ويٺي جنين وٽ- ڏکندو ڏور ٿئي : شاهه محمد عثماني
اهي گهڙيون به ڪيڏيون نه عظيم آهن جن گهڙين ۾ دنيا جا عظيم انسان، ڌرتيءَ جا املهه ماڻڪ، ڪمزور ۽ بي سهارن انسانن جي تقدير ٺاهڻ جي جنگ ۾ پنهنجو رت ست ڏئي ان آڳ جي شعلن ۾ واڌارو ڪري رهيا هيا، جن شعلن سان سامراج جو طلسماتي اقتدار سڙي رک ٿيڻو هيو. اهي گهڙيون اسان جي تاريخ جو هڪ وڏو سرمايو آهن. پڙهندڙن جي خدمت۾ انهن جو ترجمو پيش ڪجي ٿو. (سنڌيڪار: محمد انس)
منهنجا ڪجهه دوست سياست سان تعلق رکندا هيا ۽ انهن علماءِ دين سان پڻ جيڪي سامراج دشمن سرگرمين ۾ مصروف هيا. انهن جي معرفت مون مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو نالو ٻڌو هيو ۽ انهن کان ئي مون هي به معلوم ڪيو هيو ته پاڻ جلاوطن ڪيئن ٿيا. نهرو رپورٽ جي حمايت ۽ مخالفت جو زمانو هيو. جڏهن اسان جوهڪ بزرگ ٻيو ڀيرو حج تي ويو هيو. ان زماني ۾ مولانا سنڌيءَ جن مڪه معظمه ۾ رهندا هئا. اهو دوست مولانا سنڌيءَ سان مليو ۽ ان سان هندستان جي سياست تي گفتگو ٿي. مولانا چيو ته هندستان جي مسلمانن کي گهرجي ته اهي ڪانگريس کي ڪنهن به حالت ۾ نه ڇڏين. ڪانگريس جي طاقت جو اندازو هندستان ۾ رهي ايترو نه ٿو ٿئي جيترو ٻاهر رهي ڪري ٿئي ٿو. ٻيو هندستان ۾ مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته اهي ڪنهن مشترڪ پليٽ فارم تي به رهن، ايستائين جو هندستان آزاد ٿي وڃي. ان وقت پارليامينٽ کي ان مشترڪ پليٽ فارم جي گڏيل حيثيت حاصل هوندي.
مولانا مشورو ڏنو ته مسلمانن ۾ خدمتي ادارا وڏي پيماني تي قائم ٿيڻ گهرجن، خدمت ڪرڻ سان ئي ايثار ۽ قرباني جو جذبو پيدا ٿيندو آهي ۽ هي احساس ٿيندو ته پنهنجو ملڪ پنهنجي هٿن ۾ هجي ته خدمت جا ڪيترا گهڻا موقعا حاصل ٿيندا. مولانا خواهش ظاهر ڪئي ته منهنجو پروگرام جمعيت العلماءُ جي ذميوارن تائين پهچايو وڃي. اسان جي ان بزرگ جنهن کي مولانا چيو ٿي جواب ڏنو ته جمعيت علماءِ جي ٻين ذميوارن سان ته منهنجو اهڙو تعلق ڪونهي جو اهي يقين ڪن ته هي پيغام واقعي اوهان جو آهي پر مان مولانا سجاد صاحب کي، چئي سگهان ٿو. ڪا لکت پهچائڻ جي ڳالهه ان ڪري نه ٿي جو مولانا سنڌي، ان وقت تائين جلاوطن هيا ۽ لکت کڻي وڃڻ ۾ قانوني خطرا پيدا ٿي سگهيا ٿي. ان ڪري اسان واري بزرگ حج کان واپس اچڻ کان پوءِ مولانا سنڌي جو اهو پيغام مولانا سجاد تائين پهچائي ڇڏيو. مولانا سجاد ڳالهين جي طور تي اهو واقعو اسان کي به ٻڌايو.
جڏهن ڪانگريس جون وزارتون ٺهيون ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي 25 سالن جي جلاوطنيءَ کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ دربدرائيءَ کان پوءِ هندستان اچڻ جي اجازت ملي. پاڻ ويا ته افغانستان هيا پر اتي انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪابل شاخ جو بنياد رکيو هيائون، جيڪا هندستان کان ٻاهر ڪانگريس جي پهرين شاخ هئي. انگريزن جي باغي هجڻ جي حيثيت سان کين افغانستان ۾ هٿون هٿ ورتو ويو. ڇو ته انهن ڏينهن ۾ افغانستانين ۽ انگريزن جا تعلقات سٺا نه هيا.
پر جڏهن امان الله خان انگريز حڪومت جي ويجهو ٿي ويو ۽ نادر خان جنهن ٺل جي ميدان ۾ ڪميونسٽ روس جي هٿيارن جي مدد سان انگريزن کي شڪست ڏني هئي، ان کي سفير بڻائي ٻاهر موڪليو ويو ته مولانا ڊنو ته شايد امان الله کين انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيندو. ان ڪري پاڻ هڪ بنگالي نوجوان شيب ناٿ بنرجيءَ سان گڏ پيادا روس روانا ٿيا ۽ خطرناڪ رستن تان گذري روس پهتا. بقول مولانا سنڌي انهن ڏينهن ۾ ايم اين راءِ، اتي لينن کان پوءِ سڀ کان وڏو ڪميونسٽ سمجهيو ويندو هيو. مولانا صاحب شيب ناٿ بنرجيءَ جي مدد سان ڪميونسٽ لٽريچر جو مطالعو ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتو ته ڪميونزم ۾ ڪا اهڙي نئين ڳالهه ڪانهي. دنيا جي جن مشڪلاتن جو حل ڪميونزم ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اهو حل اسلام ۾ موجود آهي، پر شرط آهي ته ان کي شاهه ولي الله جي وضاحتن جي روشنيءَ ۾ سمجهيو وڃي. مولانا اتان ترڪيءَ پهتا ۽ مصطفيٰ ڪمال جي نظرين کي پرکيو پوءِ مڪي مان ٿيندا هندستان پهتا. هندستان پهچي پاڻ يڪدم بيان ڏنائون ته مسلمان ڪانگريس ۾ شريڪ ٿين ۽ هي پڻ ته اسين شاهه ولي الله دهلويءَ جي تاويلن مطابق قرآن جي حڪومت چاهيون ٿا.
