شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي: انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سنڌ جا مڙئي پڙهيا ڪڙهيا ماڻهو احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. اها محبت ان جي نظرين ۽ فڪر سان آهي، ان جي ڪمن ۽ ڪارنامن سان آهي ۽ ان شخص جي زندگيءَ ۾ ڪيل حاصلات سان آهي. هو تمام غير معمولي انسان هو. هن ڪتاب ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي عظيم انقلابيءَ جي عظمت، شخصي سندرتا ۽ سڀاءَ جون عڪس آرايون به آهن ته هُن جي ڪارنامن جو وچور به ڦهليل آهي. اسان جو نئون نسل ان مان سوچ، لوچ، همتن ۽ انساني ڀلاين لاءِ جهد جا ڪيترائي سبق حاصل ڪري سگهندو. اهو ئي سوچي هي ڪتاب سهيڙيو ويو آهي.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي:  انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي شهيد الهه بخش سومري سان تاريخي ملاقات

حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي شهيد الهه بخش سومري سان تاريخي ملاقات

محمد امين خان کوسو

حضرت مولانا عبيدالله سنڌي ؓجي تعليمات ۽ سندن وجود مقدس بابت عملي طرح ڪجهه ڪري ڏيکارڻ کانسواءِ ڪجهه لکڻ ۽ چوڻ آهي ته ڪمال بي ادبي پر بچشم گريان سندن وصال بعد کانئن اجازت وٺي هي چند سٽون تحرير ڪري رهيو آهيان. هيءَ رسمي تحرير نه آهي پر سنڌ جي هاڻوڪي سياست جي ڪنجي هنن چند سٽن ۾ سمايل آهي.
مان جن اوڙاهن ۾ ڪريل هوس، جن بيمارين ۾ مبتلا هوس تن مان هن مسيحا نفس اچي شفا بخشي. مان ٻڏڻ وارو هوس ته هن ناخدا منهنجي ٻيڙيءَ کي ساحل تي رسايو. مولانا ؓبابت مان ڇا لکي ڇا لکان! هو منهنجي لاءِ خدا ۽ خدا جو رسول نه هو باقي ٻيو سڀ ڪجهه هو. جن ڏينهن ۾ مولانا سنڌي جلاوطني جي زندگي ختم ڪري واپس آيو ان وقت جي سڀني سياسي شخصيتن سان منهنجو قريبي لاڳاپو هو. ان وقت سنڌ جي حڪومت جي واڳ منهنجي يار شهيد الهه بخش جي هٿن ۾ هئي.
الهه بخش مرحوم محض منهنجي دوستيءَ جي ڪري ڪانگريس ڏانهن مائل ٿيو، نه ته هيءُ مرد مومن ڪنهن کان به مرعوب نه هو. اهي ماڻهو جيڪي چون ٿا ته الهه بخش مرحوم عهدي جي لالچ جي ڪري ڪانگريس سان ناتا ڳنڍيا هئا، اهي سياسي...........آهن. ٻڌڻ وارن لاءِ مان اهو راز ظاهر ڪريان ٿو ته شهيد الهه بخش مرحوم کي مون زبردستي وزيراعظم بڻجڻ تي راضي ڪيو هو نه ته مرحوم اهڙو ته سير چشم، فقير منش ۽ درويش هو جو وزارت عظميٰ کي ٺوڪر هڻي ڇڏي ها. سنڌ اڃا کيس سڃاتو ئي نه آهي. پنجن پيرن جي مرقد شڪارپور ۾ ستل الهه بخش شهيد اڄ به منتظر نگاهن سان منهنجي طرف ڏسي رهيو آهي. انهيءَ زماني ۾ ڪانگريس ۽ جمعيت العلماء سان وابسته جيڪي به عالم سڳورا هئا، تن سڀني سان منهنجي شناسائي هئي پر انهن مان ڪنهن هڪ جو به مون تي تر جيترو به اثر نه هو پر منهنجي ۽ الهه بخش مرحوم جي ياري ان وقت به عيان ۽ برملا هئي.
انهيءَ زماني ۾ مان پنهنجي صنم پرستين ۾ گم هوس پر الحمدلله جو اهڙي حالت ۾ به آزاد اخبار ۾ جيڪا قادر بخش نظاماڻيءَ سان گڏ ڪڍندو هوس، تنهن ۾ حضرت مولانا سنڌيءَ جي واپس اچڻ لاءِ مضمون لکندو ۽ مطالبا ڪندو رهندو هوس.
