شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي: انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سنڌ جا مڙئي پڙهيا ڪڙهيا ماڻهو احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. اها محبت ان جي نظرين ۽ فڪر سان آهي، ان جي ڪمن ۽ ڪارنامن سان آهي ۽ ان شخص جي زندگيءَ ۾ ڪيل حاصلات سان آهي. هو تمام غير معمولي انسان هو. هن ڪتاب ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي عظيم انقلابيءَ جي عظمت، شخصي سندرتا ۽ سڀاءَ جون عڪس آرايون به آهن ته هُن جي ڪارنامن جو وچور به ڦهليل آهي. اسان جو نئون نسل ان مان سوچ، لوچ، همتن ۽ انساني ڀلاين لاءِ جهد جا ڪيترائي سبق حاصل ڪري سگهندو. اهو ئي سوچي هي ڪتاب سهيڙيو ويو آهي.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي:  انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان ڪجهه گهڙيون : مولانا دين محمد وفائي

حيدرآباد ۾ جمعيت العلماءِ جي اجلاس (اپريل 1944ع) کانپوءِ آءٌ ڪراچيءَ هليو ويو هوس ۽ حضرت مولانا عبيدالله صاحب دارالرشاد روانا ٿي ويا هئا. مونکي ڪراچيءَ ۾ معلوم ٿيو ته مولانا صاحب بيماريءَ جي حالت ۾ درالسعادت گوري پهوڙ ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. ان وچ ۾ مونکي وري سکر اچڻ جو اتفاق ٿيو ۽ مولانا صاحب سان ملاقات جو بيحد شوق هو. سکر ۾ معلوم ٿيو ته حضرت مولانا صاحب امروٽ ۾ تشريف فرما آهن.
24 مئي تي آءٌ امروٽ روانو ٿي ويس، اتي پهچڻ تي سڀ کان پهريان جيڪا ڳالهه معلوم ٿي سا هيءَ هئي ته وڏيري هدايت الله خان دل مولانا کي ”محمد قاسم ولي الله اسڪول“ لاءِ ڇهه جريب زمين جا ڏنا آهن ۽ پاڻ نقشه کڻي زمين جو معائنو ڪرڻ ويا آهن.
امروٽ شريف ۾ پهرئين ڏينهن آءٌ پنهنجي دوست حڪيم سيد امير علي شاهه وٽ مهمان هوس ۽ مون سان ان سفر ۾ حڪيم فتح محمد لکوي به ساڻ هو. ظهر جي نماز پڙهي درگاهه تي وياسين ته اتي معلوم ٿيو ته صبح جو 11 وڳي پهريون دفعو حضرت مولانا صاحب زمين جي معائني لاءِ ويل هئا. نقشه ساڻ هون پر اڻ واقفيت ڪري سرزمين تي پهچي نه سگهيا ۽ ان کانپوءِ وري ٻيهر سخت گرمي ۾ 2 وڳي روانا ٿي ويل آهن، پر اڃا تائين واپس ڪو نه آيا آهن. ايتري ۾ هڪ ماڻهوءَ اچي ٻڌايو ته مولانا صاحب جو خادم مولوي عبدالمجيد شيخ جو زمين ڏسڻ لاءِ ساڻن گڏ ويل هو سو برف ۽ پاڻي کڻڻ آيو آهي. مولانا صاحب شهر کان اڌ ميل ٻاهر بند وٽ هڪ کبڙ جي هيٺان ستل آهي.
حڪيم امير علي شاهه ۽ اسان مولوي عبدالمجيد سان گڏجي سخت اتت ۽ گرميءَ ۾ ڳوٺ کان ٻاهران جهنگل ۾ انهيءَ کبڙ هيٺان پهتاسين جتي علم، فلسفي، حڪمت ۽ سياست جو درياهه بي پايان کڏن کوٻن واري زمين تي مٿي اگهاڙي ليٽيل هو. مونکي ڏسي حيرت لڳي ته هيڏي پيرانه ساليءَ ۽ بيماري جي حالت ۾ به هن بزرگ کي ڪم کانسواءِ آرام نٿو اچي. سندس زندگي سراپا عمل ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري هو قومي ۽ ملڪي محبت ۾ ايڏو بي آرام ٿيل آهي جنهن کي پنهنجي تن من جي سڌ ٻڌ رهيل نه آهي، فارسيءَ جي هڪ شاعر چيو آهي ته:
محبتی ست کہ دل رامنی دہد آرام
وگر نہ نيست کہ آسودگی نمی خواہد
مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، برف جا ٽڪر سندن مٿي تي ۽ سيني تي رکيا ويا.
1) فرمايائون ته ڏاڍو چڱو ٿيو جو اوهان هتي آيا آهيو، اوهان لاءِ شڪارپور ۽ سکر جي دوستن کي خط لکيا ويا هئا ته مون سان اچي ملو. ان کانپوءِ جهنگ مان اٿي درگاهه تي آياسون جتي مولانا صاحب جي رهڻ لاءِ جاءِ مقرر ٿيل هئي.
2) فرمايائون ته شمالي سنڌ ۾ ولي الله فلاسفه جي تعليم لاءِ هڪ اسڪول قائم ڪرڻ جي ڏاڍي ضرورت هئي جنهن لاءِ وڏيري مستي خان مرحوم جي اولاد مونکي زمين ٽڪر ڏنو آهي ۽ انشاءَالله تعاليٰ جلد کان جلد اتي اسڪول کوليو ويندو. مرحوم مستي خان بابت فرمايائون ته شهر جو حاڪم هو ۽ سندس ارادي ۽ اجازت کانسواءِ ڪو به ڪم نه ٿي سگهندو هو. هن جي مون سان اهڙي شفقت هئي جهڙي پنهنجي اولاد سان ٿيندي آهي. مونکي جنهن به شيءِ جي ضرورت هوندي هئي ۽ مرحوم مستي خان کي ان جو پتو پئجي ويندو هو ته سواءِ ڪنهن دير جي هڪدم اها ضرورت پوري ڪئي ويندي هئي. وڏيري لطف الله خان ولد مرحوم وڏيري مستي خان جون به مون سان تمام گهڻيون مخفي مهربانيون هيون. خصوصاً ان وقت جڏهن آءٌ سنڌ ڇڏي ڪابل روانو ٿي ويو هوس اهي ڳجهيون ڳالهيون سلڻ جهڙيون نه آهن. فرمايائون ته امروٽ جا نوجوان وڏيرا منهنجا آهن ۽ منهنجن دوستن جو اولاد آهن. هي منهنجو پنهنجو ڳوٺ آهي. هنن مونکي ڏاڍو خوش ڪيو آهي، آءٌ هنن لاءِ دعا ٿو ڪريان.