مان انهن ڏينهن ۾ ڪلڪتي ۾ هيس. جمعيت علماءِ صوبي بنگال جي اجلاس جون تياريون ٿي رهيون هيون. انهن تيارين ۾ مان اڳيان اڳيان هئس. منهنجي چوڻ تي صدارت لاءِ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو نالو منظور ڪيو ويو ۽ کين ان جو اطلاع به ڏنو ويو. مسلم ليگ طئي ڪيو هيو ته بنگال ۾ جمعيت علماءِ جو اجلاس ڪنهن طرح ٿيڻ نه ڏيندي. بنگال ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هئي، روز مسلم ليگ جا جلوس نڪرندا هيا.
هڪ رات قاري رحمت الله جي دواخاني ۾ جتي جمعيت جو دفتر هيو، اسين ماني کائي رهيا هئاسين ۽ مشورو ڪري رهيا هياسين ته مولانا جو استقبال ڪيئن ڪجي ۽ مسلم ليگ جي مزاحمت جو مقابلو ڪيئن ڪيو وڃي. ايتري ۾ هڪ ڇوڪرو ٻاهران آيو ۽ چيائين ته هڪ پوڙهوماڻهو دهليءَ کان آيو آهي ۽ چئي ٿو ته دفتر مان ڪنهن کي سڏي وٺو. مان ماني ڇڏي اٿي ٻاهر آيس. اهو پوڙهو ماڻهو چادر بغل ۾ ڏئي بيٺو هيو. مون سلام ڪيو ۽ ان جواب ڏيندي مصافحي لاءِ هٿ وڌائيندي چيو، عبيدالله سنڌي. مان حيرت ۾ پئجي ويس ته بنا ٻڌائڻ جي ڪيئن اچي ويا سو به ٻه ڏينهن پهريائين. سبب پڇيوسين ته چيائون ته ڪيترن دوستن سان ملڻو هيو. ان ڪري پهريائين پهچي ويو آهيان. مون مولانا کي دفتر ۾ ويهاريو. ٽيڪسي ڪئي ان کانپوءِ کين وٺي طيب ڀائي ظريف جي رهائش گاهه تي پهچائي ڇڏيو ڇو ته اتي رهڻ جو انتظام ٿيل هيو. مولانا جن ٽيڪسيءَ ۾ مون کان پڇيو توهان ڪلڪتي جا رهندڙ آيو؟ مون ننهڪار ۾ جواب ڏنو ۽ چيو ته بهار جي هڪ شهر گيا جو رهندڙ آهيا. چيائون اتي منهنجو هڪ دوست رهندو آهي، توهان ان کي سڃاڻو ٿا. مولانا صاحب جن نالو ٻڌائي جواب جو انتظار ڪيو. مون جواب ڏنو ته اهو منهنجو پڦاٽ آهي ۽ مون جيڪو ڪجهه توهان جي باري ۾ ڄاتو آهي سو ان کان ئي معلوم ٿيو آهي. اهو ڄاڻي مولانا ڏاڍو خوش ٿيا ۽ جيتري تائين ڪلڪتي ۾ رهيا برابرمون کي پاڻ سان گڏ رکيائون. مان مولانا سان پورا ويهه ڏينهن گڏ رهيس. ان دوران مون کي نياپو مليو ته تنهنجو والد صاحب ڇت تان ڪري پيو آهي ۽ ان کي تنهنجي خدمت جي ضرورت آهي، جنهن ڪري مولانا کان اجازت وٺي وطن هليو آيس. وڃڻ وقت مولانا جن چيو ته ڪجهه اڃا به رهو ها ته مان به توهان سان گڏ هلان ها.
طيب ڀائي ظريف وٽ پهچي مولانا پڇيو ته هتي منهنجو هڪ شاگرد شائق احمد عثماني رهندو آهي. توهان ان کي سڃاڻو ٿا؟ مون جواب ڏنو ته پورو ڪلڪتو کيس سڃاڻي ٿو ۽ اسين جمعيت علماءِ جا خدمت گذار، روز سندس گاريون ٻڌندا آهيون ۽ اڄ ڪلهه جمعيت علماءِ جي خلاف مسلمانن کي مشتعل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي. مولانا سمجهيو ته مان کين ان سان ملڻ کان منع ڪري رهيو آهيان. مون اهو اندازو ڪري کين چيو ته مان توهان کي روڪيان نه ٿو. توڙي جو ان وٽ نه ويندو آهيان تنهن هوندي به، جيڪڏهن توهان چئو ته مان توهان کي وٺي هلان. مولانا ٻئي ڏينهن مون سان گڏ شائق احمد عثمانيءَ وٽ هليا. شائق ”عصر جديد“ اخبار جو ايڊيٽر هيو. ديوبند جو فارغ هيو. اتي استاد به رهيو هيو. مولانا کان پڇيم رڪشي تي هلون؟ چيائون ته مان ته ان کي جائز نه ٿو سمجهان، خير هلو. ڇا پري آ؟ مون چيو پري ناهي، جلد پهچي وينداسون. اسين ٻئي عصر جديد اخبار جي دفتر پهتاسين. شائق صاحب موجود نه هيو. اسٽاف وارن مون کي حيرت مان ڏٺو. بهرحال مان هي چئي مولانا کي واپس وٺي آيس ته شائق صاحب اچن ته چئجون ته مولانا عبيدالله سنڌي آيا هيا. شائق صاحب دفتر آيو ۽ ان کي جيئن ئي خبر پئي تيئن هو طيب ڀائي ظريف وٽ اچي پهتو. مولانا سان مليو ۽ ادب سان ويهي رهيو. مولانا جن ان کي ڳلي لڳايو، ان کان پوءِ ٻئي هڪ ٻئي جي خيريت پڇندا رهيا. شائق صاحب ٻئي ڏينهن مولانا کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين مولانا عبدالرؤف داناپوري وٽ وٺي ويو. شائق صاحب ڏاڙهي ڪٽيندو هيو ۽ ڌوتي پائيندو هيو. مولوي واري شڪل شبيهه ڪا نه هيس. شايد اهو سمجهيائين ته مولانا عبدالرؤف جي مولوياڻي شڪل شباهت مولانا کي متاثر ڪندي ۽ هو هن کي سمجهائي سگهندو. ان مهل به مان مولانا سان گڏ هيس. مولانا عبدالرؤف صاحب چيو ته توهان 25 سالن کان پوءِ هندستان آيا آهيو. توهان جلدي پنهنجي ملڪي راءِ ظاهر ڪري ڇڏي. جڏهن ته توهان کي گهربو هيو ته پهريائين هندستان جي حالتن جو مطالعو ڪيو ها ۽ پوءِ بيان ڏيو ها، پر توهان، جلد بازيءَ کان ڪم ورتو آهي. مولانا چيو ته مون هندستان جي باري ۾ ڪو خاص بيان ڪو نه ڏنو آهي، مون اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جنهن جي باري ۾ ڪي ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن. هندستان ۾ مسلمانن کي مشترڪ پليٽ فارم جي ضرورت آهي ۽ اهو ڪانگريس کانسواءِ ڪو ٻيو پليٽ فارم نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن توهان هي سمجهو ٿا ته مسلمانن کي مشترڪ پليٽ فارم جي ضرورت ناهي ته توهان انهن کي تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهيا آهيو. مون ٻي ڳالهه قرآن جي حڪومت جي باري ۾ ڪئي آهي. ڪو مسلمان آهي جيڪو ان کي غلط چوي؟
