مولانا سنڌيءَ جي عظيم شخصيت تي هڪ نظر : ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال
حقيقت ۾ انهيءَ دور جا جيترا اهي وڏا انسان هئا، ان حيثيت کان مولانا جن پاڻ کي گهڻو گهٽ ڪري رکندا ۽ پيش ڪندا هئا.
پر اسلام جي نئين جنم جي تاريخ ۽ ايشيا جي برطانوي سامراج خلاف جدوجهد جي تاريخ ۽ مشرقي ملڪن ۾ سياسي ۽ سماجي انقلاب جي تحريڪن جي شروعات جي تاريخ، جڏهن به لکي ويندي ته مولانا عبيدالله سنڌي ؓجو نالو پري کان پڌرو ۽ پهرين صف ۾ نظر ايندو.
مولانا جون نراليون خاصيتون:
مولانا عبيدالله سنڌي کي ان دور جي اڪابرين علماءَ مان نرالي بنائڻ واري هڪ خاصيت ته هيءَ آهي جو انهن اسلام کي حق جي ڳولا جي نتيجي ۾ قبول ڪيو ۽ ان جو مڪمل ۽ گهرو مطالعو ڪرڻ ڪري پنهنجي دور جي ٿورن چونڊ وڏن عالمن جي صف ۾ اچي ويا، ٻي شيءِ جيڪا مولانا کي ٻين کان نرالو بنائي ٿي، اها هيءَ آهي ته اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ مولانا خالي ايتري تائين بس نه ڪئي جو هڪ بلند مرتبي جي عالم دين جي حيثيت سان زندگي گذاريندا رهن، بلڪه اسلام جي مخالف طاقتن سان جيڪي برطانوي سامراج جي صورت ۾ اسلام کي مسخ ڪري ۽ مسلمانن کي هڙپ ڪري رهيون هيون، انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ ٽپي پيا.
ٽين شيءِ جيڪا مولانا کي اسلامي دنيا جي ٻين وڏن ۽ فاضلن کان يگانو بنائي ٿي اها هيءَ آهي ته مغرب جي جمهوري ۽ اشتراڪي نظامن جي ڀيٽا ۾ اسلام کي هڪ مڪمل انقلابي فلسفي ۽ مڪمل حياتياتي نظام جي طور تي ولي اللهي فڪر جي روشنيءَ ۾ پيش ڪيو.
چوٿين شيءِ جنهن جو اعزاز کين ٻين کان زياده حاصل هيو اها مغربي سامراج جي غلام، مشرقي قومن جي آزاديءَ جي جدوجهد ۽ خطي جي قومن لاءِ بنا ڪنهن فرق جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي حق جو آواز بلند ڪرڻ ۽ ان لاءِ هڪ عالمگير انقلابي تحريڪ پيدا ڪرڻ آهي. انهيءَ ڪري سندن 26 سالا زندگي جلاوطنيءَ ۾ گذارڻ اُن انقلابي جدوجهد لاءِ هئي.
پنجين شيءِ جيڪا انهن کي پنهنجي دور جي وڏن وڏن زهد ۽ فقيري جي دعويٰ ڪندڙن کان امتياز بخشيندي هئي، اها انهن جي اهڙي ته درويشانه زندگي آهي جنهن جو مثال رسالت جي زماني کانسواءِ ملڻ مشڪل آهي.
کاڌو، رهائش، لباس مطلب ته زندگيءَ جي ضرورتن جي هر معاملي ۾ انهن امڪاني حدن تائين گهٽ ۾ گهٽ تي قناعت ڪئي ۽ بچت شيءِ ٻين کي ڏيئي ڇڏيائون.
ڇهين شيءِ جيڪا اُنهن جي خصوصيت کي اڃا وڌيڪ نرالو بڻائي ٿي، اها آهي اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ سنڌ سان انهن جي نسبت. انهيءَ نسبت ۾ يقينن ان جو نفسياتي محرڪ سنڌ جي مظلوميت آهي. برصغير ۾ سنڌ ئي هڪ اهڙو علائقو هيو ۽ ان جا مسلمان ۽ ٻيا رهواسي ئي هڪ اهڙي قوم هيا جيڪي صدين کان ڏاڍ ۽ استحصال جو نشانو بڻيا پيا هئا. انگريزن خاص ڪري سنڌ کي پٺتي رکڻ ۽ محتاج بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
1843ع جي مياڻي جي جنگ جي نتيجي ۾ انگريز سنڌ تي غالب آيا هئا. انگريز مؤرخن انهيءَ جنگ کي دنيا جي خطرناڪ جنگين مان ڳڻيو آهي ۽ انهن پاڻ مڃيو آهي ته هي هڪڙي خاص طبقي ۽ فرقي جي سازش کانسواءِ هو ڪامياب نٿي سگهن ها انهيءَ صلي ۾ انهيءَ فرقي جي سربراهه کي موروثي طور نسل در نسل لاءِ انگريزن هزهائينس جو لقب بخشيو ۽ خصوصي رعايتون ڏنيون.
