهبي فرق بنا هندستان جي سڀني قومن جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ انساني ناطي طور شريڪ رهيا ۽ آزادي کان پوءِ به ان ئي سوچ تحت تقسيم جا قائل نه هئا.
سر سيد احمد خان ۽ ان جي فڪري مرڪز سان واسطو رکندڙ سڀ ماڻهو ويندي پاڪستان ۾ هن وقت سندن فڪر سان واسطو رکندڙ گهڻي شهرت رکندڙ غلام احمد پرويز تائين، سڀ جو سڀ مذهبي لحاظ کان ترقي پسند سڏجڻ جي باوجود مسلمانن جي نسلي برتري جا خواهشمند آهن ۽ پوري دنيا تي مسلمانن جي سياسي حاڪميت سندن فڪر جو مرڪزي خيال آهي ۽ ٻيا سياسي طرح محڪوم رهي سندن ڏن ڀرو (ڍل ڏيندڙ) رهن. سر سيد جي فڪري ۽ علمي تحريڪ سندس فڪر جي تسلسل جي موجوده ڪڙي پرويز صاحب سوڌو، نالي ۾ ڪيترو به ترقي پسند ڇو نه بڻجي پر عملي سياسي نظرين جي حوالي سان تمام گهڻو پوئتي پيل آهي. هونئن به عوامي مسلمات خلاف لکڻ ترقي پسندي ناهي بلڪه ترقي پسندي اها آهي ته اهڙو پروگرام پيش ڪجي جيڪو وڌ ۾ وڌ انسانيت کي فائدو ڏئي سگهي (اما ماينفع الناس فيمڪث في الارض) ۽ انسانيت ۾ تفريق جو سبب نه بڻجي، ڇاڪاڻ ته تفريق توحيد جو ضد آهي.
ديوبندي مرڪز سان واسطو رکندڙ پوئين دور جي عظيم مفڪر امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي شاهه ولي الله جي فڪر جو سڀ کان وڏو شيدائي نه مڃڻ ان سان زيادتي ٿيندي. بقول علامه موسيٰ جار الله روسي جي ته ”امام شاهه ولي الله سان جيتري محبت ڪندي ڏٺو، اهڙي مون ڪنهن به پوئلڳ کي پنهنجي امام سان محبت ڪندي نه ڏٺو.“ امام انقلاب عبيدالله سنڌي شاهه صاحب جي فڪر جو وڏو شارح ۽ ان جي نظريي وحدت الوجود جي مطابق عملي سياست جو نمونو پيش ڪندڙ هڪ عظيم مفڪر هو. مولانا وحدت اديان جو قائل هو، سندس خيال هو ته هو سڀني دينن جو سرچشمو (جتان هو آيا آهن اهو) هڪ آهي. سڀئي دين خدا وٽان آيا آهن ۽ سڀئي انسانن جي هدايت لاءِ آهن، جنهن ڪري دينن جا بين الانساني قدر ساڳيا آهن، جيئن هڪڙو مثال وٺو ته قرآن ۾ آهي ”ولقد ڪرمنا بني آدم“ اسان اولاد آدم کي عزت احترام وارو بنايو آهي. سڀني مذهبن جو اهو تسليم ڪيل اصول آهي ته سڀ انسان رنگ نسل ۽ مذهب جي فرق بنا احترام لائق آهن. هاڻي هي الڳ ڳالهه آهي ته انساني احترام جي ڪنهن خاص علائقي ۾ جڏهن عملي صورت تشڪيل وٺندي ته اتاهون جي علائقائي گهرجن ۽ انساني احترام کي پائمال ڪندڙ قوتن ۽ ان جي نوعيت کي نظر ۾ رکي هڪ خاص طريقي موجب ان جو عملي نفاذ ٿيندو جيڪو ٻئي علائقي ۽ قوم ۾ ٻئي طريقي جو ٿي سگهي ٿو، پر ان عملي طريقي (شريعت) ۾ انساني احترام وارو اصول ۽ قدر (Value) ته ساڳيو آهي نه؟ جيڪو سڀني دينن جو مڃيل اصول آهي. اهوئي سبب هو جو مولانا سنڌي قومن جي اندر جيڪي شرعي يا مذهبي فرق آهن، انهن کي بنياد بڻائي انهن جي بنياد تي انساني حقن ۾ فرق رکڻ کي جائز نه سمجهندا هئا.