3) فرمايائون ته آءٌ ميان نظام الدين شاهه سجاده نشين کان ڏاڍو خوش آهيان هو سخي آهي جماعت کي قائم رکندو ٿو اچي. مرشدن جو مڪان آباد آهي، اها هڪ تمام وڏي خوبي آهي جا ميان صاحب ۾ موجود آهي.
4) گوري پهوڙ جي مدرسي جي تعريف ڪندي فرمايائون ته شاگردن جي تنطيم جو ڪم مولوي غلام مصطفيٰ صاحب جي حوالي ڪيو ويو آهي. حافظ عبدالغني شاهه مدرسه جو مهتمم شاگردن جي خوراڪ جو انتظام چڱي طريقي رکندو ٿو اچي، هو چڱو ماڻهو آهي. هن مدرسي جا ڪي شاگرد جي ستت فارغ ٿيڻ وارا آهن. شهدادڪوٽ ۾ جاءِ خريد ڪري هڪ مدرسي کولڻ جو ارادو ڪيو آهي، جتي ولي الاهي تصنيفات جي تعليم ڏني ويندي.
5) مولانا صاحب فرمايو ته مان سنڌ کان ٻاهر هندستان، يورپ ۽ اسلامي ملڪن جو سفر ڪيو آهي، پر سنڌ جهڙا مٺا ماڻهو ڪٿي به ڪو نه آهن. سنڌ ۾ ڪيترائي صوفي بزرگ ۽ وڏا وڏا عالم ٿي گذريا آهن جن جي تربيت ۽ صحبت جو اثر اڄ تائين سنڌي مسلمانن جي نسل ۾ قائم رهندو ٿو اچي، ههڙا مهمان نواز ۽ چيو مڃيندڙ ماڻهو ڪٿي ملي سگهن ٿا؟
6) هڪ دفعي فرمايائون ته سنڌ جي ساداتن کي گهرجي ته هو ملڪ جا خادم سڏائي ڪم ڪندا رهن، بلڪه پاڻ کي سيد ئي نه سڏائين ته بهتر آهي نه ته ٻي صورت ۾ ڪي مخفي طاقتون اهڙيون پيدا ٿينديون جيڪي ساداتن کي تڪليفون ڏئي هنن کي ٿڪائي وجهنديون. تنهن ڪري هنن کي سمجهي ڪم ڪرڻ گهرجي. فرمايائون ته مونکي جي ايم سيد مليو ته کيس ان بابت ڪجهه چئي ڇڏيندس.
7) فرمايائون ته ڳوٺ پير جهنڊي ۾ تازو آءٌ سخت بيمار ٿي پيس. دوست احباب نااميد ٿي چڪا هئا، ان حالت نااميديءَ ۾ کين چيو ويو ته آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته مون ۾ اڃا ”حياتيءَ جو جوهر“ موجود آهي جنهن ڪري آءٌ هن وقت ڪونه مرندس، اوهان گهٻرايو ڇو ٿا؟ ان کانپوءِ صحت بحال ٿيندي وئي.
8) سيد امير علي شاهه عرض ڪيو ته بيماري ڪهڙي آهي؟ فرمايائون ته اها طبيبن کي سڌ هوندي.
مولانا صاحب ۾ قوت برداشت ايڏي آهي جو هو ڪنهن به بيماريءَ ۾ علاج ڪو نه ڪرائيندا آهن ۽ نه وري علاج لاءِ چوندا آهن. ازخود حڪيم اچي ويو ۽ ڪجهه علاج ڏسيائين ته کڻي ڪندا نه ته پنهنجيءَ عادت موجب هو ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيندا آهن. اسان بار بار سخت تڪليف واري حالت ۾ کين ڏٺو آهي ته فقط الله الله جو لفظ اچاريندا آهن، باقي ٻيو ڪجهه به نه ڪڇندا آهن.
هڪ دفعي مونکي فرمايائون ته تصوف جي طريقن ڪمائڻ سان انسان ۾ قوت برداشت، صبر ۽ استقلال جي ڏاڍي طاقت پيدا ٿيندي آهي. هڪ انقلابي ماڻهوءَ لاءِ تصوف جي منزل کان گذرڻ ضروري آهي.
9) امروٽ جي وڏيرن واري جامع مسجد بابت فرمايائون ته اصل ۾ اها هڪ ننڍي مسجد هئي، پوءِ حضرت صاحب جن (قطب العارفين مولانا سيد تاج محمود صاحب قدس سره) جي مشوري سان وڏيري مستي خان مرحوم ان کي ڪشادو ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. هن مسجد جي آئري جي پهرين افتتاحي سر حضرت صاحب جن کي رکڻي هئي پر پاڻ ٻاهر ويل هئا جنهن ڪري وڏيري صاحب مون کان رکائي. مسجد جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ حضرت صاحب جن کان واعدو ورتو ويو هو ته جمعه هميشه انهيءَ مسجد ۾ پڙهندا رهندا ۽ آخر اهو واعدو هميشه لاءِ قائم رهيو. مستي خان مرحوم جي وفات کان پوءِ جمعه وڏيرن جي جامع ۾ پڙهندا رهيا.
آءٌ پوئين رات امروٽ شريف ۾ پنهنجي دوست وڏيري هدايت الله خان دل وٽ رهيل هوس، انهيءَ رات 4 وڳي سحر جو مولانا سميت روانا ٿيڻو هو. وڏيرو صاحب به مهرباني فرمائي اها رات منهنجي خاطر اوطاق ۾ ٽڪيل هو. جڏهن پوئين رات جو آءٌ مولانا صاحب کي اٿارڻ ويس تڏهن پاڻ جاڳي رهيا هئا. فرمايائون ته مونکي هڪ وڳي جاڳ ٿي آهي، ان کانپوءِ ڪو نه ستو آهيان.
بگيءَ ۾ سوار ٿيڻ کانپوءِ جدا جدا ڳالهيون هلنديون رهيون. فرمايائون ته: ”مولوي محمد انور شاهه صاحب ديوبندي مرحوم حنفي فقه جو وڏو عالم هو پر هن جي استدلال جو سمورومدار امام محمد طحاوي مصري متوفي 321هه جي ڪتاب تي هو. بعض واقعن ۾ حضرت شيخ الهند محمود حسن صاحب طحاويءَ جا دليل قبول نه فرمائيندو هو. جنهن ڪري اسان ماڻهن لاءِ ڏاڍو مونجهارو ٿيندو هو، آخر فقه حنفيءَ جي حديثن سان مطابقت لاءِ شيخ الهند شاهه ولي الله جي تصنيفات ڏانهن اشارو ڪيو جنهن کانپوءِ مشڪلات حل ٿي وئي. مولانا فرمايو ته امام طحاويءَ جي ڪتاب ”معاني الاثار“ تي مان مفصل حاشيه لکيو هو ۽ ڪتاب جي تلخيص به ڪئي هئي ۽ ان باري ۾ مونکي ”نيل الاوطار“ قاضي محمد بن علي شوڪانيءَ جي ڪتاب مان تمام گهڻي مدد ملي. ”نيل الاوطار“ ڏاڍو مفيد ڪتاب آهي جنهن کي مان بار بار پڙهيو آهي. منهنجي سوال جي جواب ۾ فرمايائون ته طحاويءَ جي حاشيه جا مسودا امروٽ ۾ هئا شايد اهي ضايع ٿي ويا هوندا.