۽ ان کانپوءِ سنڌ کي بمبئي سان ڳنڍي هميشه لاءِ پوئتي رکڻ جو پروگرام رٿيو ويو. ان ڪري سنڌ جي تاريخي عظمت ۽ ان جي مظلوميت ئي مولانا عبيدالله سنڌي کي اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ڏي متوجهه ڪيو، جنهن جي ڪري پنهنجي نسبت سنڌ سان ڳنڍيائون. پوءِ سنڌ ئي ننڍي کنڊ مان اهڙو علائقو هيو، جنهن جي رهاڪن جي هڪ وڏي ڳاڻاٽي رسالت جي زماني ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو ۽ سنڌ جو هڪ مسلمان گهراڻو مديني ۾ وڃي رهيو هو انهيءَ گهراڻي جي هڪ عورت سان حضرت حسين جي شادي ٿي هئي. سنڌ ۾ اسلام، پهرين صدي هجري جي پهرين اڌ ۾ ئي ايترو ته عام ٿي ويو هيو جو راجا ڏاهر جي پيءُ جي زماني حڪومت ۾ سکر جو حاڪم ”عين الدين ريحان“ نالي مسلمان هيو، جنهن کي راجا ڏاهر جي پيءُ مقرر ڪيو هو. ان ڪري اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ سنڌ سان مولانا جي نسبت دائمي آهي، جنهن جو سبب سنڌ جي اهڙي تاريخي عظمت ۽ اسلامي عظمت آهي.
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا مولانا کي پنهنجي دور جي سياسي بزرگن کان امتياز بخشي ٿي اها آهي ان جو تيار ڪيل هندستان جي آزادي جو اهو خاڪو ۽ دستور جيڪو انهن جلاوطنيءَ جي دوران 1923ع ۾ ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هو ۽ شايع ڪرايو هو جنهن جي لحاظ سان هندستان کي چئن وفاقي حصن ۾ ورهائي هڪ آزاد علائقو بنائڻو هو.
مون مولانا جي شخصيت جي تاريخي پسمنظر کي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ سندن منفرد ۽ نراليون خاصيتون ان ڪري بيان ڪيون آهن جيئن سندن حقيقي شخصيت کي سمجهڻ آسان ٿي پوي جنهن کي ان جي شروعاتي دور جي تاريخي پس منظر جوڙيو آهي.
بدقسمتيءَ سان ڪيترن ئي حلقن جن ۾زباني ۽ لکت سان سندس ڪي مدح خوان به شامل آهن مولانا سنڌي جي شخصيت کي ٻين شخصيتن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مولانا جي انهن مخصوص خاصيتن جي ڄاڻ کانپوءِ اهڙن مغالطن جو دفع ٿيڻ آسان ٿي ويندو.
مولانا عبيدالله سنڌي هر نموني سان پنهنجي زماني جي هڪ جامع شخصيت هيو، بلڪ فڪر ۽ نظر جي خيال کان شاهه ولي الله کانپوءِ سندس ئي نمبر اچي ٿو. مولانا عبيدالله سنڌي جي زماني ۾ سندس پايي جا ان وقت پوري عالم اسلام ۾ ٻه ئي شخص هيا، مصر ۾ مفتي محمد عبده ۽ هندستان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، پر عملي اعتبار سان مولانا عبيدالله سنڌي انهن ٻنهي وڏن کان اڳڀرو هيو.
مولانا جي پيدائش 1872ع جي آهي. (10 مارچ 1872ع) هو هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيا. سندن والد سندن ڄمڻ کان اڳي فوت ٿي چڪو هو. مولانا ڄاوا ته سيالڪوٽ ۾ هئا پر جلدئي سندن والده مولانا ۽ سندس ڀينرن کي پنهنجي ڀاءُ وٽ ڄامپور ضلعي ڊيرا غازي خان ۾ وٺي آئي. هتي سندس اهو ڀاءُ يعني مولانا جو مامون سرڪاري نوڪري ۾ ڳوٺ جو پٽواري هيو. ڄام پور ڊيرا غازي خان سنڌ سان لڳ علائقو آهي، سنڌ جا اثر ان جاءِ تي وڏي پيماني موجود آهن.