خان بهادر الهه بخش شهيد جي وزارت کان اڳ شيخ عبدالمجيدسنڌيءَ جي ايماء تي سر غلام حسين مرحوم به حضرت مولانا جي وطن واپس اچڻ جو مطالبو گورنمينٽ هند کان ڪيو هو پر الله بخش جي حڪومت گورنمينٽ هند کي مولانا سنڌيءَ جي واپسي اچڻ بابت هڪ قسم جي ضمانت ڏني ته هوءَ سندس سرگرمين لاءِ ذميوار آهي. چنانچه حضرت مولانا کي وطن واپس اچڻ جي اجازت ملي ۽ پاڻ بحري جهاز رستي ڪراچي بندر تي تشريف فرما ٿيا، جتي سنڌ جي هن اولوالعزم ۽ زندهه جاويد وزيراعظم سندن استقبال ڪيو.
گويا ڪه مان موجود نه هوس ته منهنجو يار ته استقبال لاءِ موجود هو.
”شادم از زندگي خويش ڪه ڪاري ڪردم“
هاڻوڪيءَ سنڌ جي تاريخ جواهم ترين واقعو آهي ته جلاوطن انقلابيءَ جو استقبال حڪومت جو سربراهه ڪري.
الغرض حضرت مولانا ڪراچيءَ ۾ ٻه چار مهينا ساندهه رهيا. ملڪي حالات جو پورو علم ٿين ۽ منهنجي ۽ الهه بخش جي لاڳاپي جون ڳالهيون مولانا دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ خود مولانا صادق کان دلچسپيءَ سان ٻڌائون.
هڪ دفعي منجهند جو اڪيلا هوٽل زميندار بندر روڊ ڪراچيءَ ۾ آيا. خاص موقعن تي هميشه ايئن ئي ڪندا هئا، اڪيلا ايندا هئا. ماني مان وٽ تناول فرمايائون ۽ پوءِ فرمائڻ لڳا ته:
”خان! خانبهادر الهه بخش وٽ توکي وٺي هلڻ جو خيال آهي.“ اهو ٻڌي دل خوشيءَ وچان ٽپا ڏيڻ لڳي. هيترو وقت ادب مانع هو جو مان مولانا کي خانبهار وٽ وٺي وڃان، چنانچه گڏجي پهتاسين. سنڌ جو سومرو سردار جنهن جي حڪومت ٺاهڻ ۾ منهنجو هٿ هو، سو حضرت مولانا جي اڳيان منهنجي روبرو عجز و نياز سان گردن جهڪائي بيهي! دل باغ و بهار ٿي ويئي. اهڙو عجيب منظر، اکيون ۽ دل ٺاريندڙ، تنهن جيڪي راحتون مون کي پهچايون،ان جو احساس ڪي صاحب دل ئي ڪري سگهندا.
منهنجي آمد جو ٻڌي خانبهادر جا ٻه ننڍڙا ٻار سعيده ۽ عبدالصمد (الله کين ۽ ٻين کي وڏيون حياتيون بخشي ۽ صالح ڪري) جيڪي هميشه مون کي ڏسي وڏي واڪي چوندا هئا ته ”چاچا امين آيو! چاچا امين آيو!!“ سي هن دفعي به ڀڄندا آيا. سعيده جي عمر ان وقت پنجن سالن جي لڳ ڀڳ هئي ۽ صمد ان کان ننڍو هو. خانبهادر کيس چيو ته ”پٽ سعيده! وڃ وڃي چاچا واسطي چانهه آڻ!“ ان وقت خانبهادر الهه بخش ۽ حضرت مولانا هڪ ئي صوفي تي ويٺا. حضرت مولانا ڪا سياست جي پيچيده ڳالهه فرمائي ته مان عرض ڪيو ته ”مولانا! خانبهادر کي مراق ڪو نه آهي يعني سياسي پيچيده ڳالهه هن سان ڇو ٿا ڪريو، جيڪي چوڻو اٿوَ ظاهر هن کي چئو. استعارا ۽ تشبيهون ڇڏي هن کي خادم ڄاڻو، توهان جو حڪم مڃڻ هن لاءِ سعادت آهي جو منهنجو يار آهي.“ ان تي حضرت مولانا خوش ٿيا ۽ فرمائڻ لڳا:
”ها خان! اسان کي خبر آهي ته خانبهادر تنهنجو يار آهي. اسان توکي خانبهادر کي ڏيکارڻ وٺي آيا آهيون جو تون اسان کي به پيارو آهين ۽ اسان جو آهين.“
حضرت مولانا جا الفاظ دهرايان ٿو ته اکين ۾ آب اچي ويو، دل درد سان ڀرجي آئي. آسمانن وارن کي منهنجي هن درجي تي رشڪ اچي ٿو. مان گناهه گار مولانا کي پيارو آهيان. اهو سندس لطف و ڪرم مان عاجز تي هاڻي قيامت تائين رهڻو آهي. آهيان سو مان اهو گناهه گار ۽ ناقص ناڪارو. هن گناهه پوش جو لطف مان تي عيان آهي. اهي لفظ حضرت مولانا جا ٻڌم ته دل ۽ دماغ تي حظ و لطف جو نشو غالب ٿي ويو. مان حضرت مولانا جي قدمن ۾ ئي غاليچه تي سندس چمپل تي ئي لب ۽ ڳل رکي سمهي رهيس. ايئن به ڪرڻو هو جو بحمدلله ڪيم. مولانا جي قدمن ۾ سندس چمپل تي منهنجو مٿو ۽ رخسار، مان محو استراحت! سبحان الله! معراج هو هي منهنجي سياست جو! الحمدلله!!