فرمايائون ته فقه حنفيءَ کي حديث سان تطابق ڏيارڻ ۾ پورا 7 سال محنت ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪاميابي ٿي. ان لاءِ حضرت صاحب امروٽ وارن مون لاءِ تمام گهڻا ڪتاب جمع ڪرايا، ان کان سواءِ پير جهنڊي واري جي ڪتب خاني مان ناياب ڪتاب مطالعي لاءِ مليا. امروٽ شريف ۾ رهڻ وارو زمانو ڪتابن جي مطالعي ۾ گذريو.
فرمايائون ته حضرت صاحب امروٽ وارن شڪارپور مان حنفي فقه جي امام ابو زيد دبوسيءَ جو ڪتاب ”الاسرار“ جو قلمي نسخو مهيا ڪري ڏنو جنهن مان فقه حنفيءَ جي اصلي مسلڪ اسان جن استادن جي معلوم ٿي وئي. فقه ۾ بنيادي ڪتاب اهي ئي آهن، باقي جيڪي مدرسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا سي تمهيد طور آهن.

رڪ اسٽيشن:
صبح جي نماز رڪ اسٽيشن تي پڙهي سون، گاڏي ليٽ هئي جنهن ڪري گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پيو. شڪارپور جا ڪي افغان ٺيڪيدار ساڻن ملاقات لاءِ آيا جن کي وصيت ڪيائون ته قرآن شريف جو ترجمو سکو. فرمايائون ته هڪ مسلمان فقير مسافر سفر ڪندو مارواڙي ملڪ ۾ وڃي نڪتو. قرآن شريف ڳچيءَ ۾ حمائل ٿيل هوس، ڪن مارواڙي هندن جي ڳوٺڙي ۾ وڃي نڪتو، اتي پاڻي پيتائين ۽ مارواڙين پڇيس ته هي ڳچيءَ ۾ ڪهڙو ڪتاب اٿئي؟ فقير چيو ته خدا جو ڪلام آهي، مارواڙي هندن چيو ته پڙهي ٻڌاءِ! فقير چيو ته معنيٰ ته آءٌ ڪا نه ڄاڻان. هو افسوس ڪرڻ لڳا ته خدا جو ڪلام ته ٻڌوسين پر ان جو مطلب معلوم نه ٿيو. مولانا فرمايو ته جيڪڏهن فقير کي معنيٰ ايندي هجي ها ته هوند ڪيڏو نه فائدو پهچي ها.
هڪ شخص مون کان سوال ڪيوته فلاڻو مولوي ويد ۽ قرآن کي هڪ جهڙو خدائي ڪلام ڪري مڃي ٿو، اهو ته ڪفر آهي. مولانا صاحب اهي لفظ ٻڌي ورتا، پاڻ غصي ۾ اچي فرمايائون ته هي هندستاني مسلمان جيڪڏهن هندستان کي پنهنجو وطن ڪري نٿا مڃن ته پوءِ نڪري ٻئي ڪنهن ملڪ ڏانهن هليا، ڇو نه ٿا وڃن. حضرت ابراهيم جي دين حنيف کان اڳ ۾ هڪ ٻيو دور هو انهيءَ دور جي لحاظ سان جيڪڏهن ويد کي الهامي چيو وڃي ته ڪهڙو نقصان آهي. حضرت ابراهيم جي ذهني ترقيءَ واري دور ۾ اڳين سڀ شيءِ ختم ٿي وڃي ٿي. وڌيڪ فرمايائون ته ڪو به مذهب يا ڌرم انساني وحدت جو انڪار ڪو نه ٿو ڪري سگهي. خصوصاً قرآن شريف ته انسانيت جي وحدت تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي ته ان حالت ۾ انسانيت جو مذهب به يقيناً اصولي طرح ساڳيو هوندو. باقي جيڪي فروعي فرق ٿين ٿا سي زماني، قومن جي رواج جي لحاظ سان ٿين ٿا نه ته خدائي مذهب هر هنڌ ساڳي شيءِ آهي.
فرمايائون ته آثار قديمه جي کوٽائي مان جيڪي ڪتبا يا لکيتون هٿ آيون آهن تن مان محققين ثابت ڪيو آهي ته حضرت نوح عليه السلام ۽ منو شاستر جا قانون قريب قريب هڪ جهڙا آهن.
عرض ڪيم ته گذريل سال کان آءٌ هندستاني مذهبن ۽ انهن سان مسلمانن جي لاڳاپي تي ڪيترائي ڪتاب مطالعو ڪندو رهيو آهيان، پاڻ فرمايائون ته ان تي ڪجهه لکو ته سنڌ وارن کي فائدو حاصل ٿئي.

سکر ۾:
رڪ کانپوءِ آءٌسکر لهي پيس ۽ پاڻ مولوي خليفه عبدالعزيز صاحب ڏانهن ٿريچاڻيءَ هليا ويا، ٻن ڏينهن کان پوءِ وري سکر واپس اچي ڊاڪٽر محمد عمر صاحب وٽ مهمان ٿيا. بيماريءَ سبب طبع بلڪل عليل ۽ ڪمزور هئي، رات آرام ۾ گذاريائون. ڊاڪٽر صاحب اها خدمت بجا آڻيندو رهيو جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ خدمت چئي سگهجي ٿو. پاڻ ڊاڪٽر کي ڏاڍيون دعائون ڪندا رهيا.
فرمايائون ته ڊاڪٽر محمد عمر جو والد مولوي احمد صاحب مرحوم ۽ سندس چاچو مولوي عبدالعزيز صاحب (ان وقت ميانجي عبدالعزيز موجود هو) حضرت صاحب امروٽ وارن جا شروعاتي مصاحب ۽ سنگتي آهن. مولوي احمد صاحب جو مونسان تمام گهاٽو لاڳاپو هو. مون کان هڪ دم به جدا نه ٿيندو هو. هي منهنجي دوست جو اولاد آهي، الله تعاليٰ هنن ۾ برڪت ڪئي آهي. ڊاڪٽر جو وڏو ڀاءُ مولوي محمد عثمان نوابشاهه ۾ رهي ٿو، اهو به وقت بوقت خاموش خدمتون ڪندو رهي ٿو. آءٌ الله تعاليٰ جو شڪر ڪريان ٿو ته سنڌ ۾ منهنجا دوست ۽ سندن اولاد مون سان ڏاڍو ٻڌل آهن ۽ مونکي مڃن ٿا.