مولانا عبدالرؤف دانا پوريءَ وٽان نڪتاسين ته مولانا صاحب جن پڇيو ته عبدالرحمان صديقي ڪٿي رهندو آهي. مون چيو ته پري آهي. پڇيائون ته تون کيس سڃاڻين ٿو. مون چيو ته ها مان سڃاڻانس ٿو. هڪ دفعو ويو به آهيان. عبدالرحمان صديقي، مولانا محمد علي جوهر مرحوم جي اخبار ڪامريڊ ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. ڪلڪتي مان هڪ انگريزي اخبار ڪڍندو هيو. انهن ڏينهن ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر هيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مشرقي پاڪستان جو گورنر ٿيو هيو. بي لغام قسم جو ماڻهو هيو. ان ڪري جناح صاحب کانئس ناخوش ٿي ويو هيو ۽ ان کانپوءِ مسلم ورڪنگ ڪميٽيءَ ۾ ان کي نه کنيو هئائين. مولانا ان وقت ئي هلڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ان ڪري اوڏيءَ مهل عبدالرحمان صديقي صاحب وٽ پهتاسين. کيس خبر پئي ته ٻاهر اچي مولانا جو استقبال ڪيائين ۽ تمام گهڻي تعظيم سان اندر وٺي هليو. ٿوري دير رسمي گفتگوءَ کانپوءِ اسين چانهه پيئڻ ويٺاسين. ميز تي ويٺي عبدالرحمان صديقي صاحب پڇيو ته مولانا هن ڀيري هندستان ۾ توهان جو خرچ ڪير برداشت ڪري رهيو آهي؟ مولانا صاحب فرمايو ته في الحال خانبهار حافظ هدايت الله کان پئسا ورتا آهن. صديقي صاحب چيو ته اهو توهان جو پراڻو تعلق وارو آهي. جلاوطنيءَ کان پهريائين ته توهان کي خرچ ڏيندو هيو، ان کان پوءِ صديقي صاحب پڇيو هن وقت توهان جو پروگرام ڇا آهي؟ مولانا جواب ڏنو ته مان پنهنجي پارٽي ٺاهڻ جو ارادو رکان ٿو. صديقي صاحب پڇيو ته مقصد ڇا هوندو؟ مولانا جواب ڏنو قرآن جي حڪومت قائم ڪرڻ شاهه ولي الله جي اجتهاد مطابق. صديقي صاحب پڇيو ته شاهه ولي الله جا ڪتاب اردوءَ ۾ آهن؟ مولانا چيو ته نه، عربيءَ ۾ آهن. صديقي صاحب چيو ته مان ته عربي نٿو ڄاڻان. ان گفتگوءَ کان پوءِ اسان سڀني، صديقي صاحب وٽان موڪلايو. هلندي صديقي صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ طيب ڀائي ظريف کي چيو جيڪو اسان سان گڏ هيو ته ”مولانا تمام قيمتي ماڻهو آهي کين ضايع نه ڪجو.“
هاڻي مولانا وٽ ملندڙن جا هجوم اچڻ لڳا. سڀ کان پهريائين مولانا عبدالباقي ديناجپور جن حاضر ٿيا. هي بنگال جي اهل حديث جماعت جا امير هئا ۽ فضل حق صاحب کان پوءِ پرجا پارٽي جا صدر ٿيا. صاحب علم قسم جا ماڻهو هيا. ساڻن گڏ ڪافي ماڻهو آيا هيا. اسان جو دوست معزالدين احمد به آيو جيڪو اڄ ڪلهه تهذيب الاخلاق علي ڳڙهه جو ايڊيٽر آهي. روس جو جلاوطن عالم موسيٰ جار الله هندستان آيل هيو. اهو به پهچي ويو. معزالدين صاحب پچيو: مولانا: توهان چئو ٿا ته قرآن جي حڪومت قائم ڪندا. ٻڌايو ته ان ۾ مزدورن جي مشڪلات جو ڪهڙو حل هوندو؟ مولانا جواب ۾ شاهه ولي الله جي ڪتاب حجة الله البالغه جي حوالي سان تمهيدي طور ڪجهه اهڙيون ڳالهيون چيون جيڪي ڪميونزم سان ملندڙ جلندڙ هيون. مولانا عبدالباقيءَ يڪدم ترديد ڪئي ۽ چيو ته حجة الله ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي، مولانا سنڌي، ناراض ٿي ويا. ان تي مولانا عبدالباقيءَ چيو ته مان توهان جو مخالف ڪو نه آهيان، مان توهان وٽ عقيدت سان آيو آهيان پر مون حجة الله بار بار پڙهيو آهي ۽ اهڙي ڪا به ڳالهه مون نه ڏٺي آهي جيڪا توهان فرمائي رهيا آهيو. مولانا چيو حجة الله ڪٿي ملي وڃي ته کڻي اچو. طيب ڀائي ظريف وٽ ان جو هڪ ترجمو هيو، اهو کڻي آيو. مولانا چيو هي ترجمو ته ٺيڪ ناهي پر ڪم هلي ويندو، پوءِ مولانا ان حصي جو ترجمو پڙهيو ٻڌايو جنهن ۾ شاهه ولي الله صاحب لکيو آهي ته دولت سميٽجي جڏهن ٿورڙن ماڻهن وٽ اچي ويندي آهي ته ان سان ڪهڙيون خرابيون پيدا ٿينديون آهن. ان ۾ شاهه صاحب دهليءَ جي رئيسن ۽ سردارن جو مثال ڏنو. جيڪڏهن