وري لکان ٿو، الهه بخش ۽ مولانا گڏ ويٺل ۽ مان مولانا جي قدمن ۾ سندس ئي جتين تي سر بسجود ستل، سبحان الله! الله اڪبر! ساريءَ سنڌ جي اڳين ۽ آئينده اچڻ واري تاريخ جو اهو اهم ترين واقعو هو جو اڄ لکجي ويو. اها ملاقات تمام لنبي هئي جا سج لهڻ تائين هلي ۽ سج لهڻ تائين مان هن خوشيءَ جي ننڊ ۾ رهيس. سياسي هنگامه خيزين جي ٿڪاوٽ جو درد هو. اڃا به ننڊون نه ڪريان ها!؟ ان طرح مان الهه بخش اعلانيه طور مولانا جي هٿن ۾ پيش ڪري ڏنو. هيءُ ٻيو اهم ترين واقعو بڻيو سنڌ جي هاڻوڪيءَ تاريخ جو. دل ۽ ڪنن وري مولانا جو مٺو آواز ٻڌو. ”خان! اسان تنهنجي يار خانبهادر الهه بخش سان ملي ڪري خوش ٿيا آهيون، توکي مبارڪون ڏيون ٿا.“ انهن الفاظن ٻڌڻ تي مان اٿيس.
هاڻي ٽانگي جي بجاءِ خانبهادر جو موٽر هو، جنهن ۾ حضرت مولانا کي وٺي کڏي شريف اچي پهچايم. اتي مولانا محمد صادق ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي حضرت مولانا جي انتظار ۾ ويٺل هئا. اهو ٻڌي ڪري ته حضرت مولانا خانبهادر سان مليا آهن، ٻئي ڏاڍو خوش ٿيا. دير تائين اتي ويهڻ ٿيو، موٽ تي حڪيم صاحب کي ساڻ ڪري سندس ڪچهري روڊ واري مطب ۾ ڇڏيم.
هيءُ واقعو اڳ زبانيءَ طرح ته ڪيترا دفعا بيان ٿيو آهي پر تحرير ۾ ڪڏهن نه آيو هو. سنڌ جي هاڻوڪيءَ سياست جو اهو فيصله ڪن باب آهي. سنڌ جي آئينده قسمت به اتان ئي ٺهڻ واري آهي.
جيڪو سنڌي يا ڪو ٻيو محب وطن سنڌ جي هن سياست کان آگاهه و آشنا نه آهي سو اڃا خام آهي. سنڌ جي آئينده ۽ نئين تاريخ ٺهندي ئي هن باب جي مڪمل ڄاڻ سان.
مولانا محمد صادق ۽ حڪيم فتح محمد منهنجا ذاتي يار هئا ۽ حضرت مولانا منهنجو آقا ۽ مالڪ آهي.
الهه بخش جي سياست جي بنا اها آهي جيڪا هتي بيان ٿي. اهڙو برگزيده ماڻهو ڪانگريس جي هندن جو هٿ ٺوڪيو ٿي سگهي ٿو جنهن کي منهنجي لازوال محبت نصيب هجي ۽ جنهن جي ملاقات حضرت مولانا منهنجي ذريعي طلب ڪئي هجي، جنهن جي مدد ۾ مولانا محمد صادق ۽ حڪيم فتح محمد منهنجي ياريءَ جي ذريعي هجن.
هاڻي هي واقعو تاريخ آهي ۽ ان جو بيان نه ڪرڻ تاريخ سان ظلم ٿئي ها. مان کان علاوه نه هن قسم جي خبر ٻئي وٽ آهي ۽ نه اهو بيان به ڪري سگهي ها. تاريخ ڪنهن جي خوش ٿيڻ يا ناراض ٿيڻ جي تابع نه هوندي آهي. ڪو خوش ٿئي يا ناراض ٿئي تاريخ جي واقعات کي بدلي ۽ ڦيري نه سگهيو آهي.

(ماهوار ”الرحيم“ حيدرآباد- آگسٽ 1971ع)