صبح جي وقت اخبارون آيون. فرمايائون ته لاهور جومسئلو ڪيئن هلي رهيو آهي. عرض ڪيم ته وزيراعظم خضر حيات خان کي مسلم ليگ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي اٿن. پاڻ فرمايائون ته جيڪي ماڻهو لاهور جي مسئلي کي سمجهي نٿا سگهن. تن کي هندستان جي مسلمانن جي رهبريءَ جو ڪو به حق نه آهي. حقيقت ۾ انگريزن جي هندستان ۾ مرڪزي شهر دهلي نه آهي پر لاهور آهي. لاهور جي سياست براهه راست هو پنهنجن هٿن ۾ رکڻ گهرن ٿا، تنهن ڪري لاهور کي سمجهڻ لاءِ گهڻي غور ۽ فڪر جي ضرورت آهي.
فرمايائون ته انقلاب اخبار جي ايڊيٽرن مسٽر جينا جي برخلاف جدا جدا اخبارن جا فائل جمع ڪيا آهن. هو جڏهن به لاهور (پنجاب) جي مسئلي ۾ دست اندازي ڪندو تڏهن پنجاب جي مسلم پريس پوري طاقت سان مسٽر جينا جو مقابلو ڪندي.
مسٽر جينا اڃا لاهور مان نااميد نه ٿيو آهي پر جڏهن پوريءَ طرح نااميد ٿي ويو، تڏهن انگريز هن ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندا.
عرض ڪيو ويو ته لاهور ويو ته پوءِ پاڪستان جو مرڪز ڪٿي ٿيندو؟ پاڻ فرمايائون ته اها ته ڳالهه آهي. آخر پاڪستان ۾ جيڪا قرآني حڪومت قائم ڪندا سا ڪيئن هوندي؟ مسٽر جينا عالمن کي ته تڙي ڪڍيو آهي جيڪي قرآن جي رمزن ۽ رازن جا واقف آهن. عالمن کانسواءِ قرآني حڪومت جي تشڪيل ڪير ڪري ڏيندس؟
عرض ڪيو ويو ته حڪومت الهيه جو جيڪو پروگرام هندستان ۾ رٿيو وڃي ٿو اهو ڇا آهي؟ فرمايائون ته ٻارن کي تسلي ڏيارڻ لاءِ رانديڪو آهي، برطانيا شهنشاهيت ۾ ڀلا حڪومت الاهيءَ جو امڪان ٿي سگهي ٿو؟ هرگز نه.
هندستان جي نيشنل تحريڪن کان دماغن کي هٽائڻ لاءِ هي رانديڪا کڙا ڪيا ويندا آهن، باقي ان جي اندر ٻيو ڪجهه به نه آهي.

حياتيءَ جا پويان چار مهينا:
بيماري: حضرت مولانا عبيدالله قدس سره جڏهن به دهلي ويندا هئا، تڏهن اتان گهڻو ڪري طبع ۾ عليل ٿي واپس ايندا هئا، هن دفعي اپريل 1944ع جمعيت طلباءِ سنڌ جي جلسي جي صدارت ۽ جمعيت علماءِ جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ جڏهن حيدرآباد ۾ پهتا تڏهن سندن رهائڻ جو بندوبست تاج محل هوٽل ۾ ڪيو ويو هو. مولوي ظهيرالحق صاحب دين پور شريف مان حيدرآباد تائين سندن همراهه آيل هو. مولوي عبدالمجيد طالب علم حيدرآباد ۾ رات ڏينهن حاضريءَ ۾ موجود هو. بيماري اسهالن ۽ پيچش جي گهڻي حد کي پهتل هئي. مان خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کان پوءِ سندن پڇڻ يا اجازت کانسواءِ مون پنهنجي محترم دوست حڪيم شمس الدين احمد کي گهرائي ورتو جنهن صاحب طبع ڏسي نسخو تجويز ڪري دوائون پنهنجي مطب مان موڪلي ڏنيون.
حضرت امام صاحب جو علاج بابت هي رويو هوندو هو جو پاڻ ڪڏهن به حڪيم يا ڊاڪٽر گهرائڻ يا طبع ڏيکارڻ جي خواهش نه ڪندا هئا پر جيڪڏهن ڪو دوست حڪيم يا ڊاڪٽر وٺي ايندو هو ته ان کان انڪار به نه ڪندا هئا. علاج جا گهڻي حد تائين قائل نه هوندا هئا جنهن ڪري اسان ڏٺو ٿي ته ڪڏهن به باقاعده پرهيز جي پابندي هرگز ڪا نه ٿي ڪيائون. حيدرآباد جي چئن ڏينهن واري عرصي ۾ جناب شيخ عبدالمجيد صاحب پنهنجي هڪ دوست هوميوپيٿي ڊاڪٽر کان به علاج ڪرايو پر افاقه باقاعده نظر ڪو نه آيو ٿي. قريب قريب حالت ساڳي رهندي آئي ٿي، پر ان هوندي به هڪ ٻي شيءِ جو اسان کي تجربو ٿيندو رهيو، يعني ته جڏهن هوٽل جي ڪمري ۾ هوندا هئا ته لمحي لمحي کانپوءِ ڪاڪوس جو خيال ٿيندو هئن، پر جڏهن جمعيت جي اجلاسن ۾ هلي شريڪ ٿيندا هئا ته ان وقت ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا ڪنهن تڪليف جي ويٺا يا وهاڻي تي ليٽيا پيا هوندا هئا، يعني ته قوت ارادي سندن ايڏي قوي هئي جو ڪيڏي به وڏي تڪليف کي فقط توجهه هٽائڻ سان دفع ڪري سگهندا هئا.

جمله معترضه:
گذريل سال ۾ هڪ دفعي آءٌ سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته تصوف جي لطائف ۽ طريقن جو شغل به ضروري آهي ڇا؟ پاڻ فرمايائون ته هڪ انقلابي ماڻهوءَ لاءِ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو ان ڪري قوت برداشت يا سهڻ جي وڏي طاقت پيدا ٿيندي آهي. سندن مطلب هو ته انقلاب جي راهه ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون پيش اچن ٿيون، جيڪڏهن سهڻ جي شڪتي نه هوندي ته ماڻهو گهٻرائجي هارائي ويهندو. تنهن ڪري مرشد طريقت يا صحبت يا سبق مان سڀ کان وڏي شيءِ جيڪا پرائجي ٿي سا اهائي قوت ارادي ۽ رضا ۽ تسليم جو مقام آهي، جتي پهچڻ کان پوءِ اف به ڪا نه ڪرڻي پوي ٿي.