1872ع جو زمانو ننڍي کنڊ جي تاريخ جو اهو دور آهي جڏهن هتي فرنگي حڪومت جو غلبو مڪمل نموني قائم ٿي چڪو هو ۽ اڃا اهو نسل باقي هيو جنهن سکن جي حڪومت جو عروج، پوءِ سکن جي پاڻ ۾ گهرو جنگ، پوءِ سک حڪومت جو زوال ۽ گهوٽالو، پوءِ مڙني سک عملدارين تي انگريزن جو غلبو، وري 1857ع جي ملڪ گير آزاديءَ لاءِ جنگ ۽ انگريزن جي سموري هندستان تي بلوچستان ۽ افغان علائقن سميت مڪمل قبضي ٿي وڃڻ جا واقعا ڏٺا هيا ۽ اهو نسل ته اڃا جوان ئي هيو جنهن 1857ع جي جنگ آزاديءَ جي ناڪاميءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ انگريز حاڪمن جا هندستان جي عوام تي وحشت ناڪ ظلم ۽ ڏاڍ جا منظر ڏٺا هئا.
ٻن صدين جي آپيشاهي، افراتفري، گهوٽالي ۽ زوال هڪ ٻئي پٺيان شاهينگن ۽ حاڪمن جي زيادتين ۽ ذليل ڪندڙ رويي ۽ اقتصادي بدحاليءَ قومي اخلاق ۽ ڪردار کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري مفادپرستيءَ ۽ خودغرضيءَ جي ذهنيت اڀري آئي هئي. حاڪمن جي خوشامدي ۽ چاپلوسي عام ٿي وئي هئي.
انگريزن هڪ اهڙو سياسي ۽ معاشي جبري نظام جاري ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ خاص ڪري مسلمان ڪا سياسي طاقت بڻجي ڪري نه اڀرن ۽ انگريز حاڪمن کي بنگال ۾ پلاسيءَ جهڙي جنگ، سنڌ ۾ مياڻيءَ جهڙي جنگ، بلوچن ۽ پختونن جي علائقن ۾ دره جي افغاني جنگن جهڙين حالتن سان ٻيهر منهن ڏيڻو نه پوي.
پنجاب ۽ باقي هندستان جي مسلمانن جي اقليتن جي ڀيٽ ۾ انگريزن هندن جي مختلف ۽ ڇڙوڇڙ ذاتين کي هڪ فرقيوارانه قوم بنائي بيهاريو. هو ته جيئن فرقيوارانه فساد ۽ جهڳڙا جاري رهن ۽ 1857ع جهڙو گڏيل آزاديءَ جي لڙائيءَ جو ميدان ٻيهر گرم نه ٿئي.
ننڍي کنڊ کان ٻاهر عالم اسلام جو حال به هن کان گهٽ دردناڪ نه هيو. ترڪيءَ جي عثماني خلافت جيڪا دنيا جي مسلمانن جي سڀ کان وڏي طاقت هئي، انگريزن، فرانسين ۽ ٻين يورپي قومن جي چنبي ۾ اچي چڪيون هيون. انهن جو ڍانچو اندران ۽ ٻاهران زلزلي هيٺ اچي رهيو هو.