هندستان تي هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي مسلمان بادشاهن جي حڪومت رهي آهي. جيتوڻيڪ عوام ۾ مسلمان توڙي غير مسلم سڀني جي سماجي حالت هڪ جهڙي هئي پر تنهن هوندي به حڪومت بهرحال مسلمان اميرن ۽ حاڪمن جي هئي. مسلمان پهرين درجي جي شهريءَ جي حيثيت رکندڙ هئا ۽ هندو ٻئي درجي جي حيثيت جا هئا ۽ هندوءَ جي ”ذمي“ واري حيثيت هئي. ان پنهنجي حيثيت کي هندو يا ٻيا غير مسلم طبقا پنهنجي لاءِ ذلت سمجهندا هئا، جنهن ڪري هو هميشه احساس ڪمتريءَ جو شڪار رهندا هئا ۽ انهن ۾ پاڻ کي ذلت مان ڪڍڻ جو هر وقت جذبو پلجندو رهندو هو ۽ جڏهن به سگهه ساري سگهندا هئا ته حڪومت خلاف بغاوتون پيا ڪندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي تاريخ جي ان دور جو جڏهن ذڪر ڪري ٿو ته هندستان جي تاريخ ۾ غير مسلمن سان ٻئي درجي جو سلوڪ ناپسنديدگيءَ واري نموني سان ذڪر ڪري ٿو ۽ هندستان جي تاريخ جي ان دور ۾ وحدت الوجود ۽ وحدت اديان جي فلسفي جي ذريعي جن مفڪرن هندو مسلم ڀائيچاري کي فروغ ڏنو۽ انهن جي گڏيل انساني قدرن جي تبليغ ڪئي، مولانا سنڌي انهن مفڪرن کي ساراهي ٿو. پروفيسر محمد سرور مرحوم جنهن مولانا سنڌيءَ جا افڪار سندن چوڻ تي گڏ ڪيا اهو مولانا جي ان دور بابت خيالن جي ترجماني ڪندي لکي ٿو ته ”هندستان جو اهو تاريخي دور هڪ اهڙي نظام جو گهورو هو جيڪو هندن، هندستاني مسلمانن ۽ مغلن کي هڪ جهنڊي هيٺ جمع ڪري. ان وقت جهڙيءَ طرح هندن ۽ مسلمانن جي ميل جول سان هڪ گڏيل ڪلچر جڙي رهيو هو ۽ هڪ گڏيل زبان ٺهي رهي هئي ۽ هندن ۾ ڀڳت ڪبير ۽ گرو نانڪ جهڙا اصلاح پسند پيدا ٿي رهيا هئا، جيڪي ٻنهي قومن، ٻنهي تمدن ۽ ٻنهي مذهبن کي هڪ ٻئي سان ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا، اهڙيءَ طرح سلطنت ۽ سياست ۾ به هڪ اهڙي نظام جي ضرورت هئي جيڪو ٻنهي قومن ۾ مشترڪ هجي. اهو اسلامي به هجي، هندستاني به هجي ته آزاد به هجي.“
مولانا سنڌي وحدت الوجود جي سياسي شڪل ۾ ان طرح نفاذ جا قائل هئا ته مذهب جي بنياد تي ڪنهن شهريءَ کي ٻئي درجي جو شهري نه بنايو وڃي. ان ڪري مولانا سنڌي هندستان جي عوام مان هندن جي ذمي واري حيثيت کي انهن جي انساني احترام جي خلاف سمجهندا هئا.