وڌيڪ فرمايائون ته سلوڪ جا سمورا رستا منهنجا ڪمايل آهن. پر آخرين حد تي پهچڻ کانپوءِ ڇڏيا ويا هئا، ڇاڪاڻ جو مرشد جو ارادو هو ته اشغال طريقت جي تڪميل کان پوءِ خلافت جو خرقه ڍڪايو وڃي. هوڏانهن مونکي دنيا ۾ ٻئي ڪم ڪرڻ جو حڪم هو.

دارالرشاد ڏانهن روانگي:
حيدرآباد جي اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ مولانا قاري محمد طيب مدظله صدر جلسه جمعيت علماءِ کي حضرت مولانا امام عبيدالله قدس سره جي مشوره سان دارالرشاد (ڳوٺ پير جهنڊي ۾) تشريف آوريءَ جي دعوت ڏنل هئي، پاڻ به انهيءَ بيماريءَ جي حالت ۾ حيدرآباد کان موٽر جي ذريعي دارالرشاد پهتا. قاري صاحب ته اتان شڪارپور ڏانهن خان بهادر حاجي مولابخش خان جي دعوت تي هليو ويو ۽ پاڻ اتي رهجي پيا. آءٌ حيدرآباد مان ئي موڪلائي ڪراچي هليو آيس.
ڪجهه وقت کانپوءِ مونکي دارالرشاد مان مولوي عزيز احمد صاحب جو خط پهتو ته پاڻ نهايت سخت بيماريءَ جي حالت ۾ شڪارپور ڏانهن مدرسي درالسعادت گوري پهوڙ جي معائني لاءِ ويل آهن. آءٌ ڪراچيءَ مان سندن خدمت ۾ رهڻ لاءِ سکر پهتس اتي معلوم ٿيو ته مونکي بار بار ياد ڪيو اٿن ته ساڻن اچي ملاقي ٿيان ۽ هي به معلوم ٿيو ته پاڻ امروٽ شريف ۾ آهن. امروٽ شريف ۽ سکر جي سفر جو احوال اڳ ۾ گذري چڪو آهي.

ڀرچونڊي شريف ڏانهن:
سکر مان جون مهيني جو اوائلي تاريخن ۾ هڪ رات لاءِ شڪارپور هليا جتي خان بهادر حاجي مولابخش خان کي 15 منٽ ملاقات لاءِ ڏنائون. بيماريءَ جي برابر تڪليف هئي پر جڏهن ڪيڏانهن هلڻ جو ارادو ڪندا هئا تڏهن اها بلڪل نظر ڪا نه ايندي هئي. شڪارپور ۾ 9 جمادي الثاني خميس جي ڏينهن ٻن پهرن جو فرمايائون ته هتان سڌو ڀرچونڊي شريف هلڻو آهي. سخت گرمي ۽ ڪاڙهو هيو، چيو ويو ٿي ته سکر ڏانهن ويندڙ بس (لاري) به هلي وئي هوندي ۽ ريل گاڏي ٻئي ڏينهن صبح جو پهچندي. پاڻ فرمايائون ته جمعي 01 جمادي الثانيءَ حضرت مرشد سائين جو ٻارهو آهي، ان ۾ ضرور شريڪ ٿيڻو آهي. ۽ جيڪڏهن 6 وڳي شام جو روهڙي کان ريل تي هلبو ته رات جو ڀرچونڊي شريف پهچي وڃبو. آخر آءٌگهوڙي گاڏي شڪارپور کان سکر تائين ڪرائي تي ڪرائڻ لاءِ نڪتس ته هڪ ماڻهوءَ اچي چيو ته سکر واري لاري اڃا ڪا نه وئي آهي. جتان 2 وڳي روانا ٿي 4 وڳي سکر ۽ سکر مان ساڳئي وقت گهوڙي گاڏيءَ ۾ روهڙي اسٽيشن تي پهتاسين. گرميءَ جي تڪليف ۽ سفر جي ڪوفت سبب کين تڪيلف ته ڏاڍي پهتي پر ان جو اظهار ڪنهن به صورت ۾ ٿيندو ڏٺو ڪو نه ويو.
روهڙيءَ جي اسٽيشن تي محترم مير هزار خان انسپيڪٽر ريلوي پوليس موجود هو. هو حضرت امام صاحب جي عاشق دوستن مان آهي، جنهن ريلوي سفر جي سڀني سهوليتن پهچائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اسان قريب مغرب جي وقت ڏهرڪي جي اسٽيشن تي پهتاسين.
ضعف ۽ تڪليف جي وقت به پاڻ ريل يا گاڏيءَ ۾ چڙهڻ وقت ڪنهن کان به مدد نه وٺندا هئا. جيڪڏهن ڪو خادم ٻانهن ۾ مدد لاءِ هٿ وجهڻ لاءِ اڳتي وڌندو هو ته هن کي جهڻڪي پري ٿي وڃڻ لاءِ چوندا هئا. ڏهرڪي اسٽيشن تي پاڻ جيستائين لهي هيٺ ٿين تيستائين مان لهي هڪ بگي درگاهه تائين پهچائڻ لاءِ ڪرائي تي ڪئي. اتان روانا ٿي مغرب جي وقت درگاهه تي پهتاسين. پاڻ بگيءَ واري کي هڪ رپيو ٻول جي بجاءِ ٽي رپيا ڏنائون ۽ مونکي ڪرائي ڏيڻ کان منع ڪيائون. رستي ۾ آهستي آهستي مولود چوندا رهيا، جو مونکي سمجهه ۾ نه آيو. جيستائين رهڻ جو ڪو انتطام ٿئي تيستائين پاڻ زمين تي ويهي رهيا ۽ اتي ئي مغرب نماز ادا ڪيائون. مرشدن جي درگاهه تي اچڻ ڪري ڏٺو ويو ٿي ته چهري تي رونق آيل هئي ۽ فروتني ۽ نيازمندي ڪمال درجي تي پهتل هئي ۽ ان وقت عجيب ڪيفيت طاري ٿيل ڏسڻ ۾ آئي ٿي.