دهليءَ جي سردارن جي جاءِ تي قيصر جو نالو لکي ڇڏيو وڃي ها ته ڪارل مارڪس جي انهن تنقيدن سان هيءَ ملندڙ جلندڙ شيءِ هجي ها جيڪا هن سرمائيدارن تي ڪئي آهي. مولانا عبدالباقي جلد اعتراف ڪيو ۽ چيو ته ڪتاب جي ان حصي تي منهنجي نظر نه هئي. مولانا سنڌيءَ چيو ته جلاوطنيءَ کان پهريائين ڪتاب جي ان حصي تي منهنجي به نظر نه هوندي هئي. ان جي باوجود جو مان ان ڪتاب کي ديوبند ۾ پڙهائيندو هيس ۽ ان جو ماهر سمجهيو ويندو هيس. اصل ۾ مان ان کي سرسري طور پڙهي هليو ويندو هوس. جڏهن روس ويس ۽ ڪميونسٽ لٽريچر جو ترجمو ڪرائي پڙهيم، تڏهن مون کي خيال آيو ته شاهه صاحب ته ان موضوع تي لکي چڪو آهي. معزالدين صاحب ٻيو سوال ڪيوته ڀلا توهان جي حڪومت ۾، اپوزيشن پارٽيءَ کي ڪهڙا حق هوندا، مولانا چيو ته جيڪي حق دنيا، اپوزيشن پارٽيءَ کي ڏيندي آهي. هڪ همراهه چيو ته مثال طور روس ۾ اپوزيشن پارٽيءَ کي ڪافي حق آهن. مولانا جواب ۾ سواليه انداز ۾ چيو ته هي توهان کي ڪنهن چيو؟ پوءِ چيائون ته مان اتي رهي چڪو آهيان. اتي اپوزيشن پارٽي کي ڪو به حق ناهي ۽ هي موسيٰ جار الله ويٺو آهي ان کان پڇو. ان کي به پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. مولانا سان ملڻ لاءِ ڪجهه سک آيا. انهن پنهنجي گردواري ۾ مولانا کي دعوت ڏني. مولانا دعوت قبول ڪئي ۽ مقرر وقت تي گردواري ويا. مان ساڻس گڏ هيس. مان ان کان پهريائين ڪڏهن ڪنهن گردواري ۾ نه ويو هئس، ان ڪري دلچسپيءَ سان سڀ شيون ڏسي رهيو هيس. ڏاڪڻ جي ڏاڪن تي به ڪرپان کنيو سک بيٺا هيا. اندر هال ۾ هڪ گرو مچان تي ويٺو هيو. وٽس گرنٿ رکيل هيو جنهن جي ڀرسان تلوار هئي. هيٺ تڏي تي به تلوار پئي هئي. سک ايندا ٿي ويا ۽ تڏي تي پئسا اڇلائيندا ٿي ويا. مولانا سان گڏ مڇان جي ٻئي پاسي ويهي رهيس. هڪ سک تقرير شروع ڪئي. ان چيو ته مولانا سک جو پٽ آهي ۽ اسان کي فخر آهي ته هڪ سک جي پٽ ملڪ لاءِ قرباني ڏني آهي، جنهن جو مثال ٻي جاءِ تي نه ملي سگهندو. جيڪڏهن ملندو ته تمام گهٽ ملندو. ان کانپوءِ مولانا صاحب جن اٿيا فرمايائون ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته منهنجي رڳن ۾ سک خون ڊوڙي رهيو آهي. منهنجاماءُ پيءُ سک هيا، جڏهن مان مسلمان ٿيس ته پنهنجي ماءُ کي مون ڇڏي ڏنو هيو. ڇو ته هو ڪافرياڻي هئي. پوءِ منهنجي استاد مولانا محمود حسن مون کي ٻڌايو ته ماءُ جي خدمت ڪرڻ فرض آهي، ڀلي اهاڪافرياڻي هجي. ان کانپوءِ مان ان کي وٺي آيس ۽ کيس پاڻ وٽ رکيم. مولانا اڳتي ڳالهائيندي چيو ته مان مسلمان ان ڪري ٿيس ته منهنجي خيال ۾ اسلام منهنجي لاءِ ۽ سک قوم لاءِ فائديمند آهي. مان سک ڀائرن کي دعوت ٿو ڏيان ته اهي اسلام جو مطالعو ڪن. جيڪڏهن اهي منهنجي راءِ سان اتفاق ڪن ته هي مذهب سک قوم لاءِ مفيد آهي ته ان کي قبول ڪن.“
مولانا سکن کي دين جي دعوت ڏني. اصل شيءِ آهي دعوت جو جذبو، جيڪڏهن جذبو نه هجي ته انسان بهترين موقعن جي باوجود دعوتي ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ان کانپوءِ اسين واپس آياسين ۽ سکن تمام گرم جوشيءَ سان مولانا کي الوداع ڪيو. هڪڙي ڏينهن سڀاش چندر بوس مولانا سان ملڻ آيو. مون ٻڌو ته جلدي ۾ ٻاهر ويس ۽ سڀاش چندر بوس کي چيم مولانا جلدي ناراض ٿي ٿا وڃن، ان ڪري انهن سان ڪو به بحث نه ٿيڻ گهرجي. سڀاش چيو ته آءٌ صرف عقيدت پيش ڪرڻ آيو آهيان. ڪنهن سياسي مقصد لاءِ نه آيو آهيان. مولانا جهڙيءَ طرح مصيبتون برداشت ڪيون آهن. جيڪڏهن ٻيو ڪو هجي ها ته پاڳل ٿي وڃي ها. پاڻ ته صرف چيڙاڪ ٿي ويا آهن. ان کانپوءِ سڀاش مولانا وٽ آيو، پهريائين ٻئي هٿ ٻڌي سلام ڪيائين جيڪو برهمڻن ڇوت ڇات کان بچڻ لاءِ ايجاد ڪيو هيو ۽ هاڻي اهو سلام جو هڪ طريقو ٿي ويو آهي. ان کانپوءِ سڀاش مولانا جا پير چميا پوءِ هار پاتائين ۽ آخر ۾ گلن جو هڪ ٽوڪرو پيش ڪيائين. مولانا هار پهريندي چيو ته هار ته نوجوانن جي شيءِ آهي. مون کان وڌيڪ توهان کي سونهندو. ان کانپوءِ ٻئي ويهي رهيا. مولانا پڇيو اڄڪلهه توهان ڇا پيا ڪيو؟ سڀاش چيو فارورڊ بلاڪ جي نالي سان هڪ پارٽي ٺاهي رهيو آهيان. مولانا چيو مان به هڪ پارٽي ٺاهي رهيو آهيان. ان کانپوءِ مولانا ان جا اغراض ۽ مقاصد ٻڌائڻ لڳا. سڀاش خاموشيءَ سان ٻڌا ۽ آخر ۾ سلام ڪري واپس ٿي ويو. جمعيت جي اجلاس کانپوءِ سڀاش چندر بوس مولانا جي اعزاز ۾ پاڻ وٽ هڪ وڏي دعوت ڪئي. مان ان ۾ شريڪ ڪو نه هيس، وطن هليو ويو هيس.