اسلامي حڪومت ۾ غير مسلمن جو ذمي جي حيثيت ۾ رهڻ جو قانون ته برابررهيو آهي پر ان سلسلي ۾ مولانا جو خيال آهي ته اهو ان دور جي مخصوص حالتن جو نتيجو هو. مولانا جو خيال آهي ته هڪ بين الاقوامي ديني نظام جا ٻن قسمن جا اصول ٿيندا آهن. هڪڙا جيڪي عام هوندا آهن جيڪي سڀني انسانن لاءِ برابر جي حيثيت رکندا آهن، اهي نه تبديل ٿيندڙ ۽ دائمي هوندا آهن ۽ ٻيا جيڪي مخصوص حالتن پٽاندڙ، مخصوص علائقي ۽ قوم جي مزاج جي مطابق هوندا آهن، اهي اصول هر هنڌ ساڳي شڪل ۾ نافذ ڪرڻ ضروري نه هوندا آهن. ان خيال جي وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي مولانا فرمايو: قرآن ۾ آهي ته ”سڀ کاڌا بني اسرائيل لاءِ حلال هئا سواءِ انهن جي جيڪي انهن پاڻ پنهنجي مٿان حرام ڪيا“، ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته کاڌن جي حلال يا حرام جو تعلق قومي مزاج يا پسند سان تعلق ٿو رکي، ان ڪري عالمگير مذهب جي تعليم جي لاءِ اهڙين شين (جيڪي ڪنهن خاص قوم جي مزاج سان تعلق رکنديون هجن) کي بنياد بنائڻ ٺيڪ ناهي ته اهڙي طرح هندستان ۾ هندن لاءِ ذمي جو قانون جيئن ته فساد جو سبب بڻجي رهيو هو، تنهن ڪري مولانا سنڌي اهڙي نظام کي پسند ڪن ٿا جيڪو هندن جي ان ٻئي درجي واري حيثيت کي ختم ڪري سلطنت ۽ حڪومت ۾ انهن کي برابر حيثيت ڏئي. هندستان ۾ اڪبر بادشاهه جيڪو وحدت الوجود جي بنياد تي نظام حڪومت قائم ڪيو هو، جنهن ۾ هندن ۽ مسلمانن کي برابر حيثيت ڏني وئي هئي، مولانا سنڌي انهيءَ نظام کي ساراهه واري نموني ۾ پيش ڪيو. لکي ٿو ته: ”اڪبر راجپوتن جي دل وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، راجپوتن سان ناتو قائم ڪيائين. انهن جون ڪجهه رسمون قبول ڪري، انهن کي پنهنجي ويجهو ڪيائين، هندن کان جزيو وٺڻ ڇڏي ڏنائين ۽ وحدت الوجود جي عقيدي کي پنهنجي نئين فڪر جو بنياد قرار ڏئي هي ثابت ڪري ڏيکاريائين ته سچائيون سڀني مذهبن ۾ هڪ جهڙيون آهن ۽ هڪ ئي سرچشمي مان سڀني قومن کي هدايت جي نعمت ملندي رهي آهي. اڪبر جون اهي ڳالهيون رڳو سياسي مصلحت خاطر نه هيون. هو دل سان به انهن جو قائل هو.“ ٿورو اڳتي اڪبر جي سياسي پروگرام جي وضاحت ڪندي فرمائين ٿا ته ”هيءَ آهي وحدت الوجود جي عقيدي جي اصل حقيقت جنهن جي بنياد تي اڪبر جي نئين فڪري رجحان (جنهن کي دين الاهي جو نالو ڏنو ويو) جو بنياد پيو، ان حوالي سان اڪبر جيڪو سياسي رستو اختيار ڪيو، اهو به ڪجهه تفصيل طلب آهي. ڳالهه هيءَ آهي ته اڪبر کان پهريائين هندستان ۾ (جيستائين اصولن جو تعلق آهي) مسلمانن جي هڪ مذهبي گروهه جي حيثيت ۾ حڪومت هئي جيڪو به شخص مسلمان هو اهو قانوني طور مذهبي حڪومت جو رڪن سمجهيو ويندو هو، غير مسلم جي حيثيت ان ۾ ذميءَ جي هوندي هئي يعني اهو جزيو ڏيئي ان حڪومت ۾ رهي سگهندو هو، بيشڪ انصاف پسند بادشاهه پنهنجي رعيت جي هر فرد سان برابر انصاف ڪندا هئا، پر جيستائين نظام حڪومت جو تعلق هو ته اهو مذهبي هو ۽ غير مسلم ان ۾ ٻئي درجي جي حيثيت رکندو هو، اڪبر جي ڪوشش اها هئي ته هو ان مذهبي حڪومت کي دنيوي حڪومت ۾ تبديل ڪري ڇڏي. ٻين لفظن ۾ اڪبر هڪ خاص مذهبي گروهه جي حڪومت جي جاءِ تي رياست کي ملڪ ۾ آباد سڀني شهرين جي نمائنده ۽ ترجمان بنائڻ واري تصور کي سورهين صديءَ جي وچ ڌاري هندستان ۾ نافذ ڪيو، جنهن تي فرانس جي انقلاب کانپوءِ يورپ ۾ عمل ٿيو ۽ هاڻي اسلامي ملڪن ۾ ان کي