ڀرچونڊي شريف ۾ برابر ٻه راتيون رهيا پر اتي بيماريءَ جو تمام سخت واڌارو ٿيو ۽ حضرت پير سائين سجاده نشين مدظله ٻه دفعا مولانا سائينءَ جي ملاقات لاءِ سندن بيٺڪ تي آيو. مون سان گڏ مولوي عبدالمجيد طالب علم خدمت لاءِ پهچي ويو هو. ان کي هڪ دفعي فرمايائون ته مراقبه جي وقت تون منهنجي سامهون نه ايندو ڪر ڇاڪاڻ ته ”تصور شيخ“ کان پوءِ اکين کولڻ وقت دل نه گهرندي آهي ته بروقت ڪنهن ڌاريي ماڻهو تي نظر پوي.
صوفياءِ ڪرام وٽ ”شغل برزخ“ هڪ مقام آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري حضرت مولانا سائين جو آخري وقت ۾ استغراق رهندو هو (اسان اهل حديث مان گهڻا ان شيءِ جا قائل نه آهن پر هڪڙي حقيقت جي انڪار ڪرڻ جي گنجائش به ڪا نه آهي.)
هڪ دفعي فرمايائون ته درگاهه ڀرچونڊيءَ واري مسجد جي عمارت جي تعمير وقت هڪ انتظام ڪيو ويو هو ته جن ماڻهن سرون وڌيون، جن پچايون ۽ جن ڍويون ۽ جن عمارت اوساري سي سمورا ماڻهو باوضو لااله الاالله جو ذڪر ڪندا رهيا ٿي. عرض ڪيم ته اهوئي سبب آهي جو هن مسجد ۾ نماز پڙهڻ ڪري هڪ خاص لطف ۽ مزو اچي رهيو آهي.
پاڻ هڪ دفعي مسجد ۾ هلي ڏاڍي غور سان جماعت کي ڏسي واپس آيا. مسجد جي ڏکڻ ۾ سندن مرشد ڪامل حضرت حافظ صاحب قدس سره جو مقبرو هڪ گنبذ هيٺان آهي، اتي ڪو نه ويا ان بابت جيتوڻيڪ پڇڻ جي جرئت نه ٿي پر جڏهن ”شغل برزخ“ جاري هو ته پوءِ باقي مقبرن تي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
ڇنڇر ڏينهن 11 جمادي الثاني ڏينهن لڙئي اسان ڀرچونڊي شريف مان روانا ٿياسين، حضرت سجاده نشين بگي عطا فرمائي. ڏهرڪي اسٽيشن تي پير صاحب جن جو بنگلو ۽ مسجد آهي، گاڏي جي اچڻ ۾ دير هئي تنهن ڪري اتي وڃي ترسياسين.
فرمايائون ته آءٌ ديوبند کان فارغ التحصيل ٿي 7 جمادي الثاني 1308هه هن ڏهرڪيءَ جي اسٽيشن تي رات جو پهتس، اتي هڪ ماڻهوءَ چيو ته هتي جهنگ ۾ ڏيو ٻري رهيو هو، سو افسوس جو وسامي ويو يعني ته حضرت قطب العارفين قدس سره وفات ڪري ويو. فرمايائون ته سياري جي سرد رات هئي، ساري رات هڪ پورٽر جي ڪوٺڙيءَ ۾ روئندي گذري. صبح جو درگاهه تي پهتس مسجد جي ٻاهران هڪ وڻ جتان طلب علم جي روانگي وقت مرشد سائين گڏجي آيا هئا ان وڻ هيٺان بيهي روئڻ لڳس اها بي اختياري حالت هئي. برابر ٻه راتيون ٻه ڏينهن روڄ بند نه ٿيو. حضرت خليفه صاحب دين پوري (مولانا غلام محمد صاحب رحه) اتي موجود هئا سارو وقت دلداري ۽ دلجوئيءَ ۾ رهيا. آخر ٽن ڏينهن کانپوءِ اها ڪيفيت ختم ٿي وئي.
پاڻ فرمايائون ته ڀرچونڊي شريف ۾ ڪجهه وقت رهڻ جو ارادو هو پر پوءِ ميان صاحب سجاده نشين (حضرت مولانا عبدالله صاحب رحه، حضرت حافظ صاحب قدس سره جي ڀائٽي) جو ارادو ٿيو ته گنبذ ٺهرائجي، ڪي جماعت جا علماءَ ان ۾ راضي نه هئا. اسان جو به رايو نه هو تنهن ڪري پري کان سڪ ۾ رهڻ وڌيڪ مناسب سمجهيو ويو.
فرمايائون ته حضرت ميان صاحب سجاده نشين وڏو منهنجو ڏاڍو خيرخواهه ۽ منهنجي هر هڪ ڳالهه مڃيندو هو ۽ مشورو وٺندو هو.
فرمايائون ته آءٌ جڏهن ڀرچونڊي شريف مان طلب علم لاءِ نڪتس، تڏهن حضرت مرشد حافظ صاحب فرمايو ته شال ڪنهن پڪي پختي عالم سان پلئه ڳنڍجيس. فرمايائون ته منهنجو ارادو هو ته ڪانپور ۾ وڃي مولانا محمد حسن منطقيءَ وٽ وڃي علم پرايان مگر سهارن پور پهچڻ تي هڪ شخص چيو ته پڙهڻ وڃين ٿو ته هتي ڀرسان ديوبند جي قصبي ۾ به مدرسو آهي اتان به ٿيندو وڃ، پوءِ ڪانپور جو ارادو ترڪ ڪري ديوبند لهي پيس. حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن جي شاگرديءَ ۽ صحبت جو شرف حاصل ٿيو ۽ اهو سڀ ڪجهه مرشد سائينءَ جي دعا جي برڪت محسوس ڪريان ٿو.
ڏهرڪيءَ مان سکر ۽ اتان ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ روانا ٿي آياسين، ڪراچيءَ ۾ اسٽيشن تي لهڻ کانپوءِ مونکي رخصت ڪيائون ۽ پاڻ بگيءَ ۾ سوار ٿي مدرسي مظهرالعلوم کڏي ڏانهن روانا ٿي ويا.