مولانا جمعيت علماءِ جي لاءِ پنهنجو خطبو لکيو هيو ۽ مولانا آزاد جي سيڪريٽري اجمل خان کان ان جو ترجمو به ڪرايو هيو پر ٻئي ڪنهن کي ڏيکارڻ لاءِ تيار نه هيا. ڇپائي لاءِ به نه ٿي ڏنائون. ٻئي ڏينهن اجلاس هيو. شام تائين پنهنجو خطبو نه ڏنائون. آخر مون چيومانس ته سائين ڇا خطبو ڇپائڻو ناهي؟ چيائون خطبو پڙهڻ کانپوءِ. مون چيو تڏهن ته اخبارن ۾ ڇپائڻ ۾ ڏاڍي دير لڳي ويندي. مولانا چيو مان پهريائين نه ڏيندس. جيڪڏهن پهريائين ڏنم ته توهان ماڻهو هي خطبو پڙهڻ نه ڏيندؤ. مون مولانا سان وري وري واعدو ڪيو ته اجلاس کان پهريائين هي خطبو ڪنهن کي به ڏسڻ لاءِ نه ڏيندس. بار بار واعدن ڪرڻ کانپوءِ مولانا پنهنجو خطبو ڏنو. هاڻي هڪ رات ۾ خطبي جي لکائي ۽ ڇپائي وڏو مسئلو هئي. ڏهين وڳي رات جو مولانا مسودو ڏنو هيو. ايترو جلد ڇاپڻ لاءِ ڪير به تيار نه هيو. ان ۾ ويتر دير ٿي وئي نيٺ هڪ همراهه مليو جنهن سڄي رات جاڳي هي فرض انجام ڏنو. لکائي ۽ ڇپائي ته ڏاڍي خراب ٿي پر خطبو ڇپجي ويو. ٻئي ڏينهن جلسي جو وقت ٿيو. مان مولانا کي وٺي اجلاس ڏانهن وڃي رهيو هيس جو ڪجهه ماڻهن اشاري سان روڪيو ۽ ٻڌايو ته مسلم ليگي اندر اجلاس ۾ گهڙي ويا آهن ۽ گوڙ ڪري رهيا آهن. ان ڪري مولانا کي وٺي وڃڻ مناسب ناهي. مون مولانا کي واپس گهر پهچائي ڇڏيو ۽ پاڻ اجلاس ۾ واري هنڌ پهتس، ڏٺم ته ڪجهه بدمعاش مٿي گيلريءَ ۾ گهڙي آيا آهن. گوڙ ڪري رهيا آهن ۽ هيٺ اجلاس ۾ نه اچي سگهيا آهن. ايتري ۾ هڪ پوليس جو فورس اچي ويو. پهريائين ته ايس پيءَ سان منهنجي جهڙپ ٿي ۽ مون بنا ٽڪيٽ پوليس جي داخلا تي سخت اعتراض ڪيو. ان کانپوءِ اڳتي وڌيس. اسان جو دوست معزالدين صاحب اسان کان پهريائين اچي ويو هيو. ان پڇيو هاڻي ڇا ڪجي؟ مون چيو ته مخالف مٿي گيلريءَ ۾ آهن، هيٺ اسين آهيون. دروازو بند ڪيو وڃي ته جيئن هو نه اچي سگهن. مٿي پاڻي به ڪونهي گرميءَ جو وقت آهي، رڙيون ڪري جلدي ٿڪجي پوندا. بس هاڻي هنن کي بس نه ڪرڻ ڏجي. معزالدين صاحب کي اها راءِ پسند آئي. مان ۽ هو واري واري سان لائوڊ اسپيڪر تي اپيلون ڪري رهيا هياسين ته ايس پي اسان جي ان تدبير کي سمجهي ويو. تن ڏينهن بنگال ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هئي ۽ جيئن مٿي لکي چڪو آهيان ته ليگين طئي ڪيو هيو ته ڪنهن به طرح اجلاس ٿيڻ نه ڏيندا. ان ڪري پوليس، جيئن ان جي رويي مان پتو پيو ٿي ته هدايت ڏئي موڪلي هئي. ان دوران ايس پي لائوڊ اسپيڪر تي آيو ۽ اعلان ڪيائين ته اسين هن اجلاس کي خلاف قانون قرار ڏيون ٿا.