دستوري حيثيت ڏني ٿي وڃي. اڪبر جو اهو قدم سٺو هو يا نه ان جو اندازو توهان ان زماني جي حالتن مان لڳايو. اڪبر جي همعصر عثماني بادشاهن جي ڳالهه آهي ته انهن جون ايران جي حڪمرانن سان سخت خوني جنگيون لڳل هونديون هيون. اتفاق سان عثماني ترڪ سني هئا ۽ ايراني حڪومت جو مذهب شيعت، جنهن ڪري ترڪيءَ ۽ ايران جي جنگ سنيءَ ۽ شيعي جي جنگ بڻجي پئي ۽ ان سان مسلمانن جي انهن ٻن فرقن ۾ ايتري نفرت پيدا ٿي پئي جو هڪ دفعي سلطان سليم عثمانيءَ پنهنجي رعيت جي هڪ وڏي ٽولي کي، جنهن جو هزارن ۾ انگ هو صرف ان ڪري قتل ڪرائي ڇڏيو جو اهي شيعا هئا ۽ سني حڪومت کي انهن تي ڀروسو ڪو نه هو. صفوي شيعا فرمان روائن به ايران جي سرزمين کي سنين کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ان طرح ان زماني ۾ يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ جيڪڏهن حڪمران ڪيٿولڪ فرقي جو هوندو هو ته پروٽسٽنٽ جي لاءِ قيامت اچي ويندي هئي ۽ جيڪڏهن پروٽسٽنٽ اقتدار ۾ ايندا هئا ته ڪيٿولڪ فرقي وارن تي بي پناهه ظلم ڪيا ويندا هئا. مطلب ته ان وقت يورپ ۾ ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ، مشرق وسطيٰ ۾ شيعا سني ۽ هتي هندستان ۾ شيعي سنيءَ کان سواءِ هندو مسلمانن جو جهڳڙو هو. اڪبر هي ٿي چاهيو ته ملڪ جي سڄي رعيت مذهب جي فرق بنا حڪومت کي پنهنجو سمجهي ۽ هڪ مذهبي فرقو ٻئي مذهبي فرقي تي ظلم ۽ زيادتي نه ڪري ۽ نه مذهب جي بنياد تي انهن تي حاڪميت ۽ برتري قائم ڪري.“
يورپ عوام مان مذهبي جهڳڙا ختم ڪرڻ لاءِ سياست جو مذهب کان رشتو ۽ ڳانڍاپو ئي ڪٽي ڌار ڪري ڇڏيو. ان جي ابتڙ اڪبر انهن جهڳڙن ختم ڪرڻ لاءِ مذهب جو انڪار نه ڪيو، بلڪه سياست جو بنياد مذهب تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو مذهب ڪنهن هڪ ٽولي، جماعت يا قوم جو مذهب نه هو بلڪه ان وٽ مذهب وسيع ترين معنائن ۾ ۽ پنهنجي عمومي حيثيت جي اعتبار وارو هو. ان مذهب مان مراد اهي انساني اخلاق هئا، جيڪي سڀني مذهبن ۾ موجود آهن.
مولانا سنڌيءَ جي اڪبر جي حڪومتي نظريي جي باري ۾ مٿي ڄاڻايل خيالن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ عملي طرح به پنهنجي امام شاهه ولي الله جي نظرئي وحدت الوجود جو پوئلڳ آهي ۽ هو ان خيال جو آهي ته قرآن جو فڪر ڪنهن خاص قوم جو نسلي ورثو ناهي، بلڪه قرآن هڪ آفاقي ڪتاب آهي، ان جون هدايتون سڀني لاءِ برابر آهن، سڀني دينن جي هڪ جهڙين سچائين مان صرف سچ ڳالهائڻ، ڪوڙ نه هڻڻ يا ظلم نه ڪرڻ وغيره مراد ناهي، بلڪه سڀني دينن ۾ بلڪل اهڙيون ئي اقتصادي توڙي سياسي رهنمائيون موجود آهن، جهڙيون قرآن ۾ آهن. اڄڪلهه ڪي چوڻ وارا اهو ٿا چون ته بنيادي سچائين مان مراد سچ ڪوڙ وغيره آهي، پر قرآن انهن کان بالاتر هڪ نظام حيات پيش ٿو ڪري. انهن جي خدمت ۾ اسان طرفان عرض آهي ته قرآن به خدا وٽان لٿو آهي ته ٻيا مذهبي ڪتاب به اتاهون آيا آهن، قرآن به انسانن جي حالت سڌارڻ لاءِ لٿو آهي ته ٻيا ڪتاب به ان لاءِ لٿا آهن. قرآن ۾ به نظام حيات آهي، تيئن ٻين مذهبي ڪتابن ۾ به نظام حيات آهي. مولاناسنڌيءَ جو سڄو سياسي پروگرام اهڙيءَ طرح جڙيل آهي جو سندن پروگرام ۾ مذهبي فرق بنا موجود قومي، طبقاتي ۽ ٻين مسئلن لاءِ اهڙيون اعليٰ هدايتون آهن جن تي عمل ڪري اسين خوشحالي هڪ طرف آڻي سگهون ٿا ته مذهبي ۽ فرقيوارانه امتيازن ۽ فرقن کي ٻئي طرف ختم ڪري سگهون ٿا.