ڪراچي: ڪراچيءَ ۾ سندن بيماريءَ جي حالت درست ٿيڻ لڳي ۽ ڊاڪٽر عبدالعزيز خان کان علاج ڪرائيندا رهيا. پاڻ شام جو بگيءَ تي کڏي مان سوار ٿي ميمڻ گاڏي حاطه ۾ مون نيازمند جي جاءِ تي ايندا هئا ۽ اتان صدر ۾ ڊاڪٽر صاحب ڏانهن ويندا هئاسين. ڊاڪٽر سندن هڪ وڏو متعقد ۽ مخلص دوست هو ۽ هر طرح محنت سان علاج ڪرڻ ۽ دوا ڏيڻ ۾ ڪين گهٽائيندو هو. حضرت مولانا محمد صادق صاحب سمورو وقت خدمت ۾ مصروف رهندا هئا ۽ مسٽر محمد امين خان کوسو ايم ايل اي جون خدمتون ۽ مخلصانه عقيدتمنديون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ مسٽر محمد امين خان وٽ رائل هوٽل ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ کيس ”خان“ جي لفظ سان خطاب ڪندا هئا. مونکي هڪ دفعي فرمايائون ته سنڌ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو مسٽر محمد امين خان ليڊر آهي هو سمجهدار آهي. هن جي سمجهي وڃڻ سان باقي ساڻس ڪم ڪندڙ ڳالهه کي آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا.
رجب مهيني ۾ جمعيت العلماءِ سنڌ جي عظيم منتظمه مجلس حيدرآباد ۾ سڏايل هئي. پاڻ فرمايائون ته انهيءَ اجلاس ۾ ضرور شرڪت ڪرڻي آهي. شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ آئون مولانا جي خدمت ۾ حيدرآباد پهتاسين. پاڻ تاج محل هوٽل ۾ ترسيا. جمعيت جي ٻن ميٽنگن ۾ پاڻ لڳاتار شرڪت فرمايائون ۽ بعض موقعن تي مشورو به ڏيندا رهيا.
مولوي عبدالڪريم روسي علامه موسي جار الله جي ساٿين مان ان موقعي تي حيدرآباد ۾ آيل هو ۽ حضرت امام وٽ مڪي شريف ۾ قرآن شريف جو ترجمو ٻڌو هئائون سندن خصوصي شاگردن مان هو. ان کي هڪ مجلس ۾ تنبيهه ڪندي فرمايائون ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو آهي ته پوءِ ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل ماڻهن ۾ ڪم ڪري جن کي تعليم ۽ دين سکڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ڪنهن به جماعت سان گڏجي پاڻ کي ڦاسائي نه رکي جو ان سان ٻهراڙي کي ڪو به فائدو پهچڻ وارو نه آهي.
حيدرآباد مان ميرپورخاص هلڻ جو ارادو ڏيکاريائون. فرمايائون ته اتي مولوي عبدالله صاحب لغاري جي والده آهي، جنهن کي مان به پنهنجي ماءُ ڪري سڏيو آهي ان سان ملاقات ڪرڻ جو ارادو آهي. (اها مائي تازو گذريل ذوالقعد ۾ 12 سالن جي ڄمار کي پهچي وفات ڪري وئي هئي. هوءَ مائي قطب العارفين حضرت حافظ صاحب ڀرچونڊي واري کان بيعت ٿيل هئي ۽ ڪيترا سال سندس خدمت ۾ رهي ذڪر شغل حاصل ڪيا هئائين.) حضرت مولانا جن ميرپورخاص ۾ مولوي عبدالله صاحب جي مڪان تي برابر ٽي ڏينهن رهيا ۽ آءٌ اهو سمورو وقت پنهنجي دوست وڏيرو فقير محمد خان مڱريو جي اوطاق تي وڃي رهيس ۽ وٽن روزانو صبح شام حاضري ڏني ويندي هئي. حضرت امام کي مولوي عبدالقادر صاحب مهتمم مدرسي دارالرشاد جي اچڻ جو اوسيئڙو جو هو سانگهڙ مان اچڻ وارو هو. مولوي صاحب جي اچڻ کانپوءِ مولوي عبدالله ۽ مولوي عبدالقادر جي معيت ۾ کڏڙي واري لائين سان نوابشاهه روانا ٿياسين. جتان پير جهنڊي جي ڳوٺ لاءِ ارادو ڪري چڪا هئا. ميرپورخاص رهڻ وارن ڏينهن ۾ منهنجي دوست وڏيري فقير محمد خان خدمت جا پورا حق ادا ڪيا ۽ خان بهادر غلام محمد خان وساڻ به مولانا جي خدمت ۾ حاضر ٿي عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪيو. آخر ۾ نوابشاهه پهچڻ تائين سفر خرچ جو سمورو بار وڏيري فقير محمد خان ادا ڪيو. جزاه الله تعاليٰ.
رات جو حڪيم محمد معاذ صاحب وٽ رهي صبح جو پير جهنڊي دارالرشاد ۾ پهتاسين، اتي سڀ کان پهريان سندن سامهون هي ڪم هو ته ”سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ“ لاءِ جيڪو زمين ٽڪرو جناب پير سيد ضياءَالدين صاحب عطيه طور کاتو بدلائي ڏنو هو ان بابت آخرين طرح صفائي ڪرڻي هئي. پير صاحب پهرين ئي ملاقات ۾ معاملو صاف ڪري ڇڏيو. يعني ته زمين جو اهو ٽڪرو هميشه لاءِ حضرت مولانا جي تحريڪ لاءِ ڏئي ڇڏيائون.
دارالرشاد ۾ حضرت امام جو شاگرد مولوي بشير احمد بي اي لوڌيانوي به رهيل هو. حضرت امام کان هن صاحب”سورت المزمل“ ”سورت مدثر“ جو تفسير ٻڌو هو. ان کي ”ڪتاب الانقلاب“ نالي ڪتابي صورت ۾ مرتب ڪري چڪو هو ۽ آخر ۾ حضرت امام کي پيش ڪري ان جي تصحيح ڪرائي ڇڏيائين. شايد اهو ڪتاب هن وقت لاهور ۾ ڇپجي شايع ٿي ويو هجي. ٻئي ڏينهن تي وري ڪراچيءَ هلڻ جي تياري ڪيائون ۽ صبح جو قرآن شريف جو درس ڏنائون. آيتون اهي هيون جن ۾ مڪي شريف کي حضرت ابراهيم پاران مرڪز بڻائڻ جو ذڪر آهي. قرآن شريف تي سندن اها آخري تقرير هئي ۽ ايڏي دلچسپ ۽ بلند درجه جي عالمانه تقرير هئي جنهن جي عظمت ٻڌڻ سان تعلق رکي ٿي. افسوس جو اها تقرير اسان ياد نه رکي سگهياسين، پر مان ڏٺو ٿي ته مولوي بشير احمد لڌيانوي ان کي قلمبند ڪندو ويو ٿي.