هاڻي اسان جي سامهون سوال هيو ته اجلاس ڪرڻ تي زور ڀريون ۽ جيل وڃون يا اجلاس نه ڪرڻ جو اعلان ڪيون ۽ ناڪامي قبول ڪيون. اسان صلاح ڪئي ته شام جو ٻيءَ جڳهه تي ويهي ان معاملي کي طئي ڪنداسين. ان ڪري اسان اعلان ڪيو ته سڀ ڪارڪن حاجي الله بخش جي گهر تي اچي گڏ ٿين. هاڻي ايس پي جو زور هيو ته اسين فورن جلسي گاهه ڇڏيون. ان مهل مولانا حسين احمد ۽ جمعيت علماءِ جا سڀ اڳواڻ اچي ويا هيا. سڀني هڪ آواز ٿي چيو ته جيستائين مخالف نه ٿا وڃن اسين جلسي گاهه نه ٿا ڇڏي سگهون. گرفتار ڪرڻو اٿو ته ڪيو. اسان جو ضد ڏسي ايس پي مسلم ليگين کي چيو ته هاڻي جلسو ته ختم ٿي ويو، ان ڪري توهان وڃو. تڏهن سڀ هليا ويا. ان کان پوءِ اسين حاجي الهه بخش جي جڳهه تي گڏ ٿياسين. مولانا منير الزمان صاحب ڏاڍو مايوس هيو، چوي پيو ته مسلم ليگ اجلاس ٿيڻ نه ڏيندي ان ڪري هاڻي ٻئي ڏينهن اجلاس جو ارادو نه ڪيو وڃي. مون چيو اجلاس ضرور ٿيڻ گهرجي. مولانا حفظ الرحمان صاحب کي منهنجي ڳالهه ٻڌي همٿ پيدا ٿي. پاڻ چيائون ته توهان کي ايترو آسانيءَ سان شڪست قبول ڪرڻي هئي ته اسان سڀني کي گهرايو نه ها. ايتري ۾ اشرف الدين چوڌري جيڪو بنگال ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري هيواچي ويو. تنهن چيو ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ناهي ته ٻئي ڏينهن اجلاس ضرور ڪيو وڃي. نيٺ هي طئي ٿيو ته اجلاس ٿئي ضرور، پراڻيون ٽڪيٽون منسوخ ڪيو وڃن. نيون ٽڪيٽون تيار ڪري انهن کي تقسيم ڪرڻ جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو. تنهن ڪري مون ڪجهه دوستن جي مدد سان ٽڪيٽون تيار ڪيون ۽ اهڙيءَ طرح سان تقسيم ڪيون جو هڪ مسلم ليگيءَ کي به جيڪو شور مچائڻ پيو گهري ٽڪيٽ نه ملي سگهي. جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته پروفيسر عبدالرحيم صاحب استقباليه خطبو پڙهيو ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ صدارتي خطبو پڙهيو. مولانا پنهنجي خطبي ۾ چيو هيو ته: (1) مسلمان ڀيڏين کان هيٺ تائين پائنچا رکن ۽ ٽوپي پائي نماز پڙهن، (2) جمعيت جا ٻه شعبا هجن هڪ عملي ۽ ٻيو علمي ۽ تحقيقي، (3) اسان کي گهرجي ته اسين يورپ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يورپ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون. ٽيون نمبر ڪنهن به طرح قابل اعتراض نه هيو پر اجمل خان پنهنجي ترجمي ۾ سمجهڻ جي لاءِ فولو (Follow) جو لفظ استعمال ڪيو هيو جنهن جي معنيٰ سمجهڻ به آهي پيروي ڪرڻ به آهي. انگريزي نسخو انگريزي اخبارن کي ڏنو ويو هيو ۽ اردو نسخو پهريائين هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويو هو. اردو اخبارن ان جو ترجمو پيروي ڪرڻ ڪيو هيو. ان طرح مذهبي حلقي ۾ مولانا تنقيد جو نشانو بڻيا. پهرئين نمبر ڳالهه تي مولانا حسين احمد اجلاس ۾ ئي مولانا سنڌيءَ کي ٽوڪيو هيو جڏهن مولانا خطبو پڙهي چڪا هيا.
مولانا سنڌيءَ اجلاس کانپوءِ مولانا ابوالڪلام آزاد سان مليا ۽ ٽن ڏينهن تائين مسلسل ملندا رهيا. پهرئين ڏينهن اسين ٽي ماڻهو هياسين مان، ڊاڪٽر منظور احمد مرحوم سابق ايم ايل بي بهار ۽ طيب ڀائي ظريف، پر مولانا آزاد چاهيو ته اسين اڪيلائيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، ان ڪري پوءِ اسين گڏ نه رهياسين.
مون هڪ ڏينهن مولانا عبيدالله سنڌي کان خواهش ڪئي ته برڪت خاطر مون کي قرآن جون ڪجهه آيتون پڙهائي ڇڏيو. غالباً ان مهل مولانا حامد عثماني ديوبندي به ويٺو هيو ۽ انهيءَ جي چوڻ تي مون اها گهر ڪئي هئي. مولانا سوره نون پڙهائي ۽ چيو ته ان ۾ معاشيات طرف اشارو آهي. مولانا چيو ته نون جا پنجاهه عدد هوندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته نبي عليه السلام جي نبوت کان وٺي پنجاهه سال پوءِ تائين جي مدت ڏانهن اشارو هجي. مولانا چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته اسلام ۾ سياسيات ۽ معاشيات تي ڪجهه به ڪونهي ڪو. جڏهن نماز لاءِ ننڍي ۾ ننڍي وضاحت موجود آهي ته ڪيئن ممڪن آهي ته سياسياست ۽ معاشيات تي ڪجهه نه هجي. مولانا هڪ ڀيري چيو ته مون کي هاڻي جيڪو تجربو ٿيو آهي، جيڪڏهن اهو تجربو جلاوطنيءَ کان پهريائين هجي ها ته مان انگريزن سان لڙائيءَ ايتري جلدي نه ڪيان ها. ڇو ته هندستان ۾ اڃا ڪرڻ جا ايترا ڪم آهن جو انهن سان پهريائين نبري پوڻ تمام ضروري هيو. مولانا هي به چيو ته هندستان هندو عهد کان وٺي هن مهل تائين رڳو ترقي ڪئي آهي. انگريزن جي زماني ۾ به ترقي ٿي آهي پر جيئن ته انگريزن هندستان کي پنهنجو وطن نه بڻايو، ان ڪري اسين انهن کي هندستاني نه سمجهي سگهياسين ۽ نه وري انهن تي هندستان کي ترقي وٺرائڻ جي ذميواري آهي. ان کانپوءِ مسلمانن جو نمبر اچي ٿو، جن هندستان کي پنهنجو وطن بڻايو ۽ هندو عهد جي مقابلي ۾ مسلمانن جو عهد (دؤر) وڌيڪ جديد آهي. انهن ملڪ کي وڌيڪ وسيع به بڻايو، ان ڪري اهي ئي اعليٰ درجي جا هندستاني آهن ۽ انهن تي ملڪ کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ جي ذميواري آهي. افسوس جو نه مسلمانن ان ذميواريءَ کي محسوس ڪيو ۽ نه آزاديءَ کان پوءِ مسلم دشمن فرقي پرستن کين مهلت ڏني جو اهي پنهنجي ذميواري محسوس ڪن، اهي هر وقت فساد جو شڪار ٿيندا رهندا آهن. هي به ٿيو جو جيڪي آزاديءَ جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيا اهي پنهنجي سُڪون ۾ خوش آهن ۽ جيڪي آزاديءَ لاءِ وڙهيا اهي مال غنيمت جي تلاش ۾ آهن. مولانا آزاد جي هن اپيل جو به هنن تي اثر نه ٿيو ته جديد هندستان جي تعمير جا نقشا توهان کان بغير اڻ پورا رهندا، مولانا حامد عثماني صاحب پڇيو ته مولانا جن قرآن جو ڪو تفسير لکيو آهي يا نه؟ مولانا چيو ته لکيو ته ڪونهي پر مون قرآن جو درس جيڪو مڪي ۾ ڏنو آهي اهو مڪمل طور موسيٰ جار الله قلم بند ڪيو آهي ۽ ان وٽ محفوظ آهي. مولانا جي وفات کانپوءِ موسيٰ جار الله جو هڪ مضمون رسالي ”جامعه“ ۾ شايع ٿيو هيو. ان ۾ موسيٰ جار الله لکيو هيو ته مولانا جو مڪمل تفسير مون وٽ موجود آهي. ڪير ڇپائڻ گهري ته ان کي ڏئي سگهجي ٿو.