مولانا سنڌي مذهبي فرقيواريت جي خلاف ڳالهائيندي فرمائين ٿا ته ”اسان هن وقت جنهن مذهبيت جو شڪار آهيون، اها مذهبيت روڳي ٿي چڪي آهي، اها سنيءَ کي شيعي سان ويڙهائي ٿي، اهل حديث جي حنفي کان دل خراب ٿي ڪري، احمديءَ ۽ غير احمديءَ ۾ نفرت ٿي وجهي ۽ هندن ۾ مسلمانن کي هڪ ٻئي جو جاني دشمن بڻائي ٿي. ان مذهبيت جي ڪري انسان انسان جي خون جو پياسو ٿي پيو آهي. آئون ان روڳي مذهبيت کي مٽائڻ چاهيان ٿو. منهنجو مقصد هي آهي ته اسين شاهه ولي الله جي ٻڌايل اصولن مطابق مسلمان بڻجون. ان سان نه صرف هي ته مسلمانن جي پاڻ ۾ فرقي پرستي ختم ٿي ويندي پر هڪ مسلمان جي دل ۾ ايڏي ڪشادگي ٿي سگهندي جو هو هندن سان سياسي ۽ معاشي معاملن ۾ پورو تعاون ڪري سگهندو.“
مولانا پنهنجي فڪري تحريڪ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته ”آئون ان تحريڪ جو بنياد وسيع تر الاهي تخيل تي رکڻ چاهيان ٿو جيڪو سڀني مذهبن، جنسن، قومن ۽ سڄيءَ جو سڄيءَ انسانيت کي پنهنجي پلوَ ۾ وٺي. ان سان مرتبن جو فرق، مذهبن جو فرق ۽ قومن جو غلط تعصب ۽ ناجائز هٺ ڌرمي، جنهن سڀني انسانن کي هڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. سڀ جو سڀ مٽجي ختم ٿي ويندا ۽ انسانيت جو قافلو ترقيءَ جي رستن تي گامزن ٿي ويندو.“ مولانا سنڌي پنهنجي انهيءَ قسم جي فڪر ۽ نظريي جي آڌار تي هندستان لاءِ سياسي پروگرام تجويز ڪيو، جنهن ۾ نه اهو هو ته هندستان تي مسلمان حڪومت ڪري ۽ هندو ان جي ماتحت رهن ۽ نه اهو هو ته هڪ علائقي ۾ مسلمانن کي گڏ ڪري صرف انهن لاءِ ڀلايون ۽ برڪتون گڏ ڪجن ۽ پاڙي ۾ ٻئي بڻجندڙ ملڪ جا سدائين ويري رهون ڇاڪاڻ ته هو غير مسلم آهي. بلڪه مولانا چاهيو ٿي ته خالص سياسي ۽ اقتصادي بنيادن تي هندستان جي تعمير ڪجي ته جيئن سڄي هندستان جو عوام اهڙي پروگرام مان فائدو وٺي، ان باري ۾ مولانا فرمايو: ”مذهبي بنيادن تي سڀني هندستاني مسئلن ۽ خاص ڪري هندو مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ ڪو نجات جو رستو پيدا نه ٿو ڪري سگهي، ان ڪري اسان پنهنجي پروگرام ۾ مذهب کي انهن مسئلن حل ڪرڻ جو بنياد قرار نه ٿا ڏيون، بلڪه قومي ۽ طبقاتي فرق ۽ اقتصادي ۽ سياسي اصولن تي انهن مسئلن جو حل پيش ڪيون ٿا.“ مولانا سنڌي اهڙي سياسي ۽ ملڪي نظام جا قائل هئا جيڪو مذهب جي فرق جي بنياد تي پنهنجي عوام جا حق متعين نه ڪري، اهوئي سبب هو جو مولانا اڪبر جي نظام سلطنت جا ته قائل هئا پر فرانس جي انقلاب کان پوءِ آيل سيڪيولر ازم ۽ ان کان پوءِ روس ۾ اقتصادي انقلاب مان هتان مقامي حالتن پٽاندڙ لاڀ حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هئا. ڇاڪاڻ ته روڳي مذهبيت کان ڇوٽڪارو ۽ حقيقي ديني نظرين جي پروڙ سيڪيولرازم جي رواداري واري فڪري نظام هيٺ رهي ڪري ممڪن ٿي سگهي ٿو.