ايران ۾ قاچرين جي حڪومت تباهيءَ جي ويجهو وڃي رهي هئي. افغانستان جي تخت لاءِ احمد شاهه ابداليءَ جي وارثن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ تمام چوٽ تي هئي. وچ ايشيا جا سمورا مسلم علائقا روس جي قبضي ۾ اچي چڪا هئا. عرب دنيا پستيءَ ۾ ٻڏي رهي هئي. نجد جي وهابي طاقت کي مصر جا حاڪم ذري ذري ڪرڻ تي سندرو ٻڌيون بيٺا هئا ۽ ٻئي طرف انگريزن ۽ فرانسين سان ڳٺجوڙ ڪري رهيا هئا. ترڪي يورپ جو مرد بيمار ضعيف بڻجي چڪو هو. حجاز جو گورنر شريف ترڪ خلافت جي خلاف انگريزن جو نمڪ خوار بڻجي چڪو هو. عالم اسلام ۽ هندستان جي ان زوال پذير ماحول ۽ معاشري ۾ سک گهراڻي جي هن نوعمر ڇوڪري پرورش لڌي، ان جو سمجهدار ذهن ننڍپڻ ۾ ئي پريشان ٿي ويو هيو ۽ ان لڪ ڇپ ۾ حق جي ڳولا جو سفر شروع ڪيو هو. هندستان ۽ اسلامي دنيا ۾ غلاميءَ ۽ پستيءَ جا اثر عقيدن جي ڪمزوريءَ ۽ عملن جي گمراهيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيا هئا. ڊيرا غازي خان ۾ شروعاتي تعليم جي دوران ئي هن ڇوڪري پنهنجي اردگرد جو فڪري، اخلاقي ۽ معاشرتي جائزو وٺڻ ۽ تحقيق ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي. ننڍپڻ ۾ جڏهن هو اڃا سک گهراڻي جو هڪ فرد هو ٺيڪ اهڙي نموني حق جي ڳولا لاءِ سوچ ۽ ويچار شروع ڪئي هئي جهڙو سوچ ۽ ويچار بابل ۾ آذر جي گهراڻي جي هڪ نوجوان ابراهيم عليهه السلام شروع عمر ۾ ڪيو هو. مامي هڪ ڀيري ڏٺو ته ڀاڻيجو صفا اڪيلائي ۾ لڪي لڪي ڪنهن اسلامي ڪتاب جو مطالعو ڪري رهيو هو ته چيائينس پٽ جيڪڏهن مطالع ۽ تحقيق سان اسلام سچو مذهب نظر اچئي ته قبول ڪجانءِ.
مولانا عبيدالله سنڌي ٻه ڪتاب پڙهي ڪري اسلام ڏي لاڙو رکيو، هڪڙو ڪتاب (تحفة الهند) هو جنهن جو مصنف هڪ نو مسلمان هو ۽ ان جو نالو به عبيدالله هو ٻيو ڪتاب مولانا شاهه اسماعيل شهيد جو تقوية الايمان هو.
مولانا عبيدالله سنڌي ذهني طور تي مسلمان ٿي ويو هو پر ان جو باقاعدي اعلان اچي سرزمين سنڌ ۾ پهچي ڪري ڪيائين.
ڀرچونڊيءَ جي مشهور پير طريقت حافظ محمد صديق صاحب جي هٿ تي ڪلمون توحيد جو پڙهيائين ۽ مسلمان سنڌي بڻجي ويو يا جيڪڏهن چاهيو ته کيس سنڌي مسلمان به چئي سگهو ٿا.
پوءِ پاڻ ديوبند ويا ۽ ان دور جي مشهور عالم ۽ محدث مولانا محمود حسن صاحب جي سامهون شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌي 25 سالن جي عمر ۾ تعليم لاءِ ديوبند ويو. هتي هي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ايتري وڏي عمر ۾ هو ديوبند رڳو ڪتابي تعليم پرائڻ ويو هو. يا سنڌ جي ڪن مشائخن جي خانقاهن ۽ ديوبند جي مدرسه جي صدر مولانا محمود حسن جي وچ ۾ درسيات کان به بلند ڪنهن جدوجهد کي ڳنڍڻ لاءِ مخفي رابطي قائم ڪرڻ خاطر هڪ سفير جي حيثيت سان مولانا سنڌي ديوبند ويا هئا ۽ شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيا هئا.
اصل ۾ هيءَ ٻي ڳالهه صحيح معلوم ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته مولانا عبيدالله سنڌي ۽ شيخ الهند جي زندگيءَ جا پوءِ وارا واقعا ان ڳالهه جي شهادت ڏين ٿا. استاد (محمود حسن) زوال پذير ۽ ٻڏندڙ اسلامي دنيا کي بچائڻ جي جدوجهد جو مرڪزي نقطو هو ۽ شاگرد عبيدالله سنڌي، انهيءَ نقطي کي دائري کان وڌ ۾ وڌ ٻاهر ڦهلائڻ وارو ڪارڪن.
شيخ الهند سان ميلاپ کان بعد مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جدوجهد مجلسي بحثن جو موضوع ۽ جهڳڙن جو سبب بڻجي وڃي ٿي ۽ کيس ڪافر قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
پر استاد پنهنجي شاگرد کي مشن جاري رکڻ لاءِ ديوبند جي بجاءِ دهليءَ ۾ مرڪز ٺاهي ڏئي ٿو.