مولانا هڪ ڏينهن چيو ته مولانا حسين احمد اسان جو پارٽي ليڊر آهي، ان سان اسان جا اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر اسين ان جي مخالفت نه ٿا ڪري سگهون. پاڻ اهو چيائون ته ذهانت ۽ طبيعت ۾ دعويٰ نه ٿو ڪيان باقي تقويٰ، دينداري، عبادت ۽ استاد جي خدمت ۾ اسان مان ڪو به مولانا حسين احمد جي برابر ان وقت به ڪو نه هو جڏهن هو طالب علم هو.
خان بهادر عبدالڪريم پاڻ وٽ مولانا جي دعوت ڪئي. هي نالي جو خان بهادر هيو. حڪومت نواز نه هيو. شايد بنگال جي ماحول کيس متاثر ڪري ڇڏيو هيو. جتي انگريزن جي خلاف گرم گرم هوا جا جهولا هلندا هيا. هو تمام ڪراڙو هيو. جڏهن راجندر پرشاد ٽي ڪي گهوش اسڪول پٽنه جو طالب علم هيو ته هو پوري بنگال جو انسپيڪٽر آف اسڪول هيو. شايد ان زماني ۾ کين خانبهادر جو خطاب مليو هوندو. رٽائرڊ ٿيڻ تان پوءِ نيشنلسٽ حلقي ۾ شامل ٿي ويو. ان ڪري بنگال ۾ ٻه مسلم ليگيون ٿي ويون هيون. هڪ جي قيادت هي ڪري رهيو هيو ۽ ٻيءَ جي نظام الدين. ان ٻيءَ مسلم ليگ کي جناح صاحب قبول ڪيو هيو. خانبهادر اسلام تي انگريزيءَ ۾ ڪئين ڪتاب لکيا هيا جيڪي مون کي ڏنا هيائين. پروفيسر عبدالرحيم انهن جو شهزادو هيو. خانبهادر وٽ مولانا ڪافي دير ويٺا، اسلامي نظريه سلطنت تي گهڻو وقت ڳالهائيندا رهيا. خان بهادر هاها ڪندو هيو. مولانا کي اها هاها ڪرڻ پسند نه آئي، ڪاوڙجي چيائون، اسلامي سلطنت ۾ توهان جو هي شان ۽ شوڪت نه رهندو، صوفا سيٽ نه رهندا، تڏي تي ويهي خلق خدا جي خدمت ڪرڻي پوندي.
مولانا فقهه حنفي ۽ تصوف جا وڏا حامي هيا. چوندا هيا ته اهي عجمين جي مزاج ۽ ضرورت جي مطابق آهن. تصوف جي باري ۾ چوندا هيا ته ان سان پيدائشي مسلمان، اصلي مسلمان وانگر ٿي ويندو آهي. چوندا هيا ته مون کي ڏسو مان نئون مسلمان آهيان پوءِ ڪير چوندو ته مان نئون مسلم آهيان، مان اهڙي مسلمان وانگر معلوم ٿيندو آهيان جيڪو ڪنهن مسلم گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هجي. اها تصوف جي برڪت آهي. مولانا ڪلڪتي مان ويا ته وري منهنجي ساڻس ملاقات نه ٿي. مولانا جامعه مليه ۾ رهيا ۽ بيت الحڪمت جو بنياد رکيائون ته منهنجو وڏو ڀاءُ شاهه عيسيٰ مرحوم انهن ڏينهن ۾ جامعه مليه ۾ رهندو هو. ان کان حال احوال ٻڌندو هيس. مولانا سنڌ ساگر اڪيڊمي ٺاهي، جنما نربدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهي. مولانا تي ۽ سندس نظرين تي جيڪي ڪتاب شايع ٿيا، اهي سڀ مون پڙهيا. ان جي مخالفت ۾ جيڪو ڪجهه ماڻهن لکيو ويو ان سان مان سهمت نه ٿي سگهيس؟؟
نئون نسل منهنجو هي مضمون پڙهي سوچيندو ته مولانا سنڌي ڪيئن جلاوطن ٿيو، ان ڪري جلاوطنيءَ کان پهريائين جو ٿورو حال احوال لکي ٿو ڇڏيان. ديوبند جو فارغ ۽ اتي جو صدر مدرس مولانا محمود حسن ديوبندي انگريزن جي اقتدار جو هندستان ۾ سخت مخالف هيو. هو انگريزن کي اسلام جو پهريون نمبر دشمن سمجهندو هو. سندس خيال ۾ مسلمانن ۾ الحاد ۽ بيديني انگريزن جي ڪري هئي ۽ هندستان تي قبضو رکڻ لاءِ هو سموري اسلامي دنيا کي پنهنجي حڪمرانيءَ ۾ شامل ڪري رهيا هئا. مولانا جي انهيءَ خيال جو اثر سندس شاگردن تي به ٿيو. مولانا جو هڪ شاگرد حسين احمد مدني، هجرت ڪري مديني هليو ويو. هندستان ۾ (سندس) جيڪي شاگرد هئا سي سڀ جو سڀ خدا جي مهربانيءَ سان علم ۽ فضل ۾ يڪتا هئا. انهن مان مولانا عبيدالله سنڌي سڀ کان وڌيڪ سرگرم ۽ متحرڪ هيو.