اسان اهو سفر 12 ڏينهن اندر ختم ڪري وري ڪراچيءَ اچي پهتاسين. ڪراچيءَ ڇڏڻ وقت طبع گهڻي درست ٿي چڪي هئي، پر هن لڳولڳ سفر جي ڪيفيت ۽ بي آراميءَ سبب واري طبيعت گهڻو ڦيرو کاڌو ۽ ڪراچيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ ڪجهه وقت ته ڊاڪٽر خان جو علاج هليو، پر پوءِ ڪراچي جي مشهور ڊاڪٽر احمد سعيد علاج لاءِ وٽن کڏي جي مدرسي مظهرالعلوم ۾ ايندو رهيو. حضرت مولانا امام بيماري جي حالت ۾ پرهيز تمام گهٽ ڪندا هئا. سندن کاڌي جو انتظام جيڪڏهن باقاعده رهندو هو پر ان هوندي به يورپين طرز جو هلڪو کاڌو مسٽر محمد امين خان کوسو تيار ڪرائي موڪليندو رهندو هو. بيماري وڌيڪ زور ورتو ته مسٽر محمد امين ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب آنريبل ڊاڪٽر هيمنداس وزير کي وٺي اچي طبع ڏيکاريائون ۽ هنن جو مشورو هيو ته حضرت مولانا کي ڪنهن يورپين نموني جي نرسنگ هائوس ۾ رهائجي پهريان ان بابت هائو فرمايائون پر پوءِ انڪار ڪيائون. ان وچ ۾ مسٽر جي ايم سيد به پنهنجي بنگلي ۾ رهڻ لاءِ عرض ڪيو پر قبول نه فرمايائون. آخر شعبان مهيني جي پوئين هفتي ۾ مونکي گهرائي ارشاد فرمايائون ته تياري ڪري اچ ته ڳوٺ پير جهنڊي هلجي. گاڏي رات جو 11 وڳي هلڻي هئي، پاڻ انهيءَ ڏينهن صبح جو 10 وڳي تيار ٿي ويٺا ۽ آئون 4 وڳي خدمت ۾ حاضر ٿي ويس. مسٽر محمد امين خان کوسو فرسٽ ڪلاس ۾ سيٽ رزور ڪرائڻ جو انتظام ڪري ڇڏيو ۽ خان بهادر مير غلام علي خان ٽالپر مسٽر عبدالمجيد عباس چيف آفيسر حيدرآباد کي حيدرآباد اسٽيشن تي صبح جو موٽر تيار رکڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي مولانا غلام مصطفيٰ فاضل ديوبند ۽ مولوي عزيز الله شهدادڪوٽي ۽ مولوي عبدالواحد سنڌي (دهلوي) پروفيسر محمد سرور (جامعه دهلي) ڪراچيءَ ۾ مولانا قدس سره جي خدمت ۾ آيل هئا.
مونکي ارشاد ڪندي فرمايائون ته هن سفر ۾ فقط اڪيلو توکي هلڻو آهي ۽ بس، مان سمجهي رهيو هوس ته بيمار ۽ ضعيف ماڻهوءَ کي ايڏي سفر تي پوري تيمارداري سان وٺي وڃڻ ڏاڍو مشڪل آهي. تنهن ڪري مولوي عزيز الله صاحب شهدادڪوٽيءَ کي گڏجي هلڻ لاءِ اشارو ڪري ڇڏيم. رات جو ڪراچي اسٽيشن تي حضرت مولانا محمد صادق صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ مسٽر محمد امين خان کوسوموجود هئا جن کان آخري موڪلاڻي ٿي رهي هئي. صبح جو حيدرآباد اسٽيشن تي مسٽر عبدالمجيد صاحب عابدموٽر سميت موجود هو ۽ جناب پير علي محمد شاهه راشدي به اسٽيشن تي آيل هو، جنهن حضرت امام جي آخري زندگي ۽ موٽر ۾ سواري جو فوٽو ورتو ۽ اتان موٽر رواني ٿي وئي. مسٽر عبدالمجيد کي به ساڻ کنيو ويو ته چيف آفيسر جي حيثيت ۾ رستي ۾ پيش ايندڙ ضرورت موافق مددگاري ڪندو رهي.
حيدرآباد کان پير جهنڊي جو ڳوٺ پورو 50 ميل آهي، پر پراونشل روڊ هجڻ ڪري رستو بلڪل صاف هو، جنهن ڪري سعيد آباد پهچڻ تائين ڪا به تڪليف ڪا نه پهتي ۽ خدمت جو پورو پورو حق جيڪو مولوي عزيز الله صاحب ادا فرمايو سو هن بزرگ جو ئي حصو هو. الله تعاليٰ کيس ان عاشقانه محبت ۽ خدمت جو ضرور وڏو بهرو ڏيڻ فرمائيندو. رستي ۾ هڪ هنڌ فرمايائون ته مونکي شاهه جا بيت ٻڌايو، جنهن تي ڪجهه مسٽر عابد ۽ ڪجهه مولوي عزيز ا لله کين ڏوهيڙا ٻڌايا. ڳالهين هلندي دهلي ۽ اردو زبان جو ذڪر اچي ويو. پاڻ ان موقعي تي مرزا داغ دهلويءَ جو هڪ غزل پڙهيائون پر آواز جي ضعف ڪري پورو سمجهه ۾ نه آيو. فقط هڪ فقره ياد آهي ته:
‘‘تصویر یار کی ہم جبیں پر لگائیں گے’’
اسان قريب 12 وڳي دارالرشاد جي دروازي تي پهتاسين. حضرت امام صاحب قدس سره جي رهڻ لاءِ مدرسي جي مٿئين طبقي ۾ هڪ خصوصي ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي مٿي پهچايو ويو، جتي سندن تيمارداريءَ ۾ مولوي عزيز الله رات ڏينهن مصروف رهيو. حالت تمام ڪمزور ٿي چڪي هئي. حڪيم ڊاڪٽر وغيره آيا پئي پر سڀ ڪو مايوس ٿيندو نظر آيو ٿي. ٻئي ڏينهن تي مولوي ميان ظهيرالحق صاحب حضرت امام جو نواسو (ڏوهٽو) پنهنجن ڪن رفيقن سميت به اچي پهتو. آءٌ برابر هفتو خدمت ۾ رهيل هوس. پاڻ هڪ ڏينهن گهرائي ارشاد ڪيائون ته تنهنجو عيال ڪراچيءَ ۾ آهي، رمضان شريف ويجهو آيل آهي تنهن ڪري توکي موڪل آهي جنهن کانپوءِ ڪراچيءَ هليو آيس. حضرت امام صاحب 29 شعبان جي دارالرشاد مان دين پور شريف روانا ٿي ويا. جتي 2 رمضان شريف 1363هه جي ڳالهائيندي پوري هوش ۽ حواس سان صبح جي وقت پنهنجي جان حقيقي مالڪ جي سپرد ڪيائون. انا لله و انا اليه راجعون.

(ماهوار ”توحيد“ ڪراچي جون، آڪٽوبر ۽ نومبر ڊسمبر 1944ع)