۽ پوءِ ان مرڪز کان جيڪي رستا نڪرن پيا، اهي انقلاب جون لهرون هڪ طرف اتر ۾ سرحدي قبيلن، افغانستان، سمرقند ۽ بخارا تائين پهچن ٿيون ۽ ٻئي طرف ساحل هند کان ڏکڻ ايشيا، آفريڪا، حجاز ۽ ترڪيءَ تائين پهچي وڃن ٿيون ۽ پوءِ فرنگي اقتدار جي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ٿو.
رولٽ ڪميٽيءَ جو ترتيب ڏيندڙ چوي ٿو ته سئو ملڪن تي ڇانيل برطانوي اقتدار جنهن جي حدن ۾ ڪڏهن سج نٿو غروب ٿئي، ان کي پاڙ کان اکيڙي اڇلائڻ ۽ ان جي جاءِ تي اسلامي اقتدار جنهن جا ساٿي ۽ مددگار گهڻا ئي غير مسلم به بڻجي ويا آهن. سموري ايشيا ۽ آفريڪا ۾ قائم ڪرڻ جي هن مخفي انقلابي مشن جو منصوبو هو ۽ هن جو مرڪزي ڪردار عبيدالله سنڌي آهي، جنهن پنهنجي استاد محمود حسن کي پنهنجي منصوبي جو جئاريندڙ ۽ سرپرست بنائي ورتو آهي.
منصوبو استاد جو هو يا شاگرد جو؟ هي بحث رڳو عقيدتمندن وٽ آهي، باقي دشمن منصوبي جو باني عبيدالله سنڌي کي قرار ڏنو آهي. جڏهن ته عبيدالله سنڌي پاڻ کي پنهنجي استاد جو خادم ۽ نوڪر قرارڏئي ٿو. بهرحال شاگرد منصوبي جي پورائي لاءِ وطن ڇڏيو ۽ 24 سالن جي جلاوطنيءَ جي زندگي ڪاٽي.
استاد منصوبي لاءِ فرنگين جو قيد قبول ڪيو ۽ ڪاري پاڻيءَ جي قيد ۽ جلاوطنيءَ جي تڪليف سٺائون.
منصوبو ناڪام ٿي ويو. تاريخ ۾ اهڙا حادثا ٿيندا رهندا آهن، پر منصوبي جو هڪڙو جز مڪمل ٿي ويو ۽ برطانوي اقتدار جي عالمگيريت ختم ٿي ۽ اهو برطانيا جي جزيرن ۾ ويڙهجي سيڙهجي ويٺو.
منصوبي جو ٻيو جز اسلامي انقلاب جي مشن هو. جلاوطني کان واپس اچي ڪري مولانا عبيدالله سنڌيءَ پيش ڪيو ۽ ان جو پڙاڏو اڄ اسان پوري اسلامي دنيا ۾ ٻڌي رهيا آهيون، توڙي کڻي انداز فڪر اهو ناهي جيڪو مولانا عبيدالله سنڌيءَ پيش ڪيو هو، تنهن هوندي به جڏهن منصوبي جو هي جز عملي شڪل اختيار ڪندو ته انهن ئي ليڪن تي وجود ۾ اچي ويندو جيڪي مولانا عبيدالله سنڌي لکي ويو آهي. سرمائيداري ۽ اشتراڪيت جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪوئي چارو ڪونهي ڪو.
مولانا 1939ع ۾ جلاوطنيءَ کان واپس آيو ۽ سنڌ ساگر پارٽي بنائي ڪري سنڌ جي مسلمانن لاءِ جياپي جو هڪ نئون پيغام ڇڏي ويو.
1944ع ۾ سنڌي اسلامي دنيا جو هو چمڪندڙ سج غروب ٿي ويو. آزاديءَ جي تاريخ، اسلام جي تاريخ، انقلاب جي تاريخ ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ مولانا جو نالو هميشه سونهري حرفن ۾ ياد رکيو ويندو.
مولانا پنهنجي ذات ۽ صفتن ۾ هڪ مڪمل دور ۽ هڪ پوري اُمت هئا ۽ هڪ نئين انقلابي دور جا نقيب هئا، جنهن جو آواز سنڌ جي واديءَ ۾ هميشه گونجندو رهندو ۽ جنهن جو پيغام اسلامي دنيا کي سدائين جاڳائيندو رهندو.
ہرگز نہ میرد آں کہ دلش زندہ شدبہ عشق
ثبتِ است بر جریدۂ عالم دوام مآ