مولانا محمود حسن ؓجو خيال هيو ته هندستان جي جيڪا سياسي ۽ جاگرافيائي پوزيشن آهي ۽ مسلمانن جي آبادي جهڙيءَ طرح هندن سان گڏ پوري هندستان ۾ پکڙيل هئي. مسلمانن کي گهرجي ته انقلاب جي هر ڪوشش ۾ هندن کي گڏ کڻن ۽ ڪنهن به سياسي جدوجهد جي ذميواري اڪيلي سر پنهنجي ڪلهن تي نه رکن. مولانا جي ان نظريي جي مطابق، سندس شاگرد مولانا عبيدالله سنڌيءَ، هندستان ۾ انقلابي قومي حڪومت جو نقشو تيار ڪيو. راجا مهندر پرتاب کي ان حڪومت جو صدر، مولانا برڪت الله ڀوپاليءَ کي وزيراعظم، مولانا محمود حسن کي وزير دفاع ۽ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد ميان منصور انصاريءَ کي وزير داخله ۽ خارجه جا عهدا ڏنا ويا.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو خيال هو ته انقلاب لاءِ قيادت تيار ڪجي. ان لاءِ پاڻ هڪ مدرسو دهليءَ ۾ کولايائون پر مولانا محمودالحسن کين افغانستان موڪلي ڇڏيو ته جيئن مولانا اتي جي حڪومت جي حمايت حاصل ڪري. ان جي باري ۾ هڪ روايت ٻي به آهي. اسان جي هڪ عزيز جيڪو انهن ڏينهن ۾ مولانا آزاد جو تروسي جوڳو ماڻهو هيو، مون کي ٻڌايو ته هن مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي دهليءَ ۾ مولانا آزاد جو هي پيغام پهچايو هو ته سندس گرفتاريءَ جون تياريون ٿي رهيون آهن، تنهن ڪري پاڻ نڪري وڃي. هيءَ ڳالهه وڌيڪ صحيح ان ڪري به معلوم ٿئي ٿي جو مولانا عبيدالله سنڌي دهليءَ مان ڀڄي، ڪجهه ڏينهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ روپوش هيو (ٻئي ڳالهيون صحيح آهن مولانا جي سرگرمين جي ڪري گرفتاريءَ جون سرگرميون هڪ پاسي هيون ته ٻئي پاسي مٿين مشن لاءِ سندس استاد افغانستان وڃڻ لاءِ کين حڪم ڪيو هو، جنهن جو ذڪر مولانا پاڻ ڪيو آهي. سنڌيڪار) بهرحال مولانا افغانستان پهچي ويو ۽ مولانا محمود حسن جي ٻڌايل نقشي تي ڪم ڪندو رهيو، ان کانپوءِ ڊاڪٽر (مختيار احمد) انصاري مرحوم جيڪو تمام وڏو ڊاڪٽر هجڻ ڪري اهڙيون سهولتون رکندو هو جنهن جي ذريعي برطانوي حڪومت جي ڳجهن ادارن جي خبر وٺي سگهي، شيخ الهند مولانا محمود حسن کي چيو ته توهان هندستان مان جلد ٻاهر نه نڪري ويا ته گرفتار ٿي ويندؤ، تنهن ڪري شيخ الهند حجاز جي سفر جو ارادو ڪيو. سندس روانگيءَ جا انتظام به ڊاڪٽر انصاريءَ پاڻ ڪيا ۽ جڏهن حڪومت کي خبر پئي ته هو بمبئي کان روانو ٿي چڪو آهي ته حڪومت عدن هدايتون موڪليون ته کين اڳتي وڌڻ نه ڏنو وڃي ۽ گرفتار ڪيو وڃي، پر ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش جي ڪري حڪومت هند جون هدايتون عدن دير سان پهتيون ۽ شيخ الهند مديني منوره پهچي ويو، پاڻ اتي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو رهيا.
حڪومت جي تائيد حاصل ڪيائون، ڊاڪٽر انصاريءَ مديني ۾ رهائش جي خرچ لاءِ وڏي رقم پنهنجي هڪ مائٽ جي ذريعي شيخ الهند کي موڪلي. شيخ الهند چاهيو ٿي ته هو صوبي سرحد جي آزاد قبيلن تائين پهچي وڃي ۽ انهن جي فوج تيار ڪري هندستان تي حملو ڪري پر کين رستو نه مليو ۽ شريف حسين گرفتار ڪري سندس ساٿين سوڌو کين انگريزن جي حوالي ڪيو. راجا مهندر پرتاب، برڪت الله ڀوپالي جاپان، جرمني، افغانستان گهمندا رهيا ۽ انگريزن جي خلاف ڪم ڪندا رهيا، جيستائين آمريڪا جي مدد سان انگريزن، ترڪن ۽ جرمنن کي پوري شڪست نه ڏني. مولانا آزاد، ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان ٽيئي شيخ الهند جي انهن ڪوششن ۾ سندن معاون ۽ مددگار هيا. مولانا سنڌيءَ افغانستان ۾ نيشنل ڪانگريس جي (پرڏيهي) شاخ قائم ڪئي ته ان وقت ڊاڪٽر انصاري، انڊين نيشنل ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري هيو ۽ انهن جي ڪوشش سان گيا، ڪانگريس ۾ افغانستان جي ڪانگريس جو الحاق منظور ڪيو ويو هو، هيءَ به هڪ روايت آهي ته آزاد قبيلن جي ٻن ٽولن کي شيخ الهند جي خواهش تي خان غفار خان ۽ حاجي ترنگ زئيءَ متحد ڪري ڇڏيو هو.(سنڌيڪار: محمد انس